7
سونهان چائين، سڌ نه پئين، سسئي پـُـڇ مَ سي،
متان توئي کي، منجهانئين مارڳ ۾.
- شاهه
سنڌ ۾ وهابيت، درحقيقت، رد عمل هئي هتان جي پيرن،
ساداتن، سجادن ۽ خانقاه نشينن جي بد اعمالين، سيہ
ڪارن ۽ دين کان دور ڪردارن، عادتن ۽ اطوارن جو.
سنڌ جو عوام جاهل، نه خبر نه تعليم، نه صحيح
رهنما، نه سچ ڪوڙ جي سـُـڌ. ويچارا اٻوجهه ۽ خوش
اعتقاد، عقيدن ۾ اهڙا ڪمزور ۽ توهمات ۾ ايترو
مبتلا ٿي ويا، جو پيريءَ مريديءَ، سڳي ڌاڳي، دعا
ڦيڻي، ڪاني ڪرامت جي صورت ۾ خانقاه نشينن، سجاده
نشينن ۽ قبرن جي مجاورن جيڪي ڪوڙڪيون اڏي ڇڏيون
هيون، انهن ۾ ڦاسندا ويا.
سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وڏيون وڏيون درگاهون، شاندار
سجادا، ۽ ڌوم ڌام وارا پير ۽ مرشد، ڄڻ هرڪنهن جو
مڪو مچي ويو! ڪن بزرگن صديون اڳ پورهيو ڪيو هو،
جنهن جو ناجائز ۽ سراسر غلط فائدو انهن جا جاهل ۽
دين کان دور، پنهنجي بزرگن جي رستي کان پري پيل
پونير وٺي رهيا هئا. جن بزرگن ۽ خدا جي نيڪ ٻانهن
دين ۽ شريعت جي صحيح رستي ڏيکارڻ لاءِ مرڪز قائم
ڪيا هئا، اُهي کانئن پوءِ لادينيءَ جا اڏا بڻجي
پيا، ۽ انهن مرڪزن کي سجادن ۽ مسندن ۾ منتقل ڪري،
پنهنجن ابن ڏاڏن جي نالي ۽ انهن جي نيڪين کي تجارت
جو مال بڻائي، انهيءَ آمدنيءَ تي پنهنجن زندگين ۽
آڪهين جي قوت گذر جو دارومدار رکيو ويو. ماڻهن کي
مرعوب ڪرڻ لا”، عوام جي دلين تي ڌاڪي وهارڻ خاطر،
مٽيءَ جي قبرن کي سنگ مرمر سان سينگاريو ويو، انهن
تي شاندار قبا،گنبد ۽ روضا کڙا ڪيا ويا، انهن تي
ڪاشيءَ ڪاريءَ جا ڪم ڪرائي خوبصورت ۽ رنگ برنگي
بڻايو ويو، خاڪ نشينن جي آستانن کي قيصر و ڪسريٰ
جي ايوانن ۾ تبديل ڪيو ويو، دلق پوشن جي مرڪزن کي
ڪِم خواب ۽ ريشمي عبائن ۽ قبائن ۾ گرانبار ڪيو
ويو. اهي سڀئي شاهي ٺاٺ اِنهيءَ ڪري، ته سندن
تجارت چمڪي، زور وٺي ۽ خريدارن جي آمدرفت انهيءَ
چمڪ دمڪ کي ڏسي، وڌي ۽ گهڻي ٿئي، يعني انهيءَ
آرائش سبب جيئن سندن دڪانن جي رونق وڌي!
انهيءَ تجارت ۾ جڏهن ماڻهن مالي منفعت ڏٺي، ته
ڪيترن ڪوڙيون قبرون به ٺاهيون، ڪن نامعلوم قبرن تي
ڪنهن نه ڪنهن پير، شاهه يا شهيد جو نالو رکي،
درگاهون پيدا ڪيون ويون. ڪن ته مورڳوئي وڻن جي
ٽامن ۽ لامن ۾ اڳڙِن ٿِڳڙِن جا ٽڪر ٽوٽا ٽنبي،
کٻڙن، لـَـوَن ۽ ڪـَـنڊِن کي ”ٿڳڙيال پير“ بڻائي،
پنهنجو روزگار چالو ڪيو. انهيءَ حد تائين دين کان
دوري ۽ اسلام کان انحرافي ڪئي وئي، ايستائين عقيدن
جو ضعف، ايمان جي ڪمزوري، ۽ توهمات جو زور ٿي ويو،
جو قبرن جون باسون باسيون ويون، پيرن جون ڪـُـنيون
ڪيون ويون، مزارن تي سـُـکائون آنديون ويون،
درگاهن تي ميلا لڳايا ويا، مئن جي نالي ۾ درگاهن
تي ڳئون ۽ سانـَـهه ڪـُـٺا ويا- ماڻهو بيمار ته
سڌو ڪنهن مئي جي مقام تي، چي اتان شفا ٿيندي، اڙِي
موڙهي ٿي، جهٽ ڪنهن قبر تي سلامي، ماه پهريون
سومر، ماه پهريون جمعو، ماه پهريون آچر، مطلب ته
ست ئي ڏينهن هفتي جا ڪنهن نه ڪنهن پير جي نالي
مخصوص. اڄ هن پير جي سک آهي، سـُـڀنهن هـُـن قبر
تي ميلو، پـَـرينءَ هن جي مـِـٺي ڪـُـني. پـُـٽ به
پير ڏيڻ لڳا ۽ اولاد جو جيئڻ بچڻ به انهن جي وڃي
هٿ ٿيو. عورتن ۽ مردن کي جن ڀوت وٺڻ لڳا، ۽ انهن
جو نيڪال به ڪنهن نه ڪنهن پير يا مرشد جي درگاهه
تي ٿيندو رهيو، چي حساب
[1] ٿيو آهي، فلاڻي
پير کي اُن جو هـُـدو
[2] آهي، هلو ته
اوڏانهن هلون! قبرن اڳيان سجدا، مئن اڳيان رڪوع ۽
سجود! مزارن جي چوڌاري صدقا، هٿ ٻڌي ڳچيءَ ۾ ڳارا
وجهي، ائين حاجت بيان ڪرڻ جيئن ڪو جئري جي اڳيان
پنهنجو حال ڪري. مطلب ته سنڌ جي سڀني جئرن جي
سموري اٿي ويٺي وڃي مـُـئن جي حوالي ٿي، يا انهن
جي مجاورن، سجادن ۽ پيرن جي. هر قبر ولايت ماب ۽
هر مٽيءَ جو ڍير ڪرامت جو مرڪز بڻجي ويو. قبرون ته
قبرون، پر وڻن ٽڻن جي پوڄا ٿيڻ لڳي. انهن تي به
سوالي پنهنجون حاجتون وٺي وڃڻ لڳا.
انهن سڀني غير شرعي ڳالهين جو جڏهن عام رواج ٿيو،
جيڪو تنزل جي دور جو خاصو ٿئي ٿو، ان وقت سنڌ جو
ڪوبه اهڙو شهر باقي ڪونه رهيو، جنهن لاءِ ٻڌڻ ۾ نه
آيو ته منجهس سوا لک اولياءَ ستل آهن، روهڙي سوا
لک پير، سيوهڻ سوا لک پير، ٺٽو سوا لک پير، ۽ مڪلي
سوا لک پير! انهن ’اجتماعي مرڪزن‘ کان علاوه هر
ڳوٺ ۽ هر واهڻ کي پنهنجون جدا مزارون ۽ درگاهون
هيون. هي جمن شاهه آهي، هي ڦتن شاهه آهي، هي لالڻ
گهوٽ آهي، هي ڀورل بادشاهه آهي، هي پير پنجو آهي،
۽ هي پير چنڊام آهي. شهيد ۽ شاهه کان گهٽ ڪوبه
مِٽيءَ جو ڍير سنڌ ۾ ڪونه هو- ڪنهن ماڻهوءَ کي
گهرگهاٽ ڪونه هوندو، ڪمائڻ ڪرتڻ کان گوساڪڙ، نڪمو
۽ ٽوٽي هوندو، جهٽ ڪنهن جاءِ تي پراڻي قبر ڏسي يا
قبر ٺاهي، پاڻيءَ جو ڇڻڪار ڪري ويهي رهندو، چي:
”فقير آهيون، مڙئي پيا عاشق جي در جي چاڪري ڏيئون
۽ رياضتڙي ڪيئون!“ مهيني اڌ ۾ ٻن ٽن ايڪڙن کي ولو
[3] چاڙهي، چوڌاري
پيهر به اچي ويندو، ۽ رتن جوت، نازبوءِ ۽ ڪنوار
ٻوٽيءَ جا ٿڏا به لڳي ويندا. هڪ سٺو مـَـنـَـهـُـن
به اڏجي ويندو، جنهن ۾ تڏا، مـَـٽ، ڪـُـپيون،
يڪتارو ۽ ڀنگ گهوٽڻ جو ڏنڊو ڪونڊو موجود ٿي ويندو،
بس جمن شاهه شهيد جي درگاهه تيار، نه پيسو خرچ نه
پائي خرچ، درگاهه مڪمل، زمين تان دخل نه سرڪار
پٽرائي سگهي ۽ نه چڱو مـَـٺو. اولياءَ جو آستان جو
ٿي ويو! پهريون پـِـني سـِـني پاڻ ماهه پهريون
سومر ملهائيندو، ان کان پوءِ باقي معاملو پنهنجو
پاڻ چالو ٿي ويندو، سـُـکون، باسون، ڪـُـنيون،
خيراتيون، ختما ۽ ميلا ملاکڙا، ڄڻ بر ۾ بازاريون
لڳي وينديون. جيسين مجاور جئرو، تيسين فقير به پيو
سڏبو ۽ سندس سڀئي لايو سجايو. مرندو، ته پاڻ به
پير ٿي پوندو! مطلب ته جيڪو ايڏو ٽوٽي ۽ نڪمو هو
جو ڪک ڀڃي سنئون ڪري نٿي سگهيو، سو انهيءَ ترڪيب
سان جڏهن مئو، ته اوڏو وليءُ ٿي پيو! چي:
”ير، واه جو فقير سائين هو!“
”هائو سائين، ذري وارو مڙس هو!“
”هائو ادا، تڏهن ته ايڏيءَ مئيزل
[4] رسيو!“
”سندس ٻالڪو به گهٽ نه ٿيندو!“
”ٻالڪو“ معنيٰ جيڪو ٻيو ٽوٽي ۽ رولاڪ ڇورو پينو
فقيرَ پنهنجي ٽانڊي ٽوپيءَ ۽ اڳ پوءِ لاءِ رکيو
هو. ماڻهو ايترا مجهول، جو مٽيءَ ۾ اعتقاد، اکين
ڏٺي ٽوٽيءَ ۾ ايمان ۽ رولاڪ ڇوري ۾ خوش فهمي!
