سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: هو ڏوٿي هو ڏينهن

باب: --

صفحو : 10

3

پچائي پهاڻ، جن رساڻيو رُڪَ کي،

تنين سندو ڄاڻُ، آهي آڳڙين کي.

- شاهه

 

قصو سکر جو شروع هو. وچ ۾ جو داستان ڇڙي پيو محمد پناهه، عيسانين ۽ خان وڏي جو، ته ڪٿان جو ڪٿي وڃي پهتاسين.

بحرفي، ميتوان گفتن تمناي جهاني را،

من از ذوقِ حضوري، طول دادم داستاني را.

ڳالهه اها ٿي ڪئيسين ته اگرچه ڪن زميندارن جون سکر ۾ جايون به هيون  ۽ ڪن جي عام آمدرفت به هئي، ليڪن سکر شهر تي شهر جي ئي قديمي باشندن ۽ پـَـرين مڙسن جي هلندي ۽ هٿ پـُـڄندي هئي. جنهن دور جو ذڪر آهي، حقيقت ۾ سکر سونهاري جي جواني ان وقت جوڀن تي هئي. ان جي جوڀن ۾ بهار ۽ بهار ۾ خوشبو ۽ خوشبوءِ ۾ هڪ قسم جي اهڙي راحت هئي، جيڪا هر ڪنهن جي روح کي رام ڪري ڇڏيندي هئي. سکر کي نه خزان جي سٽ آيل هئي ۽ نه ان جي ڪائنات کي ئي ڪنهن لـُـٽي ويران ڪيو هو. ماڻهو سڀئي منجهس موچارا هوندا هئا، خوشباش ۽ خوشدل، ڪچهرِن ۽ مجلس جا مور، ڪوڏيا ۽ سڀئي ڪمائتا. سڀئي صورتون ڏسڻ وٽان. هڪ کي ڏسي ٻئي ڏانهن ڏس! پهرن تائين دل نه ڀرجي!

سائين ڪرم علي شاهه جيلاني مناري واريءَ اوطاق ۾ هميشهه ڦڻ ڪڍيو ويٺو هوندو. چار ڄڻا هر وقت چوڌاري، هـِـتان جون هـُـتان جون ڳالهيون، قصا ۽ گفتا. صبح جو ساجهر به دوستن جي خبر لهندو ۽ شام جو به سڀني جي گهرن ۽ درن تي وڃي خير سـَـلهه جو سڌ سماءُ لهي، دلجاءِ ڪري، پوءِ اچي جائيتو ٿيندو. سکر جو قديمي زميندار ۽ پـَـريو مڙس. سڀني سان اُٿ ويهه، سڀني سان سلاماليڪي، سواءِ هڪ ميان عبدالله شيخ شيهن واري جي، جنهن سان اصل پوت ڪانه هوندي هئس [1] طبعيت جو نيڪ ۽ همدرد، شهر جي ميونسپل جو ميمبر ۽ شهر جي سڀن معاملن ۽ مسئلن جو مـُـکي ۽ مهندار.

خانبهادر ميان پيربخش ڊپٽي، سفيد ريش، عمر رسيدو. چوندا هئا ته جيترو وقت نوڪري ڪيائين، ان کان زياده سال پنشن کائيندي ٿيا اٿس. مان جڏهن ڏٺو ان وقت به صحتمند، البت اٿـِـي ويٺـِـي گهٽ ڪندو هو. بندر روڊ تي، عين هندن جي ڳڙهه ۾ صبح سانجهيءَ سندس ڪچهري لڳندي هئي. صبح جو اوطاق جي  ٻاهرئين ڪمري ۾، وچ  ۾ سندس آرام ڪرسي ڊگهـِـن ٻانهن سان، جنهن تي ڄنگهان رکي ڇڏيندو هو. هڪ طرف کان هڪ ٻه کٽ ۽ ٻئي طرف کان ننڍيون ڪرسيون. سندس منهن سڙڪ ڏانهن - لنگهيندي پائيندي کي پيو ڏسندو. شام جو اوطاق جي ٻاهران سڙڪ تي اها ئي وچ ۾ سندس ڪرسي، هڪ پاسي کٽان ٻئي پاسي ڪرسيون. ايندي ويندي، هرڪو سلامي. سڄي شهر جي اٺي واڻي اُتي پـَـئي معلوم ٿيندَس.

ميان عبدالغفار پيرزادو،  پراڻي سکر جو بنيادي زميندار ۽ باليشٽر [2] ڪورٽن مان ڪم لاهي، هر هڪ دوست وٽان ليئو پائيندو، سارسنڀال لهندو، پوءِ وڃي گهر ڏوپهرو ڪندو. شهر ۾ ڪو جلسو ٿيندو، مسلمانن جي ڪا تحريڪ هوندي، ڪو سياسي معاملو ٿي پوندو، ته پرين مڙسن وانگر نهايت خلوص سان اچي شريڪ ٿيندو. ڏاڍو مخلص ۽ حد درجي جو شريف ۽ وضعدار هو.

ميان عبدالرحمان، پيرزادي عبدالستار جو والد، شاهه خيرالدين شاهه بادشاهه جي درگاهه جو متولي، صبح هجي خواهه شام، روضي جو در جهليون، اکيون قبر ۾ اٽڪايون، ويٺو ڪجهه نه ڪجهه پڙهندو، درود هجي يا سورة ياسين، چـَـپ هر وقت پيا چـُـرندس. ”دست به ڪار دل به يار“ وارو معاملو هو. جيسين جيئرو رهيو، تيسين بادشاهه جي دروازي جي چائـُـٺ نه ڇڏيائين. جنهن کي ملڻو هجي، سو اتي اچي. شهر جي سڀني پرين مڙسن جو پريو مڙس پيو لڳندو هو. ٿلهو متارو، قداور، سفيد ريش، چولو سٿڻ، مٿي تي مهموديءَ جي اڇي ٽوپي گهر ۾ سبيل.

خان عبدالحميد خان، سنڌ جي آخري مورخ خان خداداد خان جو فرزند- اڄ ته اچي باقي بچيو آهي، انهن ڏينهن ۾ اڃا جوانيءَ اگرچه لاڙو کاڌو هو، پر تنهن هوندي به دل ۽ جسم تي اڃا جوڀن هيس. سـُـوٽ صبح شام، لڪڻ هٿ ۾ کڻي، ميان حسين شاهه سان گڏ پراڻي سکر مان هلندو، بجلي گهر وٽان ٿيندو، منگل مالهيءَ سان ملندو، ليوڪس پارڪ جو پاسو ڏئي، مناري واري لاهي لهي، سڌو غريب آباد ۾ پهچندو. ڪڏهن پنڌ ڪڏهن ٽانگي تي، سڀن دوستن يارن جي خير سـَـلهه لهي، تازي هلي چلي معلوم ڪري، نئون سنئون ٿي، پوءِ پٺتي موٽندو. گل خان واري هوٽل ۽ عبدالرحمان واري اسلامي هوٽل، اهي ٻـَـئي سندس مک اڏا هئا. سندس ڇا، بلڪ ان زماني ۾ گهڻو ڪري شهر جي سڀن مک ماڻهن جي، ايندي ويندي، اٿي ويٺي اتي هوندي هئي. شهر جي جيڪا هلي چلي هئي، ان جي ابتدا ۽ انتها انهن ٻن اڏن تان ٿيندي هئي. سڄيءَ پاليٽڪس جي نبيري نڇيڙي اتي ٿيندي هئي. انهن ٻن اڏن تي جنهن جي رسائي هوندي، اهوئي شهر جي چونڊن ۾ ڪامياب ٿيندو هو. رستي تي ڇڻڪار ڪري، ڪرسيون ٽيبل وجهي ڇڏيندا. آيو ويو اتان ضرور ليئو پائي، پوءِ اڳتي وک کڻندو. جيترو وقت ويٺا هوندا، چانهه پاڻي ۽ سوڊا لمليٽ خواه لسيءَ جا گلاس به پيا هلندا، ۽ قصا رفتا به پيا ٿيندا. ’هندو‘ ’مسلمان‘ پاڻي ريلوي اسٽيشنن تي ٻڌبو هو، پر سفيد چانهه (يعني هندن جي چانهه) جو اکر هنن هوٽلن ۾ استعمال ٿيندو ٻڌم.

ميان عبدالله شيخ شيهن وارو، ميان يار محمد ڀٽو، ميان اسماعيل ڀٽو، محمد ابراهيم سيلاٽو، قاضي محمد سومر، ميان احمد علي خان عليگ، ڊاڪٽر محمد يامين، سيٺ اسماعيل ميونسپل ڪونسلر، ماستر محمد بخش مرحوم، ميان غلام نبي بروهي، حاجي شير محمد گارڊ، علي بخش گارڊ، سردار محمد طاهر خان ۽ سردار محمد علي خان[3] ، هاءِ هاءِ! ڪهڙن جا نالا کڻي ڪهڙن جا کڻجن! سڀئي صورتون، سبحان الله، ڏسڻ وٽان! ڪي ته رحلت ڪري ويا، جيڪي هوندا، سي به سمجهان ٿو ته اڄ نه مئن ۾ هوندا نه جيئرن ۾. زماني جو پلٽو کاڌو، آسمان جو گردش کاڌي، قسمتن جو ڦيرو کاڌو، پوءِ ڪنهن جوڪهڙو وس! اڄ زندگي ڄڻ سندن ڳچيءَ [4] ۾ اچي پئي هوندي. جيڪو سکر هنن ڏٺو، جنهن سکر جا هو ڌڻي ۽ ڌنار هئا، اڄ اهو جو ڪونه ڏسندا هوندا، ته ڪهڙو  منهن وٺي درن کان ٻاهر نڪرندا هوندا!

محمد ابراهيم سيلاٽو، سکر جو معزز باشندو، پنهنجي قبيلي جو پريو مڙس ۽ سکر ميونسپل جو دائمي ميمبر. ترڪي ٽوپي ٽاٽ واري، سفيد ڊَڪَ جي پتلون ۽ هلڪي رنگ جو ڪوٽ، جنهن جا ٻئي کيسا پن جي ٻيڙين سان ڀريل. صبح جو گهر کان نيرن ڪري نڪرندو. ٻيڙي جيڪا اُتي دکائي هليو، بس سڄو ڏينهن پوءِ ماچيس جي ضرورت ڪا نه. ٻيڙي مان ٻيڙي پئي هلندي ويندي سومهياڻيءَ جو، جيسين وڃي کٽ ڀيڙو ٿيندو. سڄو ڏينهن ماڻهن جي ڪم سان. ڪڏهن هـِـتي ڪڏهن هـُـتي. ميونسپل آفيس، ايسرسنگ، ڀوڄسنگ، چيف آفيسر، ميونسپل انجنير، ٺيڪا، ميونسپل جا ميمبر، هوٽلان، دوست، شهر جا معزز، پنهنجا ووٽر، پرايا ووٽر. ايڏو متحرڪ ماڻهو مان ٻيو ڪونه ڏٺو. مٿي بيان ڪيل لٽا، ٻيڙِن جو تسلسل ۽ کلڻ جو اڻ ٽٽ سلسلو، اهي ٽـَـئي ٽريڊمارڪ ميان محمد ابراهيم سيلاٽي جا هئا. جدوجهد ۾ سندس مڪمل اعتماد هو. ڪهڙو به مشڪل ڪم ايندو، نه پريشان ٿيندو نه مايوس. هلي چلي آخر وڃي ڪامياب ٿيندو. هو پنهنجي تقدير جو پاڻ مالڪ هوندو هو. سال ٿي ويا، جو هڪٻئي کي ڪونه ڏٺو اٿئون. خبر نه آهي جئرو به هوندو يا نه. جي اڃا حيات هوندو، تڏهن به يقين آهي ته سندس اِها کـِـل جيڪا سڀني جي دلين ۾ شگفتگي پيدا ڪري ٿي ڇڏي، اها هاڻي بند ٿي وئي هوندي. ممڪن آهي ته اُن هاڻي زهر خند جو روپ اخيار ڪيو هجي، طنز جو ۽ تلخيءَ جو ڌارڻ ڌاريو هجي! اُهو سکر، جو نه رهيو!!

آغا حسن علي خان سيشن جج، چيف ڪورٽ جو جج پوءِ ٿيو. ان زماني ۾ سکر شهر ۾ وڪالت ڪندو هو. شڪارپوري روڊ تي ميان فضل محمد وٽ تاس کيڏندو هو ۽ شام جو واريءَ تڙ واريءَ جاءِ جي اڱڻ ۾ ڇڻڪار ڪرائي، غلام اڪبر، عبدالرحيم، ۽ نواب خان ٺيڪيدار سان ويٺو ڪچهريون ڪندو هو. جوان، زندهه دل، جسم ۾ جان، روح ۾ تازگي، دل ۾ تقويت. شهر جي معززن ۾ سندس شمار ۽ پنهنجي پاڙي وارن لاءِ آخري لفظ. جڏهن کيس جج ڪيو ويو، تڏهن سڀني ائين سمجهيو ته اها سڄي سکر جي گويا عزت ٿـِـي، اهو آغا جو شخصي مانُ نه آهي، بلڪ سموري شهر جو مرتبو وڌيو. هاءِ هاءِ، مسلمانن ۾ ڪيترا نه ماڻڪ ۽ موتي انهن ڏينهن ۾ هوندا هئا. سکر مردم خيز شهر هو. قحط الرجال جواُتنهن گذر ئي ڪونه هو.

”زبدهِ الحڪما“ حڪيم عبدالحق، سند يافته طبيه ڪاليج لاهور، جنهن کي سندس ڪي مخالف ۽ بي تڪلف يار ”عبدالڌڪ“ به ڪوٺيندا هئا! يا الله، عجيب و غريب ماڻهو، مسڪين پر دل جو غني، مارڪيٽ وٽ گل خان جي هوٽل کان ٿورو اورتي ساڳيءَ لائين ۾ هڪ ڪمري جو دڪان هيس، جنهن ۾ هڪ طرف کان ڪتاب، اخبارون ۽ اشتهار رکيا هوندا هئا، ۽ ٻئي طرف کان تمام پراڻن برنِن ۽ ڪٽ کاڌل دٻن ۾ دوائون رکيون هونديون هيون. مٿانِ ڪاغذن جون چٽڪيون ۽ انهن تي لکيل، ”سرمہِّ ضياءِ الابصار حقي“، ”معجون مقوي حقي“، ”معجون برائي بادي بواسير“، ”قرص برائي معده“، ”چورن هاضمہ حقي“. حقيقت ۾ حڪمت جو مٿس الزام ۽ اتهام هو ۽ خود به غلط فهميءَ ۾ مبتلا هو. اصل ۾ هو قومي ورڪر هو. وڏو خلافتي، الوحيدي اسڪول جو تربيت يافتو ۽ هر اسلامي تحريڪ جو سرگرم ڪارڪن. ڪو خلافتي ليڊر آيو، ڪو اهل حديث مولوي آيو، ڪو قومي ڪارڪن آيو، بس سڄو انتظام پاڻ ڪندو. هو مڙس دوالي بند، پر دوستن جو حلقو وڏو هيس. جهٽ سڀئي ڪارج سـِـڌ ٿي ويندا هئا. سکر ضلعي جا قومي ڪارڪن ، خواه شهر جا قومي ورڪر سندس دڪان کي پنهنجو سجده گاهه سمجهندا هئا، ايندي ويندي وٽس سلام ڀريندا هئا. مولوي وفائي مرحوم جا گهڻو ڪري سڀئي ڪتاب لاهور جي ليٿو پريس مان حڪيم صاحب ڇپائي پڌرا ڪيا.

چڪ جو مشهور خلافتي ۽ قومي ڪارڪن، مرحوم ابو شوڪت حمزو،پوءِ ته گهرو دوست ٿي ويو، ليڪن سڀ کان پهرين ملاقات ساڻس اُتي ٿي. خدا بخشيس، سنڌ جي قومي ورڪرن ۾ اهو به امل ماڻڪ هو. نج سون، مـَـٺَ جي رتي به ڪانه. چڪ جو ويٺل، ذات جو مهر، ڊگهو مڙس، سرو جهڙو سڌو قد، شڪل صورت جو ڏاڍو موچارو، ڏاڙهي شرعي ۽ ڀور ڪاري، جوڙيءَ جا صاف اڇا لٽا سندس ڄڻ خصوصيت هئا. کاڌيءَ جي ڳوٿري نما اڇي ٽوپي، جيڪا سندس پنهنجي ايجاد هئي ۽ سندس تائين محدود رهي، هٿ ۾ ٿلهو بيد جو لڪڻ، لڪڻ نه بلڪ داسو، ۽ زبان تي هميشهه وڏن ماڻهن (زميندارن، پيرن ۽ ڪامورن) جي مخالفت، اها ان ڪري، جو اُهي قوم جا ويري ۽ انگريزن جا پَٺو ۽ پشتي بان هئا. مرحوم جي محاوري مطابق اُهي سڀئي ”لغور“ هئا، جن جي ڪڍ کٿو ۽ کريو کڻي پوڻ عين ثواب هو. مولانا شوڪت عليءَ سان خاص عقيدت هيس. پٽ ڄائس ته ان تي اهو نالو رکي پنهنجي ڪـُـنيت ئي ”ابو شوڪت“ ڪري ڇڏيائين، جيئن مولانا جو نالو سندس نالي جي جز بڻجي وڃي. تقرير جو چست، ۽ قومي خبرن خواهه زميندارن جي خلاف شڪايتي مضمونن لکڻ جو ماهر، سنڌ جي سڀن اخبارن جو نامہ نگار بلڪ ’الوحيد‘ ۽ ان جي پيدا ڪيل دائري جو هڪ اهم بلڪ مرڪزي ڪردار هو. مرحوم هڪ زميندار جي مخالفت ۾ اليڪشن لڙندي، نمونيا جي سٽ لڳڻ سبب [5] جڏهن فوت ٿيو، تڏهن سنڌ جي ڪامورن ۽ سکر ضلعي جي وڏيرن دل ئي دل ۾ ڪلما پڙهيا:

”يَرَ چڱو ٿيو، الله کڻي جند ڇڏائي!“

هرڪنهن يڪ زبان چيو. ليڪن قوم ۽ ملڪ جي دل مان دانهن نڪري وئي. سڀني جي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا. ڪيترن ڏينهن تائين ماتم هليو. پر اهو سڀڪجهه انهيءَ وقت ٿيو، پوءِ سڀني کيس وساري ڇڏيو - حالانڪ هو اهڙو وطن دوست سنڌي هو، جنهن جي ياد کي هر سال ياد ڪرڻ گهرجي.

مولوي عبدالرزاق، سکر تعلقي جو ويٺل، نهايت قابل، ڏاڍو سنجيدو ۽ خوشخطيءَ جو وڏو استاد. نستعليق هجي خواهه نسخ، ٻـَـئي ڄڻ موتي. خلافتي هو. الوحيدي هو. ضلعي اندر جيڪي اسلامي تحريڪون ٿيون، تن سڀني ۾ هن ڪم ڪيو. حڪيم عبدالحق وٽ ساڻس پهرين ڏيٺ ويٺ ٿي. سيد محبوب علي شاهه وٽ گهڻو رهندو هو. اسان سان به دلچسپي هيس. اسان جي ساڻس محبت هئي. مولوي وفائيءَ جا جيڪي ڪتاب ليٿوءَ ۾ ڇپيا، انهن سڀن جي ڪتابت گهڻو ڪري مولوي صاحب جي ٿيل آهي. اسان جي زماني ۾ اڌيڪ عمر کان مٿي چڙهي هليو هو. سال ٿي ويا، سڌ نه آهي ته ڪٿي آهي، هـِـتي يا هـُـتي! بهرحال جتي به هجي، خدا کيس عزت ۽ مانَ سان رکي، ڇاڪاڻ ته کيس اهي ٻئي شيون ڏاڍيون عزيز هيون.

حڪيم عبدالحق جي دڪان کان پوءِ ٻيو مرڪز قومي تحريڪن ۽ قومي ڪارڪنن جي اچ وڃ جو هوندو هو، ميان محبوب علي شاهه وٽ، جنهن تي، خواهه مخواهه ڪڏهن ڪڏهن چيڙائڻ خاطر راشدي صاحب اخبار ۾ مذاقي ڪالم لکندو هو. هيڏنهن ٿوري ٽيڪا ٽپڻي اخبار ۾ ڇپي ۽ محبوب علي شاهه باهه ٿيو. لڪڻ هٿ ۾، سٿڻ جا ور اڳتي، شارٽ ڪوٽ، مٿي تي ڪاري ٽوپي ٿورو ڪن ڏانهن لڙيل، سڀني دوستن کي شڪايت ڪري موٽي اچي رُسي ويهي رهندو. جيسين وري ايلازمنٿ ڪري کيس پرچائبو نه، تيسين رُسامي ۾ رهندو. پر خير سـَـلهه جي خبرچار هر وقت رکندو ايندو. تنقيد کان ڏاڍو ڪيٻائيندو هو. نوجوان، خوبصورت، ڏاڙهي ڪوڙيل، سنهيون مـُـڇان. سندس والد سردار علي شاهه پنجاب کان آيو هو. پهريون ٻـِـئي وٽ ملازم، پوءِ لوهه جو ننڍو دڪان، آخر مشينن ۽ پرزن جوڙڻ جو پنهنجو ڪارخانو ڪڍي، چند سالن اندر جاين جو هڪ جدا محلو تيار ڪري ويهي رهيو. محبوب علي شاهه وٽ رهڻ جي به جاءِ هئي، ماني به کارائيندو هو ۽ جلوسن ڪڍرائڻ جو به ڪاريگر هو، تنهنڪري اندريون ٻاهريون قومي يا مذهبي ليڊر، خلافتي هجي يا احراري، شهيد گنجي هجي يا نيلي پوش، ظفر علي خان هجي يا عطاءُ الله شاهه بخاري، مولانا حبيب الرحمان لڌيانوي هجي يا ڪو ٻيو عالم، الغرض جيڪو به سکر ۾ ايندو ته ان جي جاءِ رهائش سردار علي شاهه جي ڪارخاني جو بالاخانو ٿيندي هئي. محبوب علي شاهه سکر جي مکيه قومي ورڪرن مان هو، ليڪن بعض سببن ڪري هو صاحب ڪڏهن به سياست ۾، باوجود گهڻين ڪوششن جي به، ڪامياب ٿي ڪونه سگهيو، سواءِ هڪ اڌ دفعي جي، جو اتفاق سان سکر ميونسپل ۾ اچي ويو هو. اهي قومي هماهميءَ جا ڏينهن گذري ويا، زمانو پلٽو کائي ويو، سياست جون واڳون ٻين جي هٿن ۾ اچي ويون، قومي ۽ اسلامي نظريا بدلجي ويا، تنهنڪري ڪيترن سالن کان شاهه صاحب جو نالو ٻڌڻ ۾ ڪونه ٿو اچي. وچ تي جڏهن سهرورديءَ  پنهنجي پارٽي ٿي ٺاهي، تڏهن وري محبوب علي شاهه جي روح سٽ ڏني هئي، ليڪن ڏاميش مال، ڪٽ کاڌل يا مڏا اوزار ڇڙو ڪٻاڙِن وٽ رکجي سگهجن ٿا. خود سهروردي صاحب جي به سموري سياست پُون پُون ٿي وئي.

حڪيم عطا محمد مريڙي ’المتخلص به ٽيٽڪ‘، هي غريب پوئين زماني ۾ سکر ۾ آيو. مشاهيرن مان ان وقت ڪونه هو، البت سندس وجود سکر ۾، ڪم از ڪم اسان جي لاءِ، وڏين دلچسپين جو باعث هوندو هو. شڪارپوري روڊ تان جيڪا گهٽي ڦٽي، واريءَ تڙ تي ٿي وڃي، ان ۾ هڪ ننڍو دڪان ورتائين. ابتدا ۾ خالي شيشا ۽ سگريٽن جا پراڻا دٻا وٺي دڪان ڀريائين. جيسين اسان هئاسين، تيسين انهن ۾ دوائن پوڻ جو موقعو ڪونه آيو ۽ نه وري ڪنهن بيمارئي انهيءَ طرف لاڙو ڪيو. حڪيم صاحب سڄو ڏينهن اسان وٽ رهندو هو. ايڏو مهربان، جو ڪڏهن ڪڏهن ته ماني به پاڻ پچائي اسان کي کارائيندو هو. ’مريڙي‘ ۽ ’ٽيٽڪ‘ اهي ٻـَـئي خطاب راشدي صاحب کيس ڏنا هئا، جن کي هن بطيب خاطر قبول ڪيو. نالو سندس گهڻو ڪري ڪنهن کي ياد ڪونه هو، هرڪو کيس ’حڪيم مريڙي‘ يا ’حڪيم ٽيٽڪ‘ سڏيندو هو. ڪجهه وقت بعد ٿورو ٿورو قومي ڪمن سان سندس دلچسپي وڏي، جنهنڪري مسجد منزلگاهه جي تحريڪ ۾ ٻه - ٽي مهينا ٽيپ ۾ به رهيو، ليڪن اهو حادثو کانئس بيخبريءَ ۾ سرزد ٿيو، ورنه حڪيم صاحب نهايت محتاط هو. هڪ دفعي حڪيم صاحب کي اچي شوق ٿيو ته اخبار ڪڍي. راشدي صاحب سان صلاح ڪيائين. هن جهٽ کيس ڊڪليريشن ’هفتيوار ٽيٽڪ‘ جي نالي لکي ڏنو ته ڪليڪٽر کان منظور ڪرائي اچي. ڪليڪٽر ان وقت ميرچنداڻي صاحب هو. نهايت سنجيدو ۽ شاندار. هن ڪڏهن اهو نالو ئي ڪونه ٻڌو هو. حڪيم صاحب کان پڇيائين ته ’ٽيٽڪ‘ لفظ جي معنيٰ ڇا آهي. حڪيم صاحب کي خود خبر ڪانه هئي. آخر ڪليڪٽر حڪيم صاحب کي دروازي کان ٻاهر ڪڍرائي، ٻئي ملاقاتيءَ کي اندر سڏايو. جڏهن خواجه ناظم الدين صاحب، گورنر جنرل ٿيڻ بعد حاجيءَ مان ڦري الحاج ٿيو، ان وقت حڪيم صاحب کي به اچي حج جو شوق ٿيو. حج ڪري آيو، ۽ اچي ”الحاج“ ٿيو. اگرچ حڪومت تان لهڻ بعد خواجه صاحب الحاج ته ٺهيو، پر حاجيءَ سڏجڻ تان به هٿ کنيو، ليڪن بفضل خدا حڪيم صاحب اڄ تائين پيو ’الحاج‘ سڏجي. اسان جي سکر ڇڏڻ بعد، بلڪ پاڪستان بنجڻ کان پوءِ، هن اخبار ڪڍڻ جي پراڻي آرزو به پوري ڪئي. ٻڌو اٿم ته انهن شيشن ۽ دٻن ۾، جيڪي اسان جي زماني ۾ خالي رهندا هئا، دوائون به ڀرجي ويون آهن ۽ حڪيم صاحب هن وقت سکر جي مشاهيرن ۾ شمار ٿي رهيو آهي.

*      *      *

اهو دور هندو معززن جي به اوج جو هو. منجهن به ڪيئي لکيڻان لال هئا. ڏسڻا وائسڻا، شاندار ۽ وڏي مان مرجات وارا. اڄ جڏهن انهن جون صورتون ۽ سيرتون ياد پون ٿيون ۽ انهن پنهنجي دور ۾ جنهن ڪردار جو مظاهرو ڪيو، ان جي يادگيري اچي ٿي، تڏهن سچ پچ ته ڪنهن دل ۾ چهنڊي پائي ورتي، سخت دک ۽ درد ٿئي ٿو! اگرچ انهن مان ڪيترا اسان جا سياسي مخالف هئا، ليڪن ان هوندي به اڄوڪن ”دوستن“ کان اخلاق ۽ عادتن ۾، مروت ۽ مرجات ۾، لڄ ۽ لحاظ ۾ هزار مرتبا اعليٰ، افضل ۽ ارفع هئا.

ديوان ڀوڄسنگ پهلاجراءِ - شاندار مڙس، ڪينچيءَ سان ڪتريل سنهاري، مٿي تي ميراڻي ٽوپي، هيٺ تي انگريزي سوٽ، شڪل صورت ۾ نمڪ، اکين ۾ حياءُ ۽ حجاب، ٽالپري دور جي ڪنهن پرئي مڙس جي پيو ڏِک ڏيندو. مسلمانن سان اٿي ويٺيءَ ۾ ڀائرن کان وڌيڪ. دشمني به ڪڏهن ڪانه ڪيائين. سنڌ جي پهرينءَ اسيمبليءَ جو اسپيڪر ۽ سنڌ جو نامي وڪيل. اسپيڪريءَ جي زماني ۾ سکر ۾ فوت ٿيو.

ديوان بهادر ايسرسنگ- ڊگهو، ڀورو ۽ ڏاڍو سهڻو، سفيد سنهاري فقط کاڏيءَ تي. وڏو وڪيل، ميونسپل جوپريزيڊنٽ، مسلمانن جو گهرو دوست، ڪوبه ڀيد ڀاءُ منجهس ڪونه، لٽا انگريزي پائيندو، ليڪن ڏاڍا قيمتي ۽ سهڻي سيبي جا. ڪراچيءَ ۾ ڪم سان آيو، رات جو دل جي دوري ۾ فوت ٿي ويو. صبح جو اطلاع مليو. سندس لاش تي وڃي بيٺاسي.

ديوان صاحبسنگ آڏواڻيءَ جي ذڪر اذڪار لاءِ ته نه سٽون نه صفحا بلڪ دفتر درڪار آهن. ڍولڻ، ڏاڍو ٺاهوڪو مڙس. اٿڻي ويهڻي، لٽين ڪپڙي جنسي انگريزي لارڊ. جنهن طرز ۽ طريقي تي صاحبسنگ رهيو، جنهن نموني ۽ قيمت جا هن لٽا چوڙيا ۽ ماڻيا، سکر ته خير، پر سڄيءَ سنڌ ۾ ڪنهن کي مجال ڪانه هئي. هندن سان گهٽ پيل هوندي هيس. دوستي رکندو هو ته فقط مسلمانن سان. مزاج جو ڏاڍو شگفته هو. ويٺو هوندو هو ته ويٺو کلائيندو، لطيفا ٻڌائيندو، هرڪنهن تي ويٺو لاهڻيون لاهيندو. معمولي ماجسٽريٽ ته خير، انهن ۾ ته اک به ڪانه ٻڏندي هيس، سيشن جج جي ڪورٽن جا قائدي دانيءَ ۽ آڏِن پڇائن ۽ تقريرن جي ذريعي ٽين کڙڪائي ڇڏيائين. انگريزي زبان تي نه ڇڙو قدرت هيس، بلڪ پردي جي اندر ويٺو ڳالهائيندو ته هرڪو سمجهندو ڄڻ انگريز پيو ڳالهائي، ايڏو اچار صحيح ۽ سهڻو! هندستان پهچي، ويچارو وقت کان اڳ فوت ٿيو.

ديوان بسنت رام، سکر ميونسپالٽيءَ جو آخري شاندار پريزيڊنٽ- نوجوان، دل جو سٺو، صورت جو نيڪ ۽ سيرت جو ڏاڍو سٻاجهو. پهريون فقط وڪيل هو، پوءِ ديوان صاحبسنگ کي شڪست ڏئي ميونسپل اسٽئنڊنگ ڪميٽيءَ جو چيئرمن ٿيو، ان کان پوءِ جڏهن ديوان بهادر ايسرسنگ صدارت ڇڏي، تڏهن هي پاڻ پريزيڊنٽ ٿيو. هندن جو ليڊر هو، ليڪن مسلمانن جو يار غار. پريزيڊنٽيءَ جي زماني ۾ مسلمانن سان جيڪي وکان بسنت رام کنيون، سي سکر جي تاريخ جو ڇا، بلڪ سڄيءَ سنڌ جي هندو - مسلم ايڪتا جو سونهري باب آهن. دوستيءَ ۾ ايترو مستعد، سچو، ۽ سرگرم مان پنهنجي زماني ۾ هندو خواه مسلمان ڪونه ڏٺو. دوستي ٿي، تن من ڌن لٽائي ڇڏيندو. ان ۾ تخصيص ڪانه، هندو هجي ته ڇا، جي مسلمان هجي ته ڇا. دوست سڀئي سندس اکين جو نور ۽ دل جو سرور هئا. جڏهن ميونسپل ڏي هلندو هو، تڏهن جيترا هندو سندس ڪڍ هوندا هئا، انهيءَ کان وڌيڪ مسلمانن جو تعداد ساڻس گڏجي هلندو هو. سڀئي سوالي، سڀن جا منجهس ڪم. ’حاضر سائين!‘، ’حاضر ڀائو!‘ سڀني سان ڪندو هلندو. اخبار نويسيءَ جي زماني ۾ اسان تي ويهان ڪيسن جون ٿيون. دوستي هئي، تنهنڪري ديوان جو فرض ٿي پيو ته مفت وڪالت ڪري. ڀاڙا ڀتا، خرچ پکا سڀ پنهنجا. ڪيترا احسان ڪيائين، ليڪن پڇاڙيءَ تائين هڪ احسان جي لاهڻ جو به موقعو اسان کي نصيب ڪونه ٿيو، ۽ آخر سکر ڇڏي هندستان هليو ويو!

راءِ بهادر ڪندنداس، قد بت جو مختصر ۽ نهايت نازڪ ۽ نفيس، طبيعت جو نرم ريشم جهڙو، دل جو سٻاجهو، ۽ ڳالهائڻ ٻولائڻ ۾ ڏاڍو دلچسپ ۽ وڻندڙ. ڪڏهن سياست ۾ بهرو نه ورتائين. پنهنجي وڪالت سان ڪم ۽ دوستن سان ڪچهريون. پوڙهو هو، جو هندستان هليو ويو.

پراڻي سکر جو مکي هيرانند، ڊگهو جهڙو سرو، ٺاهوڪو موٽيل مڙس. انگريزي لٽا پائي، مٿي سان بنارسي ٻڌي، هر روز بگيءَ ۾ سکر پراڻيءَ کان نئين سکر ايندو. گهمي ڦري وري موٽي وڃي جائيتو ٿيندو. انهيءَ زماني ۾ سکر ۾ ٻه خانگي بگيون مشهور هيون: هڪ سائين ڪرم علي شاهه جي ۽ ٻي مکي صاحب جي. ياد نه آهي، ليڪن اسان واري زماني ۾ ئي گذاري ويو هو! مرڻي پرڻي، ڀت ڀاڄيءَ ۾ مسلمانن سان همدوش ۽ همرڪاب.

اهي بزرگ ۽ انهن کان سواءِ ٻيا ڪيترا جوان، اڌيڙ خواهه پوڙها، انهيءَ دور ۾ سکر منجهه موجود هئا. جيتوڻيڪ اڄ سندن نالا دل تان لهي ويا آهن، ليڪن سندن ڳالهيون، سندن ڳڻ، سندن صورتون ۽ سندن ڪارناما اڄ به دل جي ڦرهيءَ تي لکيل ۽ ذهن جي خزاني ۾ محفوظ آهن.

*      *      *

سکر ۾ اهي ماڻهو ۽ مشاهير هئا، جن جي طفيل شهر تي جوڀن هو، بهاري هئي، ۽ سڄي سکر ۾ هڪ زندگي ۽ هڪ چرپر هئي. هرڪو ريان کيان، خوشحال ۽ خوش خيال، اهڙن فرحتن ۾ ڄڻ هميشه عيدان ۽ براتان آهن. رستن، سڙڪن، رندن ۽ راهن جي رونق ڏسي، ايندو ويندو خوش ۽ کلندو ڏسي، ائين پيو ڀانئبو هو گويا شادِن جون براتان آهن، جيڪي شهر جي چئن ئي ڪنڊن ۾ هلن پيون. شڪارپوري روڊ جي ڦوهه جواني هئي. سيروءَ جو چؤنڪ ڇا چئجي! ٿـَـلهي جي رونق ڏسي، روح ۾ پـَـئي تازگي ايندي هئي! آزاد ميدان، معصوم شاهه جو منارو، ليوڪس پارڪ، نم جي لاهي، سٽي ڪورٽ جي لاهي، شاهي بزار، والس گنج، مارڪيٽ وارو ميدان، روهڙيءَ جي پل ۽ براج جي پل، اهو ڪهڙو هنڌ هو، جتي صبح سانجهيءَ ماڻهن جا ميلا نه هوندا هئا! بندر روڊ، سکر جي لئنسڊائون برج کان وٺي براج جي پل تائين، شام جو ڏسڻ وٽان هوندو هو- خاص طرح اهو حصو، جنهن ۾ سکر جا شاهوڙ ٻڌا واپاري، ٿلها پيٽ ڪڍيون، ڌوتيءَ جو پلؤ پاسي ڪيون، صندلن تي طول وهاڻن کي ٽيڪ ڏيون، پيا چلم جا بڙڪا به ڇڪيندا هئا ۽ ڪڏهن ڪڏهن غير ضروري هوائون به پيا خارج ڪندا هئا. سڄي ڏينهن جي واپاري اُٺي واڻي اگهن پاڙڻ جا نڇيڙا نبيرا به اتي ٿيندا هئا. سامهون درياءَ جي ٻئي ڪناري تان روهڙيءَ جي باغن مان ڏکڻ جون هيران هلنديون، سنڌوءَ جي سير سان پاڻ کي ڇـُـهنديون، لهرِن ۽ ڇولِن سان اک ٻوٽ ڪنديون، سڄي بندر روڊ کي اچي ٺارينديون. جيئن سج لڪندو ويندو، تيئن جهوٽا جهولڻ لڳندا، تان جو سج لٿو ناهي ۽ سڄو بندر روڊ ڇا پر سمورو شهر يخ ٿي ويندو. هر ڪنهن جو روح ريان کيان، سڀڪنهن جا لڱ ٺري پوندا، سڄي ڏينهن جي ڪوماڻ نڪري ويندي ۽ هرڪو تراوت ۾ اچي ويندو.

*      *      *

جڏهن سکر تي جوڀن هو، تڏهن مرحوم ”نياز“ جي شعر وسخن تي به جواني هئي- ڇڙي جواني نه پر ڦوهه جواني! پاڻ به جوان ته شعر به جوان، خيال به جوان ته نظر به جوان. سکر کي پنهنجي انهيءَ جوڀن واري زماني ۾ ”نياز“ جي جوان شعرن جي جوت جهٽڻ جو موقعو ميسر ٿيو.

پڙهندڙن کي ضرور خيال هوندو ته اصل قصو شروع ٿيو هو ”نياز“ مرحوم جي قضيي جو، هي ٻيون سوين ڳالهيون وچ ۾ ڪٿان اچي ويون، ليڪن چوندا آهن:

خوشتران باشد کہ سر دلبران،

گفتہ آيد در حديثِ ديگران.

سو جيسين ’حديث ديگران‘ نه ٿيندي، تيسن ’سر دلبران‘ سنئون ئي نه ٿيندو. ازان سواءِ اهي سڀئي داستان به ته پنهنجن جا ئي هئا! دوستن جا، شاعرن جا، ڏٺلن جا، وائٺلن جا، لاڙڪاڻي جا قصا، سکر جا داستان، انهيءَ دور جو سڄو ماحول، حال ۽ احوال، منظر ۽ پس منظر، جنهن ۾ ”نياز“ هو، جنهن ۾ ”نياز“ شاعري ڪئي، جتي ۽ جن سان ”نياز“ رهيو، آخر جيسين انهيءَ سموري دور ۽ عهد تي نظر نه ڪئي ويندي، تيسين سندس شعر جي محرڪات جو پتو ڪيئن پوندو! ”نياز“ جي شعر ۾ جيڪو رس ۽ راز آهي، جيڪا جواني ۽ امنگ آهي، ان جا اسباب ڪيئن معلوم ٿيندا! ڪهڙن سنگتِين ۽ ڪهڙن ساٿين ۾ سندس عمر گذري! انهيءَ زماني ۽ انهيءَ دور ۽ انهيءَ سمي جو ڪهڙو رنگ روپ هو! اهي سڀئي تصويران ضرور ذهن ۾ وهارڻيون آهن. تنهنڪري جيڪڏهن ’سر دلبران‘ درڪار آهي، ته ’حديث ديگران‘ کان سواءِ نه چارو نه چاڙهو آهي. ٻيءَ حالت ۾ جيڪڏهن ”نياز“ جي فقط سوانح بيان ڪرڻي هجي ته هوند اها ته چند سٽن ۾ به پوري ڪري سگهجي ٿي، مثلاً:

’نواز علي نالو، ”نياز“ تخلص، والد جو نالو محمد آچر، اصل لاڙڪاڻي جو ويٺل، 18 آڪٽوبر 1892ع ۾ ڄائو ۽ 12 نومبر 1959ع جو فوت ٿيو. پهريون لاڙڪاڻي مدرسي ۾ ماستر ٿيو. انهيءَ وقت، جنهن وقت ڊاڪٽر دائود پوٽو اڃا 3-4 درجي ۾ هو ۽ محمد ايوب کهڙو به ٽئين درجي ۾ هو. اها نوڪري ڇڏي، ”نياز“ پوءِ روينيو کاتي ۾ آيو ۽ ترقي ڪري وڃي مختيارڪاريءَ تي پهتو، جتان آڪٽوبر 1947ع ۾ رٽائر ڪري، اچي گهر ۾ مڪين ٿيو.‘

بس اها نياز جي سوانح آهي. بلڪل معمولي ۽ عامي، جنهن ۾ ور وڪڙ ڪونه، بلڪ سنئين سڌي .جي شاعري نه ڪري ها، ته ڏانهس ڪير توجهه ڪري ها؟ ڪنهن کي پـَـئي آهي، جو لاڙڪاڻي جي نواز عليءَ ڏي ڌيان ڏئي؟ ڪيترائي آچر خان ٿيا هوندا، جن کي ڪيئي نواز علي ڄاوا هوندا! هزارين مختيارڪار ٿي مئا هوندا! ڪنهن کي گتي پئي آهي، جو انهن کي ويهي ياد ڪري! زمانو ڪنهن جو يار ٿورو ئي آهي. هي نواز علي ”نياز“ هو. سنڌيءَ جو شاعر هو ۽ اسان جي فنڪارن ۾ چوٽيءَ جو فنڪار هو ،تنهنڪري مون کي ضرورت پـَـئي آهي، جو سندس ذڪر ويٺو ڪريان، سندس ڇا بلڪ سندس شاعريءَ جو، ۽ اِنهيءَ ڪري ئي لازم آهي ته سندس دور جو خاڪو پيش ڪجي، يعني سندس شاعريءَ جو پس منظر سامهون آڻجي.

*      *      *

الغرض، سکر جي اهڙي روح پرور ۽ راحت رسائيندڙ دور ۾، جڏهن ته اڃا نه ڪنهن جي دلـِـين تي داغ رسيا هئا، نه ڪنهن جي سيني ۾ سوزش پيدا ٿي هئي، نه اڃا ڪنهن کي ڏک ۽ سور ئي رسيو هو ۽ نه انهن ڏکن ۽ سورن ناسور جي شڪل اختيار ڪئي هئي- سڀڪو خوش، ريان کنيان، ڪنهن کي ڪنهن جي ڳڻتي ڪانه، اسان [6] کي اچي خيال ٿيو ته ڪو وڏو مشاعرو ڪرائجي. محمد اسحاق خان مرحوم به هائو ڪئي. ڪن سنگتـِـن به دل ٻڌرائي. البت نظر علي خان ٽٻيءَ ۾ اچي ويو. هيو مڙس دورانديش ۽ دوررس. لاڙڪاڻي جا شاعر به اچڻا هئا. انهن جي رهائڻ، ماني کارائڻ ۽ خدمت چاڪريءَ جو به معاملو درميان هو، سو بنان سوچي سمجهي جي ائين هائو ڪري سندس پاليسيءَ موجب سراسر ناعاقبت انديشي هئي. ڪيترن ڏينهن جي صلاح مشوري پڄاڻان جڏهن مهمانن جي رهائڻ ۽ کارائڻ جو بار ٻين جي ڪلهي تي پئجي ويو، تڏهن آغا صاحب مرحوم وڏو ٽهڪ ڏئي فرمايو ته:

”آغا منهنجا! واهه جو ليءِ ٿيندي!“

بظاهر ته مشاعري جي تحريڪ جو مجازي سبب اهو ئي هو ته سکر جي ماحول ۾ مشاعرا ڪرائي، هڪ ادبي ذوق پيدا ڪجي، ليڪن درپردي جيڪو حقيقي سبب هو، سو ڪو اور هو. پڙهندڙ وري خيال ڪندا ته وري وچ ۾ پيون گهوٻيون لڳن! پر ڇا ڪجي، جيسين اصلي قصي جا سڀئي پهلو بيان نٿا ڪجن، تيسين ڳالهه نه مڪمل ٿئي ٿي، نه رس رکي بيهي ٿي.

دراصل قصو هي آهي ته انهيءَ زماني ۾ سکر جي خوجن واري پاڙي ۾ هڪ نهايت ئي حسين ۽ جميل جوانڙو رهندو هو، جنهن لاءِ نظر علي خان جي راءِ هئي ته قبول صورت آهي ۽ اڃا ”شڪر پشم[7] “ ڪونه ٿيو آهي، مطلب ته مجاز ڪمائڻ جي بلڪل مناسب موزون آهي. ”سنڌ زميندار“ جي دفتر ۽ ”سنڌ زميندار“ جي اداري سان انهيءَ ڇوڪر جا تمام گهرا تعلقات هئا. خدا بخشيس، نظر علي خان مرحوم جيتوڻيڪ سخت متقي ۽ پرهيز هو، تاهم طبيعت جو به ڏاڍو شگفته ۽ زندهه دل هو. ڪنهن دلپسند ڇوڪر سان دوستي رکڻ يا ان ۾ دلچسپي وٺڻ ۾ کيس ڪوبه اعتراض نه هو، نه ان ۾ کيس ڪا قباحت نظر ايندي هئي. باقي رهي لوڪ لڄا، سو جيڪڏهن نيت نيڪ آهي، ته ان جو ڀؤ ڀولو نه آهي. جڏهن نظر علي خان انهيءَ مسئلي جي جواز ۾ تقرير ڪندو هو، تڏهن تصوف جي سموري تاريخ آڻي اڳيان رکندو هو. ”مجالس العشاق[8]“ کان وٺي ”مونس جان[9]“ تائين، ’لسان لغيب‘ جي ’ترڪ شيرازي‘ کان وٺي مولانا جاميءَ جي:

بلوح اول، الف بي تا نخواني

ز قرآن درس خواندن ڪــي  تواني،

تائين وڃي پهچندو هو. مرحوم کي بلڊ پريشر جي شڪايت هئي. جڏهن اهو نوجوان دروازي کان ايندو هو، ان وقت جذبي ۾ خون جي حرارت وڌي ويندي هئس ۽ سڄو چهرو سرخ ٿي ويندو هيس. ان وقت مرحوم جي منهن تي جيڪا مرڪ نمودار ٿيندي هئي، سا سندس دل جي سچي نمائندگي ڪندي هئي.

*      *      *

’لسان الغيب‘ جو نالو اچي ويو آهي ته ٻيو هڪ قصو به دل تي تري آيو آهي. جڏهن مجاز جي ساز تي ننهن لڳو آهي، ته ڪجهه ٻيو به ٻڌي وٺو. موقعو اهوئي آهي، ان کان پوءِ وري نوان سوان ٿي اڳتي الاتهار ڪنداسي.

”سنڌ زميندار“ جي دفتر مٿان هڪ هندو وڪيل رهندو هو، جنهن جو ڇوڪر به قيامت کان ڪم ڪونه هو. ڏاڍو مليح چهرو، ڳالهائڻ ۾ ميٺاج، هلڻ ۾ هڪ ادا، نڪ نقشو سهڻو، وار ڏاڍا وڻندڙ، انهن جون ڪجهه چڳان هميشهه پيشانيءَ تي پيون لهر هڻنديون هيون. درحقيقت وارن جي انهن ئي چند چڳن سڀ کان پهريون نظر علي خان جي نگاهن کي ڇڪيو، ورنه کيس ايڏنهن خواب و خيال به ڪونه هو ته ڪو مجاز جي مارِن ٻيو دام به بنهه ئي وٽ پاسي ۾ وڇائي ڇڏيو آهي!

معاملو هندن جو هو، جن کي نظر علي خان سان  دلچسپي ته ڪانه، پر مورڳو ئي کانئس پرهيز هئي. آخر وڏي جدوجهد بعد ڇوڪر جي پيءُ سان سنگت رکيائين. ان کان پوءِ کيس ان تي آماده ڪيائين ته ڇوڪري کي انگريزيءَ سان گڏ فارسي به پڙهائي، جنهن جي ٽيوشن جو ذمو محض دوستيءَ ۽ پاڙي جي لحاظ خاطر نظر علي خان پاڻ تي هموار ڪيو. تير نشاني تي ويٺو، داءُ پورو لڳو، بازي جيتجي وئي.

بمڪتب ميرود طفلِ پريزاد،

مبارڪباد مرگِ نو به استاد.

درس جي شروعات حافظ جي هيٺئين بيت سان ٿي:

ڪــي دهد دست اين غرض، يا رب! کہ همدستان شوند،

خاطرِ مجموع ما، زلفِ پريشانِ شما.

”هندستان“، ”خاطر مجموع“ ۽ ”زلف پريشان“ جون معنائون مختلف صورتن ۾، ور ور ڏيون نظر علي خان پيو سمجهائيندو هيس. اڄ انهيءَ واقعي کي سال ٿي ويا. نه اهو چنديرام رهيو، جنهن کي پيار مان اسان سڀ “چندو” سڏيندا هئاسي، ۽ نه اهو آغا مرحوم ئي رهيو. اڄ جڏهن اهو منظر ياد پوي ٿو، ڄڻ دل جا ڳچ ڳريون ٿا پون، ڪهڙي نه نادر نموني پيو سمجهائيندو هيس! پڙهائڻ ۾ ڪيتري نه طوالت ڪندو هو، جيئن ڀل ڪجهه وقت وٽس ويٺو رهي. ڪهڙي نه مٿس ڪيفيت هوندي هئي، ڪيترو نه سندس مٿان رعب چڙهيل هو، ڪيئن نه تمنائن ڀريل اکيون مٿي کڻي وري جهٽ ۾ حجاب کان هيٺ ڪري وٺندو هو. يڪساهيءَ چندوءَ جي چهري کي ڏسڻ جي نڪا سندس اکين کي توانائي هئي، نه سندس دل کي همٿ هئي. مطلب ته سندس عالم ڏسڻ وٽان ٿيندو هو. ان وقت ته کلندا هئاسي، ليڪن اڄ ڄڻ ڏک پيو ٿئي. ”حافظ“ جي انهيءَ غزل جا شعر جڏهن مرحوم سُر ۽ سوز سان پڙهندو هو، ان وقت ته نه ڇڙو سندس دل ۾ محشر ۽ ماتم هوندو هو، ليڪن اسان به ان جي صداءِ بازگشت پنهنجن دِلين ۾ پيا ٻڌندا هئاسي. چوندو هو:

عزم ديدارِ، تو دارد، جان برلب آمده،

باز گردد يا بر آيد، چيست فرمانِ شما؟

دل خرابي ميڪند، دلدار را آگهه ڪنيد،

زينهار، اي دوستان! جانِ من و جانِ شما!

گرچه دوريم، از بساطِ قرب همت دور نيست،

بندة شاهِ شمائيم وثنا خوان شما.

دور داراز خاڪ و خون دامن، چوبرما بگذري،

ڪاندرين ره، ڪشتہ بسيار ند قربان شما.

نظر علي خان جي انهيءَ مجازي مڪتب مان ڇوڪر کي جيڪڏهن پڻس جلد اٿاري نه وڃي ها، ته نه ڇڙو ’مديرن‘ بلڪ ”سنڌ زميندار“ جي ’سر دبيرن[10]‘ جو جهڳو به جهڻ ٿي وڃي ها.

خير اهو واقعو ته پوءِ جو آهي، جڏهن جاءِ جي مالڪ ٽن سالن جي مسواڙ جي اسان تي دعويٰ ڪئي ۽ اسان سيلاٽن جي پاڙي واري جڳهه خالي ڪري، انهيءَ جاءِ ۾ وڃي ويٺاسي، جتي وچين دروازي جي مٿان مرحوم ’سنڌ زميندار‘ جو اهوئي غالباً پراڻو بورڊ اڄ به لڙڪي رهيو آهي ۽ سالن ۽ ايامن پڄاڻا اڄ به ڪڏهن ڪڏهن هوا جي جهوٽن تي کڙڪي، ايندڙ ويندڙ جو توجهه پاڻ ڏي ڇڪائي، زبان حال سان پيو پڪاري:

وه جو بيچتـي  ٿي  دوائي دل وه دڪان اپني بڙها گئــي

*      *      *

اهو قصو ته موقعي جي مناسبت سبب وچ ۾ اچي ويو. اصل ڳالهه مشاعري جي سلسلي ۾ ڇيڙي هئيسي انهيءَ ڇوڪر جي، جيڪو خوجن جي پاڙي ۾ رهندو هو. نظر علي خان جي ساڻس به ڏاڍي دلچسپي هئي. هڪ طرف کيس ڏسي، سندس دورانِ خون تيز ٿي ويندو هو، ۽ ٻئي طرف جيسين هو ويٺو هوندو هو، تيسين پاڻ نماز لاءِ به ڪونه اٿندو هو. اهڙن ئي وقتن تي اسلام جي ڏنل سهولتن مان مرحوم فائدو وٺندو هو. اها به ته وڏي سهولت هئي، جو نماز قضا پڙهي سگهجي ٿي! نظر علي خان جي ايتري انهماڪ هوندي به ڇوڪري جي پنهنجي اها دعويٰ هوندي هئي ته هن جي دوستي محض رشدي صاحب سان آهي ۽ هو پريس ۾ جيڪو اچي ٿو، سو فقط ساڻس ملڻ- ٻين سان سندس کلي ڳالهائڻ ڇڙو اخلاقاً آهي. ڇوڪر جي انهيءَ دعويٰ کي جناب راشدي صاحب به رد ڪونه ڏيندو هو. دلين جو پارکو ته آهي الله، ان کي خبر ته اصل معاملو ڇا هو.

اهو ڇوڪرو هڪ ته پنهنجي سر ئي وڏو فتنو هو، ويتر ڪڏهن ڪڏهن شعر به چوندو هو ۽ پڙهندو به ڏاڍو ليءِ ۽ انداز سان هو. اهوئي ته سبب هو، جو ”الوحيد“ کان پوءِ مسلمانن جي نمبر ٻئي قومي اداري جا اهلڪار مجاز ۾ مبتلا ٿي پيا هئا. سکر ۾ مشاعري سڏائڻ جو حقيقي سبب هو اهو ڇوڪر. اصل ۾ هن کي ئي پنهنجي حسن صورت ۽ حسن ڪلام جو مظاهرو ڪرڻو هو، جنهنڪري اسان سڀني آل سنڌ مشاعري جو وٺي مامرو مچايو.

تاريخ جو اعلان ٿيو، دعوتون ڏجي ويون، انتطاميه ڪميٽي ٺهي وئي، رهڻ ۽ کائڻ جو بلو ڪيو ويو، هڪ ڏينهن اوچتو نظر علي خان سڙان کامان ڪندو اچي مٿان بيٺو. چپن تي خشڪي، منهن تمام ڳنڀير، اکين ۾ سرخ ڏورا، ٽوپي هڪ طرف، ڪوٽ ٻئي طرف، جتي پيرن مان لاهي، آرام ڪرسيءَ تي ڪري پيو. چي:

”خدا جي مار پويوَ! ڇوڪر دوست اوهان جو، وچ ۾ ويل مان مسڪين سان ٿي ويو!“

اسان سڀ وائڙا. جڏهن ٺريو، تڏهن معلوم ٿيو ته لاڙڪاڻي جا نه فقط سڀئي شاعر ٿي آيا، بلڪ ڪيترا ٻيا معزز به اچي رهيا هئا. ڳوٺائي جو آيا ٿي، سو ٻيو نه، تڏهن به چانهه پاڻي ڪرڻ ته نظر علي خان کي ضرور جڳائيندو هو. جي نه ڪري ته عمر لاءِ ڪنڌ هيٺ، مهڻيهاب، اکيون سدائين لڄي! بس اِهو هو اُهو ويل، جنهن جي ڪري نظر علي خان آرام ڪرسيءَ تي پاڻ ڇڏي، سنئون ٿي پيو هو. اها اصل شناخت هئي انهيءَ ڪنجوسيءَ جي، جنهن کي مرحوم اصراف نه ڪرڻ واري شرعي دفعي هيٺ آڻي، جائز بلڪ لازم بڻائي ڇڏيو هو. ڪنجوسيءَ جو قصو آيو ته ان جو تفصيل ٻڌڻ ۽ ٻڌائڻ واجبي آهي، پوءِ ٿا اڳتي وڌون.

اسان وٽ پريس ۾ بورچي ڪونه هوندو هو. ان جي پگهار جو مسئلو ته پوءِ ڇڙي- پهريون ته اسان مانيءَ تي جڏهن ايترو خرچ ڪيون، جنهن لاءِ بورچيءَ جي ضرورت پوي! ڪڏهن تورِن جي ڀاڄي، ڪڏهن سائي پالڪ ان ۾ هرٻو به گڏيل، ڪڏهن روح سٽ ڏئي ته مريڙي جي مٺ- انهن ڀاڄين سان ڪڏهن ماني ته ڪڏهن چانور. مانيءَ جي انهيءَ مينو جو نالو آغا صاحب رکيو هو ”نيم نان صحت جان“. اهڙي مختصر معاملي لاءِ ڪهڙا ويهي بورچي رکجن! ڪڏهن آغا صاحب پاڻ تيار ڪري وٺندو هو ۽ ڪڏهن مان. ڪنهن وقت ٻـَـئي ڪم ۾ هوندا هئاسي، ته ڪنهن ڪمپازيٽر جي ذريعي سرانجاميءَ جي صورت نڪري ايندي هئي. دراصل روح ته آخر انساني هو، پيٽ ته نيٺ ٻين ماڻهن جهڙو هو، نفس کي به اهي ئي خواهشون هونديون هيون جيڪي ٻين جي نفس کي ٿين ٿيون، دل به اهائي سَڌَ ڪندي هئي جيڪا ٻين جي دل ڪندي هئي. ليڪن پئسو سڄو آغا صاحب جي حوالي. اهو پاڻ ڪنجوس. مارڪيٽ به اهو وڃي. بورچي هجي ڪونه. گوشت ۽ ڪڪڙ ڪيئن اچن، ڪيئن پچنّ! دال جو نالو رکيو هئائين ”دعوت شيراز“. جڏهن دال پچندي هئي، تڏهن مرحوم کلي، ٽهڪ ڏئي، چوندو هو:

”آغا منهنجا، سبحان الله! اڄ دعوت شيراز آهي. موجان ڪبيون.“

منهنجي پگهار پنجاهه رپيا، سا به ملي ڪانه. تنهنڪري لاچار ”نيم نان صحت جان“ واري نسخي تي عمل ڪرڻو پوندو هو. باقي رهيو آغا صاحب، سو دراصل ته بخل سبب ڀاڄيون واپرائيندو هو ۽ بظاهر بهانو ڪندو هو بلڊ پريشر جو، حالانڪ اهو بلڊپريشر جيڪو پنهنجي خريد ڪيل گوشت کائڻ سان وڌي ويندو هو، انهيءَ وقت بلڪل نارمل  ٿي ويندو هو، جڏهن سائين ڪرم علي شاهه يا ڪنهن ٻئي دوست وٽان رڌل ماني ايندي هئي، جنهن ۾ پلاءَ جي پهلوءَ ۾ ڀونن ۽ شبينن جا رڪاب رکيل هوندا هئا. يا جڏهن ڪٿي دعوت تي ويندا هئاسي، ان وقت به گهران نڪرندي ئي نظر علي خان جو پريشر نارمل تي اچي ويندو هو.

چِٽو ياد نه آهي، ليڪن زمانو گذري ويو رڌ پچاءُ ڪندي ۽ لوڻڪ مريڙو کائيندي هڪ ڏينهن صبح جو ساجهر ڏسان ته آغا صاحب لڏندو اچي ٿو هڪ ماڻهو به سندس پٺيان آهي، جنهن جي هٿ ۾ ڇـَـلي آهي. آغا صاحب مارڪيٽ ڪري موٽي آيو، ۽ ايندي واٽ تان مدرسي دارالهديٰ ٺيڙهيءَ جو هڪ مفرور ٿيل شاگرد به بطور بورچيءَ جي هٿ ڪيون آيو! اچڻ سان وڌائي ڏَئي، چيائين:

”آغا منهنجا! هاڻي مٿي هيٺان وهاڻو ڏَئي سـُـمهي رهه!“

*      *      *

مدرسي دارالهديٰ ٺيڙهيءَ جي مناسبت سان ڪيئي ڳالهيون ياد اچي پيون آهن، سنڌ جا شهري مدرسا، ڳوٺاڻا مڪتب، ملا مڪتب، مسجدن جي نکن تي ’آمد نامو‘ ’وايو‘ ’ٽوايو‘ پڙهائڻ، ڪريما، يوسف زليخان، گلستان ۽ بوستان، سڪندر نامو ۽ بهادر - دانش جا سبق، انهيءَ دور جا استاد، عالم، پڙهڻ ۽ پڙهائڻ جو ڍنگ ۽ طريقو، مدرسن ۽ مڪتبن جو نمونو ۽ نظام، تعليم جو مطلب ۽ مقصد، اهي سڀ اهڙا عنوان آهن، جن تي ڪيئي واقعا ياد اچن ٿا- ڪهڙا ڪري ڪهڙا ڪجن. انهيءَ لاءِ جدا دفتر درڪار آهن.

انهيءَ دور ۾ گهڻو ڪري سنڌ جي هر شهر بلڪ هر ڳوٺ، واهڻ ۽ وستيءَ ۾ وڏا مدرسا ۽ ننڍا مڪتب هوندا هئا، جن جا استاد پنهنجي پنهنجي دور ۾ نه ڇڙو علم جا اڪابر هئا بلڪ عرفان ۽ طريقت جا صاحب به هوندا هئا- نهايت پاڪباز، پاڪ طينت، صحيح صورت ۾ ديني بزرگ ۽ نوراني خوبين ۽ خصلتن جا مالڪ جن جي ڏٺي ۽ جن سان صحبت ڪندي انسان کي الله ۽ رسول جي ياد اچي ويندي هئي. اڄوڪن مانر ملن کي ڏسي غلط فهميءَ ۾ مبتلا ٿيڻ نه گهرجي، اهي ڪي سوکڙيون ئي اور هيون. ڪيترا بزرگ هـِـن دور يا هن کان ٿورو اڳ واري زماني ۾ اهڙا ٿي گذريا آهن، هوند اُهي جيڪڏهن سنڌ کان ٻاهر هجن ها ته اڄ مولانا حسين احمد مدني، ابوالڪلام آزاد، شبلي ۽ سليمان ندويءَ کان ٻه قدم اڳ ليکيا وڃن ها، ليڪن ڇاڪاڻ ته هو هن گوشائتي ۽ بدقسمت ملڪ ۾ رهيا، تنهنڪري ”گهر جو پير چلهه جو مارنگ“ ٿي ويا. اڄ ڪن جا نالا دل تي تري اچن ٿا، سڀاڻي انهن نالن ٻڌائڻ وارو به ڪونه ملندو. هيءُ سنڌ جو اگرچه زوال ۽ غلاميءَ جو دور آهي ان هوندي به سوين صورتون اهڙيون آهن، جن جي سيرت صحابـِـن جهڙي پئي لڳي. ڪيترا جيئرا آهن، ڪي ڪجهه سال اڳ راهه رباني وٺي ويا، ليڪن آءٌ پاڻ کي خوشقسمت سمجهان ٿو، جو انهن بزرگن مان ڪيترن جي نه ڇڙو زيارت نصيب ٿي بلڪ سندن خدمت گذاريءَ جي سعادت پڻ نصيب ٿي. انسان ويسر جو گهر آهي، ڪنهن کي ياد ڪري ڪنهن کي ڪجي، تنهن هوندي به جيڪي نالا دل تي تري آيا آهن، تن ڀلارن جي فهرست خود ڪا ٿوري ڪانه آهي، مثلاً:

(1) مولانا حبيب الله پراڻي ديري وارو.

(2) حضرت مولانا خوش محمد صاحب ميروخاني، بزرگ عالم ۽ نهايت نيڪ ۽ شريف نفس انسان، منهنجو شفيق ۽ مهربان هو - تازو 1977ع ۾ فوت ٿيو آهي.

(3) حافظ محمد صديق ڀرچونڊي شريف وارو، پير سائين روضي ڌڻيءَ جي سلسلي سان تعلق هين، پيريءَ مريديءَ ۽ سجادي جو صاحب هو.

(4) مولانا حبيب الله ڪاڻين وارو- مشهور هو، مون کين ڪونه ڏٺو.

(5) مولانا غلام عمر جتوئن وارو- بيحد مشهور ۽ مدرسي جو صاحب هو.

(6) حضرت مولانا تاج محمود امروٽي، بزرگ، صاحب سنت، برگزيدو ۽ قومي درد رکندڙ، انگريزن جو ڪٽر دشمن ۽ انهيءَ دور جي مذهبي ۽ قومي تحريڪن جو روح روان، خلافت، عدم تعاون ۽ هجرت واريءَ تحريڪ جو علمبردار، مولانا عبيدالله سنڌيءَ جو پيشوا، 1934ع جي قريب فوت ٿيو، اولاد ڪونه هين، سندن ڀاڻيجو ميان نظام الدين سجاده نشين ٿيو، جيڪو اسان جو شخصي دوست هو.

(7) حضرت قاضي عبدالرزاق ترائي وارو- اسانجي ڳوٺ جي ڀر ۾ وڏي پائي جو بزرگ، زبردست حڪيم، ۽ صاحب نسبت عالم ۽ عارف هو. سندس فرزند قاضي محمد رفيق سالن جا سال منهنجو رفيق، همراهه ۽ همراز رهيو. حضرت قاضي صاحب جي تاريخ وفات آهي:

آه از رحلتِ بَـليــغ زمـــــان

صــــاحــب شرع ورع ذوالاحسان

عــــالــم بي بـنــظير خائفِ حـق

زاهــــد و راست گــــو خليق لـِـسان

جــــز خداوند خـــــود نمي آوارد

روي دل را بــخـــواهـــش انــســـان

در فضــــائل علــوم دين هديٰ

بــيگمــــان بــــود ثــــانيءَ نــعمـان

عارف وزنده دل جميل صفات

آمــــرالــعــرف نـــاهــي الــطــغيـان

مـــولوي ذي علوم عبدالرزاق

رڪـــن اســــلام فـخر اهــل ايمان

حــــاجي و حـــافظ و حـــدودلله

غير حق از ڪسي نخواست امـان

واري حــســـرت ز انتقــال چنيـن

عـــــــالــــم بــي بـــدل فقيهه زمـان

نــــقــد گنجينهءِ عــــلــوم هـــدا

رفــــقهِّ بــي عـــديـــل پـــر امــعـــان

روز تــــرحـيــلـــش دوشنبه بـود

ســــابــع از مه مــبـــــارڪ رمضـان

از من وصــــل سر طرب ببريد

مـــقدمش کـــرد حـــق درون جنان

اها تاريخ مولوي محمد صالح ڊکڻن واري جي چيل آهي. ٻي تاريخ آهي:

مولوي صاحب فِضيلت عالمِ علم اِلهدا

ڪاشف رمزِ شــريعت جامع ورع  وتقا

در علوم فقهه و منــطق در تفاسير و حـديث

صدر علما، زيب فقها، مصدر جود و وفا

حاجي عبدالرزاق اندر جهان مشهور بود

در فضائل ظاهر و باطن چوشمس اندر سما

در همہ اوصاف ديني بر ترو بي مثل بـود

ڪزهمہ اهــل زمــان مستغنيش کرده خــدا

در فنون علم تحرير مسائل، بي نظير

گرز معمان ثانيش خوانم ڪجا باشد خطا

در جهان از انتقالش صد هجوم آمد پــديد

اهـل دين از فرقتش در گــريہ و اندو هها

روزيـک شنبه زرمضان هفتمين تـاريخ بود

کــــان بليغ از دهر فاني شد روان سوئي بقا

بي سر، حسـرت  برآمد مادهِّ تاريخ او

دنيــــا زنقل اينچنين ميمون بقا (1331هه)

قاضي محمد رفيق مرحوم جي قول مطابق قاضي صاحب مرحوم 60 ورهن جي عمر ۾ انتقال ڪيو. ابتدائي تعليم پنهنجي والد وٽ ٿي، باقي تعليم جندي ديري جي مولانا محمد حسين ڀٽه وٽ، ۽ آخري سبق تبرڪاً حضرت همايونيءَ وٽ ورتائون. سندن مزار ترائيءَ ۾ آهي. مولوي خادم حسين جتوئي سندس ڪيترن شاگردن مان هڪ هو.

(8) مولانا مفتي محمد قاسم ۽ مولانا مفتي محمد ابراهيم صاحب ڳڙهي ياسين وارا. ٻـَـئي صاحب پنهنجي دور جا جيد استاد ۽ صاحب فتويٰ عالم هئا. پويون بزرگ مون تي خاص مهربان هو. ڳڙهيءَ ۾ سندس خدمت ۾ ڪيترا دفعا حاضر ٿي، استفادو ڪري روحاني تسڪين حاصل ڪيم. مولانا محمد قاسم جي وفات 1349هه ۾ ٿي. سندن والد جو نالو مولانا محمد هاشم هو، جو پڻ پنهنجي دور جو استاد زمان هو، 1322هه ۾ فوت ٿيو. مولانا محمد ابراهيم چند سال ٿيا جو وفات ڪئي.

(9) مولانا عبدالغفور همايوني (ولد حضرت خليفو محمد يعقوب متوفي 1336 هه بن رئيس محمد مبارڪ) جو مذڪور اچي چڪو آهي. همايون جو نالو ۽ انهيءَ شهر کي آبرو ۽ عزت سندن ذات سبب هئي. مولانا محمد قاسم ۽ مولانا عبدالغفور همايونيءَ جا ڪتب خانا اپر سنڌ ۾ مشهور هئا. مولانا شهداد ڪوٽيءَ جو ڪتب خانو به پنهنجي نالي سان هو. سڀڪجهه غالباً برباد ٿي ويو. سنڌ جو ڪيترو سرمايو ڏسندي ڏسندي هليو ويو، ڪنهن سار ڪانه لڌي، ڪنهن کي سماءُ ڪونه پيو، ڪو ڌڻي ڌوري ڪونه ٿيو. ساڳي حالت شڪارپور جي علوين جي ڪتب خاني سان ٿي. امروٽيءَ بزرگ جو ڪتب خانو به ويو.

(10) مولانا غلام صديق شهداد ڪوٽي (متوفي 1323هه)، پنهنجي دور جو خدا رسيدو بزرگ هو، منهنجي سانڀر کان چند سال اڳ وفات ٿين. شاهه سائين تراب علي شاهه ۽ ميان سائين حسين شاهه سندن ذڪر ڪندي ڪندي اکين مان هميشہ لڙڪ وهائيندا هئا.

(11) مولانا محمد صادق کڏي وارو، مشهور عالم، اهل دل بزرگ ۽ قومي تحريڪن جو سربراهه،
مولانا عبيدالله جو عقيدتمند. آخري دور ۾ مون سان خاص عنايت هين.

(12) مولانا عبدالڪريم درس ڪراچيءَ وارو. منهنجي سانڀر کان اڳ فوت ٿيو. اسان جي دور ۾ سندن فرزند ڪراچيءَ جي بزرگن ۾ شامل هو.

(13) مولانا عبدالرحمان سکر وارو- اهل الله، فاضل، عالم، صاحبِ نسبت ۽ وڏي درجي جو بزرگ هو. منهنجي سانڀر کان ٿورو اڳ هي جهان ڇڏي ويو.

(14) مولانا خدابخش رتيديري وارو.

(15) مولانا عبدالرزاق ڍوري ناري وارو.

(16) مولانا خادم حسين جتوئي رتيديري وارو، مشهور قومي ڪم ڪندڙ ۽ هاري تحريڪ جي روح روان مولانا نذير حسين جتوئيءَ جو والد بزرگوار. مون کين ڪونه ڏٺو.

(17) مولانا محمد صادق راڻيپور وارو. حڪيم، عالم، ذهين ۽ ڪيترين خوبين جو بزرگ هو. مون تي مهربان رهيو.

(18) مولانا عبدالرحمان ميمڻ شڪارپوري.

(19) مولانا مفتي صاحبداد صاحب سلطان ڪوٽي، اسان جو دوست، مهربان ۽ طبيعت جي لحاظ سان مکڻ ماڻهو هو.

(20) مولوي عبدالله مدئجيءَ وارو.

(21) مولوي عبدالله ڊکڻن وارو.

(22) مولانا قمرالدين انڍڙ.

(23) مولانا حمادالله صاحب هاليجيءَ وارو، صاحبِ نسبت ۽ صاحبِ طريقت بزرگ هو. تازو فوت ٿيو.

(24) مخدوم حسن الله پاٽ وارو.

(25) مخدوم مولانا محمود پاٽائي.

(26) مولوي محمد هاشم ملاح دادو.

(27) امير محمد شاهه صاحب اميناڻن وارو. مون ساڻن ملاقات ڪئي.

(28) مولوي غلام محمد صاحب ملڪاڻن وارو.

(29) مولوي محمد صديق سيتائي، مشهور اخبار نويس مولانا عبدالغفور سيتائيءَ جو نانو.

(30) مولانا نثار احمد سيتائي، مولانا سيتائي موصوف جو برادر بزرگ.

(31) مولوي نبي بخش اوڍو، جيڪب آباد.

(32) مولوي عبدالنبي شاهه، جيڪب آباد.

(33) مولوي اميد علي صاحب، جيڪب آباد.

(34) مولوي عبدالمجيد لاشاري، جيڪب آباد.

(35-36) مولوي نبي بخش ۽ مولوي غلام مصطفيٰ ڪولاچي- ٻـَـئي ڀائر اوستي محمد جا ويٺل هئا.

(37) مولوي عبدالوهاب ڪولاچي، مٿين بزرگن جو ڀاڻيجو.

(38) مولوي عبدالعزيز، مانجهي پور، جيڪب آباد.

(39) مولوي در محمد ٺل وارو.

(40) مولوي عبدالله نوناري، رتوديرو.

(41) مولانا عبدالله بنگلديرائي.

(42) مولانا مير محمد نورنگي، قمبر.

(43) مولانا ڪريمداد، ٺوڙهي، قمبر.

(44) مولانا غلام محمد، ٺوڙهي، قمبر.

(45) مولانا محمد عاقل ”عاقل“ عاقلي، شاعر، خطاط ۽ پير سائين حزب الله شاه تخت واري جو مصاحب. اسان کيس آخري عمر ۾ ڏٺو ۽ ساڻن ملاقاتون رهيون. وٽن بهترين خطي ڪتاب هئا. زيب عاقلي سندس فرزند آهي.

(46) مولانا گل محمد صاحب شهداد ڪوٽي (متوفي 1306 هه) حضرت مولانا محمد صديق جن جو ڀاءُ.

(47) مولانا محