10
رڃن ۾ رڙ ٿي، ڪر ڪوول جي ڪوڪ،
ولولو ۽ ووڪ، اِيءَ ڌان آهه عشق جي.
- شاهه
اما بعد، آمديم برسرِ مطلب - اهي ٻئي اکر عربيءَ ۽
فارسيءَ جا آهن، جيڪي اُن وقت استعمال ٿيندا آهن
جڏهن لکندڙ وچ ۾ مطلب کان هٽي، ڪي ٻيا قصا ڪُٽي،
وري موٽي پنهنجي اصلي مقصد تي ايندو آهي، سو اسان
به وچ ۾ ٻيون ڪيتريون ڳالهيون ٻولهيون ڪري، وري
اچي سکر جي انهيءَ مشاعري ڀيڙا ٿيون ٿا، جتي جناب
”نياز“ کي قدسيءَ واريءَ نعت جي سنڌي تضمين پڙهندي
ڇڏيو هيوسين.
شاعر پنهنجي دور جو عڪاس ٿئي ٿو، هو جيڪي پنهنجي
گردو پيش ڏسي ٿو، جيڪي محسوس ڪري ٿو، جيڪا ڳالهه
کيس ڏک ڏئي ٿي يا سک رسائي ٿي، سندس دل ۽ ذهن ۾
جيڪي تاثر پيدا ٿين ٿا، مٿس جيڪي وهي واپري ٿو،
پنهنجي ڪلام ۾ انهيءَ جو هڪ عڪس ڪڍي ٿو. راقم
گذريل بابن ۾ جيڪي لکي آيو آهي، سا آهي روئداد
حضرت ”نياز“ جي گردوپيش جي، ماحول جي ۽ زماني جي
ڏسڻ وارا مٿي بيان ڪيل حقائقن جي روشنيءَ ۾ هڪ
ڏينهن ضرور ڏسندا ته اسان جي هن غزل گوشاعر جي اک
پنهنجي دور جي وهيءَ واپريءَ کي ڪيتري قدر ڏٺو،
سندس دل ان جي ريب ۽ کريب جو ڪيتري قدر اثر قبول
ڪيو، سندس شعورَ ڪيستائين حالتن کي محسوس ڪيو،
سندس ذهن حقائقن کي ڪيتريءَ حد تائين جذب ڪيو، ۽
سندس زبان ڪهڙيءَ ريت انهن تاثرات ۽ محسوسات کي
بيان ڪيو، يا مورڳوئي اسان جو شاعر پنهنجي ماحول
کان صفا غافل رهيو، ۽ سندس دل دماغ، حس ۽ شعور،
خواهه ذهن ۽ زبان تي اهڙا ڪلف چڙهيا رهيا، جو حسن
وعشق، گل و بلبل، شمع ۽ پرواني، فراق ۽ وصال، ابرو
۽ مزگان، خال ۽ خط، قد ۽ بت جي مفروضن کان سواءِ
هو پنهنجي آرٽ ۾ ڪنهن به حقيقت کي پيش ڪرڻ کان
قطعي عاري ۽ غافل رهيو. هڪ آرٽسٽ جي وڏي ۾ وڏي
پرکا اِها آهي - جڏهن سنڌ جي ماڻهن جا مزاج پختا
ٿيندا، تڏهن ضرور ادبي تاريخ جا جوهري اِنهن
ڳالهين جي ويهي جاچا ڪندا.
الغرض سکر واري مذڪوره مشاعري ۾ ڏيڍ ڪلاڪ کن حضرت
نياز صاحب جو مخمس هليو، هرهڪ بند ور ور ڏئي کانئس
پڙهايو ويو، ٻڌندڙ انهيءَ حد تائين متاثر ٿيا، جو
ان کان پوءِ کين ٻين شاعرن لاءِ ڪابه ڪشش ڪانه
رهي، خود شاعرن مان به خود اعتمادي انهيءَ حد
تائين ختم ٿي وئي، جو هنن کي پنهنجي ڪلام ۾ پاڻ ئي
دلچسپي ڪانه رهي، هنن غزل پڙهيا، ليڪن اهڙيءَ طرح
جيئن ڪو بيگر لاهي وٺي.
آغا نظر علي خان ۽ جناب راشدي صاحب کي اگرچه
پنهنجي نوجوان شاعر جو غزل ضرور ٻڌڻو هو، ڇاڪاڻ ته
مشاعرو دراصل ڪرايو ويو ئي ان جي مظهر لاءِ هو،
ليڪن ”نياز“ کان پوءِ اهڙي ڪايا ڇانئجي وئي هئي،
جو خود ڪهنه مشق شاعر ئي پاڻ ڪـترائي ويا ته هي
ڇوڪر، جيڪو عمر ۾ به الهڙ ته شاعريءَ ۾ به نويلو،
تنهن کي ڪٿي جرئت ٿيندي، جو ميدان ۾ اچي منهن ڏئي!
وارو جڏهن آيو تڏهن سندس نالو پڪاريو ويو، ليڪن
’صداءِ برنخواست!‘ درحقيقت حضور جن جي نعت سڳوريءَ
بعد خود آغا صاحب جن به مجاز جون منزلون طيءِ ڪري
وڃي حقيقت جي واديءَ ۾ پهتا هئا، تنهنڪري مشاعري
کان اڳ سندن نظر ۾ جيڪو معاملو اصل مقصود هو، سو
هاڻي ڦري فروع ٿي چڪو هو، تنهنڪري ڇوڪر ته اِنهيءَ
طرح وچ ۾ ئي غائب ٿي ويو!
ايامن تائين سکر جا ماڻهو انهيءَ مشاعري کي ياد
ڪندا رهيا. ان کان پوءِ به ٻه - ٽي دفعا مشاعرا
ٿيا، جن ۾ ٻين مکيه شاعرن سان گڏ نياز صاحب به
شرڪت ڪئي ۽ ڌوم ڌام سان پنهنجا غزل پڙهيائين، ليڪن
اُهو رنگ ۽ اُهو وقت ڪو اور هو. سندس انهيءَ مخمس
کي سکر جي بزرگن پنهنجي هڙان هزارن جي تعداد ۾ آرٽ
پيپر تي ڇپايو ۽ ثواب خاطر سڄيءَ سنڌ اندر ورهايو.
