سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: هو ڏوٿي هو ڏينهن

باب: --

صفحو :3  

 

انهيءَ زماني ۾ اڃا سئنيمائون ڪونه نڪتيون هيون، پارسين جون ٿئٽريڪل ڪمپنيون زندهه ايڪٽرن جي ذريعي ڊراما اسٽيج ڪرائينديون هيون، ليڪن اهي ڊراما به انهن چند ماڻهن کي نصيب ٿيندا هئا، جيڪي ڪراچيءَ يا بمبئي پهچي سگهيا ٿي. ڪراچيءَ جي ايلفنسٽن اسٽريٽ ۾ ڪئپيٽل نالي جيڪو هاڻي سئنيما هال آهي، سو ابتدا ۾ ٿئيٽريڪل هال هو. مان پهريون ڊرامو 1925ع ۾ اُتي ڏٺو. سالن بعد مووي فلمون شروع ٿيون. پهريون خاموش ۽ گهڻي گهڻي کان پوءِ ٽاڪـِـي. غالباً ٽاڪِي 30-1931ع کان پوءِ آيون، ۽ انهيءَ بعد ئي آهستي آهستي اهي گانا ريڪارڊن جي ذريعي مشهور ٿيا، جن مذاق کي مائوف ڪري ڇڏيو ۽ ذوق جي صحت کي ختم ڪري، خود ڪردار ۽ گفتار کي به پست ڪري ڇڏيو.

پهريون ٽينَ جي توتاري وارا ڪاٺ جا هز ماسٽرس وائس فونا، ڪـِـن ڪـِـن اميرن جي اوطاقن ۾ ڏسبا هئا. بنا توتاري جي گراموفون گهڻو پوءِ پهتا، جيڪي پڻ پيسي وارن ورتا. مان اُهو به ايڊيسن جو ٺاهيل فونو ڏٺو، جنهن تي ٿالهي قسم جي رڪارڊن جي بجاءِ ڪنگڻيءَ وانگر گول رڪارڊ چڙهندا هئا، ۽ انهن تان هڪ گانو لاهي ٻيو پنهنجو ڳاتل گانو چاڙهي سگهبو هو. چنانچه جڏهن اسان ننڍا هئاسين، تڏهن وڏن جي غير حاضريءَ ۾ اسان جو اهوئي مشغلو هوندو هو، يعني هڪ گانو لاهي ٻيو پاڻ ڳائي چاڙهڻ. هڪ دفعي هڪ خاص ڪافيءَ کي لاهي اسان پنهنجو گانو چاڙهيو، جڏهن والد مرحوم ان ڪافيءَ جي تلاش ڪئي ۽ رڪارڊ تي اسان جو آواز ٻڌائين تڏهن ڏاڍي تنبيهه ٿي ۽ فونو هميشه لاءِ اسان جي دسترس کان نڪري، مقفل ٿي ويو.

محمد حسين نگيني واري جا پڪا گانا ۽ گوهر جان آگري واريءَ جا غزل توتاري واري فوني جي دور ۾، ۽ گراموفون جي ابتدائي عهد ۾ ڀائي فيض امرتسري، ڀائي چيلي پٽيالي والا، ۽ ماسٽر لڀوءَ جا رڪارڊ رائج هئا، ليڪن اهي سڀئي گانا هرچند شريفانه ۽ ڪلاسيڪل سـُـر ۽ تال ۾ هئا، پر سنڌين فونا عام طرح ان وقت خريد ڪيا، جڏهن ڀائي ڪنور رام جا رڪارڊ بازار ۾ آيا، ۽ مائي جيوڻيءَ آلاپ ڪري چيو ته:

او!...

ڪنهن نه جهليا، ڪنهن نه پليا، هتئون ويم هاڻِ...

ويراڳي وطن لئي!

انهيءَ مان صاف ظاهر آهي ته بنيادي طرح سنڌين کي پرائو راڳ پسند ڪونه هو. وٽن پنهنجا راڳ، پنهجا سـُـرَ، پنهنجا ساز، پنهنجا خيال، پنهنجون تشبيهون ۽ استعارا، محاورا ۽ مثال، جن سان سينگاريل پنهنجون ڪافيون ۽ ڪلام، ڏوهيڙا ۽ بيت هئا. يڪتاري جي تار وڳي، گهڙي کي ڌڪ لڳو، ڪاٺ جي چپڙين هٿ ۾ واڄٽ ڪيو، ۽  پيرن جي ڇير ڇمڪو ڪيو- هوڏنهن ڪن تي هٿ ويندو، ۽ هوڏنهن ’الو الان‘ ٿي ويندي. بس پوءِ ته هر ڪو مست ۽ مدهوش، چوڌاري ”واهه ميان! واهه!“ پئي پوندي. حقيقت ۾ اسان سنڌين ۽ اسان مارن ماڻهن جي روح جي راحت اِهي ئي راڳ هئا، اسان جي زندگي پنهنجن انهن ڪچهرين ۽ مجلسن ۾ هئي، ليڪن هاڻي ڇا ڪجي! هٿئون جو هاج وئي، واءُ جو اهڙو وريو، سر مٿان جو بارَ ۽ بوجهه اهڙا اچي پيا ته انهن کي سـَـهڻو ته آهي.

*      *      *

”ڪَتين ڪر موڙيا“ جي ترڪيب مٿي ڪٿي اچي وئي آهي. اتفاق نڪري آيو آهي ته ڪجهه پنهنجي زبان جي خوبيءَ ۽ خصوصيت به لکي وٺان: سنڌي زبان جي اُستادن رات جي پوئين حصي کي جدا جدا ٽڪرن ۾ ورهائي هرهڪ کي علحدو نالو ڏنو آهي. مثلاً اڌ رات ٿيندي ته ان کي چئبو ”ڀيڄ ڀني“، پوءِ ”ڪڪڙن دس هنيو“، ان کان پوءِ ”ڪتين ڪر موڙيا“، ۽ هاڻي اچڻ واري ٿيندي ”پرڀات“، اخري ڏيڍ، ٻن ڪلاڪن کي به ڏسو ڪيئن ورهايو اٿن، پهريون ”ڀنڀراڪو“ ٿيندو، پوءِ ڦٽندي ”باک“، ان کان پوءِ ”پرهه“ ڦٽي، جنهن بعد ”سورج شاخون ڪڍندو“. اهي سڀ منزلان طيءِ ڪري پوءِ ٿيندو صبح ۽ اڀرندو سج. آهي ايڏي وسعت ڪنهن زبان ۾؟ آهي ڪنهن ٻوليءَ ۾ لفظن جو ايترو ذخيرو؟

*      *      *

جنهن زماني جو ذڪر ٿي رهيو آهي، انهيءَ زماني ۾ ’ڀيڄ ڀنيءَ‘ جي وقت کي ڏاڍي اهميت هوندي هئي. انهيءَ مهل گهوٽ، ڪنوار لانوان لهندا هئا، ان کي ’پِيَرنِ جو وقت‘ سڏبو هو، يعني برڪت ڀريو، سهاڳ لاءِ به سهڻو ته سهاڳڻ لاءِ به سٺو. ڌڻيءَ جي در به دعائون انهيءَ وقت اگهنديون هيون. اڄ ته خير، دعائن گهرڻ جي ضرورت ئي باقي نه رهي، ته انهن جي اگهڻ جو سوال ڪٿان پيدا ٿيندو. بهرحال ڀيڄ ڀنيءَ تي سهرا پڻ ڏاڍا سهڻا ٺهيل هوندا هئا. هوڏنهن پيو ٻن نين زندگين ۾ باهمي پيچ پوندو، گهوٽ، ڪنوار جي مائن جون پيون مرادان پوريون ٿينديون، ۽ هيڏنهن ڀيڄ ڀنيءَ جا سهرا شروع ٿيندا. بجليون ته هونديون ڪونه هيون، تنهنڪري شاديون گهڻو ڪري مهينن جي چوڏهينءَ تاريخ ٻَڌبيون هيون، جئن چوڏهينءَ جي چانڊوڪيءَ ۾ جهنگ جهڙ ڀل روشن هجي. هاءِ! هاءِ! ڪيڏو رومانٽڪ سمو ٿيندو هو، به نا آشنا صورتون، ٻه اڻ ڏٺل دليون، ۽ ٻه اوج ۾ آيل ڦوهه جوانيون هزارن تمنائن، لکن آسرن ۽ امنگن جي جهوليءَ جهولنديون، هڪٻئي سان پيون سڄيءَ زندگيءَ جو سودو، عهدُ ۽ پيمان ڪنديون، اهڙو مضبوط ۽ پائدار، جو موت ايندو پر ان ۾ قـَـطُ نه پوندو. سچ پڇو ته انهيءَ ڀيڄ ڀنيءَ ۾ جيڪي نڪاح پيا، سي اسان ڪڏهن ٽٽندا ڪونه ڏٺا. رومانٽڪ وقت ۽ ”رومانس“ جو به صحيح مفهوم اهوئي وقت ۽ اهوئي واقعو هو، ۽ نه ڪه اڄ واري معنيٰ ۽ مطلب، جيئن، ايلفيءَ ۾ اکيون اٽڪيون، سينڍ وڳي، ۽ ڪيفي جي ڪنهن ڪنڊ ۾ اک وٺي ڪافيءَ جو ڪوپ پيئبو، پيءُ، ماءُ کان زوريءَ بلڪ چوريءَ منهن اونداهيءَ ۾ چورن ۽ راهزنن وانگر پراڻي هوا بندر تي پهچبو، ڪجهه ايڪٽرن جون ڳالهين، ڪن ايڪٽرياڻين جا داستان، ۽ ڪن فلمن جا قصا ڪبا- چند ڏينهن انهيءَ فرضي رومانٽڪ سمي ۾ اِنهيءَ قسم جو رومانس هليو، بس وري ٻنهي نئين رومانس ۽ ٻِئي رومانٽڪ وقت جي تلاش شروع ڪئي! جي اتفاقاً نڪاح پئجي ويو، ته اهو عمر ڀر جو سوٺو نه هوندو، اهو زندگيءَ ڀر جو سودو نه ٿيندو، بلڪ اوستائين جو اهتمام جيستائين مڙس، زال لاءِ ميڪ اپ مهيا ڪري سگهندو، يا جيستائين مردُ ڪلب، فلمي رسالن، آمريڪا مان ايندڙ فيشن جي مخزنن، ڪامڪ جي ڪتابن ۽ جاسوسي ناولن جو ڀَنُ ڀري سگهيو.

*      *      *

ڀيڄ ڀنيءَ کان پوءِ سنڌ ۾ ٻيو سهڻو وقت ٿئي باک ۽ پرهه ڦٽيءَ جو وچ، جنهن ۾ هرڪو اٿي کڙو ٿيندو، پکي پرنڀ واهيرو ڇڏيندو، وڻن ۾ جهرڪين ۽ چيهن جي چون چرڙا پئجي ويندي، ۽ ڪانوَ به ڪانگيرا ڇڏي اچي اڱڻن جي آڳرن ڀيڙا ٿيندا، بگڙا تتر چاڙهاڪا ڇڏي هيٺ ٿيندا، ۽ ڪارڙو تتر ٻُوڙن جي گودرن مان نڪري ٻاهر ٿيندو ۽ هـَـرهـَـر پيو ڪندو ”پير پير کِدر“، ”پير پير کِدر[1].“ اهو وقت عبادت جو هو، جهنگ جهر ۾ ”هُو الله“ جي هوڪار هوندي، ملان به ملياڻيءَ کي گهر جي ڪم ڪار ۾ لائي، پاڻ اچي مسجد جو پاسو وٺندو، ڌنار مال ڇوڙيندا، ڪڙمي هر ڪـُـلهي ڪندا، گهر ڌياڻيون ڏڌن جون چاڏيون اڳيان ڪنديون، ڪن کي جنڊ جو هٿيو هٿ ۾ هوندو، وڏيءَ عمر جون مايون وٺنديون تسبيح کي، ۽ ڪي پڙهنديون ڏاڍيءَ لئي ۽ سوز واري سر سان هن مداح کي:

اغثني يا سيدا، رس يا رسول الله تون!

*      *      *

جن پکين جو مٿي ذڪر ڪيو ويو، انهن سڀني مان دهقاني دنيا ۾ ڪانوَ کي وڏي اهميت آهي. هو نه فقط سنڌي ادب جو هڪ مکيو ڪردار آهي بلڪ اسان جو فيملي ميمبر به آهي. سڄو ڏينهن گهر ۾ هوندو، پيو لچايون ڪندو، ڪڏهن ڪـُـڏ ڏئي ٻارن کان ٽڪر کسيندو، ڪڏهن مائيءَ جي اک وٺي آٽي جي پاٽ ۾ چهنب هڻي ڪڍندو، جي وس پڄندس ته چاڏيءَ مان ڍُڪ به پي وٺندو. نيرن پاڻي انهيءَ نموني ڪري، پوءِ ٺهي ٺڪي ويهندو سانگين جا سنيها سڻائڻ، ۽ نينهن جا نياپا ڏيڻ. هو پيو ”ڪان ڪان“ ڪندو ۽ مايون پيون ڪنديون:

جيءُ جيءُ ڪيانءِ کيانتا! منهنجو ادل اچي ٿو؟

----

کنڊن سندا کير پياريندي سانءِ! منهنجو اَبَلُ اچي ٿو؟

----

سچ ٻڌاءِ ڪير اچي ٿو! منهنجي جيجل امڙ اچي ٿي!
آيل ماءُ اچي ٿي؟

جي ورسهاڳڻ جو سهاڳ ڪنهن سير سفر تي ويل هوندو، ۽ ڪي ڏينهن وڃي لائيندو، ته مائي پئي چوندي:

ادا کيانتل! مٺيون لاتون لنوين ٿو، فلاڻي جو پيءُ[2] اچي ٿو؟

----

اُڏر ڪانگل! مصرين سندا مٺا لولا پچائي ڏينديسانءِ!

وڃي نياپا ڏين، شل خير هجين، ايڏا ڏينهن ڇو لاتئون؟

----

شل تون وڌين ۽ وسين، ڪا خير جي خبر آڻي ڏي!

منهنجا مٺا ڪانگا، منهنجا سڄڻ کيانتا!

انهيءَ کي سنڌيءَ م چئبو آهي ڪانگ اُڏائڻ - جيئن هيٺئين بيت ۾ آهي:-

آءُ راڻا رنگ لاءِ، موٽي ڪاڪ ڪنڌِن تي،

ناميا نانءِ خداءِ جي، پير وري هت پاءِ،

سوڍا سنديئه ساءِ، آءٌ ويٺي ڪانگ اڏائيان.

عمر جي ڪوٽ ۾ به ته مارئيءَ سان اهوئي ويچارو پيو وَڙَ ڪندو هو، ماروئڙن جا نياپا سنيها، انهن جا حال ۽ احوال اهوئي ته کيس آڻي ڏيندو هو، تڏهن ته ڀائي ڪنور رام درد منجهان دانهن ڪري ٿي چيو:

آءُ ڪانگا! ڪر ڳالهه، مٺن ماروئڙن جي،

ماروئڙن جي، سانگيئڙن جي،

سانگيئڙن جي، ماروئڙن جي،

آءُ ڪانگا! ڪر ڳالهه، مٺن ماروئڙن جي،

آءُ ڪانگا!...

مٽن مائٽن، مارن ۽ سانگيڙين، پيڪن ۽ ساهرن ۾ اچ وڃ کان سواءِ انهيءَ قربائتي ڪانگل جي، عاشق ۽ معشوق جي گهرن ۾ به وڏيءَ حجت سان اچ وڃ هوندي آهي، ڄڻ هو پنهنجن ۾ وڃي پهتو. راز ۽ نياز جا سڀئي سنيها هرڪو سندس ذريعي هڪٻئي وٽ پهچائيندو. ايڏو معتمد ۽ ايترو اونهو آهي، جو ڪنهن کي مجال ڪانه ٿيندي، جو سندس مـَـنجهـُـه ڪڍي سگهي. عاشق ۽ معشوق جي وچ ۾ جيڪا به وهي واپري ٿيندي، ان جو اڪيلو رازدان فقط اهوئي سنڌ جو سانورو ۽ ڪارڙو ڪانءُ هوندو. سـَـوَن جا راز ۽ ڪيترن جا داستان دل ۾ هوندس، سال گذري ويندا، ايام ٿي ويندا، ساه سان لايو سيني ۾ سانڍيو وتندو، ليڪن ٻاهر ٻاڦ نه ڪڍندو. ڪيترو وضعدار ۽ ڪيڏو نه رازن جو رکپال آهي، جي هڪ اکر ڪڏهن ڪڍي وجهي، ته هوند ڪيترا خون ٿي پون، ۽ ڪيئي ڪاري ۽ ڪاريءَ[3] جا معاملا ٿي وڃن، ڪيترن جا ڪنڌ لهن ۽ ڪيترا ويٺل وياوَ ۽ گهريتيون مايون مارجي وڃن.

شهر جي شاعرن اها سموري خذمت فارسيءَ کان اوڌار تي آندل قاصد يا نامہ بر کان ورتي آهي. غزل گو شعرا جي ”ظالم“، ”جفاڪار“ ۽ ”خوانخوار“ معشوقن جا مڪان ۽ ڪوٺا ڀل ته اهوئي ايراني قاصد[4] ۽ نامہ بر ٽپي. هن نحيف ۽ شريف پکيءَ جو ڪهڙو ڪم، جو اهڙي عشق جي وچ ۾ ڪاهي پوي، جنهن جو نڪو آهي منهه نه سر، ۽ نه وري اڳ نه پٺ، اڄ عشق هڪ سان، سڀاڻي ٻئي سان، پرينءَ ٽئين سان، تنهن پرينءَ چوٿين سان، ۽ سو وري معشوق به ظالم ۽ جفاڪار، ستم ڪيش ۽ خونخوار. يعني نهايت خطرناڪ ۽ ازحد خوفناڪ. هـِـن جو واهپو واهڻن سان ۽ ٿر وارين ٿريچاڻين ۽ ٿاريلين سان، جن وٽ هڪ دفعو جيءَ ۾ جڙي پـَـئـِـي، ته مرندي تائين جو سوٺو سر تي آيو ۽ قيامت تائين جو پيچ پئجي ويو. اهو پکي حقيقت ۾ ٺهي به انهن جي وچ ۾ ٿو، جيڪي نياپن آڻڻ شرط مٿس عطر اوتـِـن، ماڻڪن سنديون گهورون گهورِن، موتـِـن جون ڳانيون ڳچيءَ ۾ وجهن، ۽ جن کنڀن هو پرينءَ جي پار ڏنهن ٿربر لتاڙي، جهنگ ۽ جبل جهاڳي آيو، انهن تي جواهرن جو جڙاءُ ڪن ۽ کٿورين سندا واس ڏئي، پوءِ ويهي کيس پنهنجي جهوليءَ ۾ جهولِن، يعني:

پکيڙا پويانءِ، لَڙهان موتين سنديون،

آءُ اڏامي اوڏڙو، تان جهوليءَ ۾ جهوليانءِ،

سڀئي کنڀ کٿوريءَ ۾، لاکيڻان لويانءِ،

پوءِ سارو سمُهويانءِ، هڪ هڪ ڪري هٿن سان.

----

سگهو اڏامي آءُ، تون پکيڙا پرينءَ جا،

سڀ کنڀ ڪريان تانهنجا، ساڻ جواهر جڙاءُ،

عطر کٿوري اوتيان، ٻيا ماڻڪ تو مٿاءُ،

ساري سنيهاءُ، ڪي آڻي ڏيج عجيب جا.

جتي اهڙا قُرب لهي، جن وٽ سندس ايڏو مان ۽ مرتبو هجي، انهن جي وچ ۾ ڇو نه ويهي، انهن وٽ ڇو نه رهي، ۽ انهن سان ڇو نه پنهنجا ڏينهن گذاري ۽ گهاري.

الغرض اهو مسڪين باک ۽ پره ڦٽيءَ جي وچ ۾ ڪانگيري کان نڪرندو، ڪنهن تي بار ڪونه، پنهنجي چهنب سان چـُـڳي، سو به ڪنهن هڪ گهر مان ڪونه بلڪ سڄي ويڙهي وٽان جيئن ڪوبه بوجهه ۽ بار محسوس نه ڪري، ڇاڪاڻ ته سندس اصول ئي آهي ته:

يار شاطر بايد نه ڪه بار خاطر!

سڄو ڏينهن رهاڻيون ڪري، ٻارن سان کيڏي، مائين کي ريجهائي، انهن کي نياپا سنيها ڏئي، منجهند جو هرڪو وڃي گهرن سمهندو، ته به هي ٻاهران ويٺو نگهباني ڪندو، پري کان ڪو اوپرو ڏسندو ته ”ڪان! ڪان“ ڪري مالڪن کي خبردار ڪندو، جڏهن سج لڙڻ تي هوندو، ان وقت سلاماليڪي ڪري، وڃي پنهنجن وٿاڻن منجهه واهيرو ڪندو.

اصل ۾ ته سندس قومي نالو آهي يا هو ”ڪانءُ“ پر عاشق معشوقن، وريتين مائين، پيڪن جي پياسـِـن جي ۽ ساڻيهه جي سڪايلن، کيس سڪ ۽ قرب منجهان ڪي ئي نالا ڏئي ڇڏيا. هاڻي جڏهن ويڙهن جي وچ ۾ چڱو مڙس بڻجي اچي ويهي ٿو، ته ڪوبه کيس سندس اصل واري قومي نالي سان سڏي ئي ڪونه. سڀئي پيا قرب منجهارئون کيس سڏ ڪيون نِتُ نوان  نالا ڏين: او! ڏاها! او، ادا ڪانگا! او، مٺا کيانتا! اي، ٻاٻيهل ادا! اي، ادا ڪانگل! اهڙيءَ طرح جيئن جيئن پيو نينهن سندا نياپا ۽ خير سنديون خبرون آڻيندو، تيئن مٿس ور ور ڪيو پيا نوان نالا رکبا، ۽ گهڙيءَ گهڙيءَ پيون گهورون گهوربيون. هان البت جڏهن کيچل ڪندو، جڏهن سري اچي گجرين پيهندو[5]، يا ڪا شرارت ڪندو، يا مرڳوئي لچايون ڪري مائين کي ڪاوڙائي وجهندو، تڏهن لاچار هو به ڪجهه ڪاوڙ مان ۽ ڪجهه حـُـجت پارئون، ڪاٺيءَ جو سنهون ڇانڀُرُ اولاري، کيس سندس اصلوڪي نالي سان سڏي چونديون: ”اُڏِرُ ماريا ڪارا ڪانـَـو، کڻي ڪـِـنُ ڪيو اٿئي!“ کيس ڇانڀر هڻديون ڪونه، ڇڙو ڊيڄارڻ لاءِ پري کان پيون اولارينديون، جيئن پنهنجن ٻارڙن تي به ڪڏهن ڪڏهن اولارينديون آهن.

 

اڳتي هلي جڏهن ڪافيون ۽ ڪلام، بيت ۽ ڏوهيڙا چيا ويا ۽ انهن ۾ ڪانگل پنهنجو پارٽ پلي ڪيو، تڏهن کيس اِهي ۽ ٻيا ڪيترا نوان نالا ڏنا ويا، مثلاً: ’لاکيڻان‘ ’ڏاها‘ وغيره، وغيره. اهڙيءَ طرح سنڌي ادب، کيانتل جي پر خلوص خدمتن جو قدر ڪندي، نه فقط سندس سڀني خطابن ۽ القابن کي تسليم ڪيو، بلڪ سندس پنهنجي ذاتي ڪردار کي به تاقيام قائم ڪري ڇڏيو. شاعرن سندس عادتن، خصلتن ۽ خوبين جو اهڙيءَ طرح اجار ڪيو ۽ سندس ڪردار جي هر پهلوءَ کي ايترن مختلف نمونن سان ۽ جدا جدا طريقي ۽ طرز سان نمايان ڪيو، جو اهو سادو سودو سانورو، ۽ شڪل صورت جو اهو موچارو[6] پکي اسان کي ڏسڻن وائسڻن ۽ بظاهر سهڻن ۽ سٺن انسانن کان اخلاق ۽ عادتن، وفاداريءَ ۽ نيبهه جي نقطي نظر سان هر طرح ارفع ۽ اعليٰ نظر پيو اچي، بلڪ سندس مقام ايترو بالا ۽ بلند پيو معلوم ٿي جتي اڄوڪي انسان جي رسائي ناممڪن آهي.

اسان جي سنڌي شعر و سخن جو وڏو ذخيرو سندس وصف ۽ واکاڻ سان ڀريل آهي ۽ ڪوبه اهڙو شاعر ڪونه آهي جنهن اِنهيءَ سلسلي ۾ پنهنجي فرض ادائيءَ ۾ڪوتاهي ڪئي هجي. هڪ سچل کي ئي ڏسو ته ڇا پيو فرمائي:

گهڻا ڏينهن لڳاءِ، ڇاهون ڪانگ قريب جا؟

ڪي دم آڏو دوست جي، ڀلي ڪري ڀڳاءِ،

هاڻ ڪِي تاتَنُ تڳاءِ، متان جهوريءَ منجهه جهڄي مران.

----

واتِ ڪري وائي، اَڄُ پڻ ڪانگ قريب جو،

ڪي جو چيائين چهنب سان، تنهن لُڇ ڏاڍي لائي،

اندر کي آئي، ڄڻ ڄـَـرَ ڄيري سندڙي.

----

رويو رويو رت، ٿي پکيءَ پارانڀا ڏئي،

ته ’پيرين وجهانءِ گهنگهرو، سي ڇمڪائيندو وَتُ،‘

’کيئنِ وٺي خط، سگهڙو ساٿيئڙا ورين!‘

----

تـِـرُ نه هڪ توڙي، اڄ لامين لاکيڻو لئي،

ويٺو آهه وڳوڙجـِـي، کنڀن کي کوڙي،

ڳالهه ڪرڻ کان ڪاڪيون، منهن گهڻو موڙي،

پَر پنهنجا ٽوڙي، چـَـڪيون ڏَئي ٿو چهنب سان.

سڻيجو سوئي، جيڪي چوي ڪانگڙو،

هئين سان هنڊائجو، سرتيون سڀوئي،

ڪنڍيون ڪـُـندن سان وجهان، پکيءَ کي پوئي،

جانب ڏنهن جوئي، آڻي نياپا نينهن جا.

----

آءُ ڪانگل ڪائين، تا توتي عطر اوتيان،

اَچڻ ٻاجهون تانهنجي، آهيان اٻاڻڪ آئـِـين،

ڏاهيا گهڻا ڏينهڙا، متان تون لائين،

پير اڱڻ پائين، ته منهنجو ساهه سڌير ٿئي.

----

ڪانگل آيم ڪالهه، وٺي سنيها سـَـڄـَـڻان،

محبت ريءَ مقالَ، ڪانه ڪيائين ڪڏهين.

----

ڪي جو ڪانگ ڏسي، ڪالهه اوڏانهون آئيو،

پـُـيس هنياءُ ڦـِـسي، ڳالهيون ڪندي سڄڻين.

----

مالهان موتين جون وجهان، پکيءَ کي پوئي،

پيرين سونا گهنگهرو، تا ٿئي سوايو سوئي،

سـَـينڌو سڀڪو ئي، مَرُ تنهين جو نه ٿئي.

----

پکيءَ سندا پر، ڪريان مُرصع موتيين،

جو آڻي عجيبن ڏنهن، ڏئي خوب خبر،

ڀينر ڙِي مون ڀـَـر، شال ويٺو ڪري وائـِـيون.

----

ڏار چڙهي ڏاهي، ڪي جو چيو چهنب سان،

اِهو مون آهي، آڌر ڙِي ارواح کي.

----

چهنب ساڻ چوي، ڪي پيو ڪانگل ڪاڪيون،

پورن منجهه پوي، ٿو سـُـڻي ساهـُـه سنيهڙو.

----

ڪهيو هيئن ڪانگي، آئُون چيائين چهنب سان،

ته ’سڄڻ ڪنهن سانگي، وري اِيندءِ اُتهين‘.

----

چهنب ساڻ چئي، ڪا جا ڪانگل ڳالهڙي،

ساري آتڻ سان اُنهيءَ، ڪهڙي ڏِسُ ڪئي!

پورن منجهه پئي، سڀڪنهن ائٽ ڦٽو ڪيو.

----

سڻو سنيها سرتيون، ٿو چڙهيو ڏارَ ڏئي،

سارو ساهه نئي، ٿو نازڪ نياپن سان.

----

ڏاهو ڏار مٿي چڙهيو، ٿو ڪري بره بيان،

آتڻ تي احسان، ڪري ڪلامن ساڻ ٿو.

----

آڻي ڪانگ ڏنياس، ڪتابت قريب جي،

پـَـهو ڪتيندي پـَـٽِ پيس، ڇوهون تند ڇٽياس،

ڀيڄون ڀيڄ ٿياس، روئندي چولي چـڪَ ۾.

----

هلي ڪانگي هـِـڪَ، ڪا جا ڪيــَـس ڳالهڙي،

تنهن مام ٻڌڻ سان روئندي، چولي ڪيائين ڇِڪَ.

سنيهي مـَـون سڪ، پاڻهي ڪيائين پڌري.

----

ڪارون ڪيئن نه ڪريانس، جو ٿو ڏئي سنيها سڄڻان،

پـُـئي پـَـرَ پکيءَ جا، ساڻ جواهـِـر جڙيانس،

موتين ۽ لعلن سان، ڀينر کنڀ ڀريانس،

پيرين دست ڌريانس، جو آه نياپا ڏيندڙ نينهن جا.

----

پکي سوئي پـَـرَ، ٿو اڏري پار پرينءَ جي،

خوشيءَ جي به خبر، مانَ وٺي اچي ڪا اوڏنهون!

----

چڙهيو لنئي لاَم، ٿو ٻوليون ٻاجهاريون ڪري،

ڏئي سنيها سڄڻان، ٽـُـريو مٽي ٽام،

ماريون ماري مام، جا ٿو ڏئي لِڪائي لوڪ کَون.

----

پريان جا پيغامَ، ٿو ڏئي مـِـڙيئي مام ۾،

سوين مـُـنجـَـن سلام، جو ڏاهو ڏاهپ سان ڏئي.

----

آڻي ڪانگ ڏنوس، ڪو عريضو عجيب جو،

ڀينـَـر سـَـڀ ڀنوس، ڳاريندي ڳوڙهن سان.

----

ڪانگا ڪتابـَـت، ساري سارج ساهه سان،

اِها اَمانـَـت، ٻئي ڪنهن عامَ نه آڇئين.

----

زاغَ نه ٿيءُ زبون، ونءُ اُڏامي اوڏنهين،

نه ته خاصو منهنجو خون، پوندو ڳچيءَ تانهنجي.

----

لـِـڪو ۾ لامين، ٿو لاکيڻو لاتيون ڪري،

ٽـَـهڪندو ٽامين، ڏئي سنيهو سڄـَـڻان.

----

اَڄ ڪانگا چئه ڪيئن، سـَـرها ڏٺئي سـُـپرين؟

حال اسان هت هِهڙا، ڪِي هُت ڀي هُئا هيئن!

جهامَ ڏئي جهڙُ جيئن، تيئن ٿي اوت اکين جي.

----

ڏاها ٿيءُ نه ڏور، ويهه مون کي ٿي ويجهڙو،

ڪر ڪالهوڪي ڳالهڙي، جان هُئين رات حضور،

دوست اڳين دستور، ڪي تعظيمان توکي ڏنيون.

----

زاغ زبانـَـون ڪڍي، اها ئي وائي،

پريان سندي پار جي، آ توکي وڌائي،

پڇي حقيقت حال جي، هـُـت ساجن سـَـڀائي،

’ته ڪِي عاشق خوش اسان جو، ڪَل ڏئين ڪائي!‘

مون سان بيحد ڀلائي، ڪَئي پرينءَ پارؤن تانهنجي.

----

ڏار چڙهيو ڏاهو، ٿو ڏئيم دلاسا دل کي،

ته صـُـبح سانباهو، هو اچڻ جو عجيب کي.

----

الله لڳ اُڏام، تون موٽي محبوبن ڏي،

وڃي ڏيج پرينءَ کي، اِهو پاڄيءَ جو پيغام،

ڪِري قدمن تي پئي، سـَـوَ لـَـک ڏيج سلام،

’اَهي اوهان ريءَ سپرين، هت مڙيو ئي ماتام،

اچڻ جو انجام، ڪَر سِگهو طرف ”سچوءَ“ جي.‘

----

ناته مري ويندو هيءُ، الله لڳ اچيج تون،

تو تـَـون آهي هـِـن جو، جاني صدقي جيءُ،

لاهِ فراق فقير کون، والي ويجهو ٿـِـيءُ،

تون پڻ ان جو ٿيءُ، جو نوڪر تنهنجي نانوَ جو.

----

پـَـکي سوئي پـَـرَ، اڄ اُڏاڻو اوڏنهين،

رسيو وڃي اتهين، سو پانڌي منجهه پـَـهرَ،

آڏو عجيبن جي، ڪيائين، سڀ خبر،

’هت عاشق کي اوهان بنان، هينئڙي منجهه حَشرَ،

ٿو اوتي اکڙين مون، باراني بَحرَ،

’هاڻي ڏيو دلاسو دلبر، متان عاشق اُت مري وڃي.‘

*      *      *

ڀيڄ ڀنيءَ جو مذڪور ۽ ڪانگل جو قصو ته وچ ۾ اچي ويو، دراصل ته ڳالهه هئي ٻاهراڙيءَ جي ادب پرور محفلن ۽ مجلسن جي. بهرحال حاصل مطلب اهو آهي ته غريب دهقانن کي پنهنجي سادي سودي زندگيءَ کي برقرار رکڻ لاءِ ڏاڍي جدوجهد ڪرڻي پوندي هئي، جنهن بعد کين آرام، آسائش، تفريح ۽ ڪنهن شغل جي سخت ضرورت محسوس ٿيندي هئي. آخر ته هو به انسان هئا، اگرچه مسڪين ۽ غريب هئا، محل ماڙيون ڪونه هـُـيـُـن، ليڪن ڪکاوان جهوپا ۽ ڪنڊاين پيهرن جي پناه ۾، ڪنڌِن ڏنل وٿاڻ ته هين، انهن ۾ به ته آخر زندگيون هيون، ۽ ڪي اڀرندڙ جوانيون رهيون ٿي. جيتوڻيڪ ناز ۽ نخري ۾ پليل نه، تڏهن به خدا جون ته ڏنل هيون. ساهه جهڙو امير کي آهي، اهڙوئي غريب کي به ته آهي.

دهقانِن وٽ ريسٽارنٽ ۽ ڪيفي ڪونه هئا، ڪافي هائوس ۽ ڪلب، ٽينس ڪورٽ ۽ اسٽيڊيم ڪونه هئا، جتي وڃي دل وندرائن، ٿڪ ۽ ماندگيون لاهن، روحُ ٻيءَ وجهن، غمن ۽ اندوهن کي پلڪ ڀاڇي لاءِ پري ڪن، وٽن ڇڙو وڻن جون ٿڌيون ڇانوان هيون، فقط راتن جون چانڊوڪيون هيون، ۽ سندس قبضي ۾ محض پنهنجي اوطاقن جا وڏا اڱڻ ۽ ڳوٺ جا ڪشادا ميدان هئا. تنهنڪري هنن پنهنجيءَ انهيءَ ننڍڙيءَ ۽ محدود دنيا ۾ ئي پنهنجي وندر ۽ روح جي پرچاءَ لاءِ ڪيئي طريقا ايجاد ڪيا هئا، مثلاً:

جوڌا جوان انهن اڱڻڻ ۾ يا ڪشادن ميدانن ۾ اچي پهچندا، سڄو شهر مڙي اچي بيهندو، بدن تان پيراهن پري ڪري، سندرا چيلهه سان ڪشي، سٿڻ جا ور کـُـنجي، هڪٻئي سان جنبي ويندا. گهريتيون مايون، ويٺل وياوَ، ۽ نيون نويليون ونيون گهرن جي ڪـَـنڌِن کي اوٽ ڪيون لياڪا پائينديون. مائٽ ميدان ماريو ته ٻـَـهه ٻـَـهه ڪنديون ۽ ٽهڪڙا پيون ڏينديون، سندن معصوم چهرا ائين کـُـلي پوندا، ڄڻ گلاب جا گل هاڻي ٽڙيا آهن. جي ڪو عزيز خويش ميدان ۾ مارجي پيو، ته ويچارن جا منهن ئي لهي ويندا، اهڙيءَ طرح نوراني پيشانين تي پگهر جا قطرا نمودار ٿيندن، ڄڻ گلن جي نون شگوفن مٿان ماڪ جا موتي پيا جرڪن. ٻار ۽ ننڍڙا جوانڙا، جدا جدا، ڪي پيا ونجهوٽي ڪندا، ڪي اِٽي ڏڪر، اک ٻوٽ ۽ گورين راند پيا کيڏندا، ڪن جي هٿن ۾ ڪوڏيون هونديون ته ڪي وري پيا چدا چـُـٽيندا. ڪي پيا ڪوڏي ڪوڏي ڪندا، ۽ ڪي وري وڏن جون ملهان ڏسي پاڻ به پيا هڪٻئي کي ٻک وجهو جانٺا هڻندا ۽ اندرين هڻڻ جا پيا وجهه وٺندا. هاءِ ويچارا معصوم!حال ۾ مشغول، آئيندي کان بيخبر، کين خبر به ڪهڙي ته مستقبل جون واڳون سندن هٿن ۾ رهنديون به يا نه!

اهي سندن شغل ٻن پهرن کان وٺي سانجهيءَ تائين جا آهن. صبح جو جي ڪم ڪار نه هوندو، گهر ۾ ڏاندن لاءِ گاهه به هوندو، کائڻ لاءِ مانيءَ اٽو ۽ لسيءَ وٽو به هوندو، ته پوءِ اونو ڇو؟ ۽ ڳڻتي ڇاجي؟ نيرن تي مکيل ماني مکڻ ڦٽيءَ سان کائي، مٿان ڏڌن جا وٽا چاڙهي، ڪو اچي لوهر جي دُکَڻ[7] تي ويهندو، ڪو وڃي ڪنڀارڪي آئيءَ جي ڀر  وٺندو، ۽ ڪو وري ڊکڻ جي وڃي ڀيڙو ٿيندو. انهن ٽنهي مرڪزن تي وزم لاءِ چلم هوندي، پاڻيءَ جو مَٽُ ٺـِـڪـَـر جي ڪـُـپيءَ يا آبخوري سميت رکيو هوندو، هيٺ تڏو به پيل هوندو، ۽ ڪاٺ جون ننڍيون صندليون، کٽوليون، منجيون ۽ پلال جا پيڙها به پيا هوندا. هر ڪو ”سلاماليڪي“ ڪري اهڙي حجت ۽ پنهنجائيءَ سان ڪانڀ ڪڍي اچي ويهندو، ڄڻ پنهنجي وٿاڻ ۾ وڃي ويٺو. وزم به پيو هلندو ۽ زماني جون ڳالهيون، ڏاندن جي گوءِ جا قصا، مڙسن جي مردانگيءَ جا داستان، مال، رزق، ۽ پوک پـَـلاهه خواهه گاهه پٺي، يا بـَـٽـَـئـِـن بـَـڙنِ جا گفتا به پيا هلندا. وچ ۾ مناسب موقعن تي ڏوهيڙا به پيا ايندا ۽ ڪافـِـن جا ٿلهه به پيا هڪٻئي کي ٻڌائبا. ڪو واٽهڙو يا مسافر مڙو لڙي آيو، ته ”جي آئين! ڀلي آئين!“ پئجي ويندي، هرڪو پيو کيڪاريندو، ۽ سندس آجيان ڪندو، چڱيءَ جاءِ تي ويهاريندس، پاڻي پياريندس، ۽ حقو سيري اڳيان رکندس، پوءِ ڪندس ”جيءُ ادا!“ يعني پڇندس حال احوال. جي ويلو ڀڃڻ گهرندو ته ڪونه ڪو پنهنجي گهر وٺي وڃي اوطاقي ڪندس، هٿ ڌوئاريندس، ۽ جائي جواري جيڪا هوندي سا آڻي اڳيان رکندس. جي تڪڙو هوندو ۽ ويلو وڃي اڳتي ڪندو، ته جهٽ کن ساهه پٽي، ٿڪ ڀڃي، سڀ کي ”سلاماليڪي“ ڪري، پوءِ پوڙو ڪلهي تي رکي، رستو ڏئي، راهي ٿيندو.

شال سندن ويڙها وڌن، سندن اوطاقون آباد هجن، سندن وستيون وسن، ۽ شل منجهانئن ڪيچ ٿين! اڄ به وٽن اهي ئي ساڳا دستور ۽ مذڪور هوندا. پر ڪراچيءَ ۾ رهندي سال ٿي ويا، اهي محفلون ۽ مجلسون ڏٺي ورهيه وهاڻا، سچ پڇو ته انهن انسانن کي ڏسڻ لاءِ اڄ اکيون پيون سڪن، دل پئي اُڌما کائي. خير، سائين! اهي محفلون ۽ شغل ته ها صبح ۽ شام جا، ليڪن راتيون انهيءَ کان به اور گذاريندا هئا.

سارين جا رونبا ڪڍي واندا ٿيندا، ساوڻ موٽ کائيندو، چاليهو به ٽٽندو، ٻيريون ٻور ڦلارينديون ۽ انهن تي ماکيءَ جي مکين جا ڀـُـڻـِـڪاٽ ٿيندا، اهوئي وقت هوندو جڏهن ڪـِـرڙُ به رنگارنگي گـُـلَ ڪڍي پـُــسيون ڪندو ۽ ڏيلها ڏيندو، ڳوٺ جي سـِـرِينهن ۾ ڦـِـڪا، وار وار، ريشم جهڙا گل پڻ نڪرندا ۽ سڄا سـِـرينهه جهڄي پوندا، راتيون ٺري پونديون، ۽ مٿان پوندي ماڪ. انهيءَ کي چئبو هو ته هاڻي ’مِٺي مـُـند‘ اچي وئي. سومهياڻي ٿيندي، ڏکڻ جي هير سـِـرينهه جي گلن جا واس جهوليءَ منجهه جهليون اچي هيڏنهن اوطاقن جي اڱڻن مٿان گهوران گهوريندي، ۽ هوڏنهن هرڪو ماني کائي، کيرن جا ٿڌا وٽا پي، اچي اوطاقن ۾ پهچندو. اهڙيءَ طرح جهٽ کن ۾ محفل مچي ويندي، ۽ ٿڌڪار تي هرڪنهن جا روح اٿي کڙا ٿيندا. جي ڪو راڳي آيل هوندو ته واهه، ورنه پنهنجا پاڻ ۾ پيا ڳالهيون ڪندا ۽ هڪٻئي کي پيا ٽوٽڪا ۽ ٽونڻان ڏيندا، ڏوهيڙا چوندا ۽ ڪافيون پيا جهونگاريندا، ۽ اهڙيءَ ريت پنهنجي رات گذاري صبح جو وري نوبنا ۽ نوان سوان ٿي ڪم ڪار کي لڳندا.

ڪانهن ۽ سـَـرُ نـِـسريو، ته اُتـَـرَ به وائيندا. هاڻي مٺيون مندان ويون ۽ سرءُ به ختم ٿي. گويا سياري اچي منهن ڪڍيو. لابارا لٿا ۽ ديرن ۾ ڦيڙا ٻڌي، گاهه تي جوٽ ڪندا. پنهنجو ڏينهن اِئين گذاري، رات جو اوکا پوکا لاهي، هرڪو کائي پي، اچي اوطاق ڀيڙو ٿيندو، وچ ۾ مچ ٻرندو، چوڌاري ڪـَـرُ کيون ۽ ڪانڀان[8] ڪڍيون مڙس ائين ويٺا هوندا، ڄڻ ببر شينهن ويٺا آهن. اکين مان پيا اُلا نڪرندن. انهن اکين کي ڏسي ته ٻاهراڙيءَ جي ماين سهرو ٺاهيو ته:

اکيون ادل جون ٻرن مشالا[9]،

او! ڳاني جوڙ بنايو!!

ان وقت ٿيندا ڏور جا بيت شروع، يا ڏيندا هڪٻئي کي ڳجهارتون.  ”اچي، اچي“ ٻئي پوندي، سڄي ڪچهري چڪر ۾ هوندي، هرڪو پيو ڀڃڻ جي ڪندو. ”ڪاٺ جِي“، ”جهنگ جي“، ”گهر جي“، ”ڪنڌيءَ جي“، ”ڪانهه جي“، اهي پيا پاها ڏيندا، ڳجهارت ڏيندڙ ور ور ڪيون پيو چوندو، ”هل ادا! هل!“ ”ڪاههِ ڀائو! ڪاهه!“ جي ڪٿنهن ڪنهن جو پاهو لڳي ويو، ته واڪو ڪري چوندو، ”اِجها آئي! اِجها آئي!“، ”وئي يار! وئي!“، ”وئي ڙي دوست! وئي!“، يعني ڳجهارت ڀڄي پئي. سڄي ڪچهريءَ ۾ ٽهڪڙو پئجي ويندو ۽ ”واهه جا لڳي ميان! واهه جا لڳي!“ پئجي ويندي. پوءِ ڪندو ڳجهارت ڏيندڙ ڳجهارت جي تشريح. مطلب ته اهڙو رنگ رچي ويندو، جو ڪچهري کـُـٽڻ کي ئي نه ايندي، ڪنهن جوانڙي کي ننڊ جي اوجهراڪي آئي، ته اتي ئي باهه جي وٽ ۾ ڪرونڊڙو ٿي، پوتڙو مٿان پائي، پاسيرو ٿي پوندو. اوجهراڪيءَ مان اک کلندس، ته اتان ئي پيو ڪندو ”واهه يار! واهه!“

ڪڏهن ڪو ڳالهر هٿ اچي ويندن ته مهينا ٽڪائي ڇڏيندس، سڀئي پيا خدمتون ڪندس، جيئن ڪڪ ٿي وڃڻ جي وائي نه ڪري. ڳالهه کڻندو ته بيت به ڏيندو ويندو ۽ انهن جي معنيٰ ۽ مطلب به هٿن جي چالـِـن سان، اکين ۽ منهن جي اشارن سان، سهڻن ۽ سلوڻن لفظن ۾ پهاڪن، ٽوٽڪن ۽ مثالن سان عبارت کي سينگاريندو، سنواريندو، ڳالهه جي تصوير چٽيندو، ويندو اڳتي هلائيندو. جي وري ڪو اهڙو ڳالهر هٿ چڙهي وين، جنهن کي امير حمزي جو داستان برزبان هوندو ته بس واهه جو مزو ٿي ويو، ڄڻ ته سندن لاءِ عيدان اچي ويون. اوڙو پاڙو اچي گڏ ٿيندو. ڳالهه شروع ڪرڻ کان اڳ امير عليہ السلام جي نيت تاهريءَ جي ديڳ لاهيندا. ايڏي ادب ۽ انهماڪ، خوض ۽ خيال سان ڳالهه کي ٻڌندا، ڄڻ مذهبي واعظ يا شرعي مسئلا ٿا ٻڌن. جيسين ڳالهه وڃي پوري ٿئي، تيسين مهينن پاند راتيون اکين ۾ ڪاٽي ڇڏيندا. جڏهن داستان پورو ٿيو،ته وري هڪ وڏي خيرات ڪندا، جنهن تي پاڙي پنبي کي به سڏ ڏئي کارائيندا. انهيءَ موقعي تي ڳالهر کي آنن جون ڳوڻيون ۽ لـُـنگيون پوتيون به ڏيندا. جي ڳوٺ جو وڏيرو ڪو سـُـريلو مڙس هوندو ته اهو به کيس پهراڻي پارائي پنهنجي ڳوٺ مان وڌائيندو. انهيءَ داستان کان سواءِ جان عالم ۽ انجمن آرا جو قصو، الف ليليٰ جي ڳالهه، حاتم طائيءَ جو داستان، ۽ رستم سهراب جو بيان پڻ سندن مجلسن ۾ ڏاڍو مقبول هو.

انهن ڌارين قصن کان علاوه وٽن پنهنجـِـن ڪهاڻـِـين ۽ داستانن جو پڻ گهڻون ئي ذخيرو هو، مثلاً: مورڙي مانگر جي ڳالهه، عمر مارئيءَ جو قصو، سهڻي ميهار جي ڪهاڻي، مومل مينڌرو، سسئي پنهون، نوري ۽ ڄام تماچي، منگتو ۽ راءِ ڏياچ، ابڙي ۽ دودي جو داستان، چنيسر ۽ دودو، چنيسر ۽ ليلا، دودي ۽ علاديءَ[10] جو قصو. الغرض ڪهڙن قصن جا نالا وٺجن، سوين قصا ۽ ڪهاڻيون آهن. قومي جنگين جا بيان، قومن جا نسب ناما، قبيلن جي بهادرين جون ڪهاڻيون، بهادر سنڌين جي جوانمرديءَ جا داستان مٿين قصن کان سواءِ هئا، جيڪي خاص خيال ۽ وڏي غور سان ٻڌا ويندا هئا، ڇاڪاڻ ته انهن بيانن تي ئي سندن پنهنجي تاريخ جو انحصار هو. انهن سڀني قصن مان ڪيترن کي سنڌي شاعرن ڏوهيڙن ۾ به آندو آهي ۽ ڪي نثر ۾ ئي کنيا ويندا هئا- ليڪن بيتن جي چاٽ، قصه گو وچ وچ ۾ ڏيندا ويندا هئا، جيئن ٻڌندڙ ٿڪجي نه پون.

ڪافين، ڪلامن، ڳجهارتن، ڏوهيڙن، ڏور جي بيتن، آکاڻين، داستانن، قصن، ڳالهين، ٽوٽڪن ۽ ٽوڻن کان سواءِ سنڌي ادب جي مذاقيه ذخيري به انهن ئي مجلسن ۽ محفلن ۾ جنم لڌو ۽ پرورش پاتي. جڏهن سندن طبيعتون کل چرچي ۽ ڀوڳ ٺڪاءَ ڏي مائل ٿينديون هيون، تڏهن پيراڻي ڀنڀري جا لطيفا، ملا لٽر جا چرچا ۽ وتائي فقير جا چهچٽا[11] هڪٻئي کي ٻڌائي، پنهنجي طبيعتن تان اهي سڀئي ڪسايون ۽ زردايون، اوٽار ۽ غبار لاهي ڇڏيندا هئا، جيڪي زندگيءَ جي ڪساڪش ۾ ڏينهن جو سندن دلين ۽ دماغن تي چڙهندا هئا.

*      *      *

اِهي ته مذڪور ٿيا مردن جا. اسان جون مائون ۽ ڀينرون- خدا شال سندن پردو رکي، شال اوکو واءُ کين نه لڳي - انهن جون قالان مقالان ئي اور هيون. صبح کان ويندي لڙيءَ منجهند تائين تِرَ جي واندڪائي ڪانه ملندي هين، گهر ڌياڻيون جو ٿيون، پنهنجن وٿاڻن جون راڻيون ۽ وارثاڻيون جو هيون، بيگمون ته هيون ڪونه، جو صبح سان گهر ٻين جي حوالي ڪري، ٻار آيائن جي هـَـنج ۾ هڻي، پاڻ وتن روا ڳچيءَ ۾ وجهيون شهر چاکوڙينديون ۽ شاپنگ جي ذريعي ايلفيءَ ۾ وتن دام وجهنديون، هـُـنـَـن جو گهـَـرُ هو ۽ هـِـنـَـن جو گهر محض مسافرخانو، جنهن کي رات گذاريءَ کان سواءِ ٻي ڪابه اهميت ڪانه هئي.

اسان جـِـن مائن کي ته اسر ڏئي اٿڻو پوندو هو، ڪلمون پڙهي، خدا رسول جو نالو ڳنهي، کڻنديون هٿ ۾ ٻهاري، يا ويهي هلائينديون جنڊ. ڏڌ جي چاڏي ولوڙي، مينهـِـنِ ڀٽارين جو کير ڏهي، ان ۾ سـَـباڻُ وجهنديون. اهي اوکا پوکا لاهي چلهه تي ويهنديون، نيرن پچائينديون، ٻارن کي کارائينديون، ان کان پوءِ کڻنديون مکڻ سان مکيل ٿلهيون مانيون مٿي تي، ۽ ڏڌ جو ڪينگرُ، جنهن ۾ مکڻ ڦُٽي[12] به پيل هوندي، ۽ لٽي جي پـَـلـَـو ۾ مٺائي ذرو به ٻڌل هوندو، ميل، سوا پنڌ هڻي، وڃي پوکن ۾ مڙسن کي کارائينديون، جيسين مڙس ماني کائي وٺي، تيسين پـَـلـَـو سان مکيون به پيون هڪلينديون، ۽ مڙس سان گهَرو معاملن متعلق، اَندي نـِـئي جي سلسلي ۾، ۽ سودي سود لاءِ پيون صلاحان ۽ مشورا به ڪنديون. نيرن پاڻي ڪرائي وري ويچاريون گهر اينديون، ته منجهند جي مانيءَ تائين مٿي کنهڻ جي واند ڪانه ملندين. مرد موٽندا، ماني کائي گهڙي کن آجهاپ ڪندا، ٻارن جا اوکا پوکا لاهي، ٿانوَ ٿپا ڌوئي، لاڙوين منجهند کان پوءِ وڃي انهيءَ قمام ۽ ڪاروبار مان وانديون ٿينديون. اهو ئي وقت ويندي لاڙوين ٽپهريءَ تائين ملندو هونِ، جڏهن هو پاڙي پنبي يا ساهيڙين ۽ سهيلين جي گهرن جو چڪر هڻنديون هيون، ۽ گهڙي ساعت ويهي ساهه به پٽينديون، پاڻ ۾ چار چونڪ ڳالهين جا ڪنديون ۽ هڪٻئي جي وارن کي ويريون به ڏينديون. اِنهيءَ ئي وقت هڪ طرف جيڪڏهن اهو شغل هوندو ته ٻئي طرف ڪي مايون رات لاءِ چانور پيون سوئينديون، ڪن جي اڳيان اُکريءَ ۾ ڪڻڪ يا ساريون پيل هونديون جن کي پيون مـُـهريءَ سان چڙينديون، يا ڇڄن ۾ وجهيو پيون ڇنڊينديون. ڪن جا اوکا پوکا لٿل هوندا، ته اهي پيون برٿ ڀرينديون يا ويٺيون رليون ٽوپينديون. سنڌ ۾ سئيءَ يا ڪنڊيءَ جو برٿ يا قالين نما رِلين جو فن انهيءَ ٻه، پهريءَ کان وٺي لاڙوين ٽپهريءَ تائين جي وقت جو ايجاد آهي. سج لهڻ ۾ اڃا ڪلاڪ، ڏيڍ جي دير هوندي، جو هرڪا سهيلين ۽ ساهيڙين کي ساڻ ڪري، دلا مٿن تي کڻي، اچي کوهه جي پڳ تي پهچندي. انهيءَ وقت پاڻ ۾ سندن چڱي ساعت مجلس ٿيندي. رازن جون ڳالهيون، ۽ دلين جا معاملا ان وقت هڪٻئي سان رمز ۽ اوڙاپي ۾ نه، بلڪ برملا ويهي ڪنديون ۽ پنهنجي زندگيءَ جا ڪيترا اهم مسئلا کوهه جي نيسر وٽ يا پڳ جي پاسي ۾ ويهي طيءِ ڪنديون. انهيءَ کوهه جي ميڙاڪي ته سنڌ ۾ عمر مارئيءَ جي قصي کي جنم ڏنو، ۽ سنڌ جي ٻين ڪيترين محبتي آکاڻين جا آغاز اتاهون ئي ته ٿيا! نه فقط اهو بلڪ عشق ۽ محبت جا مخصوص الفاظ، اوڙاپن ۽ سهاپن جا اکر، فطري جذباتن کي اظهار ڪندڙ نازڪ ۽ نرم محاورا ۽ تلميحان، ڏکن سورن، هجر ۽ فراق، يا محبت ۽ عشق جي سڄي ڪاروبار جي لغت جو ذخيرو اتهين جڙيو، ۽ سـَـون قصن ۽ ڪهاڻين جا پلاٽ انهيءَ جاءِ تي ئي ٺهيا.

*      *      *

سنڌ جي ڪافين خواهه بيتن ۾ مرد هميشه معشوق ٿئي ٿو ۽ عورت کي عاشق ڪيو ويو آهي. ان جو مکيه سبب اهو آهي، جو هتان جو عشق اخلاقي اقدارن کان ٻاهر ڪونه ٿو نڪري. مايون پنهنجي ئي مڙسن سان محبت ڪن ٿيون، ڀينرون پنهنجن ئي ڀائرن لاءِ سڪن ٿيون، مائون پنهنجي ئي اولاد تي آرو رکن ٿيون، ۽ ڌيئر اباڻن ۽ پيڪن لاءِ پيون ڪانگ اڏائن ٿيون، مثلاً:

شال نه رهن ڏور، هُئـَـن، اباڻا اوڏڙا،

ميان تن ريءَ مور، مون هت جالڻ نه ٿئي.

----

پردي منجهه پناه، موکي رب رکيج،

اُڪنڊ هـِـن ارواح، آهي اباڻن جي.

----

پاڙو پاڙي ساڻ، شل هئان اباڻن جي،

پکن تـَـن جي پاڻ، آءٌ تا سـُـکيو ڀائيان.

اهڙيءَ طرح عشق ۽ محبت جو مرڪز جيئن ته مڙس ٿئي ٿو، ڀاءُ ٿئي ٿو، اولاد ٿئي ٿو، يا پيڪا ۽ اباڻا ٿين ٿا، تنهنڪري عورت کي محبت ڪندڙ، پيار ڪندڙ ۽ عشق ڪندڙ ڏيکاريو ويو آهي. اسان وٽ جيڪي عشقيه آکاڻيون آهن، تن ۾ پڻ نتيجي طور آخر ۾ زال ۽ مڙس ڏيکاريا ويا آهن. زال جي مڙس سان محبت ٿئي ٿي، عشق ٿئي ٿو، ۽ هڪ قسم جي عقيدت ٿئي ٿي. اسان جي عورت وٽ وَرُ وڏي اهميت رکي ٿو، عورت جي سموري زندگيءَ جو مرڪز محض مڙس ٿئي ٿو، زال جي سموري حياتيءَ جو محور سندس سهاڳ ٿئي ٿو، ان جي ئي گرد سندس فڪر ۽ خيال گهمي ٿو. سنڌ جي تصور جو عشق بدڪرداريءَ ۽ نفساني خواهشات جو مظهر ڪونه ٿو ٿئي، گهرن جي تخريب ڪانه ٿو ڪري، پر تعمير ڪري ٿو، رسوائيءَ ۽ بداخلاقيءَ جو سبق ڪونه ٿو سيکاري بلڪ ٻن زندگين جي باهمي ربط ۽ ضبط جي مضبوطيءَ ۽ پائداريءَ ۽ پڪائيءَ کي پيش ڪري ٿو. انهن سڀني اسبابن سبب سنڌ جي شاعرن عاشق جو ڪردار زناني زبان جي ذريعي پيش ڪرايو آهي[13]. تنهنڪري عشق ۽ محبت جي مختلف ڪيفيتن ۽ سموري روئداد جي سلسلي ۾ تخيل، محاورن، تلميحن، ۽ الفاظن جو سمورو ذخيرو گويا عورت جو پيدا ڪيل آهي. ۽ اهوئي سبب آهي، جو سنڌي عورت جي صبح کان سانجهيءَ تائين جي زندگيءَ، سنڌي شعر ۽ سخن کي سچن خيالن، ماحول جي محاورن، ۽ گردوپيش جي تلميحن ۽ تشبيهن سان مالا مال ڪري ڇڏيو- مينهن ڏُهڻ مان ”کنڊون وجهي کير پيارڻ“ جو استعمال عمل ۾ آيو، ڏندن کي ”اڇو جهڙو کير“ چوڻ به اتهون هنن سکيو، ڏڌ ولوڙڻ مان محبوبن کي ”مکڻ، ماکي ۽ مصريءَ کان وڌ مٺو“ بيان ڪرڻ جا تصور پيدا ٿين- جهڙيءَ طرح هڪ ڪافيءَ جي هن مصرع ۾ چيو ويو آهي:-

مکڻ ماکي مصري، تنهن کئون محب مٺو!

الا! آرياڻي اوهان نه ڏٺو!

مکڻ ڏُڌ مان ڪڍن ٿيون، مصري ۽ کنڊون گهر ۾ رکن ٿيون، ۽ جهنگن جهرن مان مرد ماکيون لاهي، اهي به آڻي کين ڏينِ ٿا. جڏهن عاشق کي پنهنجي محبوب لاءِ راءِ ڏيڻ جي ضرورت پيش آئي، ته هـُـنَ پنهنجي ئي ماحول مان تشبيهون وٺي، پنهنجي خيال جو اظهار ڪيو. اهڙيءَ طرح جڏهن پنهنجي پرينءَ کان پري رهيون، تڏهن سندن مـَـنَ ۾ جيڪا پيڙا ٿي، ان لاءِ هنن جنڊ جي ٻن پـُـڙن ۾ جنهن نموني ڪڻڪ پيڙجي پاههُ ٿي ويندي آهي، ان جو مثال پيش ڪيو. اهڙيءَ طرح مرد ته منهن اوندهائيءَ پوکن پلاهن تي هليا ويندا هئا، پٺيان فقط عورتون رهنديون هيون. ڪانگل جڏهن اڱڻن ۽ آڳرن ۾ پرهه ڦٽيءَ اچي لٿا، تڏهن هنن ئي ته ”ڪانگ اڏائڻ“ جو سمورو تصور ۽ ان جا هزارين متعلقات اسان جي ادب ۾ پيدا ڪيا. غرض ڪهڙا مثال ڏئي ڪهڙا ڏجن! شل سندن وَرَ ۽ گهر، پيڪا ۽ اباڻا، ابل ۽ ادل وسن ۽ جيئن! سندن صبح کان وٺي سانجهيءَ تائين جي زندگيءَ، سندن هڪ هڪ پـَـهـَـر ۽ پلڪ، سندن هرهڪ وک ۽ قدم، اسان جي ادب کي لازوال خزانا بخش ڪيا، ڏينهن ته ٺهيو، پر رات جي مانيءَ ٽڪيءَ کاڌي ۽ کارائي کان پوءِ ويندي جيسين ٻارن کي سمهارينديون، يا کير ۾ سباڻ وجهي، مينهن جي ڦرن جا ڪـِـلا ڏسي، اچي آهلڻ لاءِ کٽ تي ويهنديون، تا جيسين وڃي هائو مائو ٽرئي سندن اک لڳندي، انهيءَ وچ ۾ پڻ هنن جي طفيل سنڌي ادب کي ڪيترا انعام عطا ٿيا. مثلاً، وڏي جـُـڳ جون مايون ويهي مداحون، هرڻيءَ جو معجزو، يا حضرت صه جن جا ٻيا معجزا   پڙهنديون، ٻارن واريون ٻارڙن کي ريجهائي سمهارڻ لاءِ ننڍڙيون آکاڻيون کڻنديون- جيسين وڃي سهماڻيون ٿين، جيسين وڃي ننڍڙن جي اک لڳي. سوين مداحون ۽ معجزا انهيءَ وقت لاءِ ٺهيا، انهيءَ ديو جا قصا، جيڪو ڇهه مهينا ننڊ ڪندو هو ۽ ڇهه مهينا جاڳندو هو، انهيءَ ديوَ جي ڪهاڻي، جنهن جا هزارن سالن جي عمر هجڻ سبب اکين جا ڇـَـپـَـر لهي اچي هيٺ پيا هئا ۽ تيسين ڪونه ڏسي سگهندو هو جيسين ڪو سندس ڇپر ڏانداريءَ سان مٿي نه کڻندو هو، يا انهيءَ پريءَ جون ڳالهيون، جنهن جو ساهه هڪ طوطي ۾ پيل هو ۽ اهو طوطو ستن سمنڊن جي وچ ۾ پڃري اندر بند هو، يا انهيءَ شهر جو مذڪور، جيڪو سينگاريل ته هو، ۽ هر قسم جو وکر به دڪانن تي رکيو هو، پر منجهس ماڻهن جو نالو نشان ڪونه هو، ڇاڪاڻ ته ’آدم بوءِ‘ ’آدم بوءِ‘ ڪرڻ واري ديوَ سڄو شهر کائي چٽ ڪري ڇڏيو هو- مطلب ته اهي ۽ اهڙي قسم جا هزارين قصا ۽ ڪهاڻيون، ڳالهيون ۽ آکاڻيون انهيءَ وقت ۾ تراشيون ويون، جن کي اڳتي هلي سنڌي ادب ۾ لوڪ ڪهاڻين داستانن جي عنوانن هيٺ جاءِ ڏني وئي.

*      *      *

حقيقت اها آهي ته نئين تمدن، نئين تهذيب، ۽ هن نئين دور، جنهن کي اسان تمام ترقي يافتو پيا سمجهون، سنڌ جي سڄي ڪائنات کي تهه وبالا ڪري ڇڏيو: اُها اُٿـِـي ويـِـٺي وئـِـي، اها رهڻي ڪهڻي وئي، اهي رسمون ۽ رواج ويا، اهي ڪردار ۽ اهي اخلاقي اقدار ويا، ۽ سڄيءَ سنڌ جا هنر به ويا ۽ اهي هنر وارا به ويا، يعني نه فن رهيو نه فنڪارئي رهيا.

مردن جي دنيا بدلي ته عورتن جي به رُتِ ڦري وئي. مان پاڻ پنهنجي هنن گنهگار اکين سان مائن قناويزن ۽ گربين ۽ سوسين جون سٿڻان هيٺ تي ڏٺيون، ڀرت ڀريل گج بـُـت تي، ۽ مٿي تي سنهيءَ ململ، ۽ بوند يا ڏورئي جا ڪنڊيءَ ڀريل ڪنارن سان روا ڏٺا، ۽ پيرن منجهه ٽهِ گـُـليون جـُـتيون پيل ڏٺم، تري ۾ سيم لڳل ۽ گلن مٿان سچا يا حسب حيثيت ڪوڙا موتي جڙيل.

نئين فيشن سڀ کان پهريون سٿڻن لاءِ ڇـِـيٽان پيش ڪيون، قناويز، گربين ۽ سوسين جو مانُ ويو، انهن سان گڏ آتڻ به ويا، ۽ جيڪي آتڻن ۾ ويهي اوران اورينديون هيون، ٻول ٻـَـڌنديون هيون، ۽ قول قرار ڪنديون هيون، سي ڳالهيون به ويون، ۽ جڏهن اهي رخصت ٿيون ته چندن جي چرخي به چُرڻ کان نابري واري، انهن آئٽن جڏهن ڪتڻ ڇڏيو، ته ڪورين به پنهنجا تِير ۽ تُڪلا بند ڪيا. جڏهن اهو سڀڪجهه درهم ٿي ويو، تڏهن نه فقط پهر ۽ پوشاڪ ۾ ڦيرو آيو، بلڪ سنڌي ادب کي پڻ وڏو نقصان پهتو. انهن ئي آتڻ وارين سنڌي ادب کي سَهسين ماڻڪ ۽ موتي ڏنا، چرخن جي سُرَ ۽ ساز اسان جي شعر وسخن کي ڪيترن نون خيالن جا ڏيب ۽ ڏاجا ڏنا، انهيءَ آتڻ تي ۽ انهن چرخن کي چوريندي ته ليلا کي چنيسر جو چِتُ لڳو، کيس اتي ئي سهاپو مليو، ۽ اتان ئي ته سندس عشق جي آکاڻي نسري ۽ اُسري هلي! ازين قسم ڪورين ڪـَـتڻ ڇڏيو ته سندن سياڻپ ۽ ڏاهپ متعلق جيڪي هزارين لطيفا ٺهيا ۽ جن جي ڪري سنڌيءَ ۾ ظرافت ۽ طنز جو ادب پيدا ٿيو، انهن جو نه فقط ٺهڻ ۽ وڌڻ ويو، بلڪ اسان جي لوڪ گُن مان لطيفن ۽ مزيدار ٽوٽڪن جي سموري اوسر ئي بند ٿي وئي.

سڀ کان پهريون ولايت کان آڳا[14] آيا، جنهنڪري نه ڇڙو گج ويا بلڪ برٿ جي فن ۾ به زوال اچي ويو، ۽ جڏهن چـِـڪنا[15] گهورڙيـَـن کڻي گهمايا، تڏهن رَوَن ۽ چولن جو برٿ به بند ٿيو، ڪـُـنڊن جا منهن رکئي رکئي ماٺا ٿي ويا، ۽ ڇُر ۽ پور[16] پڻ الائي ڪاڏينهن جو ڪاڏي ويا! اهو ته خير نقصان ٿيوئي، پر خود رَئو به مٿي تان لهي اچي ڳچيءَ ۾ پيو. اڳ ڪنهن عورت جو لـَـٽو لهندو هو، ته گويا سندس سڄو ننگ ۽ ناموس ويو، سندس ساک پت وئي، ۽ سندس عزت آبرو ختم ٿي. عورتون ڪنهن زائفان جي چال چلت کي پسند نه ڪنديون هيون ته ان کي ”لٽي لٿل“ سڏينديون هيون. اشهد آڱر نڪ تي رکي، هڪٻئي کي چونديون هيون، ”هَئي هَئي، اڙي ادي! هيءَ پهاچ ته لٽي لٿل ڪا لانگڙِ لاهِ ٿي ڏسجي، نه جيجل، نه! هن جي ويجهو ڪير ويندو، هٿ لاءِ ته هٿ ڪارو پير لاءِ ته پير ڪارو. توبهه ڪر توبهه!“ پوءِ اها زائفان ڄڻ هميشه لاءِ زناني سماج مان خارج ٿي وئي. هرڪا شريف زال پئي ان کان موڙو ۽ موشو ڪندي. جنهن زال کي لوڪ لـڄا ڪانه هوندي هئي ۽ شهر جي چوءَ پچوءَ جي پرواهه نه هوندي هئي، ان لاءِ چونديون هيون، ”مائي هيءَ ته بي پِتي آهي، لـڄ ۽ حياءُ ئي اکين ۾ ڪونه اٿس!“ لٽو گويا عورت جي عفت، عزت ۽ ستر جي نشاني هو، تنهنڪري ان جو ايڏو مانُ ۽ مرتبو هو، جو رَئي جو پلؤ پيو ۽ لٽي جي ميڙِ آئي، ته گهراڻن جا اختلاف، باهمي دشمنيون ۽ سالن جا قط لحظي ۾ لهي ويندا، خون ٿيندا، ته ڏوهي، سادات ۽ نياڻيون ميڙ ڪري، در پيهي ويندا هئا ۽ نينگريون پلوَ ۽ پاند[17] ڳچيءَ ۾ وجهي چونديون هيون، ”ادا هيءَ ميڙ اٿي! اسان کي ڏوهه بخشّ!“ نه ڇڙو ڏوهه معاف ٿيندا، دلين مان ڪدورت نڪرندي ۽ مٽيون مائٽيون ڳنڍ جي وينديون، بلڪ جڏهن نياڻيون پٺتي ورنديون، ته سندن مٿن تي روا پوتيون وجهي، پوءِ کين واپس ڪندا هئا. گويا مراد اها هئي ته شل نياڻين جو سر سدائين سلامت رهي. انهيءَ ئي لـَـٽي جا پاند ڳچيءَ ڳل پائي مايون پنهنجا پنهل پرچائينديون هيون. جهڙيءَ طرح ڪنهن شاعر چيو آهي:

اٿم اميدون اڃا اڃا،

مان ته پاند پائيندَس پنهل پرچائيندَس-

اٿم اميدون اڃان.

الغرض سپاٽا ۽ سينڊل جڏهن آيا، ته ٽه، گـُـليءَ جاءِ ڇڏي، موچـِـن به ويچارن هٿن مان کڻي آر ۽ ڌاڳو رکيو. لـِـپ اِسٽڪ لڳي، ته سـُـرخيءَ رنگ ڇڏيو، ۽ مساڳ جو مانُ پڻ ويو. بهرحال لبن تي لالي ضرور رهي، ليڪن مساڳ لڳل چپن ۾ جيڪو ميٺاج هو، ان جي شيريني لپ اِسٽڪ ۾ ڪٿي! مساڳ ته چپن کان وٺي مهارن تائين رنگ رکي بيهندو هو ۽ لپ اسٽڪ ڇڙو چپن کي چٽي بيهي ٿي، جنهنڪري مشڪڻ جي مهل مهارن جو مختلف رنگ چپن کان جدا ٿي، ڏاڍو بدزيبو پيو لڳي. اکين مان حجاب موڪلايو، ته سرمي ۽ ڪجل جي ريک به رخصت ٿي، سرمون نيڻن مان نڪري وڃي نچڪڻي سان نوچيل ڀـِـروَنِ تي پهتو. اهڙيءَ طرح آهو چشم به ويا ته ابرو به چٽُ ٿيا، نه چشمن جا چالا ۽ پنبڻن جا تير رهيا، نه ابرن جون ئي ڪمانان قائم رهيون، گويا روايتي معشوق جي سموري اسلحه خاني ۾ Disarmament جو دؤر اچي ويو. پيرن ۽ هٿن جي ننهن تي آمريڪا مان آيل رنگ غالب پئجي ويو. مينديءَ ۾ اگرچه رنگ اڃا به اهوئي آهي، جنهن لاءِ سنڌي سـَـهـِـرن ۾ مائن چيو آهي:-

هٿ ادل جا مينديءَ رتڙا!

او!

ڳاني جوڙ بنايو.. .منهنجو ادل آيو!

پر واهپوئي جڏهن ويو، ته رنگ رکڻ مان ڇا ورندو؟ خود مردن جون ڏاڙهيون ۽ مڇان به تـَـري ٿي ويون، تنهنڪري حنا سفيد سـُـنهارين تي رنگ رکي بيهڻ واريءَ سنت کان به سبڪدوش ٿي وئي، ۽ نيٺ هلي هلي، ميهڙ جي مينديءَ جا کيت به هڪ ڏينهن غيرآباد ٿي ويا.

*      *      *

مينديءَ جي ڳالهه نڪتي آهي ته هڪ لطيفو ٻڌي وٺو: اوهان کي معلوم آهي ته غزل گو شاعرن جو محبوب ڪافي گو شاعرن جي پرينءَ وانگر نيڪ، حجاب ۽ حياءَ وارو يا پنهنجي عاشق جو سچو وفادار نٿو ٿئي، بلڪ نهايت ظالم، ستم ڪش، جفاڪار، بدخو ۽ خوني ٿئي ٿو، سندس زندگيءَ جو مقصد اهوئي رهي ٿو ته ڪيئن به ڪري مڙيوئي غريب عاشق کي سک سمهڻ نه ڏجي، کيس هميشه ڏک ۽ ڏجها ڏيو پيو پيڙجي ۽ ستائجي. جي گهڻو گهڻو ڪري ته کيس هجر ۽ فراق جا صدما سهائي سهائي يا ته نهوڙي ناس ڪري، ايترو ضعيف ۽ ناتوان ڪري ڇڏجي، جو جڏهن حضرت عزرائيل سندس ساهه ڪڍڻ اچي، ته کيس عاشق جي بجاءِ کٽ تي ان جا ڪنڊا ۽ هڏا به نظر نه اچن، جهڙيءَ طرح هن فارسي عاشق بيان ڪيو آهي:

تنم از ضـُـعف چنان شدم کہ، اجل جست نيافت،

نالہ، هر چند نشان داد کـہ در پيرهن است.

ٻيو شعر آهي:

از ضعف چنا شدم که بر بالينم

صدبار اجل آمد و نشناخت مرا

ٻيا بيت:

طبيبا بر سرِ بالينِ من آهسته تر بنشين

که ترسم بارِ دامانت ز بستر دورم اندازد

----

چنان ضعيف شدم از غمت، منِ درويش

که سايه را نتوانم کشيد از پي خويش

يا وري عاشق جي خون مان پنهنجا هٿ ۽ ننهن هر وقت رنڱيندي رنڱيندي، کيس ابنيمڪ (خون جي ڪمي) ڪري، آخر ماري ڇڏجي. اهوئي سبب آهي، جو غزل گوين چيو آهي ته معشوق جي هٿن کي مينديءَ جي رنگ جي ضرورت ڪانه ٿي رهي، سندس لاءِ عاشق جي خون جي لالاڻ ئي ڪافي ٿئي ٿي. جهڙيءَ طرح غالب چيو آهي:

خون هي دل خاک مين، احوالِ بتان پر، يعني

ان کــي ناخن هوئي محتاجِ حنا ميري بعد.

يعني جيسين غالب جيئرو هو، تيسين ته معشوق جا ننهن هميشه سندس خون مان رڱبا رهيا، ليڪن جڏهن خير سان وفات ڪيائين، ان وقت سندس روح پر فتوح دانهن ڪري چيو ته ڪيڏو نه افسوس ۽ ارمان آهي، مون کان پوءِ ڪيئن نه منهنجي محبوب جا ننهن مينديءَ جا محتاج ٿي پيا!

نظر علي خان مرحوم کي جڏهن عبدالرحيم کرل اهو شعر ٻڌايو، تڏهن فوراً هن چئي ڏنو ته ”يار غالب جي معشوق جا ننهن به ڄڻ خونخوار جانور جي ننهن وانگر نوڪدار هئا، جن سان غالب جي جسم کي نـُـهنڊان ڏئي، سندس رت ڪڍي، پنهنجا ننهن رڱيندو هو!“ گهڙيءَ کن انهيءَ معنيٰ تي ٽهڪڙو هليو. ان وقت ته سمجهي نٿي سگهياسي ته گولائيءَ تي ڪٽيل ننهن ڪيئن نهنڊان ڏئي سگهن ٿا، ليڪن اڄ سالن پڄاڻا وڃي ظاهر ٿيو ته غالب جو چٽيل نقشو بلڪل صحيح هو، ۽ نظر علي خان جي معنيٰ ۽ مفهوم به ٺيڪ هو. اڄوڪين عورتن جاننهن ڏسو، صورت خواه سيرت ۾ ڪيڏا نه مڪروه آهن! ائين پيو معلوم ٿئي ڄڻ انساني هٿ نه بلڪ ڪنهن جانور جا چنبا آهن! نوڪدار ۽ ڊگها ننهن ڄڻ ڏڦا پيا ڏسڻ ۾ اچن، جن جي اندران غفونت آميز غلاظت پڻ ڀرجي وڃي ٿي، ديني طرح به ناجائز ۽ دنيوي طرح به ڏسڻ جهڙا ڪين.

*      *      *

عورتن جو جڏهن اُهو گهريلو تمدن ويو، ته انهيءَ تمدن جي پٽ راڻين جا ڳهه ڳٺا به ويا. ڪنن مان واليون، نسبيون، پنڙا، جهومڪ ۽ ڏانوڻيون ويون، نڪ مان بول، بينسر، ڦُلِي، ڪِلِي، ڪوڪو ۽ لونگ لٿو، انهيءَ بولي يا بينسر تي جيڪي سچا موتي جڙيل هوندا هئا، انهن مان عورتن محبوب جي سهڻن ڏندن لاءِ تشبيهه ورتي، چونديون هيون. ”ڏند لاڏي جا اهڙا ته جرڪن ٿا جهڙا ماڻڪ موتي، اهڙا سهڻا جهڙا موتي!“ سهرن ۾ به چونديون هيون:-

ڏند ادل جا ماڻڪ موتي،

ڪجل جوڙ بڻايو، ادل جو ٿيو لايو سجايو!

اها نٿ به وئي، جيڪا سهاڳ جي نشاني سمجهي ويندي هئي، پـَـرڻي رات پوندي ته وري تڏهن لهندي، جڏهن سهاڳڻ جو ساٿ لٽجي ويندو. نامزدگي ٿي ته نٿ لاءِ نڪ ٽوپبو. پهريون مٺائي ورهائبي، سهرا چئبا، هٿن ۽ پيرن کي ميندي لائبي، مڱڻي جو جوڙو ڍڪائي پوءِ انهيءَ عورت هٿان نڪ ٽوپائبو، جيڪا پاڻ ورَ سهاڳ واري هوندي. جڏهن نڪ ڇـُـٽندو، تڏهن ڪارو ڌاڳو ڪڍي، في الحال لونگ، ڪوڪو، يا ڪـِـلي وجهي ڇڏبي. نڪ ٽوپجڻ شرط مڱينديءَ جي منهن تي حجاب ۽ حياءَ مان سـُـرخي اچي ويندي، جيڪا حقيقت ۾ انهيءَ خوشيءَ جو مظهر پڻ هوندي هئي، جيڪا گهوٽ جي تصور سبب ڪنوار جي تحت الشعور ۾ پيدا ٿئي ٿي.

اهڙيءَ طرح سهڻيءَ ڪونج جهڙيءَ ڳچيءَ مان هـَـسُ، هـَـسي، ڳاني لٿي، ۽ اُهو چندن هار به ويو، جنهن جي تشبيهه ڏيئي محبوب لاءِ چئبو هو ته ’ائين پنهنجي ڳچيءَ ۾ وجهانس جيئن چندن هار وجهبو آهي، اهڙي طرح ست لـَـڙهي دُري (دُهِري) خواهه دعائون به لهي ويون. ٻانهون خالي جهڙيون ڳڀرو ڇوڪرن جون. ٻانهين ڪـُـلهي ڪن پئي هئي اها وئي، ته ڪنگڻ، بازوبند، چوڙا، چوڙيون، پوَنچيون ۽ تعويذ به غائب ٿيا. عاج جي ٻانهين ٻانهه مان ان وقت ڀڃي لاهيندا هئا، جنهن وقت وريتيءَ جو ور هي جهان ڇڏيندو هو. آڱرين مان ڳاڙهن ساون ننگن سان منڊيون لٿيون، چيچ مان ڇلو ويو. ۽ اڄ ته ويڙهه ۽ کير منڊيءَ جو تصور به ڪونه ٿو اچي، ورنه اها شيءِ ڪيڏي نه رومانٽڪ هوندي هئي! گهوٽيتن، ڪنواريتن ۾ پهچي، ويڙهه ۽ کير منڊي چانديءَ يا سون جي وٽيءَ ۾ پيل کير مان ڪڍي ڪنوار جي چيچ ۾ پارائي، ته مڱڻي جو اعلان ٿيو، نه ڇڙو اهو اعلان ٿيندو بلڪ گهوٽ ۽ ڪنوار جي مابين پڻ هڪ تصوراتي دنيا خوشگوار، روح کي تراوت پهچائيندڙ، ڏاڍي سهڻي ۽ رنگين قائم ٿي وئي. جيسين وڃي تـِـٿِ ٻڌجي، ۽ ونواه پورو ٿي، وهانوَ رات ايندي، تيستائين دماغ ۽ دلين ۾ نئين زندگيءَ لاءِ محبت جا، پريت جا ۽ پيار جا پروگرام پيا رٿبا. هڪڙيون رٿائون پيون جڙنديون ۽ ٻيون پيون ڊهنديون، نه راتين جو اهو راحت بخش تصور غائب ٿيندو، ۽ نه ڏينهن جو ان جي سلسلي جون تارون ٽٽنديون. گهوٽ کي پنهنجو پاڻُ پيو وڻندو ۽ ڪنوار پنهنجي من ۾ جدا مگن هوندي. توڙي شڪل صورت ۾ ٻـَـئي سادا هوندا، ته به ڄڻ پنهنجو پاڻ کي موچارا مور پيا لڳندا. نه ڇڙو پنهنجا وجود کين انهيءَ عالم ۾ سهڻا لڳن ٿا، بلڪ هيءَ سڄي ڪائنات سندن اکين ۾ حسين ٿي پوي ٿي. جڏهن اهو مقام حاصل ٿئي ٿو، ان وقت گويا عشق ۽ تصور جو معراج ٿئي ٿو. اهوئي ڇلو، جيڪو چيچ ۾ پوي ٿو، سو عاشق ۽ معشوق جي مابين هڪٻئي جي نشانيءَ طور به ڪتب ايندو هو، ۽ هڪٻئي سان عهدو پيمان جو سبب به بڻبو هو. ٻـَـئي ڌريون ان جي ڏاڍي حفاظت ڪنديون هيون ۽ ان کي ساه کان به وڌ سوگهو رکنديون هيون. ابتدا ۾ چوٽيون ٿينديون هيون، ۽ چوٽين ڪرڻ وقت عورتن ۾ هڪٻئي سان ڏاڍي رهاڻ ٿيندي هئي، دنيا جهان جا قصا پيون ڪـُـٽينديون، وِريون ڏئـِـي جـُـوان به ڪڍنديون، ليکان به مارينديون، لاس يا ميندي وجهي ڪاٺ جي ٻه مـُـهين ڦڻيءَ سان (جنهن تي رنگدار ٽـِـڪـِـڙَن ۽ آئينن جي گلڪاري هوندي) وار پيون ڳـُـڌينديون. اهو وقت عورتن جي زندگيءَ ۾ نهايت اهم هو. ان ۾ هڪٻئي سان دل جا سڀئي ڏک سور اورينديون هيون، ڪي بلڪل راز ۽ ڳجهه جون ڳالهيون به ڪنديون هيون، اوڙي پاڙي جي اٿي ويٺي ۽ ڳوٺ جي چار پچار به پيون ڪنديون هيون. هاڻي اهو وقت به ويو ۽ اها ڪچهري به وئي، پهريون ٻه چوٽيون ويون، پوءِ هڪ چوٽي ٿي، ۽ هاڻي ته نه هڪ نه ٻه، وچئون ئي وارن کي اچي اهڙو وارچرو لڳو، جو ڪپجي، ڪترجي، چيلهه ڇڏي ڪياڙيءَ کان به مٿي ٽپي ويا. زالون حوران نه بلڪ ڄڻ غلمان پيون لڳن.

جنهن دؤر جو قصو ٿو ڪيان انهيءَ دؤر ۾ عورت جي چوٽيءَ جو ڏاڍو احترام هوندو هو. عورت جي چوٽيءَ جو ننگ وڌو ويو ته سڀئي دليون اهڙيون صاف ٿي وينديون جهڙو آئينو. اها سينڌ به وئـِـي، جنهن ڏي عورتون اشارو ڪري چونديون هيون ته ”هيءَ سينڌ ٿي ڏيانءِ!...“ گويا اهو قسم کڄي ويو. هاڻي جان هلي ويندي پر سينڌ جو قسم ۽ سينڌ تي ڏنل واعدو ڪونه ٽٽندو. عورت کي پنهنجن وارن جو ايترو خيال هوندو هو، جو جڏهن پوليس کي ڪنهن جو مانُ لاهڻو هوندو هو ته کيس چوٽيءَ ڪپڻ جو دڙڪو ڏيندا هئا، ۽ مائي پنهنجي عزت ۽ ناموس بچائڻ لاءِ خونن جهڙيون ڳالهيون به ٻڌائي ويهندي هئي. وارن جي ٿوري چـَـڳ ڪپي ڪنهن ماڻهوءَ ڏي موڪلينديون، ته اهو گويا اعلان هوندو ته اڄ کان پوءِ  جان ويندي پر آن نه ويندي، ۽ عشق جو اظهار به  چوٽيءَ مان چڳ موڪلي ڪيو ويندو هو. ڪنواريتا پنهنجي نياڻي ڏئـِـي، پوءِ هميشہ گهوٽيتن جا ڪاڻيارا رهندا هئا، ڇاڪاڻ ته سندن نياڻيءَ جا وار گهوٽ جي کٽ تي وڇايل هوندا هئا. الغرض جڏهن چوٽيون ويون، ته انهن جو مانُ به ويو، سينڌ نه رهي ته عورت جو قول ۽ قرار به ڪونه رهيو. جڏهن اهي سڀئي ڳـُـڻَ ۽ ڳالهيون ويون، ته سينڌ جي سـَـري وئي، چوٽين جون سڳيون ويون، ۽ سونَ چانديءَ جا ميناڪاري چوٽيءَ ڦل به ويا، ۽ چوٽين ۾ پيل چانديءَ يا سون جا جهوڙا پڻ ويا.

اهو ته ٿيو تمدن جو نقصان، ليڪن وارَن وڃڻ ڪري ادبي دنيا کي ڪيترو گهاٽو لڳو. اهي زلف ۽ گيسو ويا، جن کي پريشان ڏسي عاشقن جي دلين جي دنيا درهم برهم ٿي ويندي هئي. انهن ڪاريهر نانگن جا، جيڪي واسينگن جان ور وجهندا هئا، بند ۽ ڪمند ويا. نه انهن ۾ حلقا رهيا، نه انهن جا دام ۽ پيچ رهيا. ارمان ۽ افسوس اهو آهي ته غزل گو شاعرن کي ڦاسائڻ لاءِ معشوق وٽ جيڪي زنجير هئا، جن ۾ عاشق ويچارا اچي نخچير ٿيندا هئا، سي سڀ جڏهن ’تن بتقدير‘ ٿي ويا، ته هاڻي شهر جي شاعرن جو اهو گروه، جيڪو معشوقن جي بنديخاني ۾ بند ٿيڻ لاءِ هر وقت پيو واجهه وجهندو هو، سو ڪاڏي ويندو؟

بي پردگيءَ سبب عورت جي عصمت ۽ عفت مان جڏهن ڪشش نڪري وئـِـي، ته اڳٺ جي عزت ۽ حرمت يا ان ۾ جيڪا تندي ۽ مضبوطي هئي، اها به وئـِـي، ۽ اها وئـِـي ته اڳٺ ۾ جيڪي سون ۽ رپي جا جهاٻا پوندا هئا، تن جو به رواج نڪري ويو. پيرن جي تـِـرين ۽ آڱرين مٿان مينديءَ جو رنگ، جيڪو رنگ رچائي بيهندو هو، سو جڏهن لالاڻ لاهي پيو، ته پيرن جي آڱرين مان ميناڪاري بـَـنڊڙا به لٿا، ۽ پيرن منجهان نورا، ڪڙيون، پٺيون، پايل، ۽ پازيب به موڪلائي ويا.

ڪيڏي نه ارمان ۽ افسوس جي ڳالهه آهي! اهي سمورا ڳهه ڳٺا ۽ سينگارسنوار جا اهي سڀئي انگ اسباب رواج ڇڏي ويا. عورتون هاڻي سهرن ۾ ڇا چونديون؟ ”سونو بازوبند مان ڏي آدل موڪليو... نسبين جوڙ بڻايو... ۽ دُهري گهڙائج نِهري!“ ڪٿان ڳائي وڄائي سگهنديون! اهي سونارا به ته هليا ويا، جن وٽ سون جي پرکا ٿيندي هئي، سچ ۽ مٺ جو تفاوت ڪڍي ٻاهر ڪندا هئا، ۽ فني مهارت ۽ هٿ جي صفائيءَ جا ڪمال ڪري ڇڏيندا هئا.

*      *      *

سنڌ ۾ عورت لاءِ عيب هو ته هوءَ ڪافي يا ڏوهيڙو چوي، تاهم لڪ چوريءَ ڪيترن ڪلام جوڙيا، جن مان انهيءَ زماني ۾ چند مشهور به ٿيا. اهو ته اتفاق هو، جو ڪجهه ٻاڦ نڪري پـَـئي، ورنه ويچاريون سڀڪجهه سيني ۾ سانڍيون، زمانو ٿيو، جو هتان هليون ويون. عورت لاءِ البت سهرا چوڻ ۽ سهرا ٺاهڻ مباح هئا، جنهن ميدان ۾ هـُـنن واه جي رنگ لائي ڇڏيا. اسان جي ڳوٺ ۾ ٻه مايون سهرن جون ڪاريگر هيون: مائي حليمان بونڀٽ واري، ۽ ايمڻان مرهيات[18]  بهمڻ واري. سهرا ٺاهينديون به هيون ۽ چوڻ چوائڻ جون به ڏاڍيون سيبائتيون ۽ سريليون هيون. مڱڻو ٿيو، ونواه ۾ ڪنوار ويٺي، پرڻي رات آئي، خواه ستاواڙي تان ڪنوار موٽي - ڏينهن جا ڏينهن کين اڳ اطلاع ڏبو. موقعي ۽ مهل، خواه ڌُرين جي درجي ۽ مرتبي آهر سهرا جوڙينديون، انهن جا سُرَ ٺاهينديون، سُرَ جهلڻ واريون مقرر ڪنديون، ۽ آخر جڏهن ونواه ٿيو ته ان کان پوءِ هر روز سومهياڻيءَ جي ماني ٽڪي کائي، سڄي شهر جي سيبتين کي ساڻ ڪري اچي گهوٽيتن جي گهر پهچنديون. هر موقعي جا جدا جدا سهرا هوندا: مڱڻي جا، مينديءَ جا، نٿ ٽوپجڻ جا، ونواه جا، لانون جا، نڪاح جا، ڪنوار جي رخصتيءَ جا، ۽ ستاواڙي جا. سهرن هلندي، ٿالهي به پـَـئي وڄندي، ۽ جهمر به پـَـئي لڳندي. ناچ اسان وٽ سخت معيوب هو. گهريلو عورتن جو اهو مرڪ نه هو ته کين نچڻين وانگر نچائجي. نياڻين سياڻين، يا ويٺا وياون کي ناچ سيکارڻ اسان وٽ تهذيب ۽ شائستگيءَ جي سند ڪونه سمجهيو ويندو هو، جيئن بنگالين وٽ آهي، يا انهيءَ آڌار تي اسان وٽ سڱابندي ڪانه ٿيندي هئي ته ڇوڪرِ نچڻ ڄاڻي ٿي يا نه، ڳائي وڄائي سگهي ٿي يا نه؟ اسان وٽ ته نجابت ۽ شرافت لاءِ ثبوت اهو هو ته هنن جي اکين ۾ حياءُ ۽ حجاب هجي، سندن لـڄ لٿل نه هجي، ڌارئي ماڻهوءَ تي اوچتو اک پوي ته نيڻ نيچا ٿي وڃن، گردن جهڪي پوي، ۽ شرم وچان پيشانيءَ تي پگهر نڪري اچي. جيڪا زائفان بدخوءِ ۽ جهيڙاڪر هوندي هئي، ان لاءِ عورتون چونديون هيون، ’ڏسو مائي! هيءَ ته ڪا نچڻي آهي، هڪ نـَـهن تي پئي ناچ ڪري!‘، گويا نچڻ وٽن وڏو طعنو ۽ تنڪو هو. اسان وٽ فقط جهمر رائج هئي، جيڪا پڻ پرڻلان عورتون ڇڙو شادين مرادين جي موقعي تي، سو به عام نه بلڪ عورتن جي ڪنهن خاص مجلس ۾ هلنديون هيون. بهرحال، سهرن هلندي هلندي، وچ وچ ۾، هڪٻئي تي، پرائي پنهنجي تي، گهوٽيتن ڪنواريتن تي ٽوڪ ٽهول به پئي هلندي، لاهڻيون به پيون لهنديون، ۽ چرچا ڀوڳ ڪري ٽهڪڙا به پيون ڏينديون، جيئن ڪنهن جي اکين ۾ جي ڪا اوجهراڪي اچي، ته اها لاهي تازي تواني ٿئي.

جيسين سڄا قصا ختم نه ٿيندا تيسين سهـِـرَن واريون سڄو پاڙو مٿي تي کنيون بيٺيون هونديون. اهي شور شغل يڪا ٻه ٻه مهينا پيا هلندا. سهرن وارين کي ڪابه لالچ ڪانه هوندي هئي. گهوٽيتن طرفان پـُـنيءَ مراد جي کين ڪو جورو پوتو ملي ويو، ته گويا لک ٿي ويا، ڄڻ سندن لاءِ سڀڪجهه ٿي ويو.

هاڻي ته شاديون شاديون ئي نه رهيون، غمين کان به وڌ، بي رنگ ۽ خاموش، گويا شادي نه پر ڪنهن عزيز جو ڄڻ پٿر[19] آهي. شاديءَ کان اڳ ئي گهوٽ ڪنوار پيا گڏ گهمن، پوءِ اڻ ڏٺي ۾ جيڪا ڪشش ۽ هڪ تصوراتي رنگيني هئي، اها ڪٿي قائم رهندي؟ چاه پارٽي ڪري، ٽپهريءَ جو نڪاح، جو پڙهائبا، ته انهن ۾ ڀيڄ ڀنيءَ وقت لانون لهڻ واري ڪيفيت ڇو پيدا ٿيندي؟ سهرن ۽ شرنائن جي، دهلن ۽ دمامن جي، ساٺن ۽ سوڻن جي، سنگتين ۽ ساٿين، جيڏين ۽ سهيلين جي گڏ ٿيڻ ۽ خوشين ڪرڻ جي.

مهينن پاند شاديون شادمانا پيا هلندا هئا- جيسين وڃي لايو سجايو ٿئي تيسين پـَـئي هماهمي هلندي، ڏاج ڏيوڻ پيا ٺهندا، نياڻين لاءِ جورا پوتا پيا ايندا، ڇلومنڊي پيو گڏ ٿيندو، مٽن مائٽن ۽ اوري پري جي ساٿ سنگت کي پيا سڏ ڏبا، رٺل پيا پرچندا، ۽ پرتلن تائين پيا پيغام پهچندا. مطلب ته ڪا ڳالهه هئي ڇا؟ هرڪو کـُـٿو نه پيو پڄندو هو. ائين پيو معلوم ٿيندو ته ڄڻ هڪ جو وهانءُ ۽ ونواه نه آهي، بلڪ سڄي شهر جا شادمان آهن. هر ڪنهن جي منهن تي مشڪ هوندي، ۽ هرڪو پيو هڪٻئي کي هٿ جهلائيندو.

اڄ اهي سڀ ڳالهيون رفت گذشت ٿي ويون. نه لانوان لهڻ، نه آئيني ۾ هڪٻئي جو منهن ڏسڻ، نه ڪنوار جي چوڌاري ڦيرا ڏيڻ، ۽ نه انهيءَ ڪڙهيل کير مان ڍڪ ڀرائڻ جو رواج رهيو جيڪو شـُـنهارن[20] ۾ ڪڙهيل هوندو هو ۽ منجهس ڦوٽن جي ڪڻ ۽ سـَـنگ جي مصري وڌي ويندي هئي. ڍڪ ڀر ته ڄڻ زبان تي ٿري[21] ٻَجهي وئي. ڪنوار جي ڪمري ۾ پهچي، گهوٽ هاڻي ونيءَ جي لٽي ڪنڊ تي ٻه رڪعتان نفل به ڪونه ٿو پڙهي، ۽ نه ازدواجي زندگيءَ جي ڪاميابيءَ لاءِ ٻـَـئي هٿ مٿي کڻي دعائون گهري ٿو، اهو جذبو ۽ اها ڪشش به ڪانه رهي، جيڪا خلاصي ٿيڻ وقت گهوٽ ڪنوار کي هڪٻئي لاءِ ٿيندي هئي... اڳ ۾ ئي جو هڪٻئي کي ڏسي وائسي ڇڏيائون، پهريون ئي پاڻ ۾ جو بي تڪلف ٿي وڃن ٿا!

جڏهن ته هاڻي اهي سڀئي رسم ۽ رواج، جيڪي اڳ حقائق هوندا هئا، داستان بڻجي ويا، ۽ محض يادگيريون وڃي رهيون، تڏهن سهـِـرَنِ جي جاءِ به اچي ناٽڪي رڪارڊن ورتي، پوءِ اهي سهرن واريون سـُـريليون مايون، يا سـُـرَ جهلائڻ واريون اهي سبيتيون ڪٿان رهنديون. سمجهان ٿو ته سهرن جي اها صنف، جيڪا سنڌ جي زناني ادب ۽ فن جو اهم حصو هئي، سنڌ منجهان گهڻي ڀاڱي ختم ٿي وئي هوندي - افسوس.

*      *      *

انهن مذڪورن مان منهنجو مطلب هي آهي ته آءٌ اوهان کي ڏيکاريان ته جنهن دؤر ۾ نواز علي ”نياز“ رهيو، ان دؤر جي هلي چلي، اُٿي ويٺي، رهڻي ڪهڻي، چال چلت، ۽ قيل قال[22] جو ڪهڙو حال هو، ۽ ٻيو هي ڏيکاريان ته اسان جي ادب شهرن جي محدود فضا ۾ نه بلڪ ٻاهراڙيءَ جي وسيع علائقن ۾ پرورش حاصل ڪئي آهي. شهر ۾ يا ته بلڪل وڏن ماڻهن جي رهائش هئي، جن جو ادب ۽ شعر و سخن سان ڪو واسطو ڪونه هو، يا ته واپاري ۽ ملازم پيشي ماڻهو رهندا هئا، جيڪي پڻ انهيءَ ذوق شوق کان عاري هئا. شهرن کي انهيءَ دؤر ۾ ثقافتي خواه تمدني لحاظ سان ڪابه اهميت ڪانه ڏني ويندي هئي، بلڪ ٻاهراڙيءَ جا ماڻهو شهرن کي گنهگاريءَ جو مرڪز ۽ اوباشيءَ جو اڏو سمجهندا هئا، ۽ شهرن کي تمام حقارت سان ڏسندا هئا، چوندا هئا ته ”ميان، هي ته ڪو شهري پڪوڙي خور آهي!“ شهر جي نوجوانن وانگر سينڌ ڪڍي، مٿو اگهاڙو ڪري هلڻ، شـُـهدپڻ سمجهيو ويندو هو، شهر جي بود وباش، رهائش ۽ اُٿي ويٺي کين اصل ڪانه وڻندي هئي، ٻاهراڙيءَ وارا هميشہ پاڻ کي هر لحاظ سان ڪردار خواه گفتار ۾ سچو ۽ سورهيه سمجهندا هئا، شهرن وارن کي ٻٽاڪي، سفله مزاج، ۽ بزدل ڀائيندا هئا. شهرن ۾ رهي، جن ادبي خدمتون ڪيون، يا جن غزل گويون ڪيون، سي به اصل ته پنجهتر فيصد ٻاهراڙيءَ جا هئا. ۽ ڪنهن سهنج سانگي سان اچي شهر جا رهواسي ٿيا هئا. پر جيئن دير پـَـئي، تيئن مٿن شهري فضا جو اثر پختو ٿيندو ويو، تان جو هو پنهنجون اصلوڪيون عادتون ۽ خصلتون وڃائي ويهي رهيا، سندن زبان صاف نه رهي، بلڪ ان تي ڌاريـُـن ٻولين جو رَءُ چڙهي ويو، سندن خيالن ۾ اها فطري رنگيني ڪانه رهي، نه انهن ۾ پرواز رهيو، ۽ نه پرواز ۾ بلندي رهي، مصنوعي خيال، غير فطري تشبيهون، ۽ عاريتاً ورتل الفاظ سندن ذهن ۽ عقل تي غالب پئجي ويا. هنن جڏهن شهري رنگ ۾ رنگجي غزل گوئي شروع ڪئي، تڏهن سندن حال به اهوئي ٿيو، جيڪو انهيءَ ڪانوَ جو ٿيو هو، جنهن هنس جي چال هلي، پنهنجي رفتار به وڃائي ڇڏي هئي.

در حقيقت سنڌ جي حقيقي شاعريءَ يا اسان جي مادري ٻوليءَ دهقانين جي وستين خواه وَسـَـنوَن ۾، ڳوٺن خواه ڳوٺاڻـِـن اوطاقن ۾، انهن جي ڪشادن اڱڻن ۽ وسيع ميدانن ۾، ڳوٺ جي وڻن هيٺ، انهن جي ٿڌين ڇانون منجهه راتين جي اونداهين خواه چانڊوڪين ۾، سانوڻ جي لـُـوهـُـنِ خواه لُڪن ۽ سياري جي ڄـَـرُن ۽ ڄائُون پارن ۾، چيٽ جي موسم خواه سرءُ جي مِٺين مندن ۾، ٻاهراڙيءَ جي ٻيلن خواه بيابانن ۾، ٿرن خواه برن ۾، جنڊ جي پاسي ۾، ڏڌ جي چاڏيءَ وٽ، کوهه جي نيسر وٽ، جوئر جي پوکن ۾ پيهي تي چڙهي کانڀاڻيءَ سان جهار هڪلڻ وقت، نؤ ورنين جي سينڌ سرمي ڪرڻ وقت، يا اورُن اورڻ مهل، شادين ۽ سکائن[23] ۾، سهرن ۽ لاڏن ڳائڻ وقت جَنم ورتو ۽ پرورش پاتي.

شهرن جون مجلسون ۽ محفلون، ادبي هجن خواه غير ادبي، مشاعرا هجن يا مناظرا، انهن سنڌ جي سچي پچي، مستحڪم ۽ پائيدار ادب کي پيدا ڪونه ڪيو. شهر وارن جون سڀئي ڳالهيون راند هيون، سندن مشاعرا ۽ مجلسون محض بازيگري هئي، گويا غير سنڌي شاعريءَ ۾ فقط غير سنڌي لفظن، محاورن، تشبيهن ۽ استعارن جي ڀرمار! ادب ۾ انهن جيڪا ڪوڏر هئين، سا اجها اها جو اسان جي زبان جو حسب نسب وڃائي، ان ۾ ڪيئي قط وجهي ڇڏيائون. پر ان ۾ جيڪڏهن ڏسبو ته هنن جو به قصور ڪونه نظر ايندو. خدا جون سڀئي نازل ڪيل نعمتون ۽ عطا ڪيل عنايتون ڳوٺاڻن کي نصيب هيون، خدا جي قدرت ۽ ڪائنات تي دهقانين جو قبضو هو، چٽين چانڊوڪين تي، چوڏهينءَ جي چنڊ تي، آسمان تي، ستارن جي باغ ۽ بستان تي، ڪتين ۽ ٽيڙن جي محفل تي، باک ڦٽيءَ جي مٺيءَ تنوار تي، ۽ ڏکڻ جي ٿڌيءَ هير تي، اتر جي تند ۽ تيز هوا تي، اوڀر جي وائوندي ۽ اولهه جي واءُ تي، چاليهي جي لـُـڪن تي، ۽ برسات جي بهاريءَ ۽ بارش جي بوندن تي، ڪڪرن جي ڪارونڀار تي ۽ وڄن جي وڄڪار تي، سرنهن جي ڦڪي ڦولار تي، ۽ ان جي گلزاريءَ تي، ٺينگ ٽپا ڏيندڙ سهڻن نادر ۽ نفيس پوپٽن تي، ڀنڀورين ۽ ڀونئرن تي، رس چوسيندڙ ماکيءَ جي مکين ۽ مکـَـن تي، جهنگ جهر، جبل ۽ ٿر تي،قدرتي بهاريءَ ۽ گلزاريءَ تي، صحتمند غذائن تي، ۽ صاف شفاف درياهن مان ڌوتل هوا تي- الغرض سموريءَ ڪائنات تي، ۽ ڪائنات جي هر لطيف ۽ حقيقي حـُـسن تي، حڪومت هر ڪاهيندڙ ڪڙمين ۽ ڪامـِـن جي هئي. تنهنڪري شهر جي محدود حلقي ۾ رهي غفونت آميز ۽ غلاظت ۾ ڀريل آب و هوا ۾ جيئندڙ ۽ ساه کڻندڙ اديبن ۽ شاعرن کي ڇا خبر ته سنڌ تي سنڌ جي پروردگار جون ڪهڙيون ڪهڙيون نعمتون نازل آهن، جن مان هو به پنهنجي نثر لاءِ ۽ پنهنجي شاعريءَ لاءِ هر قسم جو مواد ڪٺو ڪري سگهن ٿا. هير تنوار ۽ هوا، ڏکڻ ۽ اُتر، اولهه ۽ اوڀر اسان وٽ به آهي- پوءِ ٻين جي ديوانن مان بادصبا جو نالو ڇو پيا چورائـِـن؟ ايراني ذهن جي خلقيل بادصبا کي سنڌ ۾ ڪير سمجهي سگهندو! ڪانوَ غريب تي شهرن جي هماهميءَ ۾ رهندڙ غزل گوين جي ڪٿي نظر پوندي، جو هو کيس نياپا ڏيڻ ۽ پيغام پهچائڻ ۾ کانئس مدد وٺن! هنن ته فارسيءَ ۾ يا اردوءَ ۾ قاصد کي محبوب ڏي ويندي ڏٺو، جهٽ کڻي ان جي دامن پڪڙيائون. ڪتين ۽ ٽيڙن تائين سندن تخيل ڇو وڃي، جڏهن ته بجلين جي روشنيءَ ۾ هنن جي نور وڃايل نيڻن انهن جي ڪڏهن زيارت ئي ڪانه ڪئي. ڊالڊا گيهه کائيندڙن کي مکڻ ڪٿي ملي، جو هو معشوق کي ان سان تشبيهه ڏئي سگهن. کير هنن کاڌو ئي ڪونه، ته هو ڏندن جي سفيديءَ جو ان سان مقابلو ڪيئن ڪندا!

اهو ئي سبب آهي، جو جڏهن شهر جي شاعرن شعر چوڻ شروع ڪيو، ته هنن ڪافيءَ ۽ ڪافيءَ جي زبان تي قدرت ۽ قبضو ڪونه ڏٺو- تنهنڪري يڪدم کڻي غزل جي دامن جهليائون، ۽ شاعري ڪندي اردو ديوانن منجهان فارسيءَ جون غير معروف ۽ عجيب و غريب ترڪيبون ۽ تشبيهون کڻي، پنهنجي ريشم ۾ بافتي جي چتي ٽنبي ويٺا. جن ڪافيون ۽ ڏوهيڙا ٺاهيا، انهن جي اڳيان قدرت جي وسيع ڪائنات حد نظر کان به اڳتي تائين کلي پئي هئي، جنهن جي ذري پرزي مان هنن نتيجا ڪڍيا، ۽ انهن مان فائدو ورتائون، پنهنجي ڪلام کي هنن انهن تشبيهن سان سنواريو، جيڪي هرهڪ جون ڏٺل وائٺل هيون ۽ انهن جي نزاڪت ۽ سهڻائيءَ جو سڀڪو ڄاڻو هو. تنهنڪري هرڪنهن کي ڪلام ٻڌندي لذت پئي آئي، روح جي ريجهه پئي ٿي، ۽ دل کي راحت ٿي رسي، سڀ شيءِ سندن ڏٺل جو هئي، پاڻ هر تلميح، استعاري ۽ لفظ مان واقفڪار جو هئا! جيڪو ڏٺل ڳالهه مزو ڏيندي، اها چـَـسَ ان شيءِ مان ڪٿي ايندي، جيڪا هـِـنن اکين ڪڏهن ڏٺي ئي ڪانه هوندي؟

*      *      *


 


[1] خضر جو هم معنيٰ لفظ ٻهراڙيءَ جي زبان ۾.

[2] مايون پنهنجي مڙس جو نالو ڪونه وٺنديون هيون. پـُـٽَ جو نالو وٺي چونديون هيون: فلاڻي جا پيءُ! ”فلاڻي جو پيءُ!“ مرد ڪڏهن پيار مان زال کي ان جي نالي کي ننڍو ڪري سڏ ڪندو هو، يا پٽ جي نالي تي فلاڻي جي ماءُ ڪري سڏيندو هو، ڪڏهن هو زال کي ڳوري يا ڳئوري به چوندو هو، خاص طرح جڏهن مائي پيرين ڀاري هوندي هئي- سچل جي بيت ۾ آهي:

ڏاهو چڙهي ڏار تي، ٿو ڏئي ڏوراپا،

پڌرا ڪري نه پرينءَ جا، اهو نازڪ نياپا،

آڻيو اوراپا، ڳالهيون ڳوريءَ کي چوي.

[3] سنڌ ۾ ڪن قبيلن ۾ جيڪڏهن ڪنهن کي معلوم ٿئي ته فلاڻو فلاڻيءَ تي عاشق آهي ته مائٽ ٻنهي کي ڪارو ۽ ڪارِي ڪري ڇڏيندا، يعني مرد ڪارو ٿي ويندو ۽ سندن سماج ۾ عورت ڪاري ليکي ويندي، پوءِ ٻنهي جو مارڻ سندن لاءِ عين ثواب ۽ عين عزت آهي. پيءُ ڌيءَ کي ماري ڇڏيندو، ڀاءُ ڀيڻ جو ويري ٿي بيهندو. جيسين ٻـَـئي نه مرندا، تيسين کير پيئڻ پاڻ تي حرام ڪري ڇڏيندا. خون ٿئي کان پوءِ ٻنهي ڌرين جا مائٽ خاموش ٿي ويندا، دانهن ڪوڪ ڪونه ڪندو.

[4] سنڌي شاعرن ڪڏهن قاصد کان به خط موڪلڻ يعني نامہ بريءَ جو ڪم ورتو آهي، مثلاً سچل چوي ٿو:

قاصد آيو ڪونڪو، ڪونه لکيائون خط،

جيڪس هيس ڪينڪي، ريگستانـِـن رت،

پنهوارن پاهـَـتُ، تيلهان مون سان نه رکيو.

----

قاصد آيو ڪونه، ريگستاني راڄ ڏَهـُـون-

جو تو مون کي تارِ ڪيو، سومرا ۾ سون!

مارن منهنجي روح جو، هُت هَي هَي پتو هون-

ڇيهون هتي ڇو نه، ٿيان اهڙن عتابن سان!

ليڪن سنڌي ادب جو اهو قاصد اور نموني جو آهي، ايراني يا سنڌ جي غزل گو شاعرن وارو قاصد نهايت عامي ۽ سطحي ٿئي ٿو؛ هتي قاصد اهو ٿئي ٿو، جنهن ساٿ ۽ سنگت ۾ سڄي عمر گذاري هجي، ۽ ڪانگل جهڙو وفادار ۽ رازن جو رکپال هجي. انهيءَ ڪري ئي کيس ساٿيءَ جي لقب سان ياد ڪيو ويو آهي:

آڳيئون مـُـحب مـَـٺـِـي، متان ڪا منهنجي ڪـَـرين،

وِهندو وَرُ وٺي، ساٿي خبر کـِـيئن جي.

----

سوز ڀري سـِـٽ جا هـُـئـِـي، ساٿـِـي ڪين سـِـکيو؛

ته متان ڏئـِـي لـَـهس لـِـکيو، جو پڻ مـُـڪو سڄڻين.

۽ کيس پانڌي به سڏيو ويو آهي، ڇاڪاڻ جو اهوئي ساٿي جڏهن پبڪن وٽان خطي پيغام يا پرين سندي پار کان نينهن سندا ناما کڻي ايندو هو، تڏهن ان کي پانڌي (پنڌ ايندڙ) چوندا هئا. جيئن سچل چوي ٿو:

پانڌي پهچائي، ورُ عريضو عجيب ڏي؛

قاصد ڪونچائي، متان سورَ وجهين ساهه کي.

----

ليلائيندو آئيو، پانڌي اڄ پَراءِ،

ورتس درد ڌُراءِ، جو مت وڃائي آئِيو.

----

وڃي ڏيهه ڏٺو، ڪي تو سندو سڄڻين!

چڱيءَ طرح چـِـٺو، پانڌي ڏنئه پرينءَ کي؟

----

اهو ٻانڌي عاشق جو ايترو همدرد ۽ قربائتو ٿيندو هو، جو خط ۾ لکيل مذڪور تي خود پاڻ به روئي ويهندو هو، جهڙيءَ طرح هن بيت ۾ بيان ڪيو ويو آهي:

وٺي هليو خط، پانڌي پار پرينءَ جي؛

روئي روئي رتُ، تنهن هلندي حال وڃائيو.

----

ڪانگل جتوڻيڪ نياپن سنيهن، ڳجهه اندر جي ڳالـِـهن، راز ۽ رمز وارن پيغامن لاءِ مخصوص هو، تاهم ڪڏهن کانئس نامہ بريءَ جو به ڪم ورتو ويو آهي:

لوڏيندي لامون، ڏاهو ڏار چڙهيو چوي،

’آندو اٿم پاڻ سان، نينهن ڀريو نامو،

تـُـوڏي ساريو سڄڻان، ڪـَـيم راتيان روانو،

پـُـڙهي پروانو، مون کي جلد جواب ڏي!

----

اِتي کيس ڏاهو سڏيو ويو آهي، يعني ايڏو عقلمند ۽ سياڻو، جو جيڪو نامو آڻي ٿو، ان کي به نياپن ۽ زباني سنيهن وانگر لڪائي ۽ ڇـُـپائي ٿو.

[5] سنڌ جو هڪ محاورو.

[6] سنڌيءَ ۾ موچارو ٻنهي معنائن ۾ ڪتب اچي ٿو، سهڻي لاءِ به ۽ ساديءَ شڪل واري لاءِ به اِهوئي هڪ لفظ ڪتب آڻي سگهجي ٿو. استعمال مان ان جي مطلب ۽ معنيٰ کي پروڙبو آهي.

[7] دکَڻَ بمعنيٰ دڪان

[8] ڪانڀ ڪڍڻ چئبو آهي هيٺ ويهي، ٻئي گوڏا مٿي ڪري، چيلهه ۽ ڄنگهن جي چوڌاري چادر ويڙهي ويهڻ کي.

[9] مشعل جي سنڌي صورت.

[10] يعني علاءُ الدين خلجي.

[11] هتي جن به قصن ۽ داستانن جو ذڪر ڪيو ويو آهي، اهي سڀئي سکر واري ماستر هريسنگ، ۽ شڪار پور واري ماستر پوڪرداس ڇپايا هئا.

[12] مکڻ جو ننڍي چاڻي کي ڦُٽي چئبو آهي ۽ خود مکڻ کي به چئبو آهي.

[13] هندي ۽ پوربي شاعريءَ ۾ پڻ عورت کي ئي عاشق بڻايو ويو آهي.

[14] ’اَڳا انهن زنانن چولن جي لـَـٽن کي چئبو هو، جن جا اڳ مشِين تي ڀريل هوندا هئا.

[15] چـِـڪنو سفيد لٽو ٿيندو هو، جنهن جو سڄو ترو مشين جي برٿ سان ڀريل هوندو هو. شايد اڃا به اهو بازار ۾ هجي.

[16] ڪاٺ جي ٽڪرن تي گل ٻوٽا اُڪيريا ويندا هئا. ڪـِـلـِـڪَ جي ڪاريءَ مش مان ٻوڙي انهن سان لٽن کي ڇُريندا هئا ۽ پوءِ انهن تي ڪنڊيءَ يا سئيءَ سان برٿ ڀربو هو. انهن لَبن کي ڇـُـر ۽ پور سڏيندا هئا.

[17] رئي جي هڪ پَلَوَ کي ڳچيءَ ۾ وجهي، ٻنهي هٿن سان جهلي، پوءِ مٿي بيان ڪيل لفظ ادا ڪبا هئا.

[18] مرحومہ ۽ مرحوم جي سنڌي شڪل- مرهياتِ ۽ مرهياتُ.

[19] مائٽ جي موت تي ٽي ڏينهن زمين تي ويهبو آهي، ۽ فرش تي سمهبو آهي، ان کي پٿر چئبو آهي.

[20] شُنهارن (ڇُنهارن) جي ٻئي قسم جو نالو ڪَتيفيون هوندو هو.

[21] کير جي ملائيءَ کي چئبو آهي ٿَر يا ٿَري.

[22] هيٺين فارسي ۽ عربي لفظن جو ترجمو هيٺين لفظن سان ڪري سگهجي ٿو:

تمدن= هلي چلي. تهذيب= اٿي ويٺي. معاشرو= رهڻي ڪهڻي، ڪردار (ڪيريڪٽر)= چال چلت. ثقافت= قيل قال.

[23] ڪو عزيز بيمار ٿيندو يا ڪو ڪم ڦاسندو، پوءِ عورتون ڪنهن پير جي نالي تي باس باسينديون هيون، جڏهن ڪم پورو ٿيندو، ته انهيءَ پير جي قبر تي وڃي سهرا ڳائينديون ۽ خيرات ڪنديون هيون، ان کي چئبو هو سـُـکا“- سـُـک واري، سک يعني خير خوشيءَ واري خيرات.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org