5
نه سي وؤڻ وڻن ۾، نه سي ڪاتاريون،
پسيو بازاريون، هنئڙو مون لوڻُ ٿئي.
- شاهه
گذريل صفحن ۾ ذڪر ڪيل ڪن بزرگن کان علاوه به ڪيترا
مشاهير مشاعري ۾ موجود هئا، ليڪن سال ٿي ويا، اڄ
ڪٿي ٿا سڀئي نالا ياد اچن! خبر نه آهي، هاڻي ٽائون
هال جي صورتحال الائي ڪهڙي آهي! ان زماني ۾ ڊگهي
ميز وچ ۾ پيل هوندي هئي ۽ ان جي چوڌاري ڪرسيون، ۽
ڪرسين پٺيان ڪرسيون، اهڙيءَ طرح سڄو هال ماڻهن سان
ٽمٽار.
مشاعري ۾ پهريون پيغام پڙهيا ويا، پوءِ ٽپال ۾
موڪليل غزل ٻڌايا ويا، ان کان پوءِ آيو مقامي
شاعري جو وارو، مهمانن کي پوءِ تي رکيو ويو. اهوئي
مشاعري جو دستور هو ۽ ان تي ئي عمل ڪيو ويو. جڏهن
مهمانن جو وقت آيو، تڏهن پنهنجي واري تي حضرت
”نياز“ صاحب لاڙڪاڻوي به اُٿيو. اڄ سوٽ ۾ هو ۽
ترڪي ٽوپي به اها جيڪا راکوين
[1] هيس. پنهنجي خاص
دستور مطابق پهريون کنگهڪر، پوءِ سڀئي کيسا ڳولي
آخر هڪ مان ڪاغذ ڪڍڻ، عينڪ اکين تي رکي، مشاعري تي
هيڏي هوڏي نظر ڦيرائڻ، ۽ وري هڪ کنگهڪر ڪري ڪاغذ
کي مٿان کان وٺي هيٺ تائين اڇاتري انداز ۾ ڏسڻ -
ان کان پوءِ صدر صاحب ڏانهن جهڪي کانئس اجازت طلب
ڪرڻ. ڪنهن ڪونه ٿي ڄاتو ته ڪا قيامت برپا ٿيڻ واري
آهي، ڪو طوفان کڙو ٿيڻ وارو آهي، ۽ ڪو اهڙو زلزلو
اچڻ وارو آهي، جنهن ۾ هال جي سڄي ڪائنات هيٺ - مٿي
پَئي ٿيندي، زيرو زبر پئي ٿيندي. سڀئي مطمئن هئا
ته ضرور ڪو عشقيه غزل پڙهندو، زلفن جا پٽڻا ۽ فراق
جا روئڻا، جفائن جون ڳالهيون ۽ معشوق جي مظالمن جا
داستان بيان ڪيل هوندا. ڪنهن ڪونه ٿي ڄاتو ته سڀني
جا وار کڙا ٿي ويندا، سڀني جي بت مان سيسراٽيون
نڪري وينديون ۽ سڀن جي اکين مان بي اختيار لڙڪ
ڪـِـري وڃي سندن جهولن ۾ پوندا. فارسيءَ ۾ قدسيءَ
جي مشهور نعت آهي، جنهن تي فارسي ۽ اردوءَ جي
ڪيترن ئي شاعرن مخمس چيا آهن. اها نعت ايڏي مقبول
آهي، جيترو بوصيريءَ جو ”قصيدو بردو، يا ڪعب بي
زهير جو ”قصيدو بانت سعاد“. اها نعت ڏاڍي جذبي ۽
جوش مان چئي وئي آهي ۽ جن شاعرن ان تي مخمس چيا
آهن، انهن به ننهن چوٽيءَ جو زور لاتو آهي، اڄ
”نياز“ به ان تي مخمس ٺاهي آيو هو. مخمس ڇا هو، ڄڻ
هيجان پئجي ويو. پهرئين بند پڙهڻ سان ئي صبر ۽
سڪون جا بند ٽٽي پيا، هال جي هوا ئي بدلجي وئي،
رنگ ئي اور ٿي ويو، ڄڻ گهريءَ ننڊ مان ماڻهو کي
ڪنهن ڌونڌاڙي اٿاري کڙو ڪيو. پڙهڻ جو انداز هونءَ
به مرحوم جو سڀني کان نرالو هو، ليڪن هاڻي ته
نمونو ئي اور اختيار ڪيو هئائين. ڏاڍو جاندار ۽
جذبو آڻيندڙ. لفظ لفظ ۽ اکر اکر ۾ ساهه وجهي
ڇڏيائين. هڪ هڪ ترڪيب، هڪ هڪ محاوري، هڪ هڪ بندش
کي چٻي چٿي، اهڙيءَ طرح بيان ڪيائين، جو ماڻهو جي
لونءَ لونءَ ڪانڊارجي وئي. هڪ هڪ بند تي هنگامو
مچي ويو. هڪ هڪ بند هرهر پڙهبو ٿي ويو. سنڌي ته
هينئر ياد ڪانه اٿم، ليڪن فارسيءَ جا مصرع اجهي هي
آهن، جن کي مخمس ڪيو ويو هو:
مرحبــا سيد مـــــــڪي مدني العربي
دل و جان باد فدايت چه عجب خوش لقبي
منِ بيدل به جمال تو، عجب حيرانم
الله الله! چه جمــــالـــست بــديــن بـوالعجبي
چشم رحــمت بکشا سوئي من انداز نــــظر
اي قـــريشي لـــقـب و هـــاشـمي و مــطــلـــبي
نسبتي نـيـــست بـــــذاتِ تو، بــنــي آدم را
بــرتــر از آدم و عــالـم، تو چه عـالي نسبي
مــــاهمہ تشنه لـــبــانيم و توئي آب حيات
رحــم فــرمـــا که ز حــد مــيــگزرد تشنه لــبي
نسبِ خود به سگـت کـــردم وبس منفعـــلم
زانکه نسبت به سگ کوئي توشد، بي ادبي
عاصيانيم، ز ما نيکيء اعمــال مپرس
موي ما روي شفـاعت بکن از بي سببي
سيــــدي انــت حــبـيـبي و طـــيــبِ قلبي
آمده سوئي تو قدسي پئي درمان طلبي[2]
ٻيو بند جڏهن ختم ٿيو، ان وقت اسان جا بزرگ جيڪي
هن وقت تائين ڏاڍي وقار ۽ تمڪنت سان ويٺا هئا، ۽
دل ئي دل ۾ صلوات سڳوري ويٺي پڙهيائون، پاڻ جهلي
نه سگهيا. حبيب جي تعريف، مٺي مرسل جي واکاڻ،
پياري پيغمبر جي ساراهه، مديني جي مير جو مذڪور!
ڪنهن جي دل پٿر هئي؟ ڪير دل جهلي سگهندو؟ اکين مان
ڳوڙها، زبان تي صلواة - هڪ هيجان برپا ٿي ويو.
ايڏو طوفان مچي ويو، جو ماڻهو دريون ۽ در ڀڃي
زوريءَ اندر گهڙي پيا، ڳاهٽ لڳي ويا، سڄو انتظام ۽
مشاعري جي ساري تنظيم درهم برهم ٿي وئي.
خود شاعر جو پنهنجو عالم به عجيب ٿي ويو هو. آواز
گلوگير، ڳلن تي ڳوڙها، هڪ مصرعي پڙهڻ کان پوءِ رقت
۾ يڪساهيءَ پڙهي ڪونه ٿي سگهيو، وڏا وقفا وجهي
پڙهڻ لڳو، دل جهلي، سامت ۾ اچي، ڳوڙهن کي پي، وَرَ
وَرَ ڪيون ٿي بند پڙهيائين، مٿس به هڪ نشو چڙهي
ويو هو، سندس روح کي به ڄڻ راحت ٿي رسي، لذت ۽
سرور ٿي آيس، شاعر اهڙي عالم ۾ وڃي رسيو هو، جتي
هن کي سامعين جي پرواهه ڪانه رهي هئي، ڄڻ پاڻ لاءِ
ٿي پڙهيائين، ان مان پاڻ ئي مزو ٿي ماڻيائين،
پنهنجي تصنيف مان پاڻ ٿي حظ حاصل ڪيائين! اِهو
اُهو وقت ٿئي ٿو، جڏهن شاعر سڄي ڪائنات سميٽي پاڻ
۾ جذب ڪري ڇڏي ٿو ۽ پنهنجي وجود کان ٻاهر ڪابه
شيءِ موجود نٿو سمجهي.