مخمس ڇپيو ’سنڌ زميندار‘ پريس ۾، جنهنڪري ڇپائيءَ
جا پئسا معه نفعي جي نظر علي خان جي حوالي ٿيا،
ابوبڪر هيڊڪمپازيٽر، گيلي مشين مئن، ۽ خانئي
ڪمپازيٽر کي سندس بقايا مان به ڪجهه مليو، ۽ خدا
نه ڀـُـلائي ته ڳوٺ جو ڪـِـرايو ۽ ٻه - ٽي رپيا
ٻيڙي ماچس لاءِ مون کي به نصيب ٿيا.
* * *
نياز مرحوم پهريون شاعر مون کي ڏسڻ ۾ آيو، جيڪو نه
فقط غزل ۽ نظم جو بادشاهه هو، بلڪ ٺيٺ سنڌي ڪافيءَ
مٿان به کيس ڪمال جي قدرت حاصل هئي - اُهائي ٺيٺ
مٺي زبان، اُهي ئي محاورا، اُهي ئي لفظ، نازڪ ۽
پـَـٽَ پٽيهر جهڙا نرم استعارا سي به پنهنجي ماحول
جا، ترڪيبون اُهي ئي جيڪي شاهه ڪتب آنديون،
ڳالهيون اُهي ئي جيڪي ڪافيءَ جو ڏاج آهن.
مون کي ياد آهي، اڄ به اُهو نظارو ڄڻ اکين اڳيان
پيو ڦري جيئن ڪالهه ٿي گذريو آهي! براج نئين نئين
ٺهي هئي. اورينءَ ڀر تي باغ ۽ لان، جن تي اڄ ڪلر
چڙهي ويو آهي، جن تي اڄ نه اها بهاري آهي نه منجهن
اها گلزاري، ڄڻ مٿن سالن جي اداسي ۽ درماندگي
ڇانئجي ويئي آهي. اُهي ان وقت تازا ٺهيا هئا، مٿان
انگريز جو حڪم، هيٺان مالهين جي ايمانداري ۽
ڪاريگري، ٽاميءَ ٽاميءَ ۾ ساهه، ۽ مکريءَ مکريءَ ۾
شگفتگي ۽ ڇٻر جي هر ٿڏي ۾ تازگي ۽ توانائي، انگريز
به طبعاً باغن ۽ ٻوٽن جا شوقين ۽ مالهي به ٻوٽن ۽
وڻن جـِـي پگهار هوٽي نه پر پنهنجي اولاد وانگر
پيا پرگهور لهندا هئا، جهڙا مالڪ خبردار ۽ شوقين،
اهڙائي هئا ملازم اورچ ۽ ايماندار، پوءِ باغ ۽
بستان رنگ رکي ڇو نه بيهندا؟ ڇا مجال، جو انهيءَ
زماني ۾ ٻوٽن ۾ ڪو سـُـڪو پن هجي، ڇٻر تي ڪو ڪک پن
پيل هجي، يا ڪو ٻارو سڪل هجي! جيئن براج تي چڙهبو،
تيئن شادابي ڏسي اکيون ٺري پونديون، روح ۾ تازگي
اچي ويندي، طبيعت تي سرهاڻ پئجي ويندي. عليهر جي
ديوار سهڻيءَ ڪٽ تي پاسن کان بيٺل، وچ وچ تي گلاب
جا ڳاڙها ۽ شـِـير چاهي گل، موسمي ٻوٽا ان کان
علاوه گلزاري ڪيو بيٺا هوندا هئا.
شام جو سکر جا سڀئي شوقين ڀـَـلـِـن بگـِـن تي
چڙهندا، سهڻا، سٺا ۽ تکا تنومند گهوڙا، جن تي ميان
غلام نبي
[1] زين ساز جا ٺاهيل
سنج پيل، ڄڻ سنج نه آهن بلڪ گهوڙي کي ڳـَـهه پيل
آهن. گچيءَ ۾ گلن جون ڳانيون ۽ چانديءَ مان ٺهيل
ڇمڪيدار دعائن جي ڪـَـنڍي، اکين مٿان موڙ ۽ نرڙ تي
سـَـري پيل، مٿي تي مور جي کنڀن جو هڪ گلدستو،
رينان سچيءَ سيم جون، جن تي گلن جون لڙهيون لڳل،
جوتن خواهه پٽي ۽ ڪمربندن تي نڪل جا چنڊ ستارا ۽
سهڻيءَ طرز تي ٽـُـڪيل گل لڳل، نيٽ جو چهبڪ لڏندو
ايندو، جنهن جي پڇڙيءَ ۾ وٽيل ڌاڳو ۽ ڌاڳي ۾
رنگارنگي پشم جا گل پوتل، پيرن ۾ گهنگهرو ٻڌل.
دعائن جي ڇمڪي ۽ گهنگهري جي وڄت تي گهوڙو مست ٿيو،
ناچ ڪندو هلندو، بگي گويا شاهجهان وارو تخت طائوس
پـَـئي لڳندي. مختلف قسم جا رنگ ڀريل، ضروري جاين
تي نڪل جوڪم، گاديون ڳاڙهيون يا ڪاريون، جن تي
رنگارنگي بٽڻ لڳل. ڪي شوقين وري انهن تي اڇيون
ڇـَـوان چاڙهائي ڇڏيندا هئا. بگي هلـِـي ڄڻ واءُ
مينهن ٿـِـي، گويا ڇوهو ۽ واچوڙو هو جو جهٽ ڏئي
اکين اڳيان لنگهي ويو. اڄ وانگر مرضيل ۽ مئل گهوڙا
ڪونه هوندا هئا. موٽرون هيون ڪونه، جو هرڪو انهن
تي چڙهي. گهوڙا ۽ بگيون مانَ ۽ شانَ جي سـَـنـَـد
هئا.
سکر جي شهر ۾ بگين جا هونءَ ته ڪيترائي مرڪز هئا
جن کي ”بگي اسٽان“ (Stand)
سڏيندا هئا، ليڪن چار اسٽان زياده مشهور ۽ مکيه
هئا: ٽڪر تي ليوڪس پارڪ اڳيان سٽي ڪورٽ جي سامهون،
بازار ۾ ٿلهي وٽ، غريب آباد ۾ مارڪيٽ واري ميدان ۾
مسافرخاني جي ٻاهران، ۽ چوٿون هوندو هو جتان براج
جا بنگلا شروع ٿين ٿا مڪرانـِـن جي پاڙي وٽ.
انهيءَ زماني ۾ لٽو ڪپڙو به سستو هو. اڄ وارو ڪلور
۽ قهر ڪونه هو. وائل نئين نئين آئي هئي، ساڍي ٽي
آني وال، جهڙو رنگ گهرجي تهڙو وٺ! زالون چولا ۽
روا ڪنديون هيون، شوقين جوان ان مان قميصون يا
چولا ۽ پٽڪا ڪندا هئا، شـَـبـَـن (شبنم) ململ جو
وال په چئين آني هوندو هو، جنهن مان پڻ چولا ۽
پٽاڪا ٿيندا هئا. سٿڻن لاءِ ٻه ٽي قسم محمودي
ملندي هئي: راڻي ڇاپ، گڻيش ۽ سـِـي- چاليهه هزار
سٺي ۾ سٺو هرک هو- چئين آني کان ڇهين آني تائين
وال ملندو هو. محمودي، لٺو ۽ هرک اهي ٽيئي نالا
هئا سٿڻ جي لٺي جا، ليڪن لٺو سادو، هرک ۽ محمودي
سٺي نموني کي چئبو هو. مثلاً: راڻي ۽ سي - چاليهه
هزار کي هرک سڏبو هو يا محمودي.
شوقين جوانڙا، وڏن پاچن سان سٿڻ ٺهرائي، ان کي
ڪـَـلـَـف لائي پائيندا هئا ۽ وَر اڳتي ڪري ڇڏيندا
هئا. لاهور کان جيڪي طوائفون سکر ۾ اچي مقيم ٿيون،
انهن جي ميراثِن ۽ بڙي ميائـُـن انهيءَ قسم جي ڪلف
لڳل وَڏ پاچيءَ سٿڻ جو رواج اچي وڌو ۽ وَرَ اڳتي
ڪري هلڻ به انهن کان ڏانءِ آيو، ورنه سنڌ ۾ سٿڻ کي
ڪـَـلـَـف نه لڳندو هو، پاچا ننڍا ۽ وَرَ سڀ پٺتي
چـُـڻين ڇڏبا هئا. سليپر رنگين سچي بخمل جا
شڪارپور ۾ ٺهندا هئا، جن تي سنهن رنگارنگي موتين
سان چٽساليءَ جو جڙاءُ ڪيو ويندو هو. قيمت به وڏي
ڪانه، ڇڙو چوڏهن آنا جوڙي جو ملهه هو. پٽڪا گهڻو
ڪري نوجوانڙا ڪـَـن تي ڪري ڇڏيندا هئا، طـُـرن کي
ٻئي ڪـَـن وٽان ڪڍي، ڪلهي تي پٿاريندا هئا.
پيراهنن جي ڳچيءَ ۽ سيني جي چير کي اڇو ڪـَـنڊو
لڳل، ڪلهن وٽ ڪـِـناريون، ڳچي چولي
[2] جي کولي ڇڏيندا
هئا. ڪي جوان چـِـڪَـن جا چولا به ٺهرائيندا هئا ۽
چڪن جا گل شوقينن جي جوانيءَ مٿان ڏاڍو جوڀن ڪري
بيهندا هئا.
ميان فضل محمد خان سومرو غريب آباد وارو- الله
بخشيس، حال حيات هو. هرڪو سـَـرنديءَ وارو ۽ لٽي
ڪپڙي جو شوقين، اتان پنهنجا لٽا ڌئاريندو هو شاهه
ڪاريگر هو. لٽو اهڙو کـُـنڀَ تان لاهي ڏيندو، جو
پائيندي پيو ڪهڪاءُ ايندو- ڪيئن اهڙي اڇي لٽي کي
پائي ميرو ڪجي! سکر جي جوانن کي نه فقط لٽي خريد
ڪرڻ ۽ ان جي ڪٽ ۽ پهرڻ جو شوق هو، پر ڌوتل لٽو
ڇاکي چئجي، ان جي پروڙ به واهه جو هئي. فضل محمد
خان سٿڻ تي ابرق جي بوند به ڪـَـلـَـف سان گڏ هڻي
ڏيندو هـُـين، ۽ ڪن جي لٽي کي وري گـُـليءَ جي
هلڪي هواءِ. ميان فضل محمد لٽي کي ائين هٿ لائيندو
هو، جيئن پنهنجي ننڍڙي ٻار کي ڪو لائي. ڌوپڻ بعد
لٽو کولي ڏسندو، استريءَ بعد ان جي بيهڪ کي ڏسي
وائسي، چڪاسي، پوءِ ڏاڍي انداز سان ويڙهي ٺاهي رکي
ڇڏيندو. جڏهن مالڪ کڻڻ ايندو، ته ان کي به تاڪيد
ڪري ڇڏيندو ته فلاڻا خيال سان کڻي وڃ! ڪاريگر کي
جڏهن ايترو خيال ٿيندو ته پوءِ سندس فن ڇو نه
آسمان تي پهچندو؟
انهيءَ فضل محمد خان جا لٽا شوقين پائي، سهڻا
ريشمي رومال يا هٿن ۾ کڻندا هئا يا ڪلهن تي رکي
هلندا هئا. رابيل، موتئي ۽ ٽانگرن جون ڪـَـنڍيون
پيسي ۾ ٽي ملنديون هيون، ڊزنن جي منهن ڳچيءَ ۾
وجهي، ۽ ڪي هٿ جي مـُـري ۾ به هڪ اڌ ٻـَـڌي، هلندا
هئا. ڪي خاص شوقين ته گلاب جو پاڻي به لٽن تي
ڇڙڪائي پوءِ گهر کان پير ٻاهر وجهندا هئا- ڀلا سکر
جو سانوڻ، ٽڪر جون گرميون، شام جي اُٻس، اِهي سڀئي
اهتمام اُنهيءَ لاءِ ته ڪيا ويندا هئا!
الغرض، اهڙيءَ ڪـِـمام ۽ اهتمام، تيارين ۽ تجويزن
کان پوءِ شوقين بگين ۾ چڙهي، لاڙوين ٻپهريءَ کان
ٿورو اڳ براج جي پل تي اچڻ شروع ڪندا هئا. ڇٻن
وارا طرحين طرحين جا کاڄ کنيو اڳ ئي حاضر هوندا.
ڪٿي پڪوڙا پيا پچندا، ڪٿي سنڱر پيو تـَـربو، ڪٿي
چڻا پيا ڀـُـڄندا، ڇولا گرم الڳ پيا ڪـُـنن ۾
ٽڙڪندا، ڪٿي بـِـههَ رڌل ڪـُـنيءَ ۾ موجود، ليمي
جي لغار ۽ مرچن جي ٻـُـرڪي سان، سيرو - پـُـوري
گرم گرم جدا پيو ٻاڦون ڇڏيندو، دهي بڙا الڳ، رڌل
دال ڪاري مرچ جي چٽڪي سان ليسوڙيءَ جي پـَـن تي
تيار هوندي، آچار ۽ کٽاڻيون ۽ چٽڻيون پاپڙن سميت
پاسي ۾ پيل، سيخن تي چڙهيل ڪباب، ڪـَـنڊي جا ٽڪر،
چاپ، ميڄالو الڳ، بصرن جو ڪچومر، جنهن ۾ سائي مرچ
جي ڪاتر ۽ ليمي جو ڇنڊو تيار، گرم گرم ڦلڪا به
داٻڪي
[3] ۾ پيل، جيڪو وڃي
وٺي ته ويرم ئي نه لڳي، ڪڍيو ۽ ڏنو، پٽاٽي چاپ
قيمي پيل يا ڀاڄين ڀريل به موجود، دل ٿي ته ديرئي
ڪانه، جهٽ پٽ آڏو اچي پهچندي، جليبي، پڪي مٺائي،
ڀڳڙا، گـُـبت، لائي، سـُـڪو سڱر، ڳڙ ۾ ڀـُـڳل سڱر
ننڍن ٻارن جي ريجهه لاءِ جداريءَ ڪـُـنڊَ ۾ موجود
هوندو. روهڙيءَ جون کارڪان، ڪتل، ڏوڪا، ڏنگ، ڏَنگي
کار ڪان، کس ڏوڪا، کسرو، لوڻيون کارڪان، ڦڪا ڏوڪا،
ڳاڙها ڏوڪا، ڇونهارا، آڌيا، خرمان،ڪي ننڍن ننڍن
ٽوڪرن ۾ وجهيون، مٿان لٽو رکيون ويٺا هوندا، ۽ ڪي
لوهن ٿالهن ۾ رکيون مٿان مکيون ويٺا هڪليندا،
چانهه وارا الڳ گاڏا جهليون بيٺا هوندا، سوڍا
لمليٽ وارا برفن جون دُنگيون زمين تي رکيون،
باٽليءَ ۾ گلاس وجهيون ۽ گاڏي تي رنگارنگي ٻاٽليون
سينگاريون، اڃايلن جي تاڙ ۾ هوندا، پان ٻـِـيڙيءَ
وارا ڪاٺ مان ٺهيل ڪٻٽن ۾ هاٿي ڇاپ، سيل، بتي ڇاپ،
۽ پاسنگ شو
[4] سگريٽن جا پڙا
وجهيون، ۽ هڪ ڪنڊ کان پان جو سامان رکيون، چانهه ۽
سوڊا وارن جو پاسو جهليو بيٺا هوندا. هرڪو ڪوپ
چانهه جو پيون، هڪ سگريٽ ۽ هڪ پان وٽائن ورتيون،
پوءِ اڳتي وڌندو. هرڪنهن ڪنڊ کان هوڪن جا هوڪار
لڳا پيا هوندا. ڪو ڪهڙي پيو لات لوندو ته ڪو ڪهڙي
پيو ٻولي ٻوليندو:
*
ٿـَـلي
[5] جو بادام!
موتئي جي بهاري!
سڄڻ! لمليٽ ۽ راسبري!
ٿڌي ٿڌي ڪُلفي!
سـُـهڻان! هلي اچو!
کـُـش بونءِ
[6] ۽ کٿوريءَ واري!
شوقين! هلي اچو!
*
ڪتل او! روهڙيءَ جا ڏنگ!
دوست رَئي پڪل ڏوڪا!
ڳاڙها ڏوڪا!
جوانڙا! هلي اچو!
ڦڪي رنگ جا ڏَنگي ڏوڪا!
اولوڻ پيل کارڪان!
ڀائو! کاڌي مکياري!
*
شوقين هلي اچو!
چهر ٻهر چٽڻيءَ سان!
گرم چڻا!
چهردار چڻا!
چڻا دوست چڻا!
چڻا يار چڻان!
*
ڪواب!
[7]
ادا! شيک
[8] ڪواب!
ڀائو! هليا اچو!
گرم گرم!
ڏاڍو لءِ دار!
ڏاڍو سوادي!
ڪـَـنڊو پڪل!
يارڙا!
چاپ جو ٽـُـڪڙُ!
جوانڙا! چاپ!
چـَـهرَ سان چاپّ!
گوشت جي چاپ!
قيمي جي چاپ!
آلوءَ جي چاپ!
دلبر دوست، وَئرُ ڪيون وڃ، وَئـِـرُ!
ڏاڍا گرم گرم مال!
آچارن جا، چٽڻـِـن جا ميل!
بصرن جا ڪچومر!
مرچن جي ڪاتر!
پاپڙ ٽـُـڪرُ مٿان!
چـُـٽڪو وٺو، چـُـٽڪو!
او يارڙا، چهري چـُـٽڪو!
دلبر، لئي دار چٽڪو!
*
جليب!
سنڱر پڪي مٺائي!
ڳائي گيهه جي!
سون جهڙي سچي!
جوانڙا، هليو اچ!
دلبر، هليو اچ!
*
ڏهي بڙا!
تازا تازا!
ڏاڍا سوادي!
ڏاڍا چهردار!
ڏاڍا لءِ دار!
دلبر يار!
هليو آءُ ڀائو!
هليو آءُ دادل؟
*
بيههَ!
او بـِـيههَ!
ڏاڍا نرم!
ڏاڍا چهرا!
ليمي جي لغار!
مرچن جي ڦوڪ!
