سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: هو ڏوٿي هو ڏينهن

باب: --

صفحو : 16

9

 

 

حقيقت هن حال جي، جي ظاهر ڪريان زري،

لڳي ماٺ مَروئن کي، ڏونگر پون ڏري،

وڃن وڻ ٻري، اوڀڙُ اُڀري ڪينڪي.

- شاهه

 

گذريل صفحن ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته سنڌ جي مسلمان کي سندس مرشدن ۽ انهن جي خانقاهن ڪيتري قدر ۽ ڪهڙيءَ طرح نه ورغلايو ۽ سندس جهالت ۽ اٻوجهائيءَ مان فائدو وٺي ڪيئن نه کيس پنهنجي اثر ۽ اقتدار هيٺ رکي ٻنهي جهانن کان ڪڍي ڇڏيو.

درحقيقت جيڪڏهن سنڌي مسلمان جي تباهيءَ جو پوريءَ طرح جائزو وٺبو ۽ ان جا سڀئي ڪارڻ ويهي جاچبا، ته ان حالت ۾ مذڪوره طبقي سان گڏ ٻيا به ڪيترا اهڙا عنصر نظر ايندا، جيڪي انهيءَ گناهه جا ڏوهاري ۽ مجرم آهن، ۽ پنهنجي پنهنجي طريقي ۽ نموني سان سڀني يڪمشت ٿي، سالن جا سال ويهي مسلمان کي پيڙيو ۽ ان جو رت چوسيو آهي، ان کي ذليل ۽ تباهه ڪيو آهي، ان کي بزدل ۽ ڪم همٿ بڻايو آهي، ان کي سست ۽ ان جي قوتن کي ساڻو ۽ نـِـسـَـتو ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ جا مسلمان جو هيڻا، سست، زندگيءَ کان خالي، جدوجهد کان عاري، پنهنجي جيءَ کان بيزار، پست همت، ڊيڄو ۽ بد حوصلي ڏسجن ٿا، سي ڪو فطرتاً يا اصلاً ۽ نسلاً ائين ڪونه آهن، بلڪ اهي سڀئي مرض منجهن انهن طبقن جي بالادستـِـن پيدا ڪيا آهن، جيڪي انگريزي حڪومت جو سنڌ لاءِ ڏاج هئا، مثلاً پيرن فقيرن کان علاوه هيٺيان طبقا به انهيءَ سلسلي ۾ ذميدار آهن:

(1) هندو (تاجر يا واپاري طبقو)

سنڌ جي اقتصاديات تي سڄو قبضو هندن جو هو. راقم هن ڪتاب ۾ ڪيترِن جاين تي ان جا مختلف پهلو بيان ڪري چڪو آهي. مختصر طرح واقعو هي هو ته سنڌ جو عوام چوٽيءَ کان پيرن تائين هندوءَ وٽ گروي هو. زمينون انهن وٽ گروي، سنڌ جي ڪڙميءَ جي ڪمائي سڄي انهن جي گهر ۾، هر ڪنهن قسم جي تجارت انهن جي قبضي ۾، شهر، تعليم، ادارا، ملازمتون، مطلب ته سنڌ جا حقيقي مالڪ اهي ئي هئا ۽ باقي مخلوق محض سندن رحم ڪرم تي هئي، جنهن تي افسوس آهي ته هنن ڪڏهن به رحم ۽ ڪرم ڪونه ڪيو، جنهن جو نتيجو نه ڇڙو پاڻ لوڙيائون بلڪ سندن ڪرتوتن جي بلا وري به مستقل طرح سنڌي مسلمانن کي ئي لوڙڻي پـَـئي آهي.

(2) مسلمان (زميندار ۽ جاگيردار طبقو)

ٻيو طبقو هو سنڌ جي زميندار جو، جيڪو اگرچ پاڻ به سنڌ جي هندن وٽ گروي هو، ليڪن سڌو سنئون سنڌ جي مسلمان (هاري ۽ پورهيت طبقي) تي ان جو قبضو هو، سنڌي عوام جي جسم ۽ وقت جو اهو مالڪ ۽ مختار هو. هر زميندار پنهنجي پنهنجي حدن اندر نه ڇڙو ڪڙمين لاءِ بلڪ سموري راڄ لاءِ ڪال هو، ماڻهو سندن اڻ ملهيا غلام هئا، عزت آبرو، ننگ شرم، زمينون، روزگار، جسماني آزادي يا آزار، مطلب ته سنڌي عوام جي سڄي اٿيءَ ويٺيءَ جو مرشد کان پوءِ ٻئي نمبر تي، بلڪ ڪيترين حالتن ۾ مرشدن کان به وڌ، سنڌ جي وڏيري تي دارومدار هو. حقيقت ۾ صحيح هيءُ ٿيندو ته سنڌ جو عوام انگريز جو ماتحت فقط نالي ماتر هو، سچو پچو محڪوم وڏيري جو هو. وڏيرو جي ناراض ٿئي ته سندن زمين کسي سگهيو ٿي، کين ڳوٺ مان لڏائي سگهيو ٿي، سندن ننگ کڻائي سگهيو ٿي، کين خون ڪرائي سگهيو ٿي، 110 يا فرنٽيئر ريگوليشن ايڪٽ يا انهيءَ قسم جي ٻين قانونن ۽ قلمن هيٺ کين اڙائي سگهيو ٿي. مختصراً هيءُ ته جي وڏيرو پنهنجيءَ تي آيو ٿي، ته ماڻهن جو - هيڏي وسيع گرهه ۾ - نه فقط ساهه کڻڻ مشڪل ٿي پيو ٿي، بلڪ انهن جو هيڏيءَ ساريءَ ڪشاديءَ دنيا ۾ جيئڻ به جنجال جنسي جنجال هيو. انهيءَ حد تائين وڏيرو بااختيار ۽ بالادست هو ۽ عوام ايستائين محڪوم ۽ زيردست هو.

(3) ڪامورو (هندو ۽ مسلمان ٻيئي)

ٽيون طبقو هو ڪاموري ڪلاس جو، جيڪو نه فقط وڏيري ۽ واپاريءَ جي دست درازين لاءِ جوابدار ۽ انهن جو پشتيبان هو، بلڪ سڌيءَ طرح به کيس هر طرح جو سنڌ جي مظلوم عوام تي اختيار هيو.

ڪامورن ۾ سڀ کان وڏو زور ۽ ڌاڪو هو پوليس جو، ڇاڪاڻ ته انسان جي عزت جو سڄو دارومدار ان جي راضپي ۽ غصي تي هو. جي گـُـهرن ته چور کي ساڌ بڻائـِـن، جي چاهـِـن ته ساڌ کي چور بڻائي ڇـڏِن. سچ کي ڪوڙ، ڪوڙ کي سچ سندن ڏائي هٿ جو ڪم هوندو هو. پوليس وٽ مختلف قسم جا ڇاڙتا هوندا هئا، جن کان پئي ڪم وٺندي هئي. مثلاً:

(الف) زميندار: پوليس ۽ زميندار هڪٻئي جا پشتيبان هـوندا هئا. زميندارن جي ڪڌن ڪمن تي پــــوليس چشم پوشي ڪندي هئي، ۽ جيڪڏهن پوليس واري تي ڪا رشوت وغيره جي عريضي ٿيندي هئي، ته زميندار ان ۾ شاهد ڦيرائي، کيس ڇڏائي ڇڏيندو هو .زميندار، جنهن کي آزارڻ گهرندو هو ته پوليس ساڻس ان ۾ ٻانهن ٻيلي ٿي بيهندي هئي، ۽ جيڪڏهن پوليس کي ڪنهن کان عيوض وٺڻو ٿيندو هو، ته زميندار ان لاءِ گهربل اسباب کيس مهيا ڪري ڏيندو هو. عوام زميندارن کان ان ڪري زياده تر خائف رهندو هو، جو هو پوليس جي دوستيءَ سبب کين هرقسم جو آزار پهچائي سگهيا ٿي.

(ب) پيري (پيراڍو): پوليس وٽ پيري سرڪاري طرح مقرر هوندا هئا، جيڪي چورن جا پير سڃاڻي ٻاهر ڪڍندا هئــا. انهن کي گهڻو ڪري پوليس پنهنجي مقصدن تي هلائيندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن هو سچ جو ڪلمو چوندا هئا، ورنه هميشہ ان جو پير ڪڍندا هئا، جنهن لاءِ پوليس جو کين اشارو هوندو هو، پير سڃاڻڻ جو فن به سنڌ ۾ واهه جو هو. ناممڪن هو ته پيراڍوءَ جو سڃاتل پير غلط نڪري وڃي. گهڻو ڪري پري پري جي ڪاٽڪن، چورن ۽ ڌاڙيلن جي پيرن جا نمونا کين ياد هوندا هئا. پنهنجي تـَـرَ جو ته ڪوبه چور کانئن گٿل نه ٿيندو هو. سون ماڻهن ۾ گـَـڏي، جيڪڏهن گهربل چور کي گهمائبو، ته پيراڍو سندس پير ڪڍي ٻاهر ڪندو. انهيءَ حد تائين جو وِکَ وڌل کي به سڃاڻي ويندا هئا، ۽ جـُـتيءَ ۾ پيل پير جو نشان به پرکي ويندا هئا. چوري ٿيندي، ته پيراڍو وڃي وارداتِ تي پير ڏسي ايندو. جڏهن شڪي يا ڏوهي پڪڙجي ٿاڻي تي ايندا، ته پيراڍوءَ  کي لڪائي، 15-20 ٻين ماڻهن سان گڏ ڊاٻ تي شڪيءَ کي گهمائيندا، جنهن بعد وري ان کي لڪائي ڇڏيندا. پيراڍو سڀني پيرن مان جهٽ اچي ان جوپير ڪڍي ٻاهر ڪندو. هنن کي ايترو يادگيرو هوندو هو، جو جيڪڏهن ڪٿي ڪو پير واردات تي ڏسندا، ته اهو به ٻڌائيندا ته هي پير انهيءَ چور جو آهي، جيڪو 4 سال اڳ فلاڻيءَ چوريءَ ۾ به هو.

(ٻ) شاهد: پوليس وٽ اهڙا جڙتو شاهد به هميشہ رهندا هئا، جيڪي هٿراڌو ڪيـل ڪيسن ۾ پــــوليس يا زميندار جي

چئي ته شاهدي ڏئي ويندا هئا. اهڙن ماڻهن جو گذرگذران ڦرمار تي هوندو هو، ۽ پوليس هنن جي پٺڀرائي ڪندي رهندي هئي.

(ڀ) مشير: ڪوڙن شاهدن سان گڏ پوليس وٽ هٿ ٺوڪيا مشير به رهندا هئا، جيڪي هر وقت پوليس سان جـاچ ۾ گڏ هلندا هئا ۽ مشير نامي تي صحيح اهي ڪندا هئا ۽ ڪورٽ ۾ شاهدي به اهائي ڏيندا هئا، جيڪا پوليس جي ٺاهيل ڪيس کي سچي ڪرڻ ۾ معاون ٿئي. اهي مشير گهڻو ڪري ننڍا کاتيدار يا وڏيرا هوندا هئا يا ڳوٺن جا اهي چڱا مڙس، جيڪي طبعاً شرير، چالاڪ ۽ شرپسند هئا.

(پ) ڇاڙتا: اهي ماڻهو جيڪي وچ ۾ پئي پوليس کي ڪيسن ۾ رشوت وٺي ڏين. اهي مختلف طبقن مان هونـدا هئــا:

وڏيرا، زميندارن جا ڪمدار، شهرن جا چڱا مڙس، يا اهي ماڻهو جيڪي چالاڪ هوندا هئا، ۽ انهن کي ڪو به مستقل ڌنڌو ڪونه هوندو هو. انهن جي گذربسر جو ذريعو اها پٽ سٽ هوندي هئي. جڏهن پوليس کي پيسي جي ضرورت ٿيندي هئي، تڏهن انهن ڇاڙتن کان ماڻهن تي ڪوڙيون عريضيون ڪرائي ۽ پوءِ انهن عريضين جي جاچ مان بيگناهه ماڻهن کان رشوت وٺي، عريضين کي دفتر داخل ڪندي هئي.

(ت) ڪاٽڪو: پوليس جو سنڌ جي وڏن وڏن ۽ پنهنجي حد جي مکيه ڪاٽڪن سان رستو هوندو هو. مـکڻ، کير،ڪڪڙ

مستقل طرح اهي پيا پهچائيندا هئا، ايس.پيءَ کان وٺي هيڊ ڪانسٽيبل تائين کير لاءِ مينهون ۽ ڳئون به اهي ڏيندا هئا، ۽ جيڪڏهن پوليس کي ڪنهن جو گهر لٽائڻو هوندو هو، ته انهن جي ئي معرفت انهن جون چوريون ڪرائيندي هئي. اهي ئي چور بعض وقتن تي ڪن ڏوهن ۾ پوليس جي مدد ڪندا هئا، کين پتو ڪڍي ڏيندا هئا ته اهو ڏوهه ڪهڙي چور جو ڪيل آهي، ڇاڪاڻ ته چورن کي يڪدم هڪٻئي جي ذريعي خبر پئجي ويندي هئي ته فلاڻي چوري ڪنهن ڪئي، فلاڻو کاٽ ڪهڙي ڪاٽڪوءَ هنيو، فلاڻو مال ڪهڙي چور ٻڌو، فلاڻو ڌاڙو ڪهڙي ڌاڙيل هنيو. اهي چور ڪيترن موقعن تي پنهنجن مخالفن جو نالو ڏئي، انهن کي ٻـَـڌائي ڇڏيندا هئا، ۽ پاڻ جيڪي پيا ڪندا هئا، اهو انهن کي نيبَههُ هوندو هو. ڪو سندن نالو وٺي ڪونه سگهندو هو.

(ث) چغل خور: جن کي سنڌ ۾ چغل، چغلي خور، يــا چغل ٽويو سڏيو ويندو هو. انهن مــاڻهن جو پيشو هـــوندو هـــو ته

هِتان جي هُتي، هُتان جي هِتي پيا هڻندا، چواتيون ۽ چوچڙيون دکائيندا وتندا هئا، ڪابه راڄ ۾ اؤلي سؤلي ٿيندي، گهڻيون ئي پيون زماني ۾ هيٺ مٿاهيون ٿين، چغل هميشهه چاري هوندا، خبر پئي ناهي،ٺڪ وڃي پوليس وٽ پهچائيندا. پوليس اهـِـڙن حالتن ۾ پاڻ به رشوت وٺندي ۽ چغل خورن کي به ورسارائيندي. ماڻهو ويچارا انهن کان هر وقت پيا ڪنبدا هئا ته ڪٿي ڪا چغلي هڻي، اجايو سجايو پٽڪو نه لهرائي وجهن!

الغرض، اهي ست هئا پِيل پاوا پوليس جي اڏاوت جا، جن جي آڌار تي سنڌ جي عوام تي پوليس جو آزار قائم هوندو هو. درحقيقت سنڌ جي پوليس ان لاءِ نه هئي ته هو ماڻهن لاءِ سک ۽ آرام، امن ۽ امان پيدا ڪن، جيئن هرڪو سک جي ننڊ سمهي سگهي، بلڪ اُن جو اعمال نامو فقط آزار، ظلم، تشدد، زبردستي، ڪوڙ، رشوت ۽ ڦرمار سان ڀريل هو. ماڻهن جو آرام ان ڪري ڦٽل نه هو ته ڪو ملڪ ۾ ڏوهي آهن يا چور آهن، بلڪ انڪري عوام جي ننڊ ڦٽل هوندي هئي ته ملڪ ۾ پوليس جي رات آهي، متان اوچتو نه ڪو ’گهوڙو چڙهي‘.

’گهوڙي چڙهڻ‘ جي اصطلاح به پوليس جي ڪري ئي سنڌ اندر وجود ۾ آئي. پوليس جاچ ۾ گهوڙن تي چڙهي هلندي هئي، ماڻهو چوندا: ”خبر نه آهي ڪنهن تي اهو گهوڙو آهي!“ صوبيدار، جمعدار، سپاهي، پيري، مشير، وڏيرا، ڇاڙتا، چغل خور، مطلب ته ڪٽڪ گهوڙن تي چڙهي پوندا، جتي وڃي لهندا ڄڻ ماڪڙ اچـِـي پـِـئي. جهڙا پيا ٻوڙ پـُـلاءَ پاڻ کائيندا تهڙا مال مليدا پيا سندن گهوڙا کائيندا ڳڙ، مکڻ، داڻا، ساوا گاهه، غرض ته ڄڻ تر ۾ اچي ماڪڙ پئي! فرياديءَ جو ته جهڳوئي جهڻ، پر اوڙي پاڙي جي به ستياناس. چوريءَ يا ٿيل ڏوهه جي قيمت کان سوين حصا زياده جاچ تي خرچ اچي ويندو. مار، موچڙو، ڏاڍ ۽ زوري ان کان آپراند. اهوئي سبب هو، جو هرڪو ٿيل نقصان برداشت ڪري ويندو هو، يا خانگي ذريعن سان ان کي واپس ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندو هو، پوليس ۾ رپورٽ 75 في صد ڪانه ٿيندي هئي.

پوليس ڏوهن جي جاچ ڪندي، ماڻهن تي جيڪي ظلم ڪندي هئي، انهن ۾ گهڻو ڪري سڪن کان زياده ساوا سڙي ويندا هئا، انهن جا چند نمونا هي هئا:

(الف) ڏاڙهي پٽ: ڏاڙهيءَ جون چڳون پٽائڻ. بعضي ته ڏاڙهي مڇون ٻـَـئي انهيءَ ڏاڙهيءَ پـَـٽ ۾ صفا تـِـري ٿي وينديون

هيون.

(ب) اوجاڳو ڏيڻ: جيسين پوليس جي مرضيءَ مطابق بيـــان نه ڏئي، تيسين ماڻهوءَ کي ننڊ ڪــرڻ نه ڏيندا هئـــا، واريءَ

وٽيءَ تي سپاهي مٿس مقرر ڪيا ويندا هئا، تاڪ جوابدار کي اوجاڳو ڏيندا رهن.

(ٻ) منهن ڪارو: تيل لارائي، دانگيءَ جي ڪارنهن سان منهن ڪارو ڪرائڻ.

(پ) ڪانءُ ڪرڻ: اگهاڙو ڪري، چوکنڀو ٻڌرائي، اونڌو ڪــري ڇڏڻ ۽ ويهڪ جي جـــاءِ ۾ ڪـــانون جي کنڀن جو مـُـچو

ٽنبي ڇڏڻ.

(ڀ) مـَـڇـَـر مار: اگهاڙو ڪـــري، ٻـَـڌي، جهنـگ جي انهيءَ ٽــڪرن ۾ اُڇـلي ڇـڏڻ، جتي مــڇر گــهڻــا هـجن، تاڪ کيس

پـَـٽيندا رهن. اها سزا سانوڻ جي گرمين ۾ جتي مڇرن جي موسم ٿيندي هئي، تڏهن ڏيندا هئا.

(ت) اُس تي اڇلڻ: اگهاڙو ڪري، چوکنڀو ٻـَـڌي، ٽاڪ منجهند جو واريءَ يا ڊاٻ ۾ اڇلي ڇڏڻ.

(ث) موچڙي بازي: مار ڏيارڻ، موچڙن سان، نيٽ جي لڪڻ سان لئـِـيءَ جي سنهن چهبڪن سـان. ايستائين مــارائڻ جو

سـَـنڌ سـَـنڌ تي ڏنا ٿي وڃن ۽ بت مان رت ڦوهارا ڪري نڪري.

(ٺ) سـَـنڌَ وٺڻ: سـَـنڌَن ۽ ڏکندڙ جاين کي نيٽ جي لڪڻن سان ڪـُـٽڻ، مثلا آڱــــرن جي ڏوڏن ۽ نـُـنهن کي، گــــوڏن جي

ڍڪڻـِـن کي، ڄنگهه جي نـَـريءَ کي.

(ٽ) آرن مان ڪڍڻ: سـَـنڌَن سان گڏ ويهــڪ جي جاءِ ڪـُـٽائڻ جيئن ويهي نه سگهي، پيـرن جــــون تـَـريون ڪـُـٽائڻ جيئن

هلڻ کان آزرتو ٿي پوي، نه بيهي سگهي نه گهمي سگهي، هٿن جون تـَـريون ڪـُـٽائڻ جيئن کائڻ کان به نـِـرهه ٿي پوي.

(ج) چري هڻائڻ: ڌرتيءَ ۾ کڏ کڻي، ان ۾ چيلهه تائين ماڻهوءَ کي پورائي ڇڏڻ.

(ڄ) ڪاٺ هڻڻ: ڪاٺ جي ٻن شهتيرن ۾ ٻانهن ۽ ڄنگهن لاءِ ٽنگ نڪتل ٿيندا هئا، جن ۾ مـــاڻهوءَ جون ٻـَـئي ڄنگهان

۽ ٻانهان وجهي ڇڏبيون هيون.

(جهه) اٿ ويهه ۽ ڪن گوشي: ٻـَـئي ٻــانهون ڄنگهن مان ڪڍي، ٻنهي هٿن ســـان ڪنن جي پـــاپڙِن کي جهلي، اٿ ويهه

ڪرائڻ. اها هلڪي ۾ هلڪي سزا شمار ڪئي ويندي هئي.

(ح) چاش پيارڻ: فضلو ۽ پيشاب پيارڻ ۽ کارائڻ.

(خ) چڙهڻ: مرد مٿان مرد چاڙهي بدفعلي ڪرائڻ.

(ڃ) بيحرمتي: جوابـــــدار کي اگــهاڙو ڪري سندس ويجهـِـن عورتن مثلاً مـــاءُ، ڀيڻ، ڌيءُ ۽ جوءِ کي ننگو ڪري سندس

اڳيان آڻڻ.

(چ) چَپُٽي بازي: عزيز عورتن کي ننگو ڪري، عام جي اڳيان بيهاري، کين چوڻ ته چپٽـِـن ســان هڪٻئي جي نــازڪ

جاين جا واري وٽيءَ تي وار پٽن.

(ڇ) ٽيڪب ٽيڪو: انهيءَ چپٽي بازيءَ ڪرائڻ وقت خاص سُرَ ۽ رِدَم ۾ چـــورائبو هو: ”ٽيڪب ٽيڪو! ٽيڪب ٽيڪو!“

اندر ٽيڪو! ٻاهر ٽيڪو! هيٺان ٽيڪو! مٿان ٽيڪو! ٽيڪب ٽيڪو! ٽيڪب ٽيڪو! جوڻهين ٽيڪو! ماڻهين ٽيڪو! ڀيڻين ٽيڪو! ٽيڪب ٽيڪو! ٽيڪب ٽيڪو!“ اها هڪ خاص صوبيدار جي ايجاد هئي، جنهن جو ايڏو ڏهڪاءُ هو، جو نالو ايندو ته ماڻهن کان ڇرڪ نڪري ويندو.

(ک) ٻليون وجهڻ: عورتن جي سٿڻن اندر ٻليون وجهرائڻ، جيئن اهي کين نازڪ هنڌن تي رهنڊون پائن.

(گ) وير وٺائڻ: عورتن سان سندن مردن جي سامهون ٻين کان زنا ڪرائڻ. اهي ته چند نمونا بيان ڪيا ويا آهن، جيڪي ظلم جا رائج هئا، ليڪن ڪن خاص صوبيدارن ۽ جمعدارن سزا ڏيڻ جا مخصوص طريقا ايجاد ڪيا هئا، مثلاً عبدالله خان صوبيدار يا غلام رسول شاهه نظم پوليس خيرپور جا پنهنجا نرالا نمونا هئا. [1] الغرض پوليس وٽ ظلم زبردستيءَ، ڏاڍ ۽ زور جا سوين شرمناڪ، انسانيت سوز ۽ دل دهلائيندڙ رستا ۽ طريقا هئا.

ڪاموري ڪلاس ۾ پوليس کان پوءِ ٻئي نمبر تي خلق مٿان اثر ۽ آزار هو ٻيلي کاتي وارن جو.

سنڌ جا ماڻهو گهڻو ڪري سڀئي مالوندا ٿين ٿا. ڳئن جي ڇانگ، مينهن جو ميهاڳ، ۽ ٻڪرين جو ڌڻ ته خير مکيه مالدارن [2] وٽ ٿئي ٿو، ليڪن غريب غربي جو ڪـِـلو ۽ مـَـنـَـهـُـن به پنجن پندرنهن ڍورن کان خالي ڪونه هوندو آهي. ڪو اصل نڀاڳو يا ٽاڪ سـُـڃو هوندو ته اُها ڳالهه اور آهي.

انهن مالوندن ماڻهن جي سڄي اٿي ويٺي جهنگ سان آهي، پر جن وٽ مال ڪونه آهي، انهن جو به مـُـنهـُـن جهنگ ڏي ٿئي ٿو. ڀاڳين جو مال جهنگ ۾ چري، ۽ جن وٽ مال نٿو ٿئي، انهن کي به گهر گهاٽ لاءِ ورو، ٿوڻي، گاڏيءَ جي سرائي، هر، پانجاري، چـُـلهه جي ڪاٺي، سياري جي سيءَ لاءِ بـُـنڊي ۽ ٻارَڻُ مڙئي جهنگ مان گهربو آهي. تنهنڪري عملي طرح گويا ٻاهراڙيءَ جو ماڻهو ٻيلي کاتي جو پوليس کان پوءِ ٻئي نمبر تي مطيع ٿئي ٿو. انهيءَ کاتي جا مکيه ڪاردار هي آهن:

ڪنزرويٽر: سڀ کان وڏو عملدار ٿئي ٿو. سال ۾ هڪ دفعو گشت تي ايندو، منزل جي سڄي اٿي ويٺي عام تي، ڇيڙ، ڪڪڙ، آنو، کير، مکڻ، گيهه، ڇيلو، ماڻهن وٽان مفت مهيا ڪيو ويندو.

ڊويزنل فاريسٽ آفيسر: ٻئي نمبر تي اچي ٿو. ضلع ۾ سندس هيڊ ڪوارٽر ٿيندو هو. سال ۾ ڪئين دفعا منزلون ٿينديون ۽ ان جي منزلن جا انگ اسباب ماڻهن وٽان پورا ٿيندا هئا.

رينج فاريسٽ آفيسر: هرهڪ رينج تي جدا جدا عملدار مقرر ٿئي ٿو، جيڪو مهيني ۾ هڪ ٻه چڪر پنهنجي حد جو پيو هڻندو هو. ان جي کاڌي پيتي جو خرچ پکو به سڄو مالدارن ۽ حد جي عوام تي هو.

جمعدار: هرهڪ ٻيلي تي جدا هوندو هو. ان جي سڄي پگهار ڊويزنل فاريسٽ آفيسر کڻندو هو، تنهنڪري هنن جو پنهنجو گذارو ڦرمار ۽ پـَـٽ سـَـٽ تي هوندو هو. مون کي ياد آهي، سيوهڻ جي طرف جو هڪ جمعدار اسان جي حد تي هوندو هو، قداور، ٿلهو متارو، ٿلهيءَ مشين تي ڪتريل سفيد ڏاڙهي، مڙس وڏي کڙڪي ۽ ڏاڍي ڌاڪي وارو جمعدار هو. چوٿين پنجين ڏينهن ڳوٺ جي وڏيءَ نم جي ڇانو هيٺ اچي منزل ڪندو هو:

”اڙي ڀيڻهان رسولا! او رسولا! حرامي، ڪاڏي مري وئين؟“

”حاضر سائين، پهتو!“

جيئن گهوڙي تان لهندو، تيئن مالدارن ۾ ٻاڪر ڪٽو پئجي ويندو. پهريائين کٽ ايندي، ان تي رلي ۽ وهاڻو پوندو، هڪ ماڻهو دلو کنيو ايندو، ٻئي کي هٿ ۾ ڪونرو هوندو، ٽيون تڏو مٿي تي کنيو ايندو، چوٿين کي وٽو ۽ ڏڌ جي دکي هوندي. ڪوٽ لاهي وهاڻي هيٺان رکندو، پٽڪو مٿن کان ۽ نيٽ جو لڪڻ [3] کٽ جي تانگهه ۾. هٿ منهن ڌوئي، پوءِ ويهندو کٽ تي چڙهي. وڌيڪ مار رسولي ٻڪرار تي هوندي هئي، ڇاڪاڻ ته ٻڪرين جو وڏو ڌڻ ان وٽ هو:

”اڙي ننڍو ڪڪڙ ڪهرائجان“!

مکڻ ڦٽي سرس!

سڪائي لاهجو!

اٽو چڱيءَ طرح گيچڻ مان ڪڍرائجانءِ!

ماني اڻڀي تئي تي نه وجهرائجان.

ڏهيءَ ذرو به آڻجانءِ ۽ گهاٽي لسي به...

اڙي پر ڏهي ۽ ڏڍ بدوءَ وٽان وٺجانءِ ماهيو، متان ڀيڻهان ٻاڪرو آڻين!

گهه جڙئي وٽان ڳائو وٺجانءِ.

مکڻ ڦٽي کڻي عالم جي گهران وٺ، پر ماهـِـي...

اِهي پيون فرمائشون پوندس، جيسين خير سان نيرن ۽ ڏپهرو ڪري، خرچيون ڪڍي، شام ڌاري ڪنهن ٻئي پاسي رخ نه رکندو. جڏهن ڪنهن وڏي خرچ جي ضرورت پوندي هيس، ته پوءِ جهنگ مان گهمندي، جنهن جو مال نظر ايندس، اهو ڪهرائي اچي ڳوٺ پهچندو. پٺيان مالوندا قرآن مٿي تي کنيو ڀڄندا اچي پهچندا:

”اڙي جمعدار، لڳ هن قـرآن جي، واسطو ٿِي رب جو، اڃا هاڻي پـاس ورتي اٿسي!“ جمعدار جو لُڙُ پيو پوندو، اچي:

”بابا، سرڪاري حڪم نڪتا آهن، اسان جو ڪو وس؟ اڳيون سڀ پاسيون رد!“ کيسي مان ڪاغذن جوٿهو ڪڍي، کڻي تڏي تي اڇليندو:

”ڏسو نٿا ڪيترا حڪم اچي ويا آهن؟ اوهان ماڻهن کي خبر ڪانه ٿي پوي. وڏي صاحب کي گهرج پئي آهي، اُها به ته پوري ڪرڻي آهي!“

پٽيوال: هـِـن جو ديرو حد جي ڪنهن نه ڪنهن ڳوٺ ۾ هوندو هو. روزانو جهنگ مان گهميون، حد جي مختلف ڳوٺن مان ڦريون ماريون اچي پنهنجي ديري تي پهچندو هو. سندس پگهار ڊويزنل آفيس وارن جي حوالي هوندي هئي ۽ سندس پنهنجو گذارو جَهٽَ سَٽَ تي پيو ٿيندو هو. انهيءَ پٽيوال کي ”راکو“ به چوندا هئا، ڇاڪاڻ ته جهنگ جو رکوال هوندو هو.

جهٽيوال: پٽيوال جي خانگي نوڪر کي، جيڪو سندس ديري تي چلم پاڻي ۽ ٽانڊو ٽوپي ڪندو هو، ان کي ”جهٽيوال“ چيو ويندو هو، جهٽيوال ان ڪري، جو هـُـو نه سرڪاري ملازم هو ۽ نه کيس ڪو پگهار ئي ڏيندو هو. سمورو گذارو جهـَـٽ تي ٿيندو هيس، تنهنڪري ’جهٽ‘ مان ’جهٽيوال‘ بڻايو ويو.

سٽيوال: جهٽيوال جي نموني جو بنا تنخواهه جي ملازم، ان کي ڪٿان سـَـٽَ لڳي ويندي ته ڪجهه پاڻ کائيندو ڪجهه آڻي پٽيوال کي ڏيندو. ورنه وتندو اوٻاسيون ڏيندو.

انهن ستن عملدارن کان سواءِ مالدارن کي آفيس جي انهيءَ ڪلارڪ سان به منهن ڏيڻو پوندو هو، جنهن جي ميز تان پاسيون جاري ٿينديون هيون.

عملدارن جي انهن ٻن طبقن جو عوام تي ۽ ٻاهراڙيءَ تي خاص ڌاڪو ۽ اثر هوندو هو. انهن کان علاوه انجنيري کاتي مان سروير، داروغا ۽ بيلدار، ۽ روينيو وارن مان سپروائيزر، تپيدار ۽ ڪوٽار به پنهنجي پنهنجي نموني ۾ ماڻهن مٿان جنسي ڪاري قيام هوندا هئا.

مطلب ته سنڌ جو عوام هندستاني مغلن جي جبري حڪومت کان پوءِ دوباره گذريل سؤ سالن اندر مٿي ذڪر ڪيل چئن چـَـڪـِـين ۾ پيڙبو پئي رهيو آهي، مرشد، واپاري، وڏيرو ۽ ڪامورو.

*      *      *

رشوت، رسائي، لاپو ۽ ڇيڙ - اهي چار آزار پڻ سنڌ اندر انهيءَ حد تائين هئا، جو سنڌ جي عوام جو سڄو رت ۽ ست صفا پيچي ويو.

رشوت: هر معاملي ۽ مسئلي تي ورتي ويندي هئي. بنا رشوت جي ڪوبه ڪم ڪونه نڪرندو هو. پوليس کي جيڪا رشوت ڏبي هئي ان کي ’وَڍي‘ چئبو هو. باقي رشوتون خرچيءَ، خرچ، ڀاڙي ڀـَـتي، دعوت يا ’منزل خرچ‘ جي نالن ۾ شمار ٿينديون هيون. 8-10 آني کان وٺي 7-8 هزارن تائين رشوتون هلنديون هيون. تپيدار واريءَ رشوت کي ’آنڪي‘ چيو ويندو هو، ڇاڪاڻ ته جريب پٺيان هن جو هڪ آنو ٻانڌاڻ هو. ڪامورن کان علاوه زميندارن کي به رشوت وٺڻ جي عادت هوندي هئي.

رسائي نقديءَ کي به چئبو هو، ۽ جڏهن آفيسرن جي منزل ٿيندي هئي ۽ ان تي جيڪو گاهه جو داڻو، کٽ کٽولو، بـُـنڊي بـِـنجهـُـر، آنو ڪڪڙ، ڇيلو مڇي، کير مکڻ، ڏُڌ ۽ ڏهي پهچائبو هو، ان کي ’رسائي‘ سڏيو ويندو هو.

لاپو: سالياني مقرر ٿيل رقم يا آنَ کي ’لاپو‘ چئبو هو. مقرر رقم يا ٻڌل اَنُ سان پڄاڻيءَ تي هيٺئين طبقي جا ڪامورا اچي اڳاڙي ويندا هئا، مثلاً، ٻيلي جو جمعدار ۽ راکو، پوليس جو سپاهي ۽ هيڊڪانسٽيبل، انجنيريءَ جو سروير ۽ داروغو، روينيو جو تپيدار ۽ ڪوٽوار.

اَنَ جي سلسلي ۾ ڪڙمين سان سنڌ جي زمينداري زبان ۾ ”انگَ اسباب“ چيو ويندو هو، جيڪي بٽئيءَ وقت ڪڙميءَ جي حصي مان هن ريت ڪڍيا ويندا هئا. مثلاً:

پيراڻو ڏويو: سڄيءَ ٻار مان هڪ ٽويو سڀ کان پهريائين بادشاهه پير جي نالي تي ڪڍيو ويندو.

راڄ خرچ: خرار تي ٻه ٽويا چار ٽويا، جيڪي زميندار عملدارن جي رسائيءَ تي خرچ ڪندو هو، آنَ مان وٺبا هئا.