مان پنهنجي حياتيءَ ۾ ان کان پوءِ هندستان جا سوين
وڏا وڏا مشاعرا ڏٺا، ليڪن اهڙو رنگ رچيل ڪٿي ڪونه
ڏٺم.
* * *
”نعرهء تڪبير!“
”الله اڪبر!“
ٽائون هال سڄو مٿي تي کڻي ڏنائون. سکر جي ويچارن
اڻ پڙهيلن کي ڪهڙي خبر ته هي اسلامي جلسو نه آهي،
هي نه سکر جي ’انجمن اسلام‘ جو اجلاس آهي، نه
’انجمني اسلام‘ جي ميٽنگ، نه ڪنهن خلافتي ليڊر جي
تقرير آهي، نه ڪنهن سياسي رهنما جي اسپيچ. ليڪن هو
غريب ڇا ڪن؟ هو ته انهيءَ تي هريل هئا. هنن کان ته
هميشهه اهي ئي نعرا هڻايا ويندا هئا. هر جلسي ۾
انهن کي اهڙن ئي نعرن لاءِ استعمال ڪيو ويندو هو.
هنن کي عادت پئجي وئي هئي، مشاعري ۽ جلسي جي فرق
سان ڪهڙو ڪم، شاعر ۽ مقرر جي تفاوت سان سندن واسطو
ڪهڙو؟ هنن ته اهوئي سمجهيو ته جلسي کي گرم رکڻو
آهي، ماڻهن جي اکين مان ننڊ جو غلبو وڃائڻو آهي، ۽
اهي نعرا هڻائي مقرر جي عزت افزائي ڪرڻي آهي، صدقو
وڃان سندس نالي تان، اسان وٽ الله جي نالي جو
استعمال فقط اهو وڃي رهيو آهي!
”زندهه باد“ - جو انهيءَ زماني ۾ اڃا نالو نشان
ڪونه هو. اهو ”الله اڪبر“ جو نعرو به خلافت
ڪميٽيءَ ٺهڻ کان پوءِ سنڌ ۾ آيو، جڏهن تقريرن جي
بهاني سان غير سنڌي ليڊرن کي سرحد اسٽيشن کان
اورتي ٽپڻ جو موقعو مليو. سکر ۾ گرم گوديءَ جي
پنجاپين، براج جي غير سنڌي خلاصِن، ۽ شهر جي
چنيوٽي چرم فروشن انهيءَ نعري هڻڻ جا موقعا، محل ۽
مقام سمجهايا، ورنه اسان ماڻهو مارو اهڙن پاپن مان
ڇا ڄاڻون؟ اسان کي ڪهڙي خبر ته الله سائينءَ کي
انهن ڪمن ۾ به آسانيءَ سان، بلا ڪنهن حياءَ ۽ حجاب
جي، استعمال ڪري سگهجي ٿو!
* * *
قومي ورڪر جلسن جي معاملي ۾ ڏاڍا مشـاق هوندا هئا.
اٻوجهه مسلمان اچي گڏ ٿيندا، معززن کي اسٽيج تي
ويهاريو ويندو. باقي عوام هيٺ زمين تي. جلسي جي
اندر مختلف جاين تي ورڪر ويٺل هوندا. ليڊر تقرير
ڪئي، ۽ هڪ ڪنڊ کان آواز ايندو:-
”نعرهء تڪبير!“
مختلف جاين تي ويهاريل ورڪر ڪندا:
”الله اڪبر!“
انهن کي ڏسي عوام به ڪندو. الله اڪبر
وڏيءَ لانڍ ۽ ليءِ سان.
تقرير شروع ٿيندي، ورڪر ويٺا عوام جي نبض جاچيندا،
ٿوري جذبات ۾ سستي آئي، قدري ماڻهو ٿڪا، يا هڪ اٿي
گهر ڏي هليو، بس يڪدم ٿي ويندو:
”نعرهء تڪبير!“
هاڻي عوام به هريل هوندو، تنهنڪري ورڪرن سان هم
آواز ٿي، فوراً ڪندو:
”الله اڪبر!“
جلسي ۾ وري هڪ وار گرمي پيدا ٿي ويندي. هزارُ ڪو
ڪڪ ٿئي، ڪيترو به ڪوٿڪل هجي، ڀل تقريرن مان کيس ڪو
مزو ڪونه اچي، ليڪن ڪنهن کي به جرات ڪانه ٿيندي ته
’الله اڪبر‘ جا نعرا ٻڌي جلسي مان اٿي ٻاهر وڃي.
مقرر جي عزت افزائي مقصود هوندي، هندوءَ کي گار
ملندي، سياسي مخالفن جو ذڪر ايندو، بس ٺڪ ٿي
ويندو، ”نعرهء تڪبير!“، ”الله اڪبر!“ جلسو جڏهن
ختم ٿيندو، تڏهن به ليڊرن کي ”نعرهء تڪبير!“ جي
ذريعي جلسي گاهه کان ٻاهر آڻيندا، ۽ جلوس ڪڍي جلسي
۾ آڻڻو هوندن، ان وقت به اهوئي نعرو هڻندا ايندا.
غرض ته ’الله اڪبر‘ جو نعرو ۽ چانهه جو هڪ ”پوڻيان
ڪوپ“ اسان وٽ ٻنهي جي حيثيت هڪ ٿي وئي، ڇاڪاڻ ته
ٿـَـڪ لاهڻ، اوجاڳي قائم رکڻ، بدن ۾ چستي ۽ جسم ۾
حرارت پيدا ڪرڻ جون خاصيتون ٻنهي ۾ هڪجهڙيون هيون!
اهو نعرو ايستائين البته مفيد رهيو، جيسين ان ۾
”زنده باد“ شريڪ نه ٿيو هو. 1937ع کان پوءِ جڏهن
اُن جو ايجاد ٿيو ۽ ان سان ”پائنده باد“ به ملايو
ويو، تڏهن البته جيڪي صفراوي مزاج هئا، تن لاءِ
اهو مرڪب سخت مضر ثابت ٿيو. اسان کي اڃا ياد
هوندو، مسلمانن جي پنجهتر هزار زالن جو کڄي وڃي
سکن جي هيٺان پوڻ، اسان کي اڄ به ياد هوندو ويهن
لکن مسلمانن جو بنان مقابلي، ڪئي شهيد ٿيڻ، دهليءَ
جي عام ڪوس ۽ پراڻي قلعي جي اجتماع کي به اسان
ڪونه وساريو هوندو، هندستاني مسلمانن جو فرار به
اڃا ڪالهه جو داستان آهي، حيدرآباد پوليس ايڪشن يا
جونا ڳڙهه جي جهروڪ ۾ جهانءِ پوڻ دلين تي اڄ به
نقش آهي، معين الدين اجميريءَ کان وٺي خواجه باقي
باالله ۽ حضرت محبوب الاهيءَ تائينءَ سان تعلق ٽٽي
وڃڻ به اڃا تازي ڳالهه آهي، لال قلعي کان وٺي
فتحپور سـِـڪريءَ تائين، جامع مسجد دهليءَ کان وٺي
بنارس جي عالمگيري مسجد تائين، همايون جي مقبري
کان وٺي تاج محل تائين، عليڳڙهه کان وٺي ديوبند
تائين، ۽ ندوي کان وٺي دارالمصنفين تائين، جيڪي
اسان ورثا وڃايا، انهن جا داغ به اڃا تازا آهن،
انهن سڀني حادثن جا اجزاءِ ترڪيبي اهي ئي ٽي نعرا
آهن:-
”نعرهِّ تڪبير“
”الله اڪبر“
...........
”زندهه باد“
...........