لوڻ جي ڇـَـهنڊَ
کاءُ ته خبر پوئي!
هٻڪ نه ڪر، دوست!
اٽڪي نه بيهه، يار!
بي فلڪو هليو آءُ!
گرم گرم بيههَ!
سوادي بيههَ!
لست وارا بيههَ!
چـَـهرا بـِـيههَ!
*
شربت!
شربت ڀائو، شربت!
بادام وارو شربت!
بادام!
بادام يار، بادام!
مٺو يار، چٺو!
سٺو يار، سٺو!
مگز
[9] جي تراوت!
هيانوَ جي ڪاڪـَـت!
موتيو!
آڏوءَ
[10] وارو موتيو!
موتيو يار موتيو!
هينئين جو ٺار!
ساهه جو سينگار!
پيءُ ته پتو پَوَئي!
گلاسڙو پي ڏس!
هيانءُ ٺاري ڏس!
پـِـيتي مکيار!
پـِـيتي مکيار!
*
پيسي ۾ ٽي!
ٿي ويا ٽي!
پيسي ۾ ٽي!
هلي آءُ!
ڀڄندو آءُ!
هليو اچ ننڍڙا!
هليو اچ ننڍڙا!
پيسي ۾ ٽي!
گـُـبتَ!
کنڊ جا گـُـبتَ!
مٺا گـُـبتَ!
سٺا گـُـبتَ!
*
ٽڪي ۾!
ڇڙو ٽڪي ۾!
سڄو پاءُ!
ڀريو پاءُ!
هيانءُ ٺاري ڏس!
کاڌي مـُـکيار!
کاڌي مـُـکيار!
او ڀڳڙا يار! جوانڙا! ڀڳڙا!
*
ٽڪي پاءُ!
دلبر، ٿي ويو ٽڪي پاءُ!
دوست، ٿي ويو ٽڪي پاءُ!
ڀڳڙن جو ٽڪي پاءُ!
ڀڳڙن جو ٽڪي پاءُ!
ڀرڪڻان ڀڳڙا!
چلڪيدار ڀڳڙا!
جرڪيدار ڀڳڙا!
بنا کـَـلَ ڀڳڙا!
مگز ئي مگز!
ڀلي اچي وٺ!
ڀلي اچي ڏس!
*
لائي!
مٺي ڳـُـڙَ جي لائي!
نرم لائي!
سٺي لائي!
مٺي لائي!
پيسي ۾ بهاري!
پيسي ۾ بهاري!
اچي جهولي ڀر!
اچي جهولي ڀر!
لـُـٽِ ٿي، يار!
ڦـُـرِ ٿي، يار!
ڊُڪندو آءُ ننڍڙا!
ڀـَـڄندو آءُ جوانڙا!
* * *
جو جاتي سو تاتي رڌل. ولر ماڻهن جا چوڌاري، سودو
ڏيندي کٿا نه پيا پڄندا. سڄو شهر مڙي اچي براج
ڀيڙو ٿيندو هو. ڀلا کليل جاءِ، ٿڌ ڪار، ڇٻر جي
ساوڪن تي هير پـَـئي هلندي، گلن جي بهاري جدا، ته
درياهه شاهه جو نظارو الڳ. ٻنهي ڀڪن تان واهن جا
وهڪرا، گڙڪاٽ ڪيون پيو پـُـلـِـن هيٺان پاڻي
نڪرندو. لوهاڻن درن سان ٽڪر هيون ڇوليون مـَـستن ۽
مجذوبن وانگر گڦ
[11] پيون ڪڍنديون.
ساڌ ٻيلو هڪ طرف ته روهڙيءَ جي باغن جي وڻڪار ٻئي
طرف. جاڏي اک کڄندي، ته هيانءُ پيو ٺرندو! جاڏي
منهن ڪبو ته بهاري وٺي ويندي! ماڻهو ڇُڳـَـٽَ ڪيون
وتندا هواءِ جهٽيندا، ڪي ڇٻرن تي ويٺا هوندا، ته
ڪي هٿ هٿن ۾ ڏيون ڏاڍيءَ لوڏ سان پيا چڪر ڏيندا.
مطلب ته شام کان پوءِ سڄيءَ خدائيءَ جو ڄڻ جنسار
اچي سکر براج جي پـُـل تي ڪٺو ٿيندو هو.
* * *
سکر جي مسلمانن ۾ بي پردگي ڪانه هئي، بلڪ سڄيءَ
سنڌ جو اهو حال هو. اسان جون عورتون بيگمات ڪونه
بڻيون هيون، بلڪ صحيح معنيٰ ۾ مستورات هيون.
ساداتن ۽ معززن جون عورتون ڪيڏانهن وينديون ته
برقعن پائڻ بعد به، پلويڙن ۾، ۽ گهڻو ڪري سج لٿي
بعد، هئو مئو ٽري کان پوءِ، وچولي طبقي واريون
مايون به ساڳيءَ طرح حجاب ۽ حياءَ سان اڇي
محموديءَ
[12] جو برقو پائي،
ڪنهن اهڙي ويلي وقت سان جڏهن رستي تي مردن جي ڀيڙ
نه هجي. خيرپور يا حيدرآباد جي طرف جيڪي غريب
عورتون بلڪ ٻانهيون هونديون هيون، سي به رئي مٿان
اجرڪ ويڙهي يا اڇي چادر ويڙهي، ان سان منهن ڍڪي،
فقط هڪ اک ظاهر ڪري هلنديون هيون. انهيءَ کان ٿورو
اڳ مانائتيون مايون سٿڻ مٿان پڙو پائي، پوءِ
ڪاڏنهن وينديون هيون، جيئن برقعي جي هيٺينءَ
پڇاڙيءَ کان عورت جي سٿڻ تي به ڪنهن جي نگاهه نه
پوي.
موٽر ڪونه هئا، تنهنڪري سفر يا آمدرفت لاءِ بيل
گاڏي، جنهن کي چوڌاري کيسَ جو پلويڙو ڏبو هو،
بگيون، جن کي پڻ پٺيان چادر ٻڌبي هئي، يا ڏوليون،
اُٺن مٿان محمل جنهن کي سنڌيءَ ۾ ”ڪجائو“ چئبو هو.