* * *
اهو عالم هو سنڌ جي توهم پرستيءَ ۽ قبرپرستيءَ جو،
۽ اهو هو جئرن تي مئن جو ڌاڪو، جيڪي يا ته سالن
کان وٺي پاڻ به مٽيءَ سان گڏجي مٽي ٿي ويا هئا يا
مرڳوئي انهن جو مڙهه مـُـهڙ کان ئي مشڪوڪ هو. ليڪن
جيڪي پير مرشد، خانقاه نشين يا سجادا ۽ سيد انهن
درگاهن جا متولي هئا يا پاڻ پنهنجي سر پيري
مريديءَ ۽ ڪاني ڪرامت جا دعويدار هئا، سي ته سڄي
ڳالهه جا مالڪ ئي پاڻ هئا. سنڌ جو سـَـٺِ لک آدم
انهن جي سڳي ڌاڳي ۾، انهن جي دام ۾، انهن جي
اختيار ۽ اقدار ۾، ڪو ڪنهن جو مريد، ڪو ڪنهن جي در
جو ڪتو، ڪو ڪٿان جو پاريءَ ڍويو
[5]، ته ڪو ڪٿان جو
چڳ وڍيو
[6] چي:
”مرشد سڳورا، مان خاڪ پاءِ!“
”قبلا سائين، گولن جو گولو!“
”در جو ڪتو!“
”چَڳَ وڍيو مريد!“
”رحم جي نِگَهه!“
”دعا جي نظر!“
اهنجي سهنجي ايندي، ته
”مرشد ملهندو!“
”شل اُهو سولي ڪندو!“
”اُهو واهرو ٿيندو!“
”شل انهيءَ کي ننگ پوندو!“
”شل اهو سڻائي ڪندو!“
خوش اعتقاد مريد گڏ ٿيندا، ته چوندا:
”ها سائين، وڏيءَ ڪانيءَ ڪرامت وارو آهي!“
”شل پيو سـَـئين ٻولي!“
”زبان مان اکر نڪتو، ڄڻ گولي لڳي! اصل ٺـَـهه
ڦـَـهه!!“
”اسان سائينءَ جون پاڻِ ڪرامتون ڏٺيون!“
”هنن گنهگار اکين لقاوَ ڏٺا!“
”هائو سائين، ست پشتو وليءُ آهي!“
”وڏو سائين به اهڙو هو، بلي! يـَـرَ! ڇا ڳالهه
ڪجي؟“
انهن قيل مقال ۽ ڳالهين ٻولهين هلندي مجلس جي وايو
منڊل تي ويسورو ڇانيل هوندو. انهيءَ پيريءَ
مريديءَ واريءَ ڪائنات ۾ نه خدا جو گذر هوندو نه
رسول جو نالو. انهن جا سڄا اختيارات (نعوذ باالله)
سلب، ۽ پيرن جي پنهنجي هٿ ۾- جي مخلوق پنهنجي خالق
ڏانهن رجوع ٿئي، ته هيءَ سڄي دنيا هوند بک مري!
* * *
سنڌ جي مسلمان جي ڪمائيءَ جو وڏو حصو اهڙن مذهبي
حرامڪارين ۾ صرف ٿيندو. سُکُن، باسُن، ڪُنين، قبرن
جي نالي ۾ ڍورن ڪـُـهڻ بعد جيڪو بچندو هو، سو
مرشدن جي نذراني ۽ دعوتن جي بـِـلي. مثلاً.
(1) ڪڻڪ جي ناڙي ٿيندي، ته سيد فقير اچي گڏ ٿيندا،
انهن کي کارايو ويندو ۽ ڏنو ويندو.
(2) لابارو پيو ته ول مـُـٺ سيدن ۽ پيرن کي ڏني
ويندي.
(3) بٽئيءَ تي پيراڻو ٽويو پهريون ڪڍيو ويندو.
(4) اَنُ نئون آيو، ته مرشد وٽِ وَٽَ وڻـِـس لاءِ
ضرور پهچائبو.
(5) درگاهه تي ننگر لاءِ سال ۾ هڪ ٻه دفعو اِنَ
کان علاوه اَنُ موڪلبو.
(6) مرشد سفر ۾ چڙهي جڏهن گهر ايندو، تڏهن سندس
اُٺن گهوڙن کي جـَـوَ، چڻا، ڪڻڪ داڻي طور ڏبا.
(7) مرشد گهر ايندو ۽ جڏهن به جيترا دفعا ايندو،
تڏهن نهايت ڪشاده دليءَ سان کيس ۽ سندس خليفن
کـَـڙن ۽ ڪامـِـن ڪڙِن کي اُڦراٽا ۽ پلاءَ
کارائبا- جي گهر ۾ ڪجهه نه هوندو ته ڪٿان اوڌر
ڪبي.
(8) روزانو صبح جو يا هر جمعي تي، جيڪو سيد فقير
در تي ايندو، تنهن جي ڪـِـشتي يا گودڙيءَ ۾ اَن يا
اَٽو وجهبو.
(9) مرشد جي پيءُ ڏاڏي جو جڏهن عرس ٿيندو ته اُنَ
جي لاءِ ڪڻڪ، چانورن، چڻن ۽ جـَـوَن جو، ڦانڊڻيءَ
مطابق جيڪو حصو پوندو، سو ڏبو.
(10) مرشد جو ڪو ڀاتي مرندو، ته ان جي ستن جماڻن
تي جيڪي خيراتون ٿينديون، ان ۾ اَنُ پهچائبو.
(11) مرشد جي پنهنجي پٽن جي يا نياڻِن جي شادي
ٿيندي، ته اُنَ وقت به دعوت جي خرچ ۾ اَنَ جو حصو
ضرور ڏبو.
(12) مرشد کان علاوه سندس خاص خليفن يا حاضريءَ جي
نوڪرن يا پيارن ملازمن جي گهرن ڏانهن به ضرورت وقت
اَنُ موڪلبو.
(13) سـُـکـُـن، باسـُـنِ، پـُـنـِـنِ، مرادن جي
سلسلي ۾ جيڪي درگاهن تي وڃي ديڳيون لاهبيون، انهن
۾ سڳداسي چانور ڪتب آندا ويندا.
(14) شام واريءَ مانيءَ وقت ڪنهن مماتيءَ واري پير
جي نالي تي ماني پچائي، ملان جي گهر موڪلبي، جنهن
کي ”پيراڻو لولو“ يا ”پيراڻي ٽڪي“ سڏجي ٿو.
اهي چوڏنهن عنوان آهن اُنهيءَ اَنَ جي، نه راه خدا
نه راه رسول وڃڻ جا، جنهن کي سنڌي مسلمان رت پونءِ
هڪ ڪري، زميندارن جي سوين سـُـهمان ۽ طرحين طرحين
جٺيون سهي، ٻارهن مهينن جي ٻن موسمن ۾ پيدا ڪري
ٿو. جانورن جي سلسلي ۾ کيس هيٺينءَ طرح قرباني
ڪرڻي پوي ٿي:
(15) سکـُـن، باسن، پـُـنـِـن مرادن تي ڍورن کي
ڪهڻ.