”پائنده باد“
* *
اهي نعرا سياسي جلسن ۽ جلوسن جي زينت هئا. اسلامي
جلسن جو جوش ۽ جذبي جاڳائڻ لاءِ، ٻڌندڙن کي تازه
دم رکڻ ڪاڻ، واعظي مولوين صلواة جو نسخو ايجاد ڪيو
هو. ڏسندا ته جلسي ۾ ماٺائي اچڻ لڳي آهي، ماڻهو
ٿڪا آهن، ٻڌندڙن جي دلچسپي گهٽجڻ لڳي آهي، ته واعظ
هڪدم پنهنجي واعظ کي فل اِسٽاپ ڏئي واڪو ڪندو:
”پڙهو مسلمان ڀائرو، مٺي محمــد تي صلواة سڳوري!“
”ادا ڀائرو، مديني واري مرسل تي درود شريف!“
”هاءِ! هاءِ!“
”الٰهم صلي عليٰ سيدنا مولانا محمد و آلِہِ و
اصحابہ“
”وري پڙهو!“
”ادا ڏاڍيان پڙهو!“
”هاءِ! هاءِ!“
”پياري پيغمبر تي!“
”صلي الله عليٰ حبيبِ سيدنا مولانا محمد و آلِہِ و
اصحابہ والسّلام“
”برادران اسلام!..“
جلسي ۾ رونق اچي ويندي، هرڪو تازه دم ٿي ويندو،
هرڪنهن تان اوجاڳي جو اثر لهي ويندو، ۽ هرڪو وري
واعظ ڏانهن متوجهه ٿي ويهندو! اهڙيءَ ريت ٻڌندڙ
ويچارا صلواة سڳوري پڙهندي پڙهندي، واعظن جي ياوه
گوئي، سندس بي سروپا ڳالهيون، ستهتر حورن جي هنج،
سون غلمانن جي جهرمر، بهشت جا دلاسا، ۽ دوزخ جا
دڙڪا، ماکـِـن جي لار، کير جون نهرون ۽ شربت جا
تلاءَ، قصص الانبياء مان ورتل روايتون، گناهن جي
گراني ۽ ثواب جي سستائي، ڪمزور روايتون ۽ من گهڙت
حديثون ٻڌندي ٻڌندي سڄي رات اکين ۾ ڪاٽي ڇڏيندا -
مسلمانن کي جيڪو پنهنجي نبيءَ سان نينهن آهي،
انهيءَ جو ناجائز فائدو وٺي، واعظ اهڙي نموني
پنهنجا جلسا ڪامياب ڪري ڇڏيندا هئا! حقيقت ۾ واعظي
مولوي صلواة سڳوريءَ کان سواءِ جلسي کي ڪامياب ڪرڻ
۾ ماڻهن ۾ تاثر پيدا ڪرڻ لاءِ ٻه ٻيا به هٿيار ڪتب
آڻيندا هئا. صلواة سڳوري باربار پڙهائي، مسلمانن
جي دلين ۾ رقت پيدا ڪندا هئا. ان کان پوءِ واعظ
ڪندي پهريائين پنهنجو آواز گلوگير ڪندا، پوءِ اکين
مان ڳوڙها وهائي، اهڙيءَ ريت واعظ جا پنج ڇهه فقرا
ڪڍندا، ڄڻ روئندي سندن زبان مان اهي ڪلما پيا
نڪرن. صلواة سڳوريءَ سبب دلين ۾ نرمي ۽ رقت ته
موجود هوندي، ويتر اهو ڏسي، مسلمانن جون دليون
ڀرجي اينديون. عين انهيءَ موقعي تي واعظي مولوي
مولانا روم جو ڪو شعر سُرَ سان پڙهي چوندو:-
”او ڀائرؤ، او مومنئو! مولانا فرمائي ٿو...“
بيت جي معنيٰ سوز ۽ سـُـرَ سان ڪري ويندا، ۽ ان
کان پوءِ زور سان عصا اسٽيج تي هڻي، واڪو ڪري،
لانڍ منجهان چوندا:
”او ادا ڀائو! ڊڄو انهيءَ ڏينهن کان، ٻيلي ڀؤ ڪريو
انهيءَ گهڙيءَ کان!...
جڏهن سوا نيزي تي سج هوندو!
جڏهن قيامت جو ميدان کڙو ٿيندو!
او پيارا ڀائرؤ!
ان وقت ڪو ڪنهن جو مددگار ڪونه ٿيندو!
پيءُ پٽ کان، پٽ ماءُ کان جدا ٿي ويندو!
ادا ٻيلي مومنؤ!
خوف رکي، انهيءَ روز کان!“
اهو چئي، پاڻ به اوڇگارون ڏئي روئڻ شروع ڪندو، ۽
ٻڌندڙن جي قلب کي به هن تدريجاً اهڙو رقيق ڪري
ڇڏيو هوندو، جو هو به يڪدم روئڻ شروع ڪري ڏيندا.
جڏهن جلسو انهيءَ ڪڙيءَ تي پهچندو، ان وقت واعظي
هرهڪ قسم جي گناهه ۽ گناهگار جي سزا جزا جو نقشو
ڪڍي ڏيکاريندو:
”اي ڀائرؤ!
اي مومن مسلمانؤ!
اي منهنجا سڄڻؤ!
اتر پاسي کنئون...“
جلسي ۾ ڪو نوجوان سامهون ويٺو هوندو، ته انهيءَ ڏي
متوجهه ٿي چوندو:
”او منهنجا يارڙا!
او منهنجا جوانڙا!
اتر کنئون!
اگهاڙن مردن ۽ عورتن جو هڪ ٽولو ايندو!
ڳچِن ۽ پيرن ۾ زنجير هوندن!
او منهنجا ڀائرؤ!
ٻنهي جا منهن دانگيءَ سان ڪارا ٿيل هوندا!
عورتون مردن جي ڪلهن تي سوار هونديون!
منهنجا دوستؤ!
خيال ڏَئي ٻڌو!
ڪـَـنَ کولي ٻڌو!
هاءِ! هاءِ!“
اِتي وعظ ٻه- ٽي دفعا توبهون ڀري وٺندو...
”عورتن جي اندام مان پاڻي وهندو ايندو!
اهو سڌو مردن جي وات ۾ پيو ويندو!
اي مومن مسلمانؤ!
اهي انهيءَ پاڻيءَ کي چٽيندا ايندا!
ڀائرؤ!
خبر اٿو، اهو گروهه ڪهڙن گناهگارن جو هوندو؟
ٻيلي يار!“
نوجوانن تي نگاهه ڦيرائيندي، تمام وڏي آواز سان
اڇل ڏَئي چوندو:
ٻيلي، اهي زاني هوندا!
او جن هن دنيا ۾ زنا ڪئي هوندي!
او ٻيلي، انهن جو حساب ڪتاب ڪونه ٿيندو!
اڌ رستن تان ئي ملائڪ...
مومن مسلمانؤ!
او مديني جي مير جا امتيو!
انهن کي دوزخ ڏانهن وٺي ويندا!“
انهيءَ جاءِ تي پهچي، واعظيءَ جو آواز وري گلوگير
ٿي ويندو،
”ٻڌو اٿؤ، مولانا روم ڇا ٿو فرمائي؟
از زنا اندر جهان افتد فنا.
او ادا!
اززنا اندر جهان... افتد فنا...“
بيت لانڍ سان چئي، معنيٰ به ساڳيءَ طرح سر سان
ڪندو:
”پوندي فنا... پوندي فنا... پوندي فنا، منجهه جهان
جي ڪنان زنا جي!...
او ڪن ڏَئي ٻڌو... ڪنان زنا جي!“
اهو سڄو واعظ تمام سوز واري سر سان ٿيندو، جيڪو
مونولاگ مٿي ڏنو ويو آهي، ان جي هڪ هڪ سٽ اهڙيءَ
ريت چئي ويندي، ڄڻ مولانا روم جا مصرعا ٿا پڙهجن.
جڏهن ٻڌندڙن جي دلـِـن تي گناهن جي جزا ۽ سزا جو
خوف ۽ هراسُ پوريءَ طرح ڇانئجي ويندو، ان وقت
واعظي وري پَهلو بدلائيندو:
”ڀائرؤ، پڙهو صلواهِ سڳوري!
مٺي مير محمد تي!
الٰهم صل، الخ!
خبر اٿوَ منهنجا مومن ڀائرئو؟
حديث قدسيءَ ۾ آيل آهي! او ڀائو! ڪن ڏَئي ٻڌو حديث
قدسيءَ ۾!
جيڪو هڪ دفعو صلواة پڙهندو...
او مومنؤ!
جيڪو هڪ دفعو درود سڳورو پڙهندو...
ڪن کولي ٻڌو، منهنجا ڀائرؤ!
جيڪو هڪ دفعو سهڻي نبيءَ تي...
او! صلواة سڳوري موڪليندو!
او! ان جا ستر هزار گناهه معاف ٿي ويندا!
او منهنجا ڀائرئو، ستر هزار!
اي دوستؤ، ستر هزار گناهه! ستر هزار گناهه!!“
اتي وري ثوابن جي ايڏي سستائي ڏسي، سڀن جي چهرن تي
تازگي اچي ويندي... ٻه - ٽي دفعا زور سان درود
سڳوري جو ورد ڪيو ويندو. واعظي ’ادا!‘ ’او!‘ ۽
”دوستو!“ جي اکر تي زور به ڏيندو ۽ لانڍ سان به
چوندو!