جي ڏولي لهندي، گاڏي بيهندي، يا اُٺ ويهندو ته
اتان کان جاءِ جي دروازي تائين ٻنهي طرفن کان
نوڪراڻيون چادران جهلي بيهنديون ،تنهن کان پوءِ
عورت اندران نڪري، پير پـَـٽَ تي رکندي. گهٽيءَ جي
ٻنهي منهن تي به ماڻهو بيهاربا، جيئن مرد ماڻهو نه
لنگهي اچي. انهيءَ پردي داريءَ سبب ئي سنڌ ۾ چيو
ويندو هو ته نـَـرَ پکيءَ کي به حاويليءَ مٿان
اڏامڻ جي اجازت نه آهي. ڪن ساداتن جي حاويليءَ ۾
ته پيرين ڀاري مائي به وڃي نه سگهندي هئي، اهو ان
ڪري ته متان سندس پيٽ ۾ ڇوڪرو هجي! مطلب ته پردي
لاءِ ايڏو اهتمام، ايڏو بندوبست، ۽ ايتري زيادتي
ڪئي ويندي هئي. پردي ۾ ايڏو غلو هو، جيترو
افراسياب جي ڌيءُ مينزا پنهنجي سلسلي ۾ بيان ڪيو
آهي:
مينزه منم، دخت افراسياب
تنم را برهنه نه ديد آفتاب
جڏهن عورتن جو انتقال ٿيندو هو، ته لحد ۾ انهن کي
پنهنجا عزيز، بلڪ عزيز به اهي جيڪي محروم هوندا
هئا، لاهيندا هئا. عورتن جو قبرستان به گوشائتو
ٿيندو هو. قبرون پڪيءَ ديوار جي اندر، يا قبرستان
کي وڏي اوڏڪي ڀت ڏياري ڇڏبي هئي.
سنڌ جي هندن ۾ البته نئين زماني اچڻ بعد پردو گهٽ
ٿي ويو، يعني اهو به فقط عاملن ۾. ڀائيبندن ۾ ۽
ٻاهراڙيءَ جي هندن ۾ وري به پردو قائم رهيو، ليڪن
ايترو سخت نه جيترو مسلمانن ۾ هو. پر پردي نه هجڻ
واريءَ حالت ۾ به اهي پنهنجن نياڻـِـن سياڻـِـن کي
ائين ڇڙواڳ ڇڏي ڪونه ڏيندا هئا. حياءَ ۽ حجاب، ننگ
۽ ناموس، اک جو شرم، سينڌ جي لـڄ، منهن جو مرم
مردن ۾ به هو ۽ عورتن ۾ به. مرد ٻاهرين ڪمن کي پيا
مٿو ڏيندا هئا ۽ مايون گهرن جا ڇپر جهليون، گهر کي
بهشت بڻايون ويٺيون هونديون هيون. ٻاهران هـَـتو
تـَـتو، ٿڪو ٽڪو مرد گهر ۾ آيو، در کان پير اندر
وڌائين، ته سڀئي ٿڪ لهي ويندس، ڄڻ اتي اچي پهتو
جتي فقط محبت ئي محبت آهي، اطمينان ۽ خوشي آهي،
مسرت ۽ مزو آهي. اڄ وانگر گهر ڪونه هوندا هئا، جو
گهر نوڪرن جي حوالي، ٻار آيائن جي هنج تي، ۽
بـِـيبين کي لٽو ڪنڌ ۾، سڄو ڏينهن وتن غرارا
لوڏينديون ۽ گهٽن سيرن ۾ جاٺا هڻنديون، ۽ چاکوڙ
ڪنديون. اڄ مرد گهر کان ٻاهر رهڻ ۾ اطمينان ۽
عافيت سمجهن ٿا، ليڪن انهيءَ دور ۾ ڪم ڪار لاٿي
کان پوءِ مرد گهرن ڏي ائين منهن ڪندا هئا، جيئن
جهنگ چـَـري مال وٿاڻ ڏانهن وري. اڄ گهر ائين پيا
لڳن، ڄڻ مسافرخانا آهن يا سراءِ، جتي هرڪو هلي
اچـِـي، ڇڙو رات جا چار پـَـهـَـر اَجهاپ ڪري، صبح
ٿيو ۽ وري لٽو مٿي تي، الهه واهي! بلڪ هاڻي ته
الهه واهي به ڪانه. جنهن کي جاڏي وڻي، بنان جهل پل
پـَـئي پاڻ وندرائي. گهر کان ٻاهر جيڪا زندگي،
تنهن جو نالو ’پرائيويٽ لائيف‘ ٿيو، جنهن جي پڇڻ
جو اختيار موجوده تهذيب مطابق مرد کي به ڪونه آهي.
۽ جڏهن عورت ”پرائيويٽ لائف“ شروع ڪئي ته مردن به
ٻه وکون اڳتي وڌائي پنهنجي ”پرائيويٽ لائيف“ جا
خيما کوڙيا، ۽ اهڙيءَ طرح اسان جو سڄو معاشرو
تباهه ۽ برباد ٿي ويو، سک، راحت، آرام ۽ آسائش
ڪانه رهي، سڄو نظام ٽٽي پيو، گهرن سان گڏ سڄي
معاشري ۽ معاشرت جون تيليون مـُـنڃ ڌار ٿي ويون.
سو مٿي ڳالهه ٿي ڪئيسي ته انهيءَ دور ۾ سکر اندر
اگهاڙي منهن گهڻو ڪري گهريتي عورت ڏسڻ ۾ ڪانه
ايندي هئي. مرد ڪيترو به خراب هجن، ليڪن اندر
ويٺيون عورتون عزت ۽ ناموس جون نگهبان هونديون
هيون. عصمت جا نيلام ائين ڪونه ٿيندا هئا، جيئن اڄ
ٿين، عفت جو تين واڪ ائين نٿي ٿيو، جيئن هاڻي پيو
ٿئي، عورت پنهنجي جسم کي ايڪ - دو - تين - ائين
ڪونه ڪيو هو، جهڙيءَ ريت اڄ هن ڪيو آهي. حقيقت ۾
عورت جڏهن پنهنجي عزت پاڻ لاهي هٿ ۾ ڪئي، تڏهن
مردن به ان کي وڻج ۽ واپار جو وکر سمجهيو. عورتون
ائين سينا ساهي، ڊٺائيءَ سان اکيون سڌيون ڪري،
چشمن جا چالا ڪونه ڪنديون وتنديون هيون، جيئن اڄ.