اوطاق خرچ: خرار پٺيان اڌ ڪاسو انهيءَ خرچ ۾، جيڪو زميندار راڄوڻي ڪمن لاءِ ڪامورن يا ٻين مهمانن کي اوطاق ۾ ماني کارائڻ تي ڪندو هو.

ڏنڊ: ڇيڙ نه وهڻ، سڏ صلح ۾ گسائڻ، يا ڪنهن ٻئي زمينداري ڏوهه ۾ وڏيرو ڪڙميءَ مٿان جيڪو نقد ڏنڊ وجهندو هو، ان جي حساب ۾ اَنُ ڪڍندا هئا. ڪي ته ڪڙميءَ جي سڄي ٻارِ به ضبط ڪري ڇڏيندا هئا.

خرچي: وڏيري جي نينگرن جي خرچي سڄيءَ ٻار تي هڪ يا ٻه ڪاسا.

ڪاسباڻون: ڪاسبـِـن لاءِ مقرر ڪيل آنُ، مثلاً: لنگهن[4] لاءِ، مير بحرن لاءِ، حجم لاءِ، ڪنڀر دائي لاءِ، ملان ۽ لوهر لاءِ.

زمينداري: ڪڙميءَ جي حصي مان زميندار خالص پنهنجي لاءِ اڍائي ڪاسا في خرار تي وٺندو هو.

تقاوي: کاڌ خوراڪ لاءِ ڪڙميءَ جيڪو اَنُ يا نقدي ورتي هوندي، ان جو حساب ڪري اَن کڻبو، اهڙيءَ طرح، جيئن ڪڙميءَ جي اَن جو اگهه گهٽ ٻـَـڌجي ۽ پنهنجي ڏنل اَن جو اگهه وڌيڪ هجي.

ٻج: جيڪو ٻج ڪڙمي وٺندو، اُن مان ڪڻڪ، سارين، جوئر ۽ ٻاجهر جو ٻج جنسي وصول ڪبو. باقي تيلي ٻج يا دالين لاءِ نقديءَ جي صورت ۾ حساب ڪري اَن وٺبو.

ٽوهڪي: ديري جي سنڀال، ٺپي جي هڻڻ، ۽ ديري جي پاڻي ڀرڻ لاءِ هڪ ملازم رکيو ويندو، جنهن کي ”ٽوهو“ چئبو هو. ان کي اڌ ڪاسوفي جوڙي تي ڪڙميءَ کان ڪڍي ڏبو هو.

تيل تماڪ: ديري ۾ ڪمدار ۽ ڪارائي جي عام خرچ لاءِ تيل تماڪ جي نالي ۾ ڪڙميءَ کان جوڙي پٺيان اڌ ڪاسو وٺبو هو.

ترو تراڙو يا ڪڍي پاڍي: ٻار جي ڀرجي وڃڻ بعد زمين تي ڪجهه داڻا اَن جا مٽيءَ ۾ گڏيل بچي ويندا هئا، جنهن کي ترو ترارو يا ڪـُـڍي پاڍي سڏبو هو. اُن جي ڪـَـٿَ ڪري، اوتري حساب جو اَنُ زميندار ڪڙميءَ جي حصي مان ڪڍي وٺندو هو [5].

اهي ’انگ اسباب‘ جڏهن زميندار ڪڍي بيهندو هو، اُن وقت وارو ايندو هو ڳوٺ جي هندو هٽ واري جو، ڪلهي تي انگوڇو، ڪڇ ۾ بندي يا ليکي چوکي جي ڦرهي [6]، هٿ ۾ ’تاراجي‘ جنهن جا نه وٽ سچا هوندا نه ڪاٺي سڌي، دل گهرئي اگهه تي اَنُ ڪڍي پوءِ چوندو:

”ميان مسلمان، ٻڌئي! وياج لٿو، باقي رهيو مور! شام اچجانءِ ته ليکو سڌو ڪري ڇڏيون!“

اهڙيءَ طرح سَسُئيءَ جا ڀاڱا ڪرائي، ڪيترائي ڪڙمي گهڻو ڪري ڇڙو پوتڙو ڪلهي تي رکي، ديري مان نڪرندا هئا، ۽ جن کي ڪجهه اَنُ بچي پوندو هو، سي به مهيني اڌ بعد وري قوت گذر لاءِ قرض ۽ تقاويءَ پٺيان پوندا هئا.

ڇيڙ: راڄ خواه ڪڙمين کان طرحين طرحين ڇيڙ ورتي ويندي هئي، جنهن کي ’بيگر‘ به چوندا هئا ۽ ’سڏ صلح‘ به چيو ويندو هو، مثلاً هيٺين ڳالهين لاءِ:

(1) آفيسرن خواه وڏيرن کي شڪار ڪرائڻ،

(2) آفيسرن جي منزل تي ڪم ڪار ڪرڻ،

(3) زميندار جي اوطاق ۾ اڳ پوءِ ڪرڻ،

(4) حاويليءَ ۽ بورچيخاني يا سياري جي باهه لاءِ ڪاٺيون ڪري اچڻ،

(5) زميندار جي شادَن غمـِـن تي ڪم ڪار ڪرڻ،

(6) زميندار جون جايون ٺاهڻ،

(7) جهنگ ڪڍڻ، واهه جي کاٽي، زمينن کي سڌو ڪرڻ، کوهه کڻڻ، يا زميندار جا خالصا [7] پوکڻ،

(8) زميندار جا نياپا، پيغام يا خط ٻين شهرن ڏانهن کڻي وڃڻ ۽ آڻڻ، وغيره وغيره. اهي هئا سنڌ اندر رشوت، رسائي، لاپي ۽ ڇيڙ جا طريقا، جيڪي نتيجو هئا انگريز شاهيءَ جي اوصاف هيٺ ڪاموراشاهيءَ ۽ وڏيرا شاهيءَ جي گڏيل ٻـِـٽ جوڙ جو، جنهن جي بوجهه بار سنڌ جي عوام جي سوا سؤ سال تائين چيلهه نوائي رکي.

*      *      *

ابتدائي زماني ۾ منظم جماعتون يا سياسي تحريڪون ڪونه هيون جيڪي انهن قوتن خلاف احتجاج ڪن، مخالفت ڪن يا پنهنجي اختلاف جو اظهار جماعتي رنگ ۾ ڪن. ليڪن جذبو ۽ دلين ۾ تحرڪ موجود هو، عوامي شاعرن ان جو اظهار وقت بوقت پئي ڪيو آهي، هتي لاڙڪاڻي ضلعي جي هڪ عوامي شاعر ميان حسين ديدڙ جو نظم مثال طور ڏجي ٿو، جنهن ۾ مٿن طبقن خلاف نفرت جو اظهار طنزيه انداز ۾ ڪري، عوامي بيزاري ڏيکاري وئي آهي. انهيءَ مان صاف ظاهر آهي ته سنڌ انهن طبقن جون ڏاڍايون خاموشيءَ سان برداشت نه پئي ڪيون آهن. بلڪ احتجاج ۽ اعتراض جو اظهار مختلف صورتن ۾ ٿيندو رهيو آهي، درخواستون، زباني داهون، گمنام (گونگيون) درخواستون، ڪيس، فرياد، اخبارن ۾ مضمون ۽ آخر ۾ جڏهن شنوائي ڪانه ٿي ۽ سياسي شعور، اظهار جون نيون صورتون اختيار ڪيون، ان وقت ”هاري ڪميٽي“ وجود ۾ آئي يا ٻيون مختلف صورتون عمل ۾ آيون، ڪامريڊ عبدالقادر (خدا بخشيس، جنت ۾ جايون ملنس) يا ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي يا مولوي نذير حسين جلالي بعد ۾ جلال منجهه آيا. ليڪن عوام پنهنجي غم ۽ غصي جو اظهار توڙ کان ڪندو آيو. هيٺيون نظم 1923ع ڌاري مون ٻڌو ۽ انهيءَ دور ۾ نهايت مقبول هو، جتي ڪٿي هر ڪنهن جي وات تي هو.  

حسين فقير ديدڙ جو شهر آشوب

جاڳـِـي حرڪت، وچ جهانَ،

چارئي کرڳئي، دُرس دوڪان.

 

ماڻهو قِسم ڪُليء هِـن چار،   پهلا حصــــــا هـــــي ســـــرڪـــــار،

ڏُوجــــهـــا ڏِنـــــگــــي زمـيندار،    ٽيجها ڪــڙمــي، ڪــاهـــــن نار،

چوٿا پير، چڱي چــــــــــــــوڌار،     ســـڻـــو بــــات مـــيڏي، بـِـالجانُ،

جـــــاڳي حـــــرڪت، وچ جهانَ،

چارئي کرڳئي، دُرس دوڪان.

حاڪم سخت، فـــرنگــــي آيا،  هـــــر جــــاءِ هوڪا، هـِـڪ ڦـِـرايا،

محبت، ساءَ، مـــزي مـُـڪلايا، ڦـــيـــري رب، رنان دي ڪــايــــا،

ٻانهــــــي، ڇيني ســڀ سڌايا،   جيــــها گــــولا، تــــيـــهــــا خـــانَ-

جاڳـــي حـــــرڪــت، وچ جهانَ،

چارئي کرڳئي، دُرس دوڪان.

ديـــــن نــــبـــي دا وڏا ويـــــري،    ماڻهان دي ڪـَـل، ڪـافر ڦيري،

ســــڀ ســـماڻي، نينگر، نيري، ڪونه وجـہ، تــي ڪائـِـي سيري،

وتــن پيچ، پـــڳــــان دا ڦيري،    گهـُـلــــي خــــــارج، بـــــادِ خـــزان-

جــــاڳي حـــرڪـــت، وچ جهانَ،

چارئي کرڳئي، دُرس دوڪان.

ظــــــالـــــم زمــينـدار، نـدوري،    رکـــن ڪــــامــي، لچي لـــوري،

ڪڪڙ، ڇيلي، چاون زوري،    گهه، پـــــلا، ڪـَـرپـِـيوَن شوري،

روندي وتـــن رَنـان، ڇــوري،     آکـِـــن هـــــووِي جــــس جــــــوانَ-

جــــــاڳي حــــرڪت، وچ جهانَ،

چارئي کرڳئي، دُرس دوڪان.

پــوکـن پوک، وِچـــاري هـاري،   بيگر بٺ، تــنــــان تــي بــــاري،

جوڙن جائين، ڪڙمي ڪـاري، پڪي پــوک، ته ڇــوڙن چــاري،

جـَـڏان ٿيــون، داڻــي تـيــــاري،   ڏيـــــون گهـَـت، گهڻــا گمسانَ-

جــــــاڳي حـرڪت، وچ جهــانَ،

چارئي کرڳئي، دُرس دوڪان.

چـــــــوٿي دُز، وڏي دهـــــــدار،     واهــــڻ، وستي، وچ هــــوشيار،

چور تـنــــان دي، چندين يــار،    وتـــــن گهمدي، ٻـــانهان مـــار،

خــــــرچ کـــــــاون، هــــــٽ اُڌار،     ڪـــــوجهي ڪم ڪرن نقصانَ-

جـــــــاڳي حــرڪت، وچ جهانَ،

چارئي کرڳئي، دُرس دوڪان.

دم وڏيــــــــرپ والا مـــــــــارن،     ڀـَــليان ڀـَـليـــان گهوڙيان ڌارن،

ڪاسا، ڪـــاسا داڻا چــــــارن،    تـــــوڙي کـــــاون، توڙي هـــارن،

سـال سڄي دا پورهيـا کارن،    مـــلمـــل دي ســـــر، ٻــڌن ٿــانَ-

جـــاڳي حــرڪت، وچ جـهـــانَ،

چارئي کرڳئي، دُرس دوڪان.

رکــن پيران، شــرط شهـــانــي،   مهري، گـهوڙي، ٻيلي، ٻانهي،

ڪوري، موچي، ميل بـِـگاني،  ڪاه لهن وچ ڪنهن دي خاني،

منگن راتب، ڪڙٻان، ڪاني، تــــــوڙي تـَــنهن دا تنگ گذران،

جــاڳي حـــرڪت، وچ جهــــانَ،

چارئي کرڳئي، دُرس دوڪان.

پير ســــونهــــاري، بيشڪ ڀـــلي،        ڪـــشف ڪــرامت، هلي چلي،

عــــــاليشـــــان، انگـــوري سـَـلي، خــــام خــليــفي، ٺـِـــڪر ٺلـيِ،

چــــــــائــي وتــن، چـــونـڊي چلي، مـــانيـــان ڏيک، ٿيون مستان-

جــــــاڳــــي حــرڪت، وچ جهــانَ،

چــــارئي کرڳئي، دُرس دوڪان.

ٻــــاجـهون ٻوڙ، نه ڀـُـنن ڀــورا،    مـــاهـِـيا کير تي، منگن شورا،

عـــام جمــاعت، لنگهـــا لـــورا، ڪـــــو قضاني، رب دا گهورا،

ڪـــامي ڪـَـرڙا، ڪُل نـدورا،    راتيــان ڏينهــــان، بــات بيان،

جــــــــاڳي حــرڪت، وچ جهــــانَ،

چــــارئي کرڳئي، دُرس دوڪان.

چڙه تنهـــان دي ڪولــون آون، وچ مـَـسـِـيتين، مـَـسين مــاون،

ســـرهــــا تيــــل، ســدائـــي ڌاون، ڪلونت ٻيٺي، ڪافيان ڳاون،

نـــــــال رئيســــان، رَلــي کاون،    شيــخ مشــــائــخ، تــي شيطان-

ڏاڍي حــــــرڪــــت، وچ جهـــانَ،

چــــارئي کرڳئي، دُرس دوڪان.

ڪـَــــرن دعـــــــوت، دنـــيــــــادار،    ٻـــــوڙُ، پـُلا تي، ترش آچار،

گـِـهه اُتـــون چــــا، گـــــهتن هــار، کـِـلـــــن، کـــــاون بـــــهت بهار،

ڪــــانه لهــن ڪـــــــا خبر چــــار، ڪـِــــٿـون آيــــا، ايـہ سـامـــان-

جـــــــاڳي حـــــرڪت، وچ جهــانَ،

چــــارئي کرڳئي، دُرس دوڪان.

نه ڪـجهه پـُـڇـن، پـــــاڪ حــلال،        نــــڪو آڻـِــــن، دل تــي خيــال،

نــــڪـــا لـَــهنـدي، سـُـڌ سنڀــــال،         مــتــان هـــووي، ڦـُـر دا مـــــال،

ڪَر سُڻاوَئين، ڪَهڙِي ڳالهه، ڏاڏي ڏک ڳـَـڌا آرمــــــــــــــــان-

جــــاڳي حـــرڪت، وچ جهـــانَ،

چارئي کرڳئي، دُرس دوڪان.

اڳـــــي آهــــن پيــر سـُـونـهـــــاري،         ديــــــن دنيـا وچ برڪت باري،

چـــائـِــــي وتن، نـــال ڇـُـهــــــاري، ڪـَــــــر سـُـڻـــاوَن، وَعظ واري،

لـَـک لـِـياني، چـــوکي چــــاري، عــــــــــالم، آهـــــــن عــلـيـشــــان-

جــــاڳي حـــرڪـــت، وچ جهانَ،

چارئي کرڳئي، دُرس دوڪان.

مـانجهي مرد ڏِٺوسي خاصي، سادي، سـَـــــــڏ ڪـَـريندي راسي،

پارس ڏي تِنهان ڪُون پاسي، چاندِي چـُـست، ڪـَـريندي چاسي،

آســـــان وچ اُٿــــانهيــن آســــي،  مــتـان ڪـَـرو ڪو، شڪ گمــان-

جـــاڳي حــــرڪت، وچ جهـــانَ،

چارئي کرڳئي، دُرس دوڪان.

صبر ڪـَــــر، حـُـسين سـِــرائي،   وَل نه ڪـــرين، ايــجــهــي وائــي،

ٻـِـــيهر ٻيــلي، ڳــــالهه پـَـرائي،   مـــتـــان ڪــــو چـــا تنگ الائـِـي،

چـَــل زمــــانــا، ڳـَـيــا چـَـڱائي،    فـَـــوج، ڪـُـــلـِـي هـي بي فرمـان-

ڏاڍي حـــرڪت، منجهه جهانَ،

چارئي  کرڳئي، دُرس دوڪان.

غالباً انهيءَ ’شهر آشوب‘ کان به اڳ ڪنهن شاعر جا چيل هيٺيان بيت آهن، جيڪي نهايت غصي ۽ تلخ زبان ۾ چيا ويا آهن، هنن ۾ فقط ٻن طبقن تي جلهه ٿيل آهي، هڪ ملا ٻيو پير:

1- ملن ۽ پيرن، ٻنهي ٻوڙيو دين کي،

هو نه گهورا حق جا، هي نه سچُ چـَـون،

سڀئي طالب ثروت جا، دنيا دين سندن،

ڇڏيو راهه ثواب جي، وڳين ٿا وڃن،

انڌن آخوندن، نيٺ نهوڙيو دين کي.

2- ملا ٿيا مردود، پير پوڄاري پيٽ جا،

درد نه تن کي دين جو، نڀاڳا نامسعود،

ڪفر ۽ ڪمينپ جا ٿا دل ۾ دکائن دود،

غرض خاطر غريب ٿيو، سوين ڏين سجود،

انڌا هي آخوند، دشمن اٿئي دين جا.

3- پوڄو جن پيرن کي، ٻيڙي تن ٻڏي،

آجا ٿيا اسلام کان، ڪفر پيو ڪـُـڏي،

ملان جي منهن پيا، ويلَ ٿين وڏي،

ڪيو ڪسب قرآن کي، ميڙن مال مـَـڏي،

جن وحدت واٽ ڇڏي، اڳڻ نه وَڃُ اُنَ جي.

4- ملو ۽ پير، ٻيائيءَ کڻي ٻه ڪيا،

موٽي مٺو نه ٿئي، کري پيو جو کير،

اصل هئا اڪسير، وحدت ڇڏي وهه ٿيا.

سنڌ جي صوفي شاعرن جي ڪلام ۾ پاڻ کي سوين بيت رياڪار پيرن جي اڍنگاين ۽ مـُـلن موراڻن جي دين فروشيءَ متعلق ملندا، جن مان اهوئي محسوس ٿئي ٿو ته انگريز جي اچڻ کان اڳ ئي ماڻهو ملن ۽ پيرن مان بيزار هئا. انگريزن اچڻ بعد، جو وڏيرن ۽ ڪامورن جو طبقو به عوام تي مسلط ڪيو، تنهن ته هيڪاري هاڃا ڪري ماڻهن جا رانڱا لاهي ڇڏيا.

*      *      *

پهرينءَ مهاڀاري لڙائيءَ بند ٿيڻ بعد انگريزن کي جڏهن هوش آيو، تڏهن هنن هندستان اندر انتظامي سڌارن آڻڻ ۽ ڪاروباري خرابين ڪڍڻ لاءِ حڪمرانيءَ جي سڀني مصلحتن ۽ رمزن کي سامهون رکندي، ڪوشش شروع ڪئي. اُنهيءَ سلسلي ۾ هنن ضرورت پٽاندر مختلف ڪميٽيون ٺاهيون، جن جي حوالي جدا جدا ڪم سپرد ڪيا ويا. انهن مان هڪ ڪميٽي سنڌ اندر به مقرر ڪئي وئي، جنهن جي حوالي ڪم هو ته رشوت، رسائي، لاپي ۽ ڇيڙ ڇِپِريءَ متعلق مختلف ماڻهن کان بيان وٺي حقيقتون گڏ ڪري، ۽ رپورٽ پيش ڪري ته انهن خرابين کي بند ڪرڻ لاءِ ڪهڙا اُپاءَ ورتا وڃن.

انهيءَ ڪميٽيءَ اڳيان سنڌ جي مشهور اديب، اخبار نويس، ظريف ۽ اصلاحي شاعر، رئيس شمس الدين ”بلبل“ 25 اپريل، 1918ع جو جيڪو بيان ڏنو هو، سو راقم الحروف جي سامهون آهي. انهيءَ بيان جا ڪي خاص ٽڪرا [8] هيٺ ڏنا وڃن ٿا، جن مان اڄ کان تقريباً اڌ صديءَ اڳ جون ڪي دلچسپ حقيقتون سامهون اچن ٿيون.

رسائيءَ [9] لاءِ رئيس مرحوم لکيو آهي ته ’رسانيدن‘ مان نڪتل آهي، معنيٰ پهچائڻ. ميهڙ جي فقط هڪ تعلقي ۾ انهيءَ زماني ۾ هيٺين جاين تي آفيسرن جون منزلون ٿينديون هيون - راڌڻ اسٽيشن، ٿرڙي محبت، ميهڙ، نئون ڳوٺ، شاهه پنجو، بالي شاهه، اگهاماڻي، قاضيءَ جو ڳوٺ، منجڻ، فريد لـُـهار، شاه گودڙيو، منگواڻي، گرڪڻ ۽ ڪولاچي.

انهن جاين تي هيٺيان ڪامورا منزلون ڪندا رهندا هئا، مختيارڪار، اسسٽنٽ يا ڊپٽي ڪليڪٽر [10]، ڪليڪٽر، ڊسٽرڪٽ سپريڊنٽ، سپريڊنٽ انجنير، ايگزيڪيوٽو انجنير، سڀ ڊويزنل آفيسر، ڊسٽرڪٽ ائنڊ سيشن جج، جڊيشل ڪمشنر، مئنيجر انڪمبرڊ اسٽيٽس، سول سرجن لاڙڪاڻو، شايد ميهڙ ۾ ٻيلا ڪونه هئا يا رئيس مرحوم کان فاريسٽر، ڊويزنل ۽ ڪنزرويٽر جون منزلون دل تان لهي ويون.

منزلن جي سلسلي ۾ جيڪا رسائي ٿيندي هئي، ان جي سلسلي ۾ هيٺين فقرن ۾ رئيس صاحب لکي ٿو:-

نمبر 10- نه رڳو آفيسرن جي سر لاءِ پر سندن ساري عملي، منشـِـن، پٽيوالن، جتن وغيره لاءِ به سامان ڏيڻو پوندو آهي، جهڙو ته، کٽون کٽولا، دلا، گوشت، ڪڪڙ، اَنا، مکڻ، کير، ڪاٺيون، گاهه، شراب، ميوا ۽ ڀاڄيون.

نمبر 13- ڪڪڙن جي قيمت 4 کان 8 آنن تائين [11] آهي، بيضو هڪ آني يا ٽين پيسي، مکڻ 5 يا 6 پاوَ رپئي اڳ، ۽ في رپئي 4 يا 5 پاءَ هاڻي ملي ٿو، ڪڙٻ 10-12 بند رپئي ملندا هئا اڳ، هاڻي 3-4 بند، پلال في ويڙهو اڳ ٻه ٽي آنا، هاڻي في ڇيلو هڪ کان وٺي ٻه [12] رپين تائين.

نمبر 14- اهي جنسون هرهڪ زميندار تي سندس حيثيت ۽ آباديءَ موجب مختيارڪار رکندا آهن، سڀڪو منزلگاه تي پهچائي ڏيندو آهي.

نمبر 15- منزل گاهن تي اهڙو سامان، گاهه، پلال، زميندار هارين جي بيل گاڏين تي موڪليندا آهن، جن کي ڪجهه ڏيڻو نه پوندو آهي.

نمبر 18- مختيار ڪار جي منزل جو روزانو خرچ 0 -0 - 8

يورپي اسسٽنٽ ڪليڪٽر ”   “       0 -0 - 15

ڏيهي ڊپٽي ڪليڪٽر ”       “       0 -0 -0 - 1

ايگزيڪيوٽو انجنير    ”       “       0 -0 - 15

سب ڊويزنل آفيسر     ”       “       0 -0 - 5 [13]

کير جا دلا [14] علاوه. شراب، سيڌو سامان، خرچيون، ٿاڌليون [15]، مصريون، انگوڇا، ڌوتيون [16]، سڀ ان خرچ ۾.

نمبر 21- دلا کٽولا [17] زميندار ڏيندا آهن ۽ شهرن ۾ پنچات ڏيندي آهي، ليڪن هر منزل تي کٽولا بدلجي ويندا آهن، گم ٿي ويندا آهن، سٺيون واڏڻيون [18] سوٽيون (يا ڏاس جون) جت يا پٽيوالا ڪڍي ويندا آهن، يا منشي مٿن سنان ڪري تيل ميٽ سان خراب ڪري ڇڏيندا آهن.

گهوڙن جي طبيلن يا ٻين لانڍين ٺاهڻ لاءِ ٽوا، ڇـَـپريون، ڪاٺيون[19]، زميندار يا شهر جا مکيه ماڻهو ڏيندا آهن. انهن جي ٺاهڻ لاءِ ڇيڙا به زميندار ڏيندا آهن.

نمبر 23- رسائيءَ جو خرچ تپيدار به ڪندا آهن، جيڪو هو لاپن مان وصول ڪندا آهن.

نمبر 24- زميندار جيڪو به خرچ رسائيءَ تي ڪن ٿا، سو اڪثر ننڍن کاتيدارن کان وصول ڪن ٿا، ڪي هارين کان اهڙن خرچن لاءِ بٽئيءَ مان اَن ڪڍي وٺندا آهن. ڪي جزوي زميندار هوندا، نه ته اڪثر بار سڀ غريبن تي آهي.

نمبر 27، 28- سامان ڍوئڻ لاءِ بيل گاڏيون بيگر ۾ هڻندا آهن، جن کي سرڪاري نرخ موجب ٻه آنا في ميل ڀاڙو ڏيندا آهن. گهڻو ڪري کاتيدار ڀاڙو به ڪونه ڏيندا اٿن، ۽ ائين ئي واٽهڙو مسافرن يا چاڙهاڪي [20] وارن جون گاڏيون بيگر ۾ هڻندا آهن. جا دکدائڪ ڳالهه آهي.

نمبر 34، 35- زميندار يا مقاطعدار کان رسائي ٿيڻ مشڪل آهي، نه ڪي ٿي سگهندي، ڇو ته زميندار عملي جي ايتري پورائي ڪري نه سگهندا. هو نه بل پيش ڪندا، نه کين قيمت ملندي، نه ته عملي جي پڪار کان آفيسر مٿن ناراض ٿي ويندا ۽ سندن آبرو خطري ۾ رهندي، اهڙيءَ طرح مقاطعدار به چاڙهي اگهه وٺندا ڇو ته کين نفعو به گهرجي، سو وري عملي وارا ڏئي نه سگهندا، جيڪي قيمت ڏيڻ تي هريل ئي نه آهن.

نمبر 36- رسائيءِ جا باني اصل مختيارڪار آهن. سندن خواهش هوندي آهي ته سالياني چڪاس ۾ سندن عيب ثواب لڪا رهن، تنهنڪري هو اهي خرچ ڪرائن ٿا. سالياني نقدي، شرح [21] لاءِ هي آهي:-

بالا آفيس

هرهڪ بالا آفيس جو هيڊ منشي             0 -150

هيڊ ڪلارڪ ۽ سرشتيدار                     0 -60

ٻيا منشي 0 - 400 کان 0 -0 -0 - 30 ۽ 0- 15 تائين درجيوار.

تعلقي آفيس

هيڊ منشي، هرهڪ تپيدار کان                        0 -11

(ميهڙ ۾ 17 تپيدار آهن، جملي 187 رپيا ٿيا)      

خزانچي، هرهڪ تپيدار کان                   0 -6

سيڪنڊ منشي، هرهڪ تپيدار کان           0 -3

سپروائزنگ تپيدار هرهڪ تپيدار کان         0 -40 ۽ 0 -45

ڊويزنل تپيدار هرهڪ تپيدار کان              0 -11

عملدارن جي خانگي نوڪرن جا شرح 5 کان 10 رپين تائين آهن. تعلقي آفيس ياسپروائزنگ يا ڊويزنل تپيدار جو ساليانو شرح تپيدار جدا ڀريندا آهن، باقي بالا آفيس جا ساليانا ”وچ خرچ[22]“ مان ڀربا آهن، جو اهو خرچ تر جي تپيدار وٽ رهندو آهي ۽ مختيارڪار يا تعلقي هيڊ منشيءَ جي مرضيءَ ۽ اختيار تي هلندو آهي. ان جو حساب نه وٺبو آهي.

اهي (شرح) ته منزل ڪندڙ عملدارن جا آهن. جيڪي ضلعي جي بالا آفيس ۾ مقيم عملدار آهن، سي به وٺن ٿا، مثلاً: حضور ڊپٽي. اهي جڏهن ڪاغذ تپاس لاءِ گهرائيندا آهن، ته کين 250 رپيا ساليانو شرح تپيدار ڏئي ايندا آهن - انهيءَ وچ خرچ مان.

رئيس صاحب مرحوم، زميندارن جي سلسلي ۾ پنهنجي بيان اندر لکي ٿو ته -

وڏا زميندار به خوشيءَ سان ۽ ڄاڻي واڻي خوشامدون ڪندا آهن، ته آفيسر راضي رهن، ڪو سندن اٽڪيو نه رهي. انهن کي هر وقت پنهنجي آبرو وڌڻ ۽ ڪم ڪڍڻ جا غرض رهن ٿا، جنهنڪري سندن آبرويون به وڌن ٿيون، ’دربارين‘ ۾ کين انعام اڪرام به ملن ٿا [23] ۽ زمينون به.

انهيءَ رسائيءَ ۽ رشوت جا ذريعا بيان فرمائيندي، رئيس مرحوم لکي ٿو ته -

مختيارڪار يا زميندار، جيڪو به خرچ رسائيءَ تي ڪن ٿا، سو سارو بار آخر ننڍن کاتيدارن ۽ هارين تي پوي ٿو. نه مختيارڪارن کي ڪَسُ نه زميندارن کي نقصان، ڦـُـرجن وچان ئي غريب ٿا، جن مان اهي پيسا وصول ٿين ٿا.

رئيس مرحوم بيان ۾ هڪ منزل جو ذڪر ڪندي چوي ٿو ته -

2- اپريل 1918ع تي سپريڊنٽ انجنير ٿرڙي محبت ۾ منزل ڪئي. عملي سميت چار ڏينهن اتي رهيو، ٻئي ڏينهن پاڻ ويو، پر عملو اتي رهيو. رسايون خرچ پکا خوب هليا. وري عملو يعني منشي پٽيوالا به گهرائي ورتائين، ته جت ۽ خلاصي سامان سميت اتي رهيا. 26- اپريل 1918ع تائين ته اڃا اتي آهن، اڳتي جي خبر پوي.

انهيءَ باقي عملي جو خرچ بيان ڪندي رئيس لکي ٿو ته -

عملو خلاصي ۽ جت روزانو چار سير گوشت ۽ هڪ دلو کير جو، ۽ هڪ ڳوڻ جوئر جي...اُٺن جي داڻي لاءِ وٺن ٿا. ان منزل جو خرچ داروغا ۽ مقدم ڀريندا، جي وري زميندارن کان وٺندا، ۽ اهي وري ننڍن کاتيدارن يا ڪڙمـِـن کان.

رئيس مرحوم کي خدا جنت نصيب ڪري، پٽيوالن جي رشوت ستانيءَ جو ذڪر ڪندي، لکي ٿو ته -

آفيسرن جا بٽڙيل [24] ان بهاني تي وڌيڪ رسائي ۽ روزينا ۽ ساليانا شرح وٺن ٿا، جو هو، ”نه رسائيءَ جي صورت“ ۾ آفيسرن کي چغليون هڻندا آهن ته ’کير خراب مليو چانهه تيار نه ٿي‘، ’بيضا ڪنا نڪتا‘، ’سامان برابر نٿو ملي‘. ان ڪري آفيسر رسائي ڪندڙ ڪامورن تي ناراض ٿيندا آهن، ڪن کي ته مارون به ملنديون آهن، اهڙيءَ طرح پٽيوالا تنبو دير سان هڻندا آهن ته مارون به ملنديون آهن ته ’ڇيڙ نه ملي‘! جنهن تي پڻ تپيدارن ۽ مختيار ڪارن تي ڪاوڙ ٿيندي آهي[25].

رئيس مرحوم عملدارن جي گشت جو مفهوم ۽ مطلب لکندي چوي ٿو ته -

گشت جو وڏو مطلب ته هي آهي ته عملدار عام رعيت سان ملن جلن ۽ انهن جا اهنج ايذاءَ معلوم ڪن، سو بلڪل ڪونه ٿو ٿئي. گشت ۾ فقط وڏا زميندار ڪرسي نشين آفيسر کي ملن ٿا، جي رڳو پنهنجي غرض تي احوال کين ڏين ٿا. اهنجايل ماڻهو عرضدار جي صورت ۾ اچن ٿا، مگر جڏهن ته ان وقت تعلقي جا مختيارڪار روبرو اچي ويهن ٿا، ته انهن جي دال نٿي ڳري، کين اُبتو سبتو جواب ڏياري ٿا ڇڏن، تنهنڪري وري وڌيڪ ستايل ماڻهو گمنام طرح عريضيون ٽپال ۾ موڪلـِـن ٿا، ته انهن تي به خيال نٿو ڪيو وڃي. نالي لکڻ مان هيٺيان عملدار ۽ وڏا زميندار انهن کي ڌمڪائي سندن ثابتي گم ڪري ڇڏن ٿا.

’ڏاليءَ‘ جي باري ۾ رئيس لکي ٿو ته،

زميندار عملدارن کي ميوو ڏين ٿا ۽ پئنچات مصري[26].

لاپي جي سلسلي ۾ رئيس مرحوم لکي ٿو ته،

اهو اکر ”لاڀ“ يا ”لوڀ“ مان نڪتل آهي، زميندار ڌنڌي ۾ ڪاسبي ماڻهن يا پيرن فقيرن ساداتن کي جو ساليانو اَنُ محنت يا خير خيرات ۾ ڏبو آهي، تنهن کي ”لاپو“ چوندا آهن. اهڙيءَ طرح ڪامورن جي انگن ۽ ساليانه شرحن نقدي ۽ اَن ڏيڻ کي به لاپو چئبو آهي.

لاپي جا شرح بيان ڪندي مرحوم لکي ٿو ته -

روينيو کاتي ۾، تپيدار پهرين ڍل تي في جريب هڪ آنو يا ٻن آنن تائين وٺندا آهن، وڏن زميندارن کان في سيڪڙو 3 يا 5 رپيا، پبلڪ ورڪس ۾ سب ڊويزنل آفيسر مقاطعدار کان في سيڪڙي تي ڏهه رپيا وٺندا آهن، سب اوورسير داروغا 2 کان 5 تائين يا ڏٺي سارو. داروغا، ’راڄوڻِي‘ هر پڪيءَ موريءَ تي 3 کان 5 رپين تائين، ۽ ڪڙمين کان في کـُـهاڏو [27] هڪ رپيو. مقدم لابارن [28] ۾ ان جي وَلِ وٺندا آهن يا بٽاين ۾ اَنُ. مالدارن کان سدائين کير، ڇيلا گهرج سارو، ۽ منزل تي زميندارن کان نقدي. فاريسٽ وارن مان رينجر مالدارن کان ۽ زميندارن کان، ۽ پوليس کاتي ۾ سب انسپيڪٽر ۽ ٿاڻيدار رسائيءَ جي بهاني تي هرهڪ زميندار کان سندس حيثيت مطابق وٺندا آهن. جـُـڊيشل کاتي ۾ به بالا آفيس ۾ ساليانا شرح ٻڌل آهن. هرهڪ سبارڊينيٽ ڪورٽ جا سرشتيدار ۽ ناظر ۽ تعميل منشي [29] ۽ ٻيا بيلف دعويٰ جي في سيڪڙي رقم تي اٺ اٺ آنا. اُن کاتي جي بالا آفيسرن جي رسائي تپيدار، ۽ عملي جي رسد ۽ رسائي بيلف ۽ ناظر ڪندا آهن.