الغرض ٻڌندڙن کي بيم ورجا ۾ رکندو، اميد ۽ خوف جي
عالم مان کين گهمائيندو، ڪڏهن روئاريندو، ڪڏهن
ڊيڄاريندو، ڪڏهن ڪڏهن دوزخ جي دڙڪن ۽ گناهن جي
عذابن کي ٻڌي مايوسيءَ ۽ خوف سبب جيڪا مٿن اڪتاهٽ
آيل هوندي، ان کي لطيفن ۽ ٽوٽڪن ذريعي دور ڪندو،
آڌيءَ آڌيءَ کان پوءِ وڃي پنهنجي واعظ کي پورو
ڪندو.
* * *
وڏو واعظي اهو ليکيو ويندو، جيڪو زياده روئاري
سگهندو، جنهن جو آواز سريلو هوندو، جنهن کي گهڻا
بيت ياد هوندا، جنهن جي اکين ۾ هرهر پاڻي ايندو،
جنهن جو هر هر آواز گلوگير ٿيندو - بس ان جي
مقبوليت جي حد ڪانه هوندي. ’فتوحات‘ به انهيءَ کي
گهڻي ملندي.
پيشه ور واعظن جي معيشت جو سڄو دارومدار انهن
واعظن تي هوندو هو. واعظ ڪرڻ بعد انهن کي چندو
ڪري، جيڪا رقم ڏني ويندي هئي، ان کي سندس اصطلاح
خاص ۾ “فتوحات” چيو ويندو هو. ان کان پوءِ سواءِ
کين واعظ ختم ٿيڻ بعد لـُـنگي پوتي به ڏني ويندي
هئي. هونءَ ته سڄو سال پيا سنڌ جي مختلف شهرن ۾
واعظ ڪندا هئا، ليڪن ”رجبيءَ“ جو مهينو واعظن لاءِ
خاص طرح مخصوص هو. مهينن پاند اڳواٽ انهن جي واعظن
کي رزرو ڪيو ويندو هو، تاريخون مقرر ڪيون وينديون
هيون، ۽ ٽيهه ئي راتيون جدا جدا هنڌن تي واعظ ڪري،
چڱي چوکي ”فتوحات“ جمع ڪندا هئا. ڪن واعظن جا ته
ٺهيل گراهڪ هوندا هئا. انهن وٽ ڪوبه ٻيو واعظي وڃي
نه سگهندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ڪي مالدار وڏا جلسا
ڪرائيندا هئا، ته انهن ۾ سنڌ جي مختلف واعظي
مولوين کي هڪ جاءِ تي به گڏ ڪيو ويندو هو. ڪن خاص
خاص مولوين جي فتوحات جو تعداد مقرر ٿيل هوندو هو،
ان کان گهٽ قبول ڪونه ڪندا، چاهي واعظ ٻڌڻ وارا
ڪيترائي غريب ڇو نه هجن. انهن واعظي مولوين لاءِ
مذهبي عالم هجڻ جي هروڀرو ضرورت ڪانه ٿيندي هئي.
انهن لاءِ ”حڪايات الصالحين“ ۽ ”قصص الانبيا“ جهڙن
چند ڪتابن جو پڙهڻ ڪافي هو.
* * *
”مولانا، ڏي خبر؟“
”ڳالهه نه پڇ، اصل پـُـنڃَ ٿي ويا!“
”نيٺ؟“
”چار سو نقد هڪ وڳو، هڪ وهڙي[3]!“
اک ڀڃي، پنهنجي هٿ ۾ منهنجو هٿ وٺي، ان کي زور ڏئي
چوندو:
”ڳالهه ڪجانءِ نه ڪنهن سان!“
رنگ جو سانورو، قد جو منڌرو، ڀور ڪاري ڏاڙهي، سٿڻ
هيٺ، بت تي چولو، ڪلهي تي پوتڙو رکيون، سوٽي پشوري
بلو رنگ جي لُنگي هٿ ۾ لوڏيندو، ٽـِـڪڻ ڪڍيون، صبح
صبح جو سيل ريل مان لهي، اچي ڪرسيءَ تي ويهي، ٻَئي
ٽنگون به ان تي رکي چوندو:
”جهٽ ڪر، چانهه پيار، ته ڳالهه ٻڌايانءِ!“
”پهريون ٻڌاءِ!“
”استاد بيهه ته. ٺَرَڻُ ٺُرَڻُ ته ڏي!“
وري اک ڀڃي، هٿ کي زور ڏئي چوندو:
”ماٺ ڪر! اصل پُنڃ ٿي ويا!“
”ڪاٿئون مولانا؟“
”ميرپور ساڪري منجهئون!“
”خدا جي مار پوئي، ايستائين به وڃي پهتين؟“
”اهي ته پنهنجا ٻالڪا آهن!...
”ها! ها!! ها!!“
ڏاڍيان وٺي ٽهڪ ڏيندو.
اهو هو مولانا مولوي محمد قمردين (قمرالدين)
المعروف به حضرت ”واعظ الاسلام“ ساڪن منگي شريف[4]،
جيڪو سڄيءَ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ واعظ ڪندو هو، ۽ سندس
واعظن جا پروگرام ’الوحيد‘ ۾ ڇپبا هئا، جن کي پڙهي
ماڻهن تي تمام گهڻو اثر پوندو هو، ۽ سندس مقبوليت
۽ اهميت کي محسوس ڪري هرڪو کيس پاڻ وٽ گهرائي پيو
واعظ ڪرائيندو هو. نهايت مٺو ماڻهو، خوش خلق، خوش
مزاج، صاف گو، عالمن وارو ٺلهو مخرج ڪونه. ماڻهن
وانگر ماڻهو، سنگت جو ڏاڍو سچو، جنهن سان دل هوندس
ان سان چرچو ڀوڳ، مذاق مسخري، ٺڙوٺڪاءُ سڀ پيو
ٿيندو. پڇاڙيءَ جي ڏينهن ۾ مولانا نئين شادي ڪئي.
جڏهن ملندو هو، چوندو:
”ڳالهه نه پڇ، استاد!“
اک ڀڃي، هٿ کي زور ڏئي،
”جوان بڻائي ڇڏيو اٿائين!
”ڏاڍي خدمت ٿي ڪري!“
”ڀلا اڳين گهرواري؟“
پري منهن ڪري، کلي، ٽهڪ ڏئي، چوندو:
”يَرَ بس ته ڪر، نالو ته نه کَڻُ!“
جڏهن گڏبو، تڏهن چرچو ڀوڳ برجاءِ، دل جا سڄا احوال
به ويهي اوريندو.
”مولانا، ڏي خبر! ڪن کي رئاريُئي به؟“
”يَرَ زوراور آهين، ڏاڍي ڳالهه ٿو ڪرين! ڄَٽن کي
روئاربو نه، ته ڇڻندا ڪيئن؟“
”تون به ڪجهه رُنين؟“
آواز گهگهو ڪري، منهن روئڻ جهڙو بڻائي، واعظ جا ٻه
ٽي جملا سوز سان چئي ويندو، ۽ ان کان پوءِ وڏو ٽهڪ
ڏئي، چوندو:
”پِير، ڪهڙيون ٿو ڳالهيون پڇين!“
مولانا منهنجي پاڙي جو هو، تنهنڪري هڪٻئي سان تعلق
هو، ليڪن ان کان وڌيڪ اسان جي پاڻ ۾ ياراني پڻ
هئي.
مولانا اگرچه واعظن کي پنهنجو پيشو بڻايو هو ۽ ان
مان کيس ڪافي اپت به هئي، ليڪن درحقيقت انهن واعظن
جي ذريعي دين جي خدمت به ڏاڍي ڪيائين، مسلمانن کي
صحيح دين سمجهائڻ جي ڪوشش ڪيائين، بدعتن، بد رسمن،
بد عقيدن، ۽ ڪنِن عادتن کي روڪڻ لاءِ وڏو جهاد
ڪيائين. اڄ کان 15 سال اڳ سنڌ جي مسلمانن ۾ واعظ
ڪرائڻ ۽ واعظن ٻڌڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هو، ۽ ڪن
جاهل ملن کي ڇڏي، باقي جن عالمن اهي واعظ ڪيا،
انهن دين جي سچي ۽ صحيح خدمت ٿي ڪئي. مثلاً انهيءَ
دور ۾ مولانا قمرالدين سان چار - پنج ٻيا بزرگ به
سنڌ اندر واعظ ڪندا رهندا هئا، جهڙوڪ مولانا محمد
هاشم رڪن وارو مرحوم- ٿلهو متارو، قداور، وڻندڙ
چهرو، سهڻي سونهاري، مخرج انهيءَ کي به ڪانه.