(16) مرشد جي درگاهه تي جيڪي رڌپچاءَ جون ضرورتون
پون، اُن لاءِ ڳئون، وهڙا، سانهه يا ڪونهٽ ڏيڻ.
(17) پيراڻو ڍور: مرشد جي نالي تي جيڪو ڍور ڪجي.
(18) پُڳُر: ڪا تمنا پوري ٿيندي، ڪو ڪارج سڌ
ٿيندو، ڪا مشڪل آسان ٿيندي، ته پـُـنيءَ مراد
پاران جيڪو ڍور مرشد کي ڏبو، تنهن کي پُڳُرُ چئبو.
(19) کير لاءِ درگاهه تي ڀـَـلي سـُـوا مينهن يا
پهرئات گهڻي کير سان ڳئون پهچائڻ لازمي آهي.
(20) سال ۾ بلا ضرورت ۽ طلب جي به، بطور نذر جي،
ڏاند، ڳئون، وهڙو، مينهن، سانهه، وڇير يا ڪونهٽ،
بهرحال ڪانه ڪا جنس هڪ ٻه دفعو ضرور ڏني ويندي.
(21) مرشد جڏهن سفر تي مريد جي گهر اچي لهندو، ان
وقت نقديءَ سان گڏ ڀلو گهوڙو يا ڀلو ڏاند يا ڀلي
ڳئون يا ڀلي مينهن به ضرور ڏبي. خالي هٿين بنان
ڍور جي مرشد کي موٽائڻ معنيٰ قيامت ڪاري ۽ منهن
ڪارائي آهي. جي ڪنهن خليفي کڙي کي به ڪا ڍڳي
اکيـُـن چڙهي وئي، ته اها الڳ چَٽُ.
مال رزق جي انهيءَ نقصان کان پوءِ گهرو اسباب ۽
ٽپڙٽاڙي هن طرح مرشد جي ور چڙهي ٿو:
(22) سٺي جنڊيءَ لٿل کٽ.
(23) سٺي رلي يا ريشمي چادر يا سوڙ.
(24) ٺٽي جي لـُـنگي، نصرپور ۽ گمبٽ جو کيس.
(25) ٻيو ڪو اهڙو گهر جو ٺاهوڪو ٽپڙ جنهن تي مرشد
جي اک پوي ۽ سندس دل سـَـٽَ کائي.
(26) جنهن هنڌ تي پير اچي ويهندو، اهو هنڌ مريد تي
حرام ٿي ويندو. جڏهن منزل پـَـٽـِـي، تڏهن اهي کڻي
خليفا سائينءَ جن جي ٽپڙن ۾ وجهندا!
(27) خليفا ۽ ڪامي جن جو گذر بسر به مريدن مان پٽ
سٽ تي هوندو هو، ڇاڪاڻ ته پير وٽان کين ڪابه پگهار
ڪانه ملندي هئي، انهن کي مريد جي گهر ۾ جيڪو ٽپڙ
وڻيو، ته اهو بنا موڪل جي خرجين
[7] ۾ وجهندا، مثلاً
وَٽو، ڏوئي، مانڌاڻي، رلي، چادر، وهاڻي جي ڇـَـوَ،
چمچو، پنڊي، پکو، وِڃڻو، ڇـِـڪو، وغيره وغيره.
(28) گهر جا برتن، ديڳڙا، بنڊيون وغيره به پير جي
حاويليءَ لاءِ ڏبا.
گهرو اسباب کان پوءِ وارو اچي ٿو ملڪيتن جو:
(29) ڪي مريد لاولد مرن ٿا، عقيدي جا ازحد ڪمزور
آهن ۽ مذهب جي کين رَتيءَ ڀر به خبر نه آهي، ته
اهي پنهنجي سموري ملڪيت زرعي زمين، سڪني عمارتون ۽
متحرڪ مال پنهنجي متعلقين يا ڪنهن قومي ڪارج جي
بجاءِ مرشدن جي نالي ڪري وڃن ٿا!
(30) ڪي ماڻهو پنهنجي جئري به ملڪيتن جا ڪجهه حصا
مرشد جي حوالي ڪري ڇڏِن ٿا!
انهن سڀني هرجن مـَـرجن بعد وارو اچي ٿو نقديءَ
جو:
(31) مرشد جي درگاهه تي جڏهن وڃبو، تڏهن ڪجهه نقدي
سندس کٽ تي بطور زيارتاڻي جي رکبي. سال ۾ جيترا
دفعا به وڃبو، ته انهيءَ اصول تي عمل ڪبو.
(32) مرشد جي درگاهه تي جيڪو به خرچ ٿيندو، ان ۾
حـصي رسد، يا پنهنجي پڄنديءَ آهر بعضي ته حصي ۽
حيثيت کان به وڌيڪ، نقدي ڏبي.
(33) مرشد تي اوچتي ڪا مصيبت پوندي، سندس بدعملن
ڪري مٿس ڪي ڪيس ٿيندا يا هرجن خرچن ۾ پوندو، اُن
وقت به حـصي رسد نقدي مريد کي ڏيڻي آهي.
(34) جڏهن مريد جو مرشد ۾ زماني جو ڪم پوندو ۽
مرشد کي ڪنهن ڏي سفارشي وٺي هلڻو هوندو، ان وقت
ٻيڻا خرچ پکا، ڀاڙا ڀتا، پنهنجا ۽ پنهنجن چئن پنجن
خليفن جا، کانئس ورتا ويندا.
(35) درگاهه تي جڏهن وڃبو، ته نقديءَ کان سواءِ
ڪانه ڪا سوکڙي سوغات يا وَٽِ وِڻس به ضرور کڻي
وڃبي، مثلاً گهه، مکڻ، ماکي، کير، کارڪون، انب يا
ٻيو مندائتو ميوو.
(36) انهن اوچتن يا ريزڪي خرچن کان سواءِ مقرر
ساليانو نذرانو جدا آهي. اُهو مرشد ۽ مريد جي
حيثيت تي مدار رکي ٿو. جي مرشد تمطراق وارو آهي،
ته نذر به وڏو، جي مرشد موچارو سوچارو ته نذر به
اوترو ڪم - گهٽ ۾ گهٽ ٻه رپيا ۽ مٿي هزارن تائين.
ان جي وصولي ان وقت ٿيندي آهي، جڏهن مرشد سڳورا
سالياني ”سفر“ تي چڙهندا آهن.
اهي نقد نذرانا، ساوڻ جي ڏينهن ۾ درگاهه تي ويٺي
پيا وصول ٿيندا. جڏهن موسم ٺري ۽ سرديون آيون، ان
وقت سڄيءَ سنڌ مان ڪٽڪ پيرن جا ڪاهي پوندا. اُٺ،
گهوڙا، توبرا، جهنڊا، گهنڊ، گهڙيال، خليفا، مولود
۽ ذڪر، وڏيون دستارون، ڊگها چولا، ٻٽوان وار، سينڌ
سرمون، تيل جي مک چک، هڪ هٿ ۾ عصا ۽ ٻئي هٿ ۾
تسبيح، رومال ڳاڙهو ڇـُـرَ وارو ڪلهي تي، جنهن ۾
ڪـَـنَ کوٽڻي ۽ ڏندَ کوٽڻي ٻڌل!
خانقاهي اصطلاح ۾ ان کي سڏبو آهي ”سفر“، يعني
مريدن کان سالياني ڏَنُ
[8] وصول ڪرڻ لاءِ
چڙهائي.
”ادا هي ڪَٽَڪُ ڪنهن جو؟“
”گلڻ شاهه سائين سفر تي چڙهيو آهي!“
”ها سائين، ها، نيٺ ته بادشاهه پير جو پوٽو آهي!“
”ڀائو، سوا لک گهر مريد اٿس!“
”ها ادا، ڇو نه؟ نيٺ ته ڪمائي ٿيل آهي!“
”نور آهن، سائين نور!“
حالانڪه گلڻ شاهه سائينءَ ۽ رسولي چـُـهڙي جي رنگ
روغن ۽ شڪل شباهت ۾ ڪو واجبي فرق هوندو، ان هوندي
به اٻوجهه مسلمانن لاءِ نور ئي نور بلڪ نور عليٰ
نور.
* * *
ميهڙ تعلقي ۾ ووٽن جي ڪڍ هيس. هڪ هنڌ بيٺا هياسي
ته پري کان ڏٺوسي ته ڌوڙ اڏامندي اچي ٿي. معلوم
ٿيو ته پنهل سائينءَ
[9] جو پوٽو سفر تي
چڙهيو آهي. پـِـير اُٺ تي، گهوڙي سوار اڳ ۾، وڏي
لٺ اڀي، ان ۾ گهڙيال
[10] ٻڌل، جيڪو گهوڙي
جي چال تي وڄندو هلي. ان جي پٺيان ويهارو کن وهٽن
جو، جن تي ڪامي ڪڙا ۽ خليفا کڙا سوار.