زميندارن جي عادتن تي روشني وجهندي، مرحوم هڪ جاءِ تي فرمائي ٿو ته-

زميندار کير (منزلن لاءِ) ڏين ٿا ته اهو زور تي پنهنجي حد جي مالدارن کان وٺن ٿا.

انجنيريءَ ۽ پوليس جي سلسلي ۾ رئيس هڪ نهايت ئي دلچسپ فقرو لکيو آهي. چوي ٿو:

انجنيري کاتو پاڻيءَ جو سيلاب آهي ۽ پوليس کاتو باهه جو شعلو.

انهن ٻنهي مان ايترو سهنج به آهي جيترو پاڻيءَ ۽ باهه مان ماڻهن کي پهچي ٿو. مگر جڏهن اهي ٻـَـئي حد کان لنگهن ٿا ته هو ملڪ ٻوڙي ناس ٿو ڪري، هو جهڳا ساڙي چٽ ٿو ڪري.

ڇيڙ جي سلسلي ۾ رئيس صاحب پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته -  

”ڇيڙ“ جي معنيٰ آهي ته بيگر ۾ بنا اجوري ڪنهن به ڪم لاءِ ماڻهو موجود ڪري، هڪلي وڃڻ - جيئن مال کي ڌنار ڇيڙيندا آهن. کنڊن ٻڌڻ، منزلن تي تنبن کوڙڻ ۽ پٽڻ، سامان لاهڻ چاڙهڻ، رستن جي مرمت، منزل گاهن جي صفائيءَ لاءِ ۽ منزل جا ڏينهن پاڻي ڀرڻ ۽ ٻئي ڪم ڪار لاءِ اِهي ماڻهو ڏبا آهن.[30] ڇيڙن يعني هارِن کي پوکڻ لاءِ زمين ڏيڻ وقت زميندار اهڙو شرط تقاويءَ جي دستاويز تي لکرائي وٺندا آهن، يا زباني شرط ڪندا آهن ته ’ڇيڙ چپري، بند کنڊ، سڏ صلح ۾ انڪار نه ڪندس‘! عملدارن جي منزل تي به 20 کان 30 تائين ڇيڙا، رستن جي مرمت يا منزل گاهن جي صفا ڪرڻ لاءِ ڪم سارُو 50 کان 100 تائين ڇيڙا، هرهڪ زميندار ڏيندو، يا ڪم زميندارن کي ورهائي ڏيندا، جيڪي معياد اندر ڇيڙن کان پورا ڪرائي ڏيندا. شڪار جي ڇيڙ ناتال ۾ ٿيندي آهي. ڇيڙَ زميندار جي سڏ تي اچڻ لاءِ ٻڌل آهي - خوش هجي يا ناخوش.

رئيس مرحوم اهو بيان 25 اپريل، 1918ع جو لکيو آهي، جنهن تي انگريزيءَ ۾ عهدن جي فهرست سميت دستخط ڪيا اٿائين، يعني اڄ (25-8-60) کان ٻائيتاليهه ورهيه چار مهينا ۽ هڪ ڏينهن اڳ اهو بيان ڏنو ويو آهي، جنهن اندر جيڪا انهيءَ زماني ۾، انهيءَ سمي جي اگهن مطابق رشوت، رسائي، لاپي يا ڇيڙ جي حالت هئي، سا بيان ٿيل آهي. جنهن ڪميٽيءَ اڳيان اهو بيان ڏنو ويو، ان ضرور حڪومت کي ڪا رپورٽ پيش ڪئي هوندي، ۽ انهن آزارن جي بند ڪرڻ لاءِ ڪي اُپاءَ به رٿي ڏنا هوندا، ليڪن رشوت، رسائي، لاپو بند ٿيڻ ته خير، گهٽجڻ به خير، پر الٽو وڌندا ويا، ۽ اگهن سارو انگن اکرن ۾ اضافو ٿيندو ويو ۽ سنڌ جي جدا ٿيڻ بعد (1936ع)، يا ائين کڻي چئجي ته سنڌ اندر جڏهن انتظام درهم برهم ٿي ويو، تڏهن کان ته نهايت جبر، ظلم ۽ زور تي کلم کلا رشوت، لاپو ۽ رسائي وٺجڻ شروع ٿي. اڳ اهي شيون مانَ مرجات ۾ هلنديون هيون، هاڻي بي شرميءَ، بي حيائيءَ ۽ ديده دليريءَ سان ورتيون وڃن ٿيون، اڳ ڏني ورتي [31] بعد لـڄ حياءُ رکبو هو، ننگ ۽ لحاظ پوندو هو، ڪم ڪار به پورو ٿيندو هو، ليڪن هاڻي ته انهيءَ حد تائين سيني زوري وڌي وَئي، جو دل گهري رقم ملڻ بعد به ڪم ڪونه ٿيندو، اڳ ڀؤ هوندو هو، هاڻ ڀؤ ڀولو ته جدا رهيو پر وڏي واڪي، ظاهر ظهور، تڪي توري، ٺڪي ٺوڪي رشوت رسائي وٺڻ ۾ آئي، اڳ وڏا عملدار خال خال وٺندا هئا، بلڪ سـَـوَن ۾ ڪو هڪ، ليڪن هاڻي ڦرمار تي وڏن کان ننڍن تائين پـَـٽَ کاءُ تي ڇڙي پيا، جيئن صبح جو بکين ٻڪرين جو ڌڻ واڙ مان نڪري پوندو آهي. طوائف الملوڪيءَ جو عالم هو. نوڪريءَ جو مطلب ڪاموري ڪلاس اهو سمجهيو ته ٿوري ۾ ٿوري عرصي اندر گهڻي ۾ گهڻو پيسو گڏ ڪجي، ۽ هنن ڪيو به ائين. اها ڪيفيت رهي 1931ع کان وٺي 1947ع تائين، جنهن کي انگريز جو آخري دور چئجي ٿو. ان کان پوءِ جون حالتون هن کان پوءِ جو لکندڙ ويهي لکندو.  

------


 


[1] انهيءَ دور جا نام ڪٺيا پوليس عملدار گهڻا ئي هئا، جن مان هيٺين جا نالا ياد اچن ٿا:

نارائڻ داس، تيجومل، ٽهلرام، مولانا ضياءُ الدين احمد، غلام اڪبر خان، ديوان ساجن سنگ، حافظ محمد سليمان، واليءَ ڏنو خان، عبدالستار خان، محمد بخش خان لغاري، الهه بخش خان کوسو، ميرالهه ڏنو خان، محمد صالح ڏهراج، قادر بخش ڪلوڙ، نياز محمد خان، تاج الدين انسپيڪٽر، خان محمد بروهي، دلاورحسين شاهه وغيره. انهن مان ڪي صاحب بلند ڪردار جا ۽ شانائتي طور طريقي جا مالڪ هئا. اڃا به وقت آهي، جيڪڏهن ڪو صاحب انهن ۽ اهڙن ٻين شخصيتن جو احوال ۽ سندن واقعا ويهي گڏ ڪري.

[2] مالدارن جي سلسلي ۾ سوين لفظ سنڌ ۾ آهن: ڌنار، ڌراڙ، ميهار، ڳنوار، ٻڪرار، ريڍار، اڻپنهوار، ايلپنوار، واڙو، ٿانُ، مَنَهن، واڙ، ڀاڳيو. سوين متعلق اکر آهن، جيڪي گڏ ڪرڻ گهرجن.

[3] عوامي لفظ لَهَڪُڻ آهي.

[4] لنگهو شاديءَ تي سڏ ٻڌائيندو هو ۽ غميءَ جو اطلاع به اهو ڏيندو هو. مير بحر شاديءَ غميءَ تي پاڻي ڀريندو هو. دايو به سڏو ٻڌائيندو هو ۽ ماليءَ جي ديڳن هيٺان ڪاٺيون سوريندو هو. ڪنڀر اهڙن موقعن تي ٺڪر جا ٿانوَ پهچائيندو هو.

[5] جڏهن زمانو ڦريو، بلڪ سڌريو، ڪڙمين ۾سجاڳي آئي ۽ هاري ڪميٽيءَ سنڌ اندر زور ورتو، تڏهن انهن انگن اسبابن مان ڪيترا سرڪاري طرح بند ڪيا ويا.

[6] ديال مان ڦرهيون ٺهرائبيون هيون، جنهن جي ٻنهي پاسن ميٽ هڻي، ان تي هندو (هٽ واڻيان) ڪچو ليکو لکندا هئا، ۽ مدرسن ۾ شاگرد انهن تي صورتخطي ۽ اکر پڪا ڪندا هئا. ان کي پَٽي به چئبو هو.

[7] خالصو ان کي چئبو هو، جو زميندار زمين کي ڇيڙ تي ٺهرائي، هر ڪـَـهرائي، ٻج وجهرائي، اُن جو ان ٻنهي سَرين پاڻ کڻندو هو.

[8] انهيءَ بيان جي ابتدا ۾ رئيس مرحوم پنهنجي لاءِ هن طرح لکيو آهي: شمس الدين ولد بهادر خان ابڙو، زميندار، ايڊيٽر آفتاب، سنڌ، ميمبر تعلقو لوڪلبورڊ، آنرري ماجسٽريٽ - انهيءَ ئي بيان مان معلوم ٿئي ٿو ته رئيس مرحوم ٽيهه ورهيه ايڊيٽري (1918ع تائين) ڪئي، پهريائين الحق جي پوءِ آفتاب سنڌ جي.

[9] رسائي رهائي، رس رساوت، رس رساءُ، رس رهاڻ، ڪس رس، رسيل، رسيو آهي (معنيٰ پڪو آهي)، واهه جو رس رکي بيٺو آهي رسڻ (پچڻ يا ڪنهن شيءِ جو پهچڻ)، وغيره وغيره، اهي سڀ اکر ۽ ترڪيبون انهيءَ هڪ اکر جون آهن.

[10] زنگريز کي اسسٽنٽ ڪليڪٽر ۽ ديسيءَ کي ڊپٽي ڪليڪٽر چوندا هئا.

[11] مرحوم قليچ بيگ پنهنجي يادگيرن ۾ پنهنجي زماني جا اگهه ۽ انگ پڻ ڏنا آهن، اهي سڀ اگهه انهيءَ دور جا آهن جڏهن سڪر سڻائي هئي ۽ رپئي جي قيمت واقعي قيمت هئي.

[12] اها زبان انهيءَ زماني جي آهي. هن وقت هوند هيئن لکجي - ٻن رپين تائين يا ٻي رپئي تائين.

 [13] انهيءَ زماني ۾ اڄوڪي اگهه جي مقابلي ڏهه رپيا 100 رپين جي برابر آهن.

[14]  کير جا دِلا ڀاڳين وٽان مفت آڻبا هئا. اسان جي سانڀر ۾ هرهڪ منزل تي روزانو 5-6 گهَڙا کپندا هئا. کير سان تڙ ڪرائڻ جو محاورو کير جي انهيءَ افراط تان ٺهيو.

[15] سنڌ ۾ گرمِن جي موسم ۾ ٿادل پيئڻ جو رواج هوندو هو. صبح کان منجهند تائين ڏڌ ۽ ٻپهريءَ کان وٺي لڙي ٽپهريءَ تائين ٿاڌل يا شربت، بيدمشڪ ۽ ڪيوڙي يا بادام وغيره جو ٿاڌل جو نسخو هي هو، ۽ ڏنڊي ڪونڊي ۾ گهوٽي، پوءِ ڪپڙي ۾ ڇاڻي ۽ ڪورن دَکِن يا دلن ۾ وجهي پياربي هئي:

بادام

ڪارا مرچ

خس خس

گدري، ونگي، هنداڻي جو ٻج (ست مغزي)

مصري - پاڻيءَ جي وزن تي.