خلافت جي زماني ۾ ’بلبلانِ سنڌ‘ جي نالي سان
نوجوان ڇوڪرن جو هڪ ٽولو ٺاهيو هيائين، جيڪو سياسي
جلسن خواهه ديني واعظن ۾ کنيو وتندو هو. اهي
’بلبلانِ سنڌ‘ ڏاڍا سهڻا ۽ سٺي آواز وارا هوندا
هئا. جڏهن گڏجي مولود شريف يا قومي ترانا ڳائيندا
هئا، تڏهن جلسن جي رونق دوبالا ٿي ويندي هئي.
مولانا مشهور ٿي ويو هو. ”ڪهڙو؟“ چي، ’بلبلانِ
سنڌ‘ وارو. ٻيو هو منهنجو محترم دوست ’سحبان
السنڌ‘ حضرت الحاج مولانا مولوي حڪيم محمد
عبدالڪريم چشتي شڪارپوري، اهڙو نرم ۽ نازڪ جهڙو
گلاب جو گل. اٿڻ ويهڻ، کائڻ پيئڻ، رهڻ ڪهڻ، چوڙڻ
ماڻڻ ۾ هڪ انداز ۽ هڪ نزاڪت ۽ هڪ ادا. خلافت جي
زماني ۾ جيل به ڪاٽيائين. ڪيتـِـرن اخبارن جو
ايڊيٽر به رهيو
[5]، ۽ مذهبي عنوانن
خواه بزرگانِ دين جي سوانح تي ڪيترا ننڍا ننڍا
ڪتاب به سندس قلم مان نڪتا. مضمون ته هزارين لکيا
هوندائين، جيڪي سنڌ جي مختلف اخبارن ۾ ڇپبا ٿي
رهيا. سندس نثر ۾ به رنگيني رهي ۽ سندس زبان ۾ به
خدا وڏو تاثير خلقيو هو، جنهنڪري سندس تقرير خواه
مذهبي واعظ ماڻهن تي ڏاڍو اثر ڪندا هئا. انهيءَ
ڪري ئي ته ”ڪن دوستن“ کيس ”سحبان السنڌ“ جو لقب
ڏنو!
اهي ٽي بزرگ پاڻ ۾ سنگتي هئا. ڪڏهن گڏ واعظ تي
نڪرندا هئا، ڪڏهن جدا جدا. انهن ٽنهي عالمن دين
جي، مسلمانن جي ۽ مذهب جي سنڌ اندر ڏاڍي خدمت ڪئي.
سوين مسلمان انهن جو واعظ ٻڌي سنئين رستي تي آيا،
ڪيترن شهرن مان سوين رسمون، غلط عقيدا ڪڍي
ڇڏيائون. پهريان ٻه وصال ڪري ويا آهن، پويون بزرگ
زندهه آهي، ليڪن زماني جو حال ڏسي، زبان تي قفل
چاڙهيون ويٺو آهي. خدا کيس وڏي حياتي ڏئي، سنڌ ۾
پنهنجي شخصيت جو واحد مثال آهي. سندس جاءِ ڪوبه
ڀري ڪونه سگهندو. مولوي چشتي هرهر ڄمي ڪونه
سگهندا.[6]
چوٿون بزرگ هو مولانا عبدالڪريم ’ڪهاڙو‘ - هميشه
ڏنڊو هٿ ۾، جهڙو شعلو، جهڙي باهه، جهڙو اُلو.
اسٽيج تي آيو، بس، بدعتن تي، دين جي رستي تان ابتڙ
هلندڙن تي، انهن وڏيرن تي جيڪي شاني شريڪ نه سمجهي
نياڻين جا سڱ ويهاريو ويٺا هئا، نالا وٺي وٺي
ڌوڙيا وسائيندو. پهريون جوش ۾ اچي ڏاڍيان ڏنڊو
اسٽيج تي هڻندو، ان کان پوءِ خاص ماڻهن جا نالا
وٺندو، پوءِ اچي بيهندو گارين ۾. هڪ هنڌان گهڙندو
ٻئي هنڌان نڪرندو. رک رياءُ ڪنهن جو ڪونه، توڙي ڪو
پاڻ کي لاٽ سڏائي. سچ جي اکر اکر سان گار شامل هلي
هلندي، جيڪي دل ۾ هوندس، سو برملا جلسي ۾ عام جي
اڳيان وڏي واڪي چئي وڃي مٿي چڙهندو. اهوئي سبب هو،
اهائي سندس صاف گوئي هئي، اهائي سندس بي ڊپائي
هئي، جنهنڪري عام مسلمانن کيس ’مولانا ڪهاڙو‘
سڏيو، ۽ اهو لقب اهڙو مشهور ٿيو، جو ماڻهن کان
سندس اصلي نالو ئي وسري ويو. اڄ به مان وڏيءَ
جستجو بعد سندس نالو هٿ ڪيو آهي. مولوي ڪهاڙو
ٻڌندو ته فلاڻي ڳوٺ ۾ فلاڻو ماڻهو پنهنجي نياڻي
ويهاريو ويٺو آهي، فلاڻو زميندار ڪتا ڌاري شڪار
ڪندو وتي ٿو، فلاڻي سينڌيون
[7] ويهاريون آهن،
فلاڻي ڳوٺ ۾ عام بدعت شروع آهي، بس مولوي ڪهاڙو نه
ڪندو هَمَ نه تَمَ، ڏنڊو ڪلهي تي، الله توهار!
ماڻهو سندس ٻڌي اچي ڪٺا ٿيندا، جلسو لڳي ويندو ۽
مولوي صاحب جو ڌوڙيو شروع ٿي ويندو. سَوَن ماڻهن
پنهنجون نياڻيون مولوي صاحب جي گارين تتو اٿاريون،
هزارن ماڻهن بدعتن ۽ خلاف شرع ڪمن کان توبهه ڪئي.
مولانا کي مان نه ڏٺو، ليڪن واه جو مولانا جو نالو
وڄڻو هو. ڀانيان ويهارو سال ٿيس، جو فوت ٿيو.
نوديري جي لڳ رتيديري واريءَ سڻڪ جي اولهه ۾
ڀـُـٽن جو ڳوٺ ”ڪوٽ“ آهي، مولانا اتنهن جو هو، اتي
فوت ٿيو ۽ اتي ئي دفن ٿيو. چوندا آهن ڏئي هيٺان
اوندهه. مولانا ٻاهر ته سڌارڻ جي ڪوشش ڪئي، ليڪن
پنهنجي گردوپيش اهي سڀئي شيون ٿينديون رهيس، شايد
اتي سندس ڪڇڻ جي جاءِ ڪانه هئي. بهرحال رب رحمت
ڪريس، ۽ سندس ديني ڪاوشون شل دين جي خالق وٽ اگهن،
جنهن جي لاءِ چوڻي آهي ته: ’جي اگهئي ته پاءُ، نه
ته مڻن کي ئي موٽ ٿئي!‘
* * *
جن بزرگن جو ذڪر ڪيوسين، سي ته سمورا هئا نسورو
نور، انهن سچ پچ ته دين ۽ امت محمديءَ جي خدمت به
ڏاڍي ڪئي، ليڪن انهن کي ڏسي ڪيترا اڻ پڙهيا به
واعظ ٿي پيا، جيڪي الله ۽ رسول جي نالي تي وتيا ٿي
راڱا ڪندا، مثلاً، منهنجي ڳوٺ جو مولوي محمد
عبدالڪريم جيهو، عليہ الرحمة والغفران.
اصل نالو ٽِلو، ليڪن جڏهن مولوي محمد سومر مرهيات[8]
وٽان ’گلستان‘ اڌ ۾ ڇڏي ڀڄي ويو، ان کان پوءِ پاڻ
کي ملا محمد رمضان سڏائڻ لڳو. وري جڏهن واهڻن ۾
وڃي وعظ ڪرڻ لڳو، تڏهن مولانا مولوي محمد
عبدالڪريم جيهو ابڙو ٿي پيو. هيو ڏاڍو ذهين، پڙهيو
فارسي شُد بُد، ليڪن پوءِ مهارت ايتري حاصل
ڪيائين، جو ’مثنوي‘ جا بيت انڌيءَ منڊيءَ معنيٰ
سميت سُرَ سان پڙهي ويندو هو. روئڻ جي ڏاڍي اٽڪل
هيس. آيت آئي، حديث پڙهيائين يا مثنويءَ جو بيت
زبان تي آندائين، جهٽ ڊُنڍڪَرَ ڪري روئي ويهندو.