”هيءَ آفت ڪنهن جي گهر تي؟“
”مڙئي ڪنهن اُمتيءَ تي بار هوندو!“
”جهڳو ته غريب جو جهڻ ٿي ويندو!“
”وهٽن جا ڳڙ داڻا، گاهه ۽ هيڏي ڪٽڪ لاءِ؟“
”ڪڪڙ، ڇيلا کير، مکڻ، ڦوٽا، دالچينيون، ان کان
پوءِ نذرانو!“
”هائو، جيڪي جهڳي ۾ لهندا، سو کڻندا!“
”ان کان پوءِ؟“
هر ڪنهن کلي ڏنو.
پير سائين ڏٺو جوان ٿي، اکين ۾ ڪجل جي ريک ۽
سنهاري کي تيل لڳل هيس.
پير سائين جڏهن درگاهه تي هوندو ته هر شيءَ جائز،
حقو، سگريٽ، شراب، ڀنگ، چرس، ليڪن سفر تي هلندو ته
مريد جي ڳوٺ وٽ پهچي گهوڙن جون رينان جهلي بيهي
رهندو! خليفو ڀڄندو، سڄي شهر مان حقا ۽ چلمون
کڻائيندو! ان کان پوءِ پير سائين شهر ۾ قدم رکندو.
سواريءَ تان لهندو، ته مولودن جي وچ ۾ ٿي، اڳتي
وڌندو، قدم آهستي آهستي، وڏي وقار ۽ شان سان. مريد
جي اوطاق يا جي مريد دل گهريو هوندو، ته ان جي سڌو
گهر اندر گهڙيو ويندو!
اهڙيءَ طرح اهو سفر ٿيندو رهندو. ڪٿي رات، ڪٿي
نيرن، ڪٿي ڏپهرو، جي ڪو سڻڀو مال هوندو يا ڪا ڇوڪر
وڻي وئي ته ٻه ٽي ڏينهن به لڳي ويندا. هر هر مريد
جي پٺي پـَـئي ٺپبي، ساڻس کلي پيو ڳالهائبو، خليفا
کڙا سندس اخلاص ۽ ايمان جا ذڪر اذڪار ڪري پيا کيس
چاڙها ڏيندا ۽ سندس پير ڪڍندا. مطلب ته اهڙيءَ ريت
مرشد سڳورا سالياني نذراني جون وصوليون ڪيون پيا
درگاهن تي موٽندا هئا.
ايمان جي خرابيءَ، عقيدي جي برائيءَ ۽ اسلام کان
سراسر انحرافيءَ کان علاوه سنڌي مسلمان مٿي بيان
ڪيل ڇٽيهن مـَـدَن ۾ مبتلا رهيو آهي، جنهن جو
نتيجو اهو نڪتو، جو جيڪا آمدني يا دولت هن کي
پنهنجي معاشرت ۽ معيشت جي استحڪام تي صرف ڪرڻ
گهربي هئي، سا هـُـن پيريءَ مريديءَ واري انهيءَ
گور کڌنڌي ۾ ضايع ڪري، پاڻ کي هميشهه بکيو ڏکيو
رکي ڇڏيو، ۽ ان جي مقابلي ۾ درگاهون ۽ پير مرشد
هميشهه آباد، هميشهه سرسبز ۽ تازا توانا. بنا
مشقت، بنا ڪمائيءَ ۽ سواءِ ڪنهن زحمت جي سڀڪجهه
گهر ويٺي کين ميسر ۽ مهيا، جـَـڳَ پيا ڍرن ۽ سوين
پيا سلامي ٿي سجدا ڪن! هالن جي جنڊيءَ لٿل کٽن تي
گمبٽ جا کيس وجهون، پاون کي سيج بند ٻڌيون،
پـُـٺين کي طول وهاڻا ڏيون ويٺا هوندا. انهن ئي
کٽن تي ويٺي کين هرڪو پيو پيرين پوندو ۽ انهن ئي
کٽن تي هرڪو پيو نذرانو رکندو. اهي ئي سندن کٽون
هونديون، جن تي هٿ رکي مريد پيا قسم ۽ ساکون
کڻندا، چي:
”رک سائينءَ جي کٽ تي هٿ!“
”اتي ڪوڙ ڳالهايئي ته ٻئي جهان وڃايئي!“
ڪي پير ته ايڏا فرعون بي سامان، جو ماڻهو پيرين
پيو، هٿن کي چمي ڏنائين، ته کيڪاريندس به ڪونه، ڄڻ
گَرُ ورتل ڪتو سندن پاڪ پيرن کي نوسي ويو!
* * *
خير، اهي ته ٿيا اقتصادي نقصان ۽ مذهبي هاڃا، ليڪن
ان کان زياده ڀيانڪ نتيجو اهو نڪتو، جو انهيءَ
دنيا ۾ اخلاقي اقدارن جو بلڪل ڏيوالو نڪري ويو.
خانقاهون، درگاهون ۽ مرشدن جا مڪان گناهه ۽
سياهڪاريءَ جا اڏا بڻجي ويا. مريدن جي گهرن ۾
مرشدن اکيون وڌيون - ڀلا هرڪو، جو پيو ڪندو:
”جيئندا قبلا!“
”ٻنهي جهانن جا وارث!“
”هن جهان جو وسيلو به تون!“
”بسملاهيون، بسملاهيون!“
”ائين سائين!“
”ائين منهنجا حاڪم!“
ايڏو اقتدار، ايڏي مڃتا، اِها آمدني، ان تي وري
چوويهه ڪلاڪ ئي واندڪائي، پوءِ شيطنيت جو آستانو
اتي ڪيئن نه ٿيندو؟ گناهن جي دنيا ڪيئن نه آباد
ٿيندي؟ روسياهي ڪندي ڪهڙو شرم ايندو؟ جڏهن ته مريد
جي گهر ۾ ايندي ويندي جهـَـلَ پـَـلَ به ڪانه،
مرشد جي منهن پوڻ، ان کي زور ڏيڻ، ان کي هٿ ڌئارڻ،
ماني کارائڻ عين ثواب، عين قيامت جو ڇوٽڪارو ۽ عين
مذهب. منهن ڪارائي
[11] ڪندي، اتي ڪهڙي
دير لڳندي؟ نتيجو اهو نڪتو جو مرشدن پاڻ ملهائڻ
شروع ڪيو. ڪنهن جوءِ ڀڄائي، ڪنهن نياڻيءَ تي هٿ
رکيو، ڪنهن ويٺل وياوَ کي وَلو ڏنو. جن کي پيرن
پنهنجو ڪيو، اهي نبيءَ جون نُهَرُ
[12] (نعوذ بالله)
بڻجي پيون، ساداتن جي حاويليءَ ۾ اچي ويون، پير جو
هٿ لڳو، اُمتيءَ مٿان حرام ٿي وئي! انهيءَ قسم جي
ڀڄايل عورتن سان يا ته نڪاح ڪيو ويندو هو يا انهن
کي بطور سريت جي ويهاريو ويندو هو. اهڙيءَ طرح
مرشد کلم کلا گهرن ۾ سريتان ويهاري، پنهنجـِـن ئي
زالن ۽ وياون اڳيان پيا زناڪاري ڪندا هئا. لـڄ،
حجاب، حياءُ، شرم، لحاظ جا اکر قطعي بي معنيٰ ٿي
چڪا هئا. گادي نشين پير مرشد ته پاڻ مالڪ هئا،
ليڪن انهن جا صاحبزادا، نينگر
[13]، خليفا خواه
ڪامي ڪڙا به سـِـرن جا سائين هوندا هئا. مطلب ته
انهن انسان نما حيوانن مذهب جي آڙ ۾ اُمت رسول
الله جي اڻ پڙهيل، اٻوجهه ۽ گگدام افرادن جا جهڳا
ئي جهڻ ڪري ڇڏيا.
انهيءَ سڄي گورکڌنڌي جو سنڌ اندر نتيجو اهو نڪتو،
جو
(1) ساداتن جا نسل خراب ٿي ويا. ڪمذات، ڪسبياڻيون
۽ ڪمينيون عورتون (بازيگريون، ڪوچڙيون، ڀيلاڻيون،
ڪولهاڻيون، ماڇاڻيون، ماڙيچڻيون) سندن حاويلين ۽
نڪاحن ۾ آيون، جنهنڪري انهن جي سلسلي ۾ اها نجابت
۽ شرافت نه رهي، جيڪا اهل بيت جو خاصو هئي. آخر
گهوڙي ۽ ڪتي جي نسل ۾ به خون ۽ بڻ بڻياد جو اثر
ٿئي ٿو، هي ته انسان هئا.
راهوجن واري سائين علي شاهه جي اک هڪ اهڙي قسم جي
عورت سان اڙجي وئي جيڪا جهنگ ۾ سڄو ڏينهن نه ڇڙو
وتندي هئي مال چاريندي پر جهنگ جهر جهٽيندي وتندي
هئي ۽ سڀني ڌنارن لاءِ ڄڻ هڪ دعوت هوندي هئي.