ائين پيو معلوم ٿئي، ڄڻ جرمل
[13] جي فوج جو ڪو
جرنيل بڙڇيون ۽ ڀالا کنيو مٿئون چڙهندو پيو اچي -
اجهو ڪي اجهو اچي سيني جي سپرد ڪيائين. اُنهن
ڏينهن ۾ ڌاريون ته دور رهيو، ليڪن اسان جون عورتون
پنهنجي مردن اڳيان به اک کڻي ڳالهائڻ بي حيائي ۽
بي ادبي سمجهنديون هيون.
* * *
براج جي پل تي شام جو فقط ڪي ٻاهريون طوائفون[14]
ڏسبيون هيون، جيڪي سورنهن سينگار ڪري، ٽانگن تي
سوار ٿي، شڪارپوري رستو ڏئي، ٽَڪر جو چڪر هڻنديون،
ليوڪس پارڪ کان پراڻي سکر وڃي يا لينسڊائون برج
کان وڃي بندر وٺنديون، يا وري موٽي اچي معصوم شاهه
جي لاهيءَ کان لهي، فوجداريءَ جي اڳيان لنگهنديون،
۽ سائين ڪرم علي شاهه جي باغ وارو رستو ڏئي، قاضي
محمد سومر ۽ قاضي فقير محمد جي ڪتر مشين وٽان
ٿينديون، سردار علي شاهه جي ڪارخاني واري موڙ کان
اسماعيل جي حاطي جو پاسو ڏئي سڌو وڃي براج ۾
پونديون، ۽ اتان اچي پل تي پهچنديون هيون. انهن
سڀني رستن تان گهورن سان گهائينديون، ماڻن سان
مارينديون، ايندڙ ويندڙ سان چار چشمي ڪنديون،
مرڪنديون، مشڪنديون، اکيون ڀڃنديون، گويا پنهنجي
حسن جا هئنڊبل (دستي اشتهار) ورهائينديون، اينديون
هيون. رنگين لٽا (شوخ رنگن سان)، لپ اسٽڪون لبن کي
لڳل، اک ڪجل سان ڪڪڙي، ڳهن سان جهنجهيل، پان وات
۾، سگريٽ آڱرين ۾، رومال هٿ ۾ڪيون، تجلا ڏينديون
اينديون هيون.
اُهي سڀئي رستا اُهي هئا، جن تي شام ڌاري
’برادرانِ اسلام‘ جي هلچل زياده رهندي هئي. بندر
روڊ ڏئي، گهڻو ڪري گهٽ هلنديون هيون: اتي ويٺا
هوندا هئا وڏا وڏا هندو سيٺيون، ٿلها پيٽ پٿاريون،
۽ وڏن چلمن جا ڊگها نڙ بڙڪن لاءِ وات ۾ ڏيون. انهن
کي اها مسلمانن واري ”حسن پسند نظر“ ڪٿي هئي؟ اها
اک ئي ڪانه هين، جيڪا حسن پرکي ۽ پروڙي سگهي، نه
ايڏي دل هين، نه ايترو مضبوط جگر، جنهن ۾ ڪنهن جي
پنبڻن جا پيڪان پيوست ٿي سگهن. پوءِ اهڙي لاحاصل
رستي تان لنگهڻ ئي ڄڻ سينگار جو زيان، بلڪل فضول ۽
بيسود. البت ڊپٽي پير بخش، سو ڪچهري لايون ويٺو
هو، ليڪن اهو به ته پينشن ۾ هو، ۽ ان لاءِ اهوئي
مشهور هو ته نوڪريءَ واري مدي کان به زياده عرصي
تائين سرڪار جي پينشن کائي چڪو آهي.
* * *
شام جي پنجين کان وٺي لڙيءَ سومهياڻيءَ تائين براج
جي پل تي چهچٽو هوندو هو. سکر جا ڏينهن سانوڻ ۾
اگرچ دوزخ هئا، ليڪن راتيون اهڙيون جهڙيون بهشت.
سج لڙندو ته هير هلي پوندي، لونءَ لونءَ کي ٺاري
ڇڏيندي. سير سپاٽا ڪري، روح وندرائي، ديدن سان
ديدن جا مقابلا ۽ معرڪا ڪرائي، ڪم ڪار جا ٿـَـڪ
ڀڃي، ۽ سڄي ڏينهن جو اوٻر لاهي، هرڪو دير دير سان
پيو اتان گهر موٽندو هو، جتي سندن لاءِ کير جا ٿڌا
وٽا، مٺا انب
[15]، تازيون کارڪان
۽ اڇن چانورن سان ڀريل رڪابيون اڳ ۾ ئي موجود
هونديون هيون، ڪنهن جي چـَـهـَـر تي دل ٿيندي هئي
ته پنهنجي دسترخوان تي عبدالرحمان جي هوٽل تان
’ڀُڳيلا‘ جي ’هاف پليٽ‘ گهرائي وٺندو، ورنه ساوڻي
رات ۾ کاڌي جو اُهو ئي دستور هوندو هو، جنهن تي
”بسم الله!“ ڪري هرڪو گوڏا ڀڃي اچي ويهندو.
* * *
مان ”نياز“ مرحوم جي سلسلي ۾ جنهن مجلس جو مذڪور
ڪرڻ گهران ٿو، سا لڙيءَ سومهياڻيءَ بعد، هائو مائو
ٽرئي، پـُـل کان به پرينءَ ڀر بچل شاهه جي مياڻيءَ
کان ٿورو اورتي، درياءَ شاهه جي ٺريءَ ڪنٺار تي ٿي
هئي. اسان انهيءَ زماني ۾ ”سنڌ زميندار“ ڇڏي
”ستاره سنڌ“ پهريان باءِ ويڪلي ۽ پوءِ روزاني ڪڍي
هئي، ۽ بجلي گهر جي ڀـِـڪَ ۾، منگهن مالهيءَ واري
باغ (شرڌانند پارڪ) جي سامهون ديوان ڀوجسنگ واري
بنگلي ۾ رهندا هئاسين.