کيس روئندو ڏسي، ڪن اٻوجهن تي اثر به ٿيندو هو ۽
چوندا هئا:
”ير، واهه جو مولوي صاحب جي واذ
[9] ۾ اوثر
[10] آهي!“
”ها سائين، علم جو زور اٿس!“
مُلا ٽِلو اڪثر انهن واهڻن ۾ ويندو هو، جتي مسجد
جي ٻانگن کان مٿي پڙهيل ڪونه هوندو هو. جمعي ڏينهن
پهچندو، نماز بعد ازخود اٿي واعظ شروع ڪري ڏيندو،
پاڻ روئندو، ٻين جي اکين تائين پاڻي آڻي ڪڍندو، ان
بعد جهليندو جهولي. ڪڏهن ٻه رپيا، ڪڏهن چار رپيا،
ڪٿان چولو، ڪٿان چادر، ڪاٿئون ڪاسو، ڪاٿئون ٽويو،
مڙئي ڪجهه نه ڪجهه پَلَوَ ۾ پايو گهر ڏانهن موٽندو
هو.
هڪ دفعي ڪوڏر کڻي، گهر جي آڳيان چرا کڻڻ بيهي
رهيو. ماڻهن پڇيس:
”ٽِلوُ، ڇا ٿو ڪرين؟“
”جمان
[11] مسجد
جوڙائيندس!“
انهيءَ ڏينهن کان پوءِ، سندس واعظن جي پڄاڻي جمان
مسجد جي ذڪر سان ٿيڻ لڳي، چئي:
”او منهنجا مسلمان ڀائرو!
شيخ سادي
[12] ٿو فرمائي:-
روز محشر ڪه جانگداز بود
اولـــيـــن پــرسشِ نمـــاز بـــود
ڏهاڙي محشر جي
او منهنجا ڀائرو ڪن ڏئي ٻڌو:
ڏهاڙي محشر جي، جو هوندو ڳاريندڙ جان جو!
او مٺئو، ڀائرؤ!
شيخ سادي ٿو چوي!
ڇا ٿو چئي؟
او! ڏهاڙي محشر جي، جو هوندو ڳاريندڙ جان جو!
چوي ٿو!
ٿيندو پڇاڻو اتي!
ڪاٿي؟
او ڏهاڙي محشر جي، ادا منهنجا ڀائو!
ڇا؟
اولين پرسشِ نماز بود!
ياني! (يعني)
ٿيندو پڇاڻو اتي!
منهنجا دوستئو!
ڏنهن نماز جي سڀ کان پهريون!
ڪن ڏئي ٻڌو، منهنجا ڀائرؤ!
او، ڪو معمولي ماڻهو ڪونه ٿو چوي!
شيخ سادي ٿو چوي،
وڏو وليءُ ۽ پيغمبر سائينءَ جو اصحاب سڳورو!
او منهنجا ڀائرو!
ڏنهن نماز جي.“
مولوي مولانا عبدالڪريم جيهو، ڏاڍي سوز ۽ سُرَ مان
ايڏيءَ لانڍ سان وَر وَر ڏئي پيو بيت سمجهائيندو،
جيئن ڀل ڄٽن
[13] جي دل تي اثر
ٿئي. جڏهن ڏسندو ته هاڻي تير خطا نه ويندو، ان وقت
گلو گير آواز ڪري، پهلو بدلائيندو، ۽ اصل مقصد
ڏانهن متوجهه ٿيندو:
”برادرانِ اسلام!
هن مسڪين!
او هن غريب!
جيڪو اوهان جي خدمت ۾ بيٺو آهي!
پنهنجي ڳوٺ جي!
سڀن مسلمانن کي!
تمام وڏِن ڪوششن سان!
نمازي بڻايو آهي!
هن مسڪين جي ڪوششن سان!
هڪ جمان مسجد به جڙي آهي!
پيٽ کي مٺيون ڏئي! ٻارن کي بـُـکان ڪاٽرائي!
پيسا گڏ ڪيا اٿم!
هاڻي!
او منهنجا ڀائرو!
باقي وڃي ڇت رهي آهي!
ان جا گاڊر به ورتا اٿم!
ڇڙيون سران رهلان آهن!
او الله جا نيڪ ٻانهؤ!
جيڪي سـَـري سگهو، سو ڏيو!“
تقريباً پنجويهه سال انهيءَ ”جمان مسيت“ جي ڇت
لاءِ ملان ٽـِـلو چندو ڪندو وتيو، سوين رپيا گڏ
ڪيائين، ڪيترو ان مليس، ڪـِـن ڍور ڪاهي ڏنس، ليڪن
ڇت ته بجاءِ خود رهي، پر جيسين جيئرو رهيو، تيسين
بنياد به ڀرجي ڪونه سگهيا! ملا ٽـِـلوءَ انهيءَ
ڪمائيءَ مان مال ڌاريو، سرڪار مان سؤ کن جريب ٻني
کڻت کنئي، شادي ڪئي، ٻارن ٻچن وارو به ٿيو.
هڪ دفعي ملا ٽلو، نبي بخش خان ڀٽي وٽ ويو، انهيءَ
جمان مسجد جي ڇت وارِن سرن لاءِ - نبي بخش خان کي
ڪيترن استادن جا هٿ لڳل هئا. هن ساڻس واعدو ڪيو ته
جلد ئي سندس پنهنجو مستري اچي مسجد ڏسندو ۽ نه ڇڙو
ڇت جون سران ڪٿي ايندو، بلڪ جيڪو ڪم رهيل هوندو،
تنهن جي ڪٿ به ٺاهي کيس ڏيندو ۽ ان مطابق سڄو ڪم
واسطي خداءِ جي پاڻ پنهنجي رازن هٿان ڪرائيندو،
ملا ٽـِـلو وري نه اوڏنهن لڙي لنگهيو چئي:
”يَرَ، ڀُٽا زور آهن! دام ۾ نه اچي سگهيا!“
هڪ ڀيري سندس ڀاءُ دادوءَ کي ريچڪ اچي ويو. هٿ ۾
عصا کڻي، پٽڪي کي پڳ جي نموني تي ٻڌي، چادر ڪلهي
ڪري، هڪ واهڻ جي جمان مسجد ۾ گهڙي پيو. چي،
”اسلام عليڪم و رحمة الله و برڪاتہ!
”آءٌ مولوي محمد الهداد آهيان!“
واعظ ڪري، اهو به مسجد جي نالي تي ٻه ٽي رپيا هٿ
ڪري موٽي آيو. ملا ٽِلوءَ کي خبر پئي، لٺ کڻي
پٺيان پيس. چي:
”ڀيڻِهان، ماتي ٿو چڙهت ڪرين؟“
اهڙيءَ طرح ملا ٽلو سڳي ڀاءُ کي به پسند نه ڪندو
هو ته ڪو مسجد جي نالي تي ٻه ٽي رپيا وٺي اچي.
سندس خيال هو ته جي هرڪو مسجد جي نالي تي چندا
وٺندو، ته ڳالهه منجهان چسُ نڪري ويندو، يعني
ماڻهو ڪڪ ٿي پوندا ۽ سمجهي ويندا ته اهو سڀ ٺڳيءَ
جو ٺاهه آهي.
الغرض ملا ٽلو جيسين جيئرو رهيو، جمان مسيت جي
چـَـرَن کي قائم رکندو آيو: مٽي پئجي ويندي هئي،
ته ڪوڏر کڻي ڪڍي ڇڏيندو هو، ڳئون مينهون سئونڻان
لاهي وينديون هيون، ته اهي يڪدم ڪڍي ڇڏيندو هو،
ٻار اچي ايٽي ڏڪر کيڏندا هئا، ته انهن کي گاريون
ڏئي ڊوڙائي ڪڍندو هو، چي: ”جمان مسيت جي جاءِ
سڳوريءَ جي، ڀيڻهان! بي ادبي ڪيو ٿا؟“ مطلب ته
جوانيءَ ۾ جامع مسجد جي بنيادن جا چرا پٽيا
هئائين، لڙيءَ عمر ۾ جڏهن فوت ٿيو، تيسين انهن جي
سنڀال ڪندو رهيو. ليڪن جنهن وقت فوت ٿيو، تنهن کان
پوءِ انهن جي ڪنهن سنڀال ڪانه لڌي. هوڏنهن سندس
لحد لـَـٽي ۽ هيڏنهن انهن بنيادن لـَـٽجڻ شروع
ڪيو. ٻن ٽن ڏينهن ۾ زمين سنئين نئين ٿي وئي- ڪنهن
کي هاڻي ڇت جي سرن لاءِ چندو ٿورو ئي ڪرڻو هو، جو
انهن کي قائم رکن! شهر جون زائفان ته اڳ ئي انهن
مان ڪڪ هيون، چي: ”مارِئي! ٽلوءَ ناحق پنهنجي پيءُ
ڏاڏي جا چرا کڻي ڇڏيا آهن، رات جو ٻار ٿاٻڙجي ڪرن
ٿا، وتي ماريو ڪوڙا بُستان
[14] ٺاهيندو.“
انهيءَ قسم جا ”ماريا ٽلو“ به سنڌ ۾ سوين هوندا
هئا، جيڪي ’جمان مسيتن‘ جا ڪوڙا بستان ٺاهيو وتندا
هئا پيٽ جي باهه اُجهائيندا.