پاڻي، پيڻ وارن جي اڌار تي.

هندو ان ۾ ڀنگ چيٽي ملائي پيئندا هئا، جنهن کي سُکو چوندا هئا، نشئي مسلمان جڏهن ان ۾ ڀنگ ملائيندا هئا، ته ان کي آيو چوندا هئا.

[16] انگوڇا هندو ڪلارڪن لاءِ هوندا هئا. صبح جو ڏندڻ پاڻي ڪري، بت کي ڪرڙو تيل مکي، ميٽ لائي، انگوڇا يا ڌوتي هيٺ تي ڪري، کٽ تي ويهي يا وِڪي تي ويهي، مٿان ٿڌي پاڻيءَ جا دلا پرٽيندا هئا. عام هندو منجهند جي مانيءَ کان اڳ وهنجندا هئا، اهي گهمندا به ويندا هئا ۽ مٿان گهڙو به پرٽيندا ويندا هئا، ان کي هو سنان چوندا هئا. پوءِ ڌوتي ٻڌي، ساڳئي ئي انگوڇي کي نپوڙي، ان سان بدن اگهندا هئا. مسلمان اُن کي تڙ، غسل يا وهنجڻ چوندا هئا.

[17] زميندار دلا ڪنڀر کان مفت وٺندا هئا، جن کي لاپو ڪڙميءَ جي حصي مان ڏيندا هئا، ۽ کـَـٽون راڄ مان گڏ ڪري ڏيندا هئا.

[18] واڏڻ يا نانگ کٽ جي پيرن کان واڻ ۾ پوندي آهي، جنهن سان کٽ جو واڻ ڇڪجي بيهندو آهي. واڏڻ مـُـڃ مان به ٺهندي آهي، ليڪن ڪي شوقين سٺين کٽن لاءِ ڏاس، سـُـٽَ يا سوتليءَ مان ٺاهيندا آهن. انهيءَ قسم جون واڏڻيون پٽيوالا، منشي، هندو ڪلارڪ ۽ آخر ۾ جت ڪڍي ويندا هئا. اهو دستور راقم جي زماني تائين به هو.

[19] ٽُوا سَرَن مان زميندار مفت ڪڙمين کان ٺهرائيندا هئا، اهڙيءَ طرح ڪاٺيون وغيره به ٻيلي مان ڪڙمي ڪپي، اچي منزلن تي پهچائيندا هئا! زميندارن جو نالو هو، حقيقت ۾ نڪرندو سڀڪجهه غريبن جي هڏ مان هو.

[20] بيل گاڏيون ڪاهي، جيڪي غريب پنهنجي ڪَمين ڪارين اچي منزل وٽان لانگهائو ٿيندا هئا، يا شهر ۾ ايندا هئا، اهي تپيدار يا پوليس وارا بيگر ۾ هڻندا هئا. پنهنجو ڪم ڪار ڇـُـٽو، غريب اوچتو اَوه ۾ اچي ويو. چاڙهاڪو چئبو آهي، جو گاڏرن کي ويندي ڪنهن شهر ۾ رات پئجي وڃي، ۽ ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ گاڏي ڇوڙي رات ڀڃن. بگڙن تترن جو چاڙهاڪو به ٿيندو آهي.

[21] سالياني رشوت کي ساليانو شرح چيو ويندو هو.

[22] تعلقي آفيس ۾ هر ڪامورو حصي رسد رقم جمع ڪرائيندو هو ۽ اها بالا عملدارن جي رسائيءَ ۾ ڪتب ايندي هئي، انهيءَ رقم کي وچ خرچ چيو ويندو هو.

[23] سنڌ ۾ سالياني دربار گورنر جي ٿيندي هئي ۽ ڪمشنر به ڪندو هو. انهن دربارن ۾ ڪرسي نشين زميندارن کي ويهاريو ويندو هو، جن کي خطاب ملندا هئا، انهن کي انهيءَ موقعي تي انهن جا ٻلا ۽ پروانا ڏنا ويندا هئا، ۽ جن کي انعام اڪرام مثلاً قراريون، لونگيون ۽ آفرين ناما ڏيڻا هوندا هئا، انهن کي به انهيءَ ئي موقعي تي اُهي شيون ڏبيون هيون. زميندار اُهي سڀ انعام ۽ عزتون عملدارن کي راضي ڪري، انهن جون ناجائز خوشامديون ڪري، کانئن سفارش ڪرائي، حاصل ڪندا هئا. اهي خطاب ۽ درباريون سن 1938ع ۾ الله بخش شهيد بند ڪري ڇڏيون.

[24] BUTLER

[25] صاحبلوڪن جا بٽلر حقيقت ۾ ضلعي جا مالڪ مختار ٿيندا هئا، جيڪي چون سو ڪري ڏيکارن. منڊمون ۽ صاحب سندن مٺ ۾. تنهنڪري عملدار خواه زميندار پيا سندن خوشامديون ڪندا هئا، ۽ سندن ناجائز گهرجون پيا پوريون ڪندا هئا. منهنجي سانڀر ۾ (1919ع) لاڙڪاڻي جو ڪليڪٽر N.H.HAY هوندو هو، ان جو بٽلر محمد الدين، الامان و الحفيظ! خانصاحب محمد الدين خان پئي پوندي هئي، اونڌي سنئين سڄي ان جي هٿ ۾، جيئن وڻيس تيئن ڪري، زميندار سان مشڪي ڳالهائيندو ته زميندار جي ڄڻ قسمت کلي، جي محمد الدين توجهه پورو نه ڏنو ته ڄڻ قيامت اچي وئي، زميندار کي پڪ ٿيندي ته ڪا آفت اچڻ واري آهي!

صاصبلوڪن جا ٻه خانگي نوڪر هوندا هئا. بٽلر، جنهن کي بٽريل يا ٻٽڙيل چوندا هئا، ۽ اينگلو - انڊين بورچي. سرڪاري نوڪر هن طرح هئا: پهرين حوالدار، ٻيو نمبر نائڪ، ان کان پوءِ حسب ضرورت پٽيوالا. حوالدار جي سفيد پٽڪي تي زريءَ جو پٽو ۽ چيلهه سان زريءَ جو ڪمربند هوندو هو، ڪوٽ، پٽڪو ۽ ٻيا لٽا سڀ اڇا. نائڪ جي ڪمر ۾ ڳاڙهي لٽي جو ڪمربند ۽ پٽڪي ۾ به ڳاڙهو پٽو. پٽيوالن کي فقط سفيد ڪوٽ ۽ پٽڪو. حوالدار ۽ نائڪ جنهن زميندار سان ٺهيل هوندا، ان کي صاحب سان اڳ ۾ ملاقات ڪرائيندا هئا، اها وڏي عزت سمجهي ويندي هئي. ملاقات وقت هرڪو زميندار حيثيت آهر حوالدار کي ڏيندو هو ۽ اهو سڀني کي، پاڻ سميت، ورهائي ڏيندو هو. گهٽ ۾ گهٽ 5، وڌ ۾ وڌ 20 رپيا. منزلن تي البت کين حد جو مکيه زميندار هڪ سؤ ڏيندو هو.

[26] سنڌ ۾ انهيءَ قسم جي ڏالـِـن جو زياده ۽ خوفناڪ رواج هڪ ته جيڪب آباد ضلعي ۾ هو ۽ ٻيو ميرپور خاص ضلعي اندر. جيڪب آباد ۾ بلوچ سردار رهندا هئا ۽ ميرپورخاص ڏانهن اڻ پڙهيل ۽ اڻ سڌريل زميندار. اهي ڏاليءَ جي بهاني عملدارن کي هزارين رپيا پيش ڪندا هئا. نئون عملدار بدلي ٿي ايندو ته هرهڪ سردار ۽ هرهڪ زميندار ميوي سان گڏ ٻه - ٽي هزار به دعوت جي بهاني پيش ڪندو. هندن ۾ البت ڇڙي مصريءَ جو رواج هو، عملدار منزل ڪندو، مکي پنچات جا مک ماڻهو ساڻ ڪري پئنچاتي رسوئي کان مصريءَ جو ٿالهه مٿي تي کڻائي، وڃي منزل تي پهچندو، اندر سڏ ٿيندو ته سڀئي هندو انگوڇا ڪنڌ ۾ ڪندا، جتيون ٻاهر در تي لاهيندا، اندر سلام ڪري وڃي قطار ۾ بيهندا. صاحب پڇندو: مکي صاحب، ڇا خبر آهي؟ مکي ٻانهون ٻڌي، عرض ڪندا: سڀ خير آهي. حضور جن جي سربخت کي ويٺا دعائون ڪيون. ڏاڍو امن امان آهي، چڱو، سلام ٿيو! ساري پئنچات صاحب ڏي منهن ڪيون. پٺيءَ ڀر ٻاهر نڪرندي، جيئن پٺي ڏيڻ سان صاحب جي بي ادبي نه ٿي. جيڪڏهن ڪنهن تي چغلي هڻڻي هوندِن، ته مکي، صاحب جي تعريف ڪندي، نموني سان چئي وٺندو ته حضور، ٿورو گهڻو فلاڻي جو آزار آهي، اوهان مالڪ آهيو، نگهه ڪندؤ ته مڙئي لهي پوندو. ٻيا هندو هٿ ٻڌي چوندا، حضور سائينءَ جي مهر گهرجي، مڙئي فلاڻو ڏاڍو مڙس آهي، هٿ لڳندس ته سِکي ويندو. اِنهيءَ ماڻهوءَ جي آفت اچي ويندي، جنهن تي پئنچات انهيءَ نموني سان شڪايت ڪئي.

[27] ڪنهن به سرڪاري واهه جي ڪنڌيءَ تي کوهه کڻي، ان تي نار چاڙهجي، ان کي چئبو آهي کهاڏو. انهيءَ کوهه ۾ پاڻي سرڪاري واهه مان پهچائبو آهي. گهڻو ڪري آبڪالاڻيءَ جي موسم ۾ خريف ۾ جوئر ٻاجهر لاءِ اهي نار چاڙهبا آهن.

[28] لاب لهڻ يا لوب ڪرڻ، يعني پوک جڏهن پچي ۽ ان کي لڻجي، ان کي چئبو آهي لابارو. لاب يا لوب جي موسم - لايارا لاب وارن کي چئبو آهي. لائيءَ وارا چئبا آهن اُهي مزدور، جيڪي روز تي يا ول جي ونڊيءَ تي لاب لاءِ بيهاربا آهن. مارچ، اپريل ۽ مئي ۾ گهڻو ڪري ربيع جي لابن لاءِ بروهي ٽڪر تان ايندا آهن؛ اهي لاب جي مزدوريءَ ۾ ول وٺندا آهن، اهي زمين جي ڀر ۾ ڏاس مان ٺهيل تنبو هڻي ويهندا آهن. اهو رواج جيڪب آباد، لاڙڪاڻي، سکر ۽ دادوءَ ڏانهن آهي. لوئر سنڌ ۾ ڪهڙيون قومون پوکن جو لاب مزدوريءَ تي ڪنديون آهن، انهن جي راقم کي خبر نه آهي، اهي بروهي ڪن حالتن ۾ پنهنجون ڇوڪريون سنڌين کي وڪڻي ويندا آهن، شاديءَ لاءِ، قيمت وڌ ۾ وڌ هڪ هزار روپيا. هڪ دفعو ڏئي وري انهيءَ ڇوڪريءَ وٽ ڪونه ويندا آهن.

[29] تعميل منشي اهو چئبو هو، جيڪو ڊڪري نڪرڻ بعد بيلف موڪلي، اُن جي تعميل ڪرائيندو هو.

[30] رئيس ڇيڙ جي سلسلي ۾ فقط اُهو ڪم ڄاڻايو آهي، جيڪو ڇيڙَن کي منزل تي ڪرڻو پوي ٿو.

[31] سنڌ ۾ چوڻي آهي ڇُٽو پٽ ڏِني جو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org