مالڪن سڱ ڏيڻ کان انڪار ڪيو. مائي هئي وات وڪيل،
سائين علي شاهه ڀڄائي وڃي ساڻس نڪاح ڪيو. مائي
بيبي بڻجي وئي، نبيءَ جي ننهن ٿي وئي، ”پاڪ“ يا
”صاحبَ“
[14] سڏجڻ ۾ آئي ۽ ان
کان پوءِ:-
”سائين علي شاهه ڪاڏي ٿو وڃين؟“
”ڊاڪٽر ڏي!“
”خير ته آهي؟“
”پاڪن کي راتاڪون ڪڻس
[15] ٿي پئي آهي!“
”سائين علي شاهه ڪاڏي؟“
”ادا پساريءَ ڏي!“
”خير؟“
”پاڪن کي مٿي ۾ سور آهي!“
”سائين علي شاهه ڪاڏي؟“
”حڪيم ڏي!“
”ڇو؟“
”صاحبن جي طبع ناچاڪ ٿي پئي آهي!“
مطلب ته ”صاحب“ جيسين وتيا ٿي جهنگ جهـَـرُ
جهٽيندا، ۽ ڇيڪ ڇڙائيندا تيسين نه ڪڻس نه مٿي جو
سور ۽ نه پيٽ جي تنگائي، تيسين سندس صحت کي جوکو
ئي ڪونه هو، وتيا ٿي ريان کيان گهمندا گهتندا!
هاڻي جڏهن ”صاحبي“ ملين، ته مزاج به نازڪ ٿي پين!
الغرض انهن پست ۽ ذليل عورتن جي اچڻ ۽ نسلن ۾ خون
جي انهيءَ مسلسل غلط ملاوت سيدن جو سڄو معاشرو
تباهه ۽ زبون ڪري ڇڏيو. خاندانن ۾ زوال ۽ انحطاط
اچي ويو، اولاد جون عادتون ۽ اطوار بگڙيا، انهن جي
صحت ۽ صورت ۾ فرق آيو، شڪل ۽ شباهت تبديل ٿي.
اهڙيءَ طرح سمورو نسل ڏسڻيءَ وائسڻيءَ به ڪوجهو ۽
قبيح ته افعالين ۽ پرڪارين به ڪريل ۽ ڪمينو.
”هي ڪير؟“
”بخاري بادشاهه!“
”۽ هي؟“
”جيلاني بادشاهه!“
”هي جو پيو وڃي؟“
”اهو لڪياري هوندو يا مٽياري!“
مطلب ته آل عليِّ عه جي نسل ۽ رسولي ٻاليشاهيءَ جي
بـُـڻَ ۾ شڪل شباهت ۽ افعالين عادتين ڪوبه فرق
باقي نه رهيو.
(2) سيدن ۽ پيرن کي مفت جي ماني جو ملندي رهي، ته
منجهانِ محنت، ڪمائي، ڪارآمدگيءَ، ڪشاڪش ۽ جدوجهد
جون جيڪي انساني خوبيون ۽ شريفانه خصلتون ۽ وصفون
ٿين ٿيون، سي سڀئي مفقود ٿي ويون. بيڪار، بدڪار،
سست، ٽوٽي ۽ اٽي تي چٽي، نه ڪنهن ڪم جا نه ڪار جا،
سڄو ڏينهن وتن اوٻاسيون ڏيندا، يا کٽن تي وهندا ۽
سمهندا. ڪو به صحيح مشغلو ڪونه، ڀنگ، چرس، شراب،
جوا، شڪار ۽ ڪتا.
جيڪي وڏا سيد، وڏين درگاهن جا ڌڻي ۽ اٽالي وارا
مرشد، انهن جو اهو حال، جيڪي ننڍيءَ موڙيءَ وارا ۽
ڇڙا سيد، سي سڄو ڏينهن هل هلان ۾. هـِـتان رپيو
ورتو، هـُـتان اَن جي ڳوڻ ورتي، هِتون ٻارِ پني،
هـُـتون ٻنون ورتو. بس اهڙيءَ ريت گداگريءَ تي
گذران. هئا ٻـَـئي گداگر، هو وڏا هي ننڍا!
”شاهه، نوڪري ڇو نه ٿو ڪرين؟“
”مڙئي اُمتي! پيو وقت خير جو گذري!“
سنڌ ۾ جيڪي ماڻهو انهن جي پرڪارن کان بيزار ٿيل
هئا، انهن مٿن ڪيتريون لاهڻيون به لاٿيون، مٿن
ڪيتريون چوڻيون به ٺاهيون، تڏهن به هي سيد ۽ مرشد
پنڻ کان ڪونه رهيا. چي:
”سڪو گهوڙو، سيٽ گهڻي، سمجهه ته سيد ٿو اچي!“
-----
”شاهه، گهوڙي کي مکڻ ذرو کاراءِ، لهڪارجي ويو
آهي!“
”امتي! اهو به پاڻ ڇو نه کائون جو اڙيون ڏاڍيان
هڻي سگهون!“
-----
”جندائي سيد مـُـئو ڪڪڙ به ڪونه ڇڏي!“
-----
پير هجي، سيد هجي، سجادو هجي، خانقاه نشين هجي،
ننڍيءَ موڙيءَ وارو هجي، چاهي وڏي اٽالي وارو،
سڀني جي حالت اها، سڀن جو شغل اهو، سڀن جي ذهنيت
گداگرن واري. پـِـني کاءُ، مفت جو مليو کاءُ، ليڪن
ڪمائي حق حلال جو کائڻ حرام!
(3) انهن مفت جي ڪماين سبب انهيءَ طبقي مان تعليم
صفا نڪري وئي. هرڪو جاهل بلڪ اَجـَـهـَـل. چون:
”نوڪري ڪنداسين ڇا، جو پڙهون؟ بابي ڏاڏي جو گهڻو
ئي ڏنل آهي ،ويٺا کائينداسين.“
تعليم جو مفهوم وٽن وڃي نوڪري رهيو. انسانيت جي
اوجـَـرَ واري معنيٰ ئي مفقود. نتيجو اهو نڪتو، جو
نه فقط قوم جو هڪ کائيندڙ پيئندڙ طبقو جاهل رهجي
ويو، بلڪ انهن جي جهالت ڪري، سندن درگاهون يا مرڪز
غلط مذهب جا وڏي ۾ وڏا اڏا بڻجي ويا جتان سڀڪنهن
قسم جي خرابيءَ جـِـي، مذهب جي نالي ۾، درويشيءَ
جي غلاف ۾ ۽ تصوف جي عنوان سان، نشرو اشاعت ٿيڻ
لڳي، جنهن سنڌ جو سڄو مذهبي ڍانچو تهه وبالا ڪري
ڇڏيو، ۽ خلق خدا جو وڏو حصو اتان خراب ٿيو.
(4) خدا رسول سان خلق خدا جو واسطو ٽٽي، وڃي
انسانن سان ٿيو، ۽ اُهو به اهڙن انسانن سان، جيڪي
انسان ذات لاءِ خود عذاب هئا. عبادت جيڪا الله
لاءِ ٿيڻي هئي، سا درگاهن اڳيان مئن جي قبرن کي
سامهون رکي ٿيڻ لڳي، سجدو جيڪو محض باري تعاليٰ
لاءِ مخصوص هو، سو به انسانن کي ٿيڻ لڳو. ڪفارن جي
بت پرستي ۽ مسلمانن جي قبرپرستيءَ ۽ پير پرستيءَ ۾
رتيءَ ماتر فرق ڪونه رهيو. انسان پنهنجون ضرورتون
۽ طلبون، اولاد، زندگي، صحت، عزت ۽ آبرو هن دنيا
خواهه ايندڙ دنيا لاءِ خدا جي بجاءِ ماڻهن کان
گهرڻ لڳو، قيامت جي عذاب ثواب، دوزخ بهشت جو سڄو
معاملو به پيرن ۽ مرشدن جي اختيار ۾ سمجهيو ويو،
خود شفاعت جو مسئلو به حضور جن جي حوالي نه رهيو
بلڪ اهو به مرشدن - جن کي ٻنهي جهانن جو وسيلو
سمجهيو ويو ٿي - هٿ وس وڃي ٿيو.
(5) ميلن، عرسن، سـُـکـُـن، خيراتن، زيارتن تي سخت
سيہ ڪاريون ٿيڻ لڳيون ۽ ماهه پهريان جمعا، سومر،
آچر، غير مسلمانن جي ڏڻن وارَن وانگر، نهايت مقدس
سمجهيا ويا. عرس، سکائون ۽ شخصي نالن تي خيراتون
ڪرڻ ۽ صدقا ڪڍڻ مذهبي فريضي طور تصور ڪيا ويا.
(6) پيريءَ مريديءَ، قبرپرستيءَ ۽ توهم پرستيءَ
مسلمانن جي ذهن کي مائوف ڪري ڇڏيو ۽ منجهن جيڪي
صلاحيتون هيون، سي صحتمند ماحول نه هجڻ سبب پرورش
حاصل ڪري نه سگهيون. درگاهن، قبرستانن ۽ پيرن جي
آستانن جي مايوس ڪندڙ ماحول، طبيعت تي انقباض ڪندڙ
فضا، انساني ذهن کي لـُـٻي لُڙاٽي گند ڪري ڇڏيو.
سوچڻ سمجهڻ ۽ سچ ڪوڙ کي پرکڻ واري قوت منجهانئن
هلي وئي، ۽ سنڌ جو ماڻهو انهن سڀني زهري اثرن ڪري
ملول ۽ نستو ٿي پيو، قوت ارادي ختم ٿي وئي، فڪر جي
آزادي هلي وئي، خودشناسي خواهه خدا شناسي ٻئي ختم
ٿي ويون. نه پنهنجي انفراديت باقي بچي، نه خدا جي
وحدانيت قائم رهي.
(7) اغوا جي مسلسل واقعن، مرشدن جي ڏاڍاين، ۽ عام
زناڪارين، مريدن جي ننگن سان هٿ چراند، سنڌي
سوسائٽيءَ جي اخلاقي اقدارن کي صفا ڊانوا ڊول ڪري
ڇڏيو. عفت ۽ عصمت جا سربمهر خزانا، جيڪي اسان جي
مانَ ۽ آبروءَ جا ضامن هئا، سي سرِ راهه راهزنن جي
ور چڙهي ويا ۽ بي حيائيءَ ۽ بي غيرتيءَ وڃي غيرت ۽
حياءَ جي جاءِ ورتي.
(8) مذهبي آڙ ۾ اِنسان انسانن جي هٿ ۾ ائين اچي
ويو، جيئن غلام آقا جي اختيار ۾. مريد کي ڇا مجال
آهي، جو مرشد جي مرضيءَ يا حڪم کان منهن موڙي
سگهي! انفرادي خواهه اجتماعي معاملا سڄا مڙي سڙي
اچي مرشدن جي حوالي ٿيا. پيءُ پنهنجي نياڻيءَ جو
سـَـڱ ڪنهن کي نٿو ڏيڻ گهري، مرشد کي سؤ ٻه نذراني
[16] ۾ مليو، مريد
آهي ڪهڙي وٿ جو انڪار ڪري ويندو؟ چي:
ڌڻي منهنجا!
حاضر!
حاضر! منهنجا مالڪ، حاضر!
تون اسان جي سـِـرن ۽ سـَـڱن جو به مالڪ آهين!
تون اسان جي ٻارن ٻچن جو به وارث آهين!
ٻنهي جهانن جا وسيلا!
حاضر!
گوليءَ کي ڇا مجال!
* * *
انهيءَ اختيار ۽ ايتري اقتدار بلڪ ٻيءَ معنيٰ ۾
عام مسلمانن جي جهالت بي علميءَ کي ڏسي، سنڌ جي
”سياسي جوارين“ وڏيون وڏيون رشوتون ڏئي، پيرن کي
به آڻي سياسي ميدان ۾ لاٿو. اليڪشن ٿي، مرشدن جو
مڪو مچي پيو. بزاري عورتن وانگر سندن بازار به گرم
ٿي ويندي، اگهه پيا چڙهندا ۽ لَهندا.
”خليفا، ڏي خبر؟“
”سائين وس ٿا ڪيون، پر مالڪ اڃا مڃن نٿا!“
”ٻي ڌر پنج هزار نذر رکي وئي آهي!“
”ير ڪو وارو ڪر!“
”رک الله تي!“
”توکي به خليفا خوش ڪنداسي!“
”خير، ڪم ٿئي، پوءِ ڏسي وٺبو!“
اميدوارن جي بنگلن تي مرشدن جا لامارا هوندا.
”هي ڪير آهي؟“
”سڄي شيخڪيءَ جو مرشد آهي!“
”۽ هيءُ؟“
”ذات راهوجن جو پير!“
”هي؟“
”آبڙڪيءَ جو ڏاڏا پير!“
اميدوار کٿا نه پيا پڄندا. هر شيءِ حاضر، متان پير
سائين ڪاوڙجي نه پوي. اهڙي موقعن تي مرشدن جو مزاج
ڏاڍو نازڪ ٿي پوندو هو، ڪک پيو به سهي ڪونه سگهندا
هئا، ٿوريءَ گهڻيءَ ڳالهه تي ٽپڙن ٻڌڻ جا پيا دڙڪا
ڏيندا، جيئن اميدوار وڏيءَ رقم کان پوءِ به ٿورو
گهڻو روزانو ڳڙندو رهي. اهڙن موقعن تي پاڻ سان پير
تهس خليفا ۽ ٽڻڪ ڪامي ساڻ کڻندا هئا، جيڪي رقمن
ڪڍڻ ۽ ڳالهـِـين ٻولهين ڪرڻ جا ڀـَـڙَ ۽ پختا
هوندا هئا. ڪي بزرگ ته هڪ کان وٺي، وري وڃي ٻئي کي
جهٽ هڻندا، ۽ ڪم آخر ۾ وڃي ان جو ڪندا، جيڪو کين
پوئين رقم ڏيندو هو.
هڪ دفعي اليڪشن ۾ هڪ بزرگ کي آڻڻ جي ضرورت پئي.
رقم آڇي وئي. خليفي چيو:
”مالڪن کي ٻي ڌر ان کان مٿي چئي وئي آهي، پر
ورتئون ڪونه، اوهان سان ابي ڏاڏي جو رستو هين!“
”نيٺ خليفا؟“
”توهان سان ته ليکو ڪونه اٿن“
”خير اسان ته درگاهه لاءِ نذرانو ڏينداسين!“
”کڻي في الحال ڇهه هزار نذرانو رکو، مالڪن جو به
شان اوهان جو به شان!“
اسان ڇهه هزار ڏناسي، ليڪن پوءِ معلوم ٿيو ته ٻي
ڌر آيل ئي ڪانه هئي، بلڪ اسان جي وڃڻ بعد خليفي
اندرئون اندر اطلاع ڏئي انهن کي گهرايو، ته پيسا
اوهان به ڏيو ورنه پير سائين جن وَرِڪ تي خير سان
اسرن
[17] ٿا.
اتنهن جي ئي هڪ ٻئي بزرگ جو به معاملو اهڙيءَ طرح
ٿيو.
”پنج هزار زوريءَ ڏئي ويا! اسان به روضي شريف جي
مرمت ۾ کپائي ڇڏيا!“
خليفي ٻانهون ٻڌي عرض ڪيو:
”ڌڻي، ڀولو ڪونهي! خانصاحب کان وٺي، کڻي انهن کي
واپس ڏينداسي.“ پير ڪنڌ هيٺ ڪيو. ٻئي خليفي وراڻي
ڏني:
”پر خليفا وڏا، واهه جا ڳالهه ڪئي اٿي! اسان کي
پاڻ خيال هو ته خانصاحب جن سان سائين جن جو پيءُ
ڏاڏي جو رستو، مخالف سان ڪيئن وڃن!“
”اها صلاح واه جو ڪڍيئي!“
اسان پنج هزار کيسي مان ڪڍي کڻي اڳيان رکياسين،
حالانڪ معلوم هو ته پيسن وٺڻ جو اهو به هڪ طريقو
آهي. ٻي ڌر اڃا پهتي ئي ڪانه هئي. پيرن جون اهي
حرامزادگيون هرڪنهن کي معلوم هونديون هيون، ليڪن
مريد جو مجهول، انهن تي سندن اثر، پوءِ ڀلا
اميدوار ڪاڏي وڃن!
اليڪشن جڏهن به ٿي، ڪٿي به ٿي، ۽ ڪنهن جي به ٿي،
مثال شاذ و نادر ملندو ته ڪڏهن ڪنهن سيد پير بنان
پيسي ورتي جي، ڪنهن جي مدد ڪئي، ڪنهن پيسن وٺڻ ۾
عار سمجهيو ته ٻئي طريقي وصول ڪري ويو- سوکڙي
پاکڙيءَ جي نموني، موٽر، اٺ، گهوڙو، وغيره وغيره.
بهرحال بنان اجوري ورتي جي، سواءِ قيمت وصول ڪئي
جي، بطور شرافت جي، بطور خاندان جي، يا لائق ۽
نالائق جي تميز ڪري، ڪنهن ڪنهن جي مدد ڪانه ڪئي.
ڪي مرشد ته اليڪشنون ٻڌي، گهر ڇڏي، اچي مريدن ۾
ويهي رهندا هئا. اميدوار ورڪ تي اچن، ته پهريون
مرشد سان چڪائن پوءِ مريد کان ووٽ جي گهـُـرَ ڪن.
هڪ ڀٽي صاحب جي اليڪشن هجي، بهاولپور مان ڀٽن جي
هڪ قبيلي جو مرشد چڙهي، اچي وٽن ويهي رهيو، چي:
”پهريون اسان راضي ٿيون، پوءِ ووٽ!“
”اڙي سائين، اميدوار ڀٽو، اسان به ڀٽا!“
”ڇا به هجي!“
ماڻهو ڀڄندو آيو، چي، ”سائين! مرشد اچي ويو!“ جڏهن
نذرانو ڏئي، ٻِيءَ ڌر جي خوف کان کيس ٽيڪيٽان ڏئي،
بهاولپور موٽايوسين، تڏهن ڀٽي صاحب کي ڀٽن جا ووٽ
مليا. اهڙيءَ طرح اليڪشن سنڌ ۾ ٿئي، مرشد ڪي اُچ
کان پيا ايندا، ڪي ملتان کان پيا ايندا، ڪن جو مڙه
مقام ديري اسماعيل خان ۾ هوندو!
هڪ دفعي ٻاليشاهين جي مرشد سان اچي پالو پيو، چي:
”هي سڄو ٻاليشاهي عالم اسان جو چڳ وڍيو مريد آهي،
جاڏي چئبو، تاڏي ويندا!“
مرشد جي پنهنجي صورت ۽ سيرت به پنهنجي مريدن جهڙي
هئي، تنهنڪري اسان کي به يقين هو ته برابر چهڙڪو
عالم سائينءَ جي سڳي ڌاڳي ۾ هوندو، ليڪن ساڳئي وقت
اهو به خوف هو ته متان اسان کان پيسا وٺي، وري وڃي
ٻيءَ ڌر سان گڏجي. تنهنڪري رقم جي آسري ۽ دلاسي تي
رهائيندي رهائيندي، اچي اليڪشن جو ڏينهن ڪيوسين،
پوئين ڏينهن ڪنهن ملازم شرارت ڪري ٻوڙ ۾ سنان مڪي
ملائي ڇڏيا، صبح جو جڏهن اليڪشن شروع ٿي تڏهن شاهه
صاحب جن کي گهڻائي ايلاز ڪياسين ته ”قبلا سائين،
نذرانو حاضر آهي، هلي مريدن کان ووٽ ڏياريو!“ ليڪن
افسوس، جو کين غسلخاني مان ئي واندڪائي ٿي نه
سگهي، جو مريدن ڏي هلي سگهن!
اها ته خير اسان ڪئي تڏهن مذاق، جو هڪ نڌڻڪو مرشد
هٿ اچي ويو هو، ورنه مرشدن جي شان ۾ اليڪشن جي
ڏينهن ۾ ڪنهن کي طاقت آهي، جو چپ چوري سگهي، يا
ڇڙي آڱر به ڏانهن ڪو سڌي ڪري سگهي! سندن حضور ۾
ٻيو ته ٺهيو، پر اميدوار يا اميدوار جي مدد گار کي
کلي ڳالهائڻ جو به ساهه نه هوندو هو، متان ٽهول يا
ٺٺول جو پهلو نه نڪري پوي.
اليڪشن ۾ پيرن جيڪو ڪردار ادا ڪيو، جنهن بي
حيائيءَ سان هنن رشوتون ورتيون - جنهن بي ايمانيءَ
سان هڪ ڌر کان وٺي، وري وڃي ٻيءَ ڌر کان وصول ڪري،
اُن سان مليا، ان سندن وقار کي جيتوڻيڪ ڪافي ڌڪ
هنيو، بلڪ هڪ ڳالهين تي ماڻهن کي کانئن عام نفرت ۽
حقارت ٿي پئي، ليڪن تنهن هوندي به ضرورت پوڻ تي
اميدوارن يا حاجتمندن کي وٽن وڃڻو ئي پوندو هو. پر
اِهو هو ائين، جيئن ضرورت پڄاڻان ماڻهو بازاري
عورتن وٽ ويندو آهي.
الغرض انهيءَ طبقي منجهان مٿي بيان ڪيل، بلڪ ان
کان به زياده ڪيترن ئي قسمن جا نقصان سنڌ ۽ سنڌي
قوم کي پهتا- معاشرتي، اقتصادي، اعتقادي، مذهبي،
خواه سياسي. اهڙيءَ طرح سنڌي زندگيءَ جو اهڙو ڪوبه
پهلو ڪونه هو، جنهن تي انهيءَ طبقي جون حرامڪاريون
اثرانداز نه ٿيون هجن - انهن پيرن ۽ خانقاهي نظام
جون حرامڪاريون اڄڪلهه جون نه آهن، اهي هر زماني ۾
۽ هر انهيءَ جاءِ تي جاري رهيون آهن، جتي نظام جي
ابتريءَ ۽ استبدادي قوتن عوام کي پيڙا ۾ آڻي ان
جون متيون منجهايون آهن ۽ واٽون بند ڪيون آهن.
مولانا جامي خود صوفي هو پنهنجي دور جي انهيءَ
نظام جي رکوالن جون دانهو هن ريت ڪري ويو آهي:
حـــــذر از صـــوفــيــــان شــهـر و ديار
هــمـــہ نــــامــــردمـند و مردم خوار
کــــارشـــان غير خواب و خــوردن نہ هـــيــچ
شــان فــــکــر روزِ مـُـردن نـہ
ذکـــر شـــان صــرف در وحوه مــعاش فکر شان صرف
بهر، سُفره و آش
هـــر يـــکي کــــرده مـــنــزلـــي ديـــگر
نــــــام آن ”خـــــانقاه“ يــــــا ”لنگر“
ديـــگـــــران کـــنـــده ديـــگ
بـــنـهـاده کــــــــرده آلات
مــــطـــبـــخ آمـــــاده
چشم بردرکہ، کيست کزده و شهر؟ بــــافـــتــہ از
طـــريــق مـردان بهر!
گـــــوشت يـــــا آرد آورد دو سہ مَن
تـــــا نـشـيـنـد بــــصـــدر، شيخِ زمن
----
بهـــــر آش اســــت آشــــنــــــائـــي او
و آتــــشِ ديــــــگ روشــنـــائــــي او
----
اين نه صـــوفــي گـــري و آزاديسـت بــلـــکه
کيدي گري و قواديست
[18]
سو سنڌ جا پير ۽ خانقاه نشين چڱا مڙس ڪونه هئا،
بلڪ دستوري طرح مڪار (ڪيدي) ۽ بي حياءَ (قواد)
هئا.
* * *
سنڌ جي پيرن، خانقاهن، ۽ سجاده نشين جا اِهي حال
هئا، مذهب ۽ اسلامي عقائدن جي اهڙيءَ طرح زوال ۽
زبوني هئي، اڻ پڙهيل ۽ اٻوجهه عوام ۾ اِنهيءَ حد
تي لاديني پهتي هئي! انهن حالتن سنڌ ۾ وهابيت کي
زور وٺرايو، ۽ انهيءَ سلسلي ۾ انهيءَ عقيدي جي
بزرگن سنڌ ۾ مذهب جي واقعي وڏي خدمت ڪئي، بلڪ
لادينيت جي خلاف عظيم جهاد ڪيو ۽ گهڻيءَ حد تائين
مومل جي ماڙيءَ وانگر عوام کي گرفتار ڪرڻ ۽
منجهائي مارڻ جو جيڪو پيرن ٽڪساد کڙو ڪيو هو، ان
کي ڊاهي رکيائون. اهي انهيءَ جدوجهد جا ئي نتيجا
آهن، جو اڄ عوام گهڻيءَ حد تائين سندن سڳي ڌاڳي
مان نڪري چڪو آهي.
سڀ کان پهريون سنڌ اندر انهيءَ جهاد في سبيل الله
جو جهنڊو مولانا دين محمد وفائي بلند ڪيو. خدا جون
مٿس رحمتون هجن، دُئالي بند هجڻ جي باوجود به
اِنهيءَ مقصد جي سرانجاميءَ خاطر هن پنهنجي هڙان
خرچ ڪري، ”توحيد“ جي نالي سان هڪ ماهوار رسالو
جاري ڪيو ۽ تقريباً پنجويهه - ٽيهه سال مسلسل
انهيءَ رسالي جي ذريعي سنڌ جي پيرن، خانقاه نشينن
۽ رياڪار مرشدن جون ٿڳڙيون ڪڍندو رهيو ۽ صحيح
عقيدن جي نشر و اشاعت ۽ غلط اعتقادن جي مذمت ڪندو
رهيو. ”توحيد“ رسالي جي ذريعي مولانا جي مضمونن
ماڻهن تي وڏو اثر پيدا ڪيو ۽ سنڌ ۾ هڪ وڏو گروهه
سندس همنوائيءَ ۾ نڪري پيو. مولانا چشتي، مولانا
محمد هاشم، واعظ الاسلام مرحوم وغيره، مولانا
مرحوم جي انهيءَ جدوجهد جو نتيجو هئا، جن اڳتي هلي
پنهنجي زندگيءَ جو به اهوئي مقصد بڻائي ڇڏيو.