* * *
جنهن زماني ۾ جيهن واري ’جُمان مسيت‘ جي ڇت لاءِ
مُلا ٽِلو وتندو هو سـِـرن جي نالي ۾ پئسا پنندو،
عين انهيءَ دور ۾ ٻه ڌُريون ٻيون به ڏسڻ ۾ اينديون
هيون، جن جو به ڌنڌو ذري گهٽ ساڳيو هو.
هڪ هو ٿلهو متارو، ڪرڙوڍ، دوراني پٺاڻ، جيڪو سکر
جي گرمين ۾ چولو بت تان لاهي ڇڙو ڳچيءَ ۾ وجهون،
هڪ هٿ ۾ وڃـِـڻو ۽ ٻئي هٿ ۾ شجرو کنيو وتندو هو
صبح کان سانجهيءَ تائين در در ڦرندو. گهڙيءَ هـِـت
گهڙيءَ هـُـت، ڪڏهن هـِـن وٽ. شجرو نسب جو احمد
شاهه درانيءَ کان وٺي سندس نالي تائين هو، شجرو هو
ڇپيل، ليڪن شاهه شجاع الملڪ کان پوءِ ان ۾ چند
پيڙهيون هٿ سان لکيل هيون، جن ۾ پويون نالو سندس
هو. سندس اهائي دعويٰ هئي ته پاڻ شاهه شجاع الملڪ
جو تڙپوٽو آهي ۽ تنهنڪري افغانستان جي شاهي خاندان
جو شهزادو آهي. اَشـَـهـَـد آڱر پيشانيءَ تي رکي،
چوندو هو:
”مڙئي يـَـر تقدير آهي، نه ته ڪير در در ڌڪا
کائي؟“
ساڻس دلچسپي ٿي ويئي هئي. جڏهن ايندو هو، ته جيڪي
سـَـربو هو سو کيس ڏيئي ڇڏبو هو. سال گذري ويا، اڄ
ڪاٿي جيئرو هوندو؟ هڪ پاڻ، هڪ پکو ۽ هڪ دوراني
خاندان جو شجرو، جنهن کي هنڌان هنڌان ڪاغذ جون
چـَـتيون اَٽي جي لـَـئيءَ سان لڳل هيون- ڇيٽ جي
هڪ ڳوٿريءَ ۾ پيل هوندو هئس. بس اهي ٽيئي هڪٻئي جا
لازم ملزوم هئا. سيارو هجي چاهي سانوڻ، ڪڏهن جدا
ڪونه ٿيا. ڀانئيان اجل جي آوَه کين هڪٻئي کان جدا
ڪيو هوندو ته ٺهيو، ورنه ٻئي ڪنهن کي ڪهڙي مجال!
ٻيو جوڙو هوندو هو سيد صدرالدين شاهه جو پاڻ ۾.
انهن جو نعرو هو- گوري پهوڙ جو مدرسةِ السلام،
ڳوٺان جڏهن ڪڏهن گڏ هلندا، جتي ويندا گڏ ويندا، هڪ
در کان منهن ڪڍندو ته ٻيو پٺيان هوندس:
”اسلام عليڪم!“
”شاهه صاحب خوش آهيو؟“
”اخبار ۾ هيءَ خبر ته شايع ڪندا!“
”ڇاهي؟“
”مدرسي جي چندي لاءِ؟“
”گورو پهوڙ؟“
ڪجهه منهن تي جهـَـڪائي اچي ويندَن، جيئن ڪنهن کي
شرم کان ٿئي. پوءِ ته سندن نالو ئي، ’گورو پهوڙ‘،
ٿي ويو.
”ڪير آهن؟“
”گورو پهوڙ!“
”عبدالغني شاهه جن؟“
”نه ته ٻيا وري ڪير!“
”اچو سيدؤ! ڏيو خبر؟“
”شاهه صاحب، هيءَ خبر ته اخبار ۾ ڏجو، سؤ رپيا
چندو مليو آهي!“
”گوري پهوڙ لاءِ؟“
هيٺ ڪنڌ ڪري ٻيئي کلي ويهندا، ڄڻ کين انهيءَ سوال
تي لـڄ پئي اچي، شرم پيو وٺي. کين شايد گمان هو ته
ماڻهن کي مٿن اعتبار ڪونه ٿو اچي ته ڪو هو سچ پچ
خدا ڪارڻ مدرسة الاسلام گوري پهوڙ لاءِ چندو پيا
ڪن.
گوري پهوڙ جي چندي ڪنهن به چرندڙ پرندڙ انسان کي
ڪونه ڇڏيو. جيڪب آباد جو ميلو ٿيندو، اجهو اسٽيشن
تان لٿا ٿا اچن، ڪير؟ گوري پهوڙ وارا! هڪ کي مٿي
تي پڳ ۽ ڳچيءَ ۾ پوتڙو، ٻئي کي شارٽ ڪوٽ ۽ مٿي تي
تـُـرڪي ٽوپي، پهريون مولوي عبدالغني شاهه ٻيو
مولوي صدرالدين شاهه. لوڪل بورڊ جي ميٽنگ ٿي،
الائي ڪيئن خبر پئجي ويندن، ٻيئي حاضر هوندا،
ڪراچيءَ م سنڌ اسيمبلي ٿيڻ واري هوندي، ٻيئي اڳ ۾
اچي موجود ٿيندا. جِن ڇڏي ڀُوت ڇڏي، پر مولوي
عبدالغني شاهه ۽ مولوي صدرالدين شاهه نه ڇڏين. هر
وقت، هر مهل ۽ هر موقعي تي حاضر ناظر.
گوري پهوڙ واري مدرسي جو ڪهڙو حشر ٿيو، اها سُڌ اڄ
تائين پئجي ڪانه سگهي. البت ڪيترن سالن کان سائين
صدرالدين شاهه اڪيلو گهمندو پيو نظر اچي. يا ته
ٻنهي جو هڪٻئي تي اعتبار نه رهيو، يا وري ماڻهن
گوري پهوڙ لاءِ چندو ڏيڻ بند ڪري ڇڏيو. بهرحال
مطلب هيءُ آهي ته - ملان ٽِلو، شهزادو دوراني،
مولوي عبدالغني شاهه، ۽ سيد صدرالدين شاهه سڀيئي
هڪٻئي جا همعصر هئا ۽ هم مشرب به، فقط عنوان جدا
جدا هـُـيـَـن!
* * *
مولانا قمرالدين واعظ الاسلام جو قصو وچ ۾ ڇڏي،
وڃي ٻين واعظن ۾ پياسين- مرحوم چوندو هو: ”وعظ جي
پڇاڙيءَ ۾ هميشه شهر جي وڏي جي تعريف ڪجي ۽ ان جي
ڀلائيءَ لاءِ دعا گهرجي!“
”اڙي مولانا! اهو ڪيئن؟“
”چپ ڪر! توکي ڪهڙي خبر؟“
هٿ کي ڏاڍيان زور ڏَئي، اک ڀڃي چوندو:
”ان ۾ ڪا مام آهي!“
”مولانا ٻڌاءِ!“
”يَرَ سڀئي ڳـُـرَ توکي ٻڌائي ڇڏيان؟“
”ڄڻ مان به واعظ ڪندس، جو ڊڄين ٿو!“
”چشتيءَ وارن سان جو ڳالهه ڪرين؟ اهي يـَـرَ، واعظ
جون رمزان آهن!“
”ڪنجون آهن ڪنجون!!“
”نيٺ؟“
”ٻوڙ پلاءُ ڄٽ ڪٿي کارائي سگهندا؟ سٺي ماني ۽ وڳو
لٽن جو وڏيري تي! تون سمجهين ٿو اسان جي دعا سبب
بـِـينهان بچي ويندا؟ مڙئي ويٺو رنگ ڏس. اسان جو
مطلب پنهنجي ڪم سان!“
هڪ دفعي ڊکڻن جي مسلمانن رجب مهيني ۾ کانئس واعظ
ڪرايو. مرحوم محمد پناهه خان ڊکڻ جلسي جو صدر ٿيو،
۽ مان به سندس پاسو وٺي وڃي ويهي رهيس. مولانا پاڻ
به رُنو ٿي ۽ ماڻهن کي به رُئاريائين ٿي. جلسو
ڏاڍو ڪامياب ٿيو. آخر ۾ چيائين:
”ادا ڀائو، هٿ مٿي کڻو!
”محمد پناهه خان کي الله وڏي حياتي ڏئي!
”سندس پٽڙي مان گنج ٿين!
”ان کي رب وڏي ڄمار ڏئي!
”ان مان شل ڪيچ ٿين!
”اي مسلمان ڀائرو!
”اهو سڀ ڇو؟
”اڄ رات هـِـنَ بندي کي ٻوڙ پلاءَ کارائيندو!“
سڀني ماڻهن کان ٽهڪڙا نڪري ويا. اهڙيءَ طرح سڀن کي
کلائي، ٽهڪ ڏياري، دِلِينُ تان روئڻ واري ڪڻس
لاهي، سڀني کي گهر ڏانهن اماڻيائين.
”ڏٺئي پير، ڪيئن ڄٽن کي رُئاريم؟ ير، مڃيندو ناهين
پير!“ جڏهن محمد پناهه خان جي بنگلي تي اچي مولانا
ٻـَـئي ڄنگهان ڪرسيءَ تي رکي اوڪڙو ٿي ويٺو، تڏهن
چيائين.
اڃا به ڪجهه کـُـلي ها، ليڪن محمد پناهه خان مرحوم
جي پلاءَ، چاشنيءَ ۽ ڀوني سندس توجهه پاڻڏاهن ڇڪي
ورتو.
* * *
هڪ دفعي سکر ضلعي ۾ هڪ هنڌ جلسو هو. واعظ هو پير
پرستيءَ جي خلاف ۽ قبرپرستيءَ جي مخالفت ۾. ڪيترا
علماءَ سڳورا اچي گڏ ٿيا هئا. انهيءَ ڳوٺ جي ويجهو
هڪ وڏي درگاهه هئي، جنهن جي سجاده نشين جلسي ڦٽائڻ
جو پـَـههُ پچايو هو. مولوي صاحبن کي اها خبر ڪانه
هئي. مولانا قمرالدين جو قول آهي ته گرمين جي موسم
هئي- سانجهيءَ جي نماز بعد، ٿاڌل پاڻي ڪري، ٺَري
ٺُري مس واعظ تي اٿيا هئاسين، اڃا پهريائين جهاڪي
جي صلواة شريف پڙهائي، مولانا قمرالدين روميءَ جي
هڪ شعر جي معنيٰ ڪندي، پاڻ به روئي رهيو هو ته
جلسي کي به روئاري رهيو هو، عين انهيءَ وقت مخالفن
جو هڪ انبوهه ڪهاڙيون، لٺيون ۽ لوڙهيون کڻي، اچي
مسجد شريف پهتو، مولانا چوندو هو ته ان کان پوءِ
هڪ ڌوڙ ڌڪاءُ ٿي ويو، ڄڻ قيامت اچي وئي، ڪنهن کي
خبر ڪانه هئي، هرڪو جان بچائي وٺي ڀڳو، مولانا پاڻ
مسجد جي هڪ دريءَ مان گهـُـتَ هڻي، سڌو وي هڪ
ڪـَـنڊيءَ جي وڻ تي چڙهيو. چوندو هو:
”پير! سڄي رات ڪنڊيءَ جي چوٽيءَ تي ويٺو رهيس ۽
مڇرن ۾ پٽبو رهيس.“ صبح جو جڏهن پوليس اچي واردات
تي پهتي، تڏهن مولوي صاحب هيٺ لهڻ جي ڪوشش ڪئي،
ليڪن ڪنڊيءَ ۾ ڪنڊا ايترا هئا، جو مولانا لهي نه
سگهيو. آخر جڏهن وڻ ڇانگيو ويو، تڏهن مولانا هيٺ
آيو.
”مولانا! پوءِ چڙهئين ڪيئن؟“
”يَرَ، ڏاڍو زوراور آهين! مڙئي دٻ، دٻ ۾ خبر ئي نه
پئي! ان وقت ڪنڊن جو ڪنهن کي سماءُ ٿي پيو؟ پر اڃا
ٻـُـڌُ ته سهي! ٻڌ ته سهي!!...“
هٿ کي تمام ڏاڍيان زور ڏئي، اک هڻي چيائين:
”اڃا ٻي ڳالهه ته ٻڌ! تون ڪنڊيءَ جو ٿو پڇين؟ هوءَ
مسجد جي دريءَ جي ته ٻڌ!“
صبح جو جڏهن پوليس جاچ شروع ڪئي ته مولانا پنهنجو
بيان ڏيندي ٻڌايو ته:
”مان مسجد جي هـِـنَ دريءَ مان ٽپي ٻاهر نه وڃان
ها، ته مون کي به ڪهاڙيون لڳن ها!“
پوليس چيس ته ”مولانا صاحب، دريءَ مان ٻاهر نڪري
ڏيکاريو“ مولانا هو بت جو تمام ڀريل، ۽ دري هئي
بلڪل ننڍي. پوليس حيرت ۾ هئي ته هـِـنَ مان مولانا
ڪيئن ٻاهر نڪتو! واقعي، مولانا به حيلا هلائي
بيٺو، ليڪن ٻاهر نڪري نه سگهيو ۽ منهن ورائي ڊپٽي
سپريڊنٽ کي چيائين:
”مڙئي صاحب، موچڙا! ان مان اندازو ڪيو ته رات ڇا
ٿي گذريو آهي!“ ڀَوَ ۽ خوف ۾ مولانا جو بدن ايترو
نرم ٿي ويو، جو کيس ننڍيءَ وڏيءَ دريءَ جي به خبر
ڪانه پئي، ڌو دريءَ مان سڌو وڃي ڪنڊيءَ جي چوٽيءَ
تي پهتو! مولانا کلي چوندو هو:
”ير، علماءِ ڪرام جي جـُـتيءَ کي به جـُـتڙي نه
سڏجي! ڏٺئي ڪيڏي نه اسان سـُـنهارن جي شان ۾
گستاخي ٿي چڪي؟“
”مولانا وري انهيءَ طرف وڃبو؟“
”توبهه ڪر توبهه! ها! ها!! ها!!!“
مرحوم زور زور جا ٽهڪ ڏئي وٺي کلندو هو، ۽ جڏهن
مولانا چشتيءَ ۽ مولانا محمد هاشم سان جيڪا واردات
ٿي گذري، ان جا قصا پنهنجي خاص انداز ۾ بيان ڪندو
هو، تڏهن کلندي پيٽن ۾ سور پئجي ويندا هئا!
وفات کان اڳ مولانا ٻه - ٽي مهينا بيمار هو. مان
کانئس مزاج پرسي ڪرڻ ويس. عصا ڪوٺيءَ جي ڪنڊ ۾
اُڀي ٿي پئي هئي، ديوار ۾ ڪلي لڳل هئي، جنهن ۾
مولانا جي دستار سڳوري ٽنگي پئي هئي، مولانا پاڻ
بستري داخل هو. بيماريءَ پاهه ڪري ڇڏيو هوس، ليڪن
منهن تي اُهائي مشڪ، طبيعت جي اُهائي خوش مزاجي.
چي:
”پير، ڏي خبر رجبيءَ تي ويو هئين؟ مولانا چشتي آيو
هو؟ قسم ٿي رب جو يَرَ، سچ چئه!“
”...........“
”ايترو مِليُن؟“
گوڏن تي هٿ هڻي چوڻ لڳو:
”هاءِ ڙي نڀاڳي بيماري! نرهه ڪري رکيئي.“
مولانا نه حياتيءَ مان آسرو لاٿو هو ۽ نه کيس
اهوئي گمان هو ته ڪو اجل اڄ- سڀنهه اچي رهيو آهي.
کلي ڳالهائي، ڀوڳ چرچا ڪري، کانئس موڪلايم. اڃا ٻه
- ٽي ڏينهن مس گذريا، ته هڪ ڏينهن ”الوحيد“ ۾ آيو:
حضرت واعظ الاسلام جو الوداع![15]
سوچيم يَرَ ڪهڙا ماڻهو پيا اٿندا وڃن! پر اوڏنهن
به ته چڱن جي ئي گهرج آهي.
-----
|