لاڙڪاڻي ضلعي جو هڪ دوست، جيڪو سنڌ جو بهترين ڪافي
گو شاعر به هو، پنهنجي نئين گهر وارِيءَ سميت اچي
سکر ۾ رهيو هو. گهر وارِنِ جي سلسلي ۾ هن جو اهوئي
نظريو هو، جيڪو حضرت شيخ سعدي عليـہ الرحمـة جو،
يعني:
زني نوڪند مرد، درهر بهار
ڪـہ تقويم پارين، نيايد بڪار
هرسال نئين جنتري گهر ۾ آڻيندو هو ۽ پراڻي سال جي
جنتري يا ته دفتر داخل ڪندو هو يا رديءَ ۾ هلي
ويندي هئي. اگرچه مون کي سندس انهيءَ عمل کان سخت
نفرت هئي، ليڪن سندس فني عظمت ايڏي وڏي هئي، جو
هميشہ سندس اڳيان منهنجو ڪنڌ جهڪيل رهندو هو. هن
دفعي جڏهن سکر آيو، ته نئين ڪنوار ڪڇ ۾ ڪيون آيو،
جيڪا اصل ته هئي ڪا ڳائڻ وڄائڻ واري، ليڪن تازو
منهنجي دوست سان نڪاح وجهي، ۽ انهيءَ نڪاح کي وري
مستقل ۽ دائمي سمجهي، گهريتڻ بڻجي ويٺي هئي.
اسان ٻئي ڀائر ۽ مهمانن جو اهو جوڙو، ماني ٽڪي
کائي، هڪ لڙيءَ سومهياڻيءَ جو مٿينءَ جاءِ تي وڃي
پهتاسي. خيال هو ته گهڙي پلڪ تفريح ڪري، پوءِ اچي
ننڊ ڪجي. آدم نه آدمزاد، نه وري ڪا آدم بوءِ ئي
ويجهيءَ ڇـَـڪَ ۾ هجي. بلڪل سانتيڪو سمو، چانڊوڪي
چوڏهينءَ جي، ڏکڻ به چوي ته اڄ نه گهلان ته ٻيو
ڪڏهن گهلان، وڻن ۾ هواءِ جا واڪا، پن هڪٻئي سان
ٺهڪي، ائين پيا آواز ڪن، ڄڻ معصوم ٻارڙا خوشيءَ
منجهان پيا تاڙيون وڄائن. ڏکڻ تي دريا شاه جي موجن
کي به مستي، اٿي اٿي پيون هڪٻئي سان ڳراٽڙيون
وجهن، گويا ڪي حسين عورتون رات جي ڍَڪيءَ ۾ تڙ
ڪندي، پاڻ ۾ کيڏي رهيون آهن ۽ پاڻيءَ مان چيلهه
تائين ٻاهر نڪري، هڪٻئي جي منهن ۾ ڇنڊا هڻي کجڪار
ڪري رهيون آهن.
ويٺي ويٺي، مائيءَ پهريون ته پاڻ هرتو جهونگارڻ
شروع ڪيو، ليڪن ستت ئي ڪن تي هٿ رکي اچي الاپ ۾
پئي:
دل منهنجي دوست ڌُتاري، ڙِي اديون! بـــاهه ته
ٻاروچل ٻاري، ڙِي اديون!
ڇـو ٿيون منهنجو جيڏيون جگر جلايو!
دل منهنجي
.........................................
جِــنِ کان جـانِبُ ٿئــي جـدا، تن کي ڏجي ڪا
دلداري، ڙي اديون!
اَوهيــن ويقـِر طـــعنن ســـاڻ تپـــــايـــــو،
دل منهنجي
.........................................
پَـلـپَل پـايان پـــــرت مان، پاندُ ڳچيءَ ۽ ڳل
ڳارِي، ڙي اديون!
مون کي هيڪر پنهنجو محب مِلايو،
دل منهنجي
.........................................
سهسين سـکـائـون ڏيان،هوتُ اچي هـِـڪوارِي، ڙي
اديون!
رکـيـــو ويٺي آهيـان روح منجهه رايو،
دل منهنجي
........................................
ڏيندَسِ عجرَ ”نياز“ سان، سورن جي هيءَ سُڌ ساري،
ڙي اديون!
سڄڻ منهنجو سرتيون اڱڻ جڏهن آيو،
دل منهنجي
.........................................
[16]
مرحوم ”نياز“ جي ڪافيءَ، مائيءَ جي سريلي ۽ سوزيلي
آواز ۾ رچي، اهڙو رنگ رکي بيٺي، جو لونءَ لونءَ
ڪانڊارجي وئي. اڄ پورا 26 ساوڻ انهيءَ واقعي تي
لنگهي ويا، اُها مائي به خبر نه آهي ته جيئري آهي
يا وڃي اڳئين ڏيهه پهتي، انهيءَ دوست جي جوانيءَ ۾
پڻ جهريون پئجي ويون، اسان کي به اڇن اچي منهن
ڏنو، سکر ويو، سکر وارا ويا، ديسين ديس ڇڏيو،
آديسين اچي آستان ڪيو، نه اهي ڏينهن رهيا، نه اُهي
راتيون رهيون، اُهي ميڙاڪا ۽ اهي مجلسون به ختم
ٿيون، ڪيترا دوست ڪيترا يار ڪيترا ساٿي ۽ سنگتي
زندگيءَ جا سفر طيءِ ڪري منزلون مٽي ويا، زماني جي
گردش فٽبال جيان اڇلائيندي خود اسان کي به کڻي اچي
ڪٿان جو ڪٿي پهچايو، ۽ خود اهو ”نياز“ به نه
رهيو... ليڪن اڄ به جڏهن خيال اچي ٿو، ته ڄڻ ڪنَ
26 ورهين اڳ جي ٻڌل انهيءَ آلاپ کي پيا سُئَن:
دل منهنجي دوست ڌتاري ڙي اديون!
باهه ته ٻارو چل ٻاري، ڙي اديون!
ڇو ٿيون منهنجو جيڏيون جگر جلايو!
دل منهنجي......(الخ)
_______________
ختم ٿيو
60. 8. 28
ڏيڍ بجي منجهند جو
23،
Santa Rosa Street,
Son Francisco, Del Monte,
Quezon City Manila (Philippines)
شروع ڪيم 8- فيبروري، 1960ع، جو.
|