پنهنجي انهيءَ تحريڪ جي بنيادن کي مضبوط ڪرڻ خاطر
۽ مسلمانن کي رسول پاڪ جي صحيح احڪامن سمجهائڻ
خاطر ئي هن پهريون دفعو صحيح بخاريءَ جو سنڌي زبان
۾ نهايت صحيح ۽ سهڻو ترجمو ڪيو. ازان سواءِ سندس
قلم مان انهيءَ سلسلي ۾ ٻيا به ڪيترا مفيد ڪتاب
نڪتا.
”توحيد“ سان گڏ ”الوحيد“ اخبار پڻ انهيءَ ڏس ۾
عظيم الشان خدمت ڪئي. پيرن جي غلط اثر کي زائل ڪرڻ
۾ انهيءَ اخبار جون خدمتون به وسارڻ جهڙيون نه
آهن، ليڪن ”الوحيد“ چونڪ سياسي پرچو هو، تنهنڪري
ڪڏهن ڪڏهن ان جي اداري کي مصلحت بينيءَ کان به ڪم
وٺڻو ٿي پيو، پر ”توحيد“ اڳيان نه ڪا سياسي مصلحت
هئي نه ڪا غير سياسي مصلحت، هن جي مصلحت اول کان
آخر تائين فقط سچي پچي دين جي پرچار ڪرڻ هئي.
اهوئي سبب ٿيو، جو سندس انهيءَ تواتر ۽ يڪسان
پاليسيءَ مسلمانن جي ذهن کي ڏاڍو متاثر ڪيو.
”توحيد“ ليٿو ۾ ڇڀي هئي، ڪي سال ٽائيپ ۾ به ڇاپي
ويئي. اهو مدار هوندو هو دراصل مولانا جي مالي
حالت تي. جي خريدارن چندا موڪلي ڏنا، ته ”توحيد“
ٽائيپ ۾ ڇپي، جي چندن جي وصوليءَ ۾ هيٺ مٿاهين ٿي
ته ”توحيد“ ٽائيپ مان لهي، اچي ليٿوءَ تي بيهندي.
بهرحال ”توحيد“ جي ظاهري حسن ۽ بيهڪ ڏي انهيءَ
زماني جي مذاق مطابق ڪنهن جو به توجهه ڪونه هو.
رسالي جي جيڪا معنوي حيثيت هئي، ماڻهن جي دلين تي
ان جو ڌاڪو هو.
”توحيد“ جي ذريعي مولانا ٻين اعليٰ عنوانن کي به
ڇيڙيو، مثلاً علمي مضمون، اسلامي تاريخ تي مضمون،
اسلامي مشاهيرن ۽ سچن بزرگن جون سوانحون، سنڌ جي
تاريخ تي مقالا، غرض ته هر مفيد مضمونُ ”توحيد“
پنهنجي دامن ۾ کڻي مسلمانن جي اڳيان پيش ڪندو هو.
مولانا سنڌ جي علمي دورِ جديد جو عالم هو، جنهن
اسلامي علومن، اسلامي تاريخ ۽ اسلامي عقيدن جو
صحيح مطالعو انهيءَ ڪڙيءَ تي ڪيو، جنهن تي هندستان
اندر مولانا شبلي ڪري رهيو هو. اسان جو مولوي صاحب
سنڌي اديبن ۾ پهريون عربي دان اديب ۽ عالم هو،
جنهن سنڌ سان متعلق عربي زبان جي تاريخن ۽ ادبي
ڪتابن جو جائزو ورتو، ۽ اسان جا قديم سنڌي عالم
عربي دنيا اندر جيڪي علمي ڪارناما ڇڏي ويا هئا،
انهن مان پاڻ به واقف ٿيو ۽ سنڌين کي به هن
پهريون مرتبو انهيءَ ”توحيد“ جي ذريعي واقف ڪيو.
ميان مير سنڌي، مولانا محمد حيات سنڌي، ابو عطا
سنڌي، مخدوم عبدالله ۽ رحمت الله سنڌي، ابوالحسن
صغير ۽ ڪبير سنڌي، ابو عطا سنڌي، ابو رجا سنڌي،
وغيره سڀ مولانا جا دريافت ڪيل آهن. انهن سان اسان
جي پهرين آشنائي مولانا جي قلم ڪرائي ۽ سندس رسالو
”توحيد“ ان جو ذريعو بڻيو. اڄ انهن يا اهڙن ٻين
بزرگن تي اسان جيڪي ڪجهه لکي رهيا آهيون، سو
درحقيقت مولانا مرحوم جو ئي ڏس پتو سمجهڻ گهرجي.
مولانا ڏاڍو ذهين هو. منجهس سوچڻ ۽ سمجهڻ جي به
صلاحيت حد هئي. نظر به گهري ۽ دور رس ته دماغ به
اعليٰ ۽ رسا هيس. تنهنڪري هن جيڪو مطالعو ڪيو، اهو
نه ٺلهو هو نه سطحي، بلڪ ان مان هن پنهنجي ذهانت
جي زور تي نوان نتيجا ڪڍيا ۽ مضمونن ۽ معاملن جي
تـَـهـَـن تائين پهچي، انهن مان موتي ۽ مرواريد
ٻاهر ڪڍي آيو. اهوئي سبب هو، جو هن جن جن عنوانن
سان اسان کي آشنا ڪيو، سي خود سندس معاصر عالمن
لاءِ به غير مانوس هئا، بلڪ کانئس ٿورو اڳ جي
عالمن جي به انهن تي نظر پئجي ڪانه سگهي هئي.
مولانا جي ”توحيد“ واريءَ تحريڪ سنڌين جي دلين تي
ان ڪري به گـَـهرو اثر ڪيو، جو سندس سنڌي تحرير ۾
هڪ دلڪشي ۽ دلنشيني، هڪ ربط ۽ بي پناه فصاحت هئي،
جيڪي خوبيون عام طرح سندس معاصرن جي تحريرن ۾
مفقود هيون، ڇاڪاڻ ته سنڌ جي عالمن جو فارسيءَ ۽
عربيءَ تي ايترو زور هوندو هو، جو کين سنڌي لکڻ
مورڳوئي ڪانه ايندي هئي، ۽ ٻيو جيڪو کڻي سنڌي نثر
لکندا هئا، ته اهو نهايت ئي بي ربط، فتوائن جي
انداز ۾، نه عبارت ۾ تسلسل ۽ نه لکڻيءَ ۾
سـَـنوتِ- ان اپراند انهن جي تحريرن ۾ عربيءَ ۽
فارسيءَ جي غير مانوس ۽ ڦوڙاٺ اکرن جي دَٻ ڦـُـس.
مولانا مرحوم پهريون سنڌي عالم آهي، جنهن عربيءَ ۽
فارسي جي مسلّم مهارت جي باوجود سنڌي نثر کي
سولائي ۽ صفائيءَ سان نهايت روان لکيو. مولانا جي
تحرير ايتريقدر باربط ۽ پورن پـُـنن لفظن ۾ هوندي
هئي، جو ان ۾ هڪ اکر به زائد يا غير ضروري ڪونه
لڀندو، ۽ ايتري ضبط ۽ نظم سان، جو جيڪڏهن ڪنهن اکر
کي هڪ جاءِ تان ڦيرائي ساڳي ئي جملي ۾ ٻئي هنڌ تي
آڻبو، ته اهو اتي سونهين ئي نه سگهندو، ۽ جملي جي
سڄي ساخت ٽٽي پوندي.
خير، اهي ته ڳالهيون ٿيون مولانا جي علم، فضل، نثر
۽ انداز تحرير جون، ليڪن حقيقت ۾ انهن سمورن
خداداد صلاحيتن کي مولانا خدا جي ئي رستي ۾ ڪتب
آڻيندو رهيو، ۽ خدا جي خدائيءَ اندر پيرن جيڪا
پنهنجي خدائي ۽ خداوندي ٺاهي هئي، ان جي مسمار ڪرڻ
۽ ان کي ختم ڪرڻ جي سلسلي ۾ صرف ڪندو رهيو.
”توحيد“ 1947ع تائين هلندي رهي. آخري زماني ۾ جڏهن
مولانا عبيدالله سنڌي پنهنجي جلاوطنيءَ جا ايام
پورا ڪري سنڌ ۾ آيو
[19]، ان وقت ابتدا ۾
ته مصلحتاً پير پرستيءَ جي خلاف مولانا لکڻ ”في
الحال“ ڇڏي ڏنو، ليڪن پوءِ ڏٺو ويو ته مولانا
گهڻيءَ حد تائين پنهنجن عقائدن تان به رجوع ڪري
ويو. آخري زماني ۾ مولانا پيريءَ مريديءَ جو قائل
ٿي ويو ۽ انهيءَ سانحي جي سڄي ذمه داري تنها
مولانا عبيدالله سنڌيءَ تي آهي.
__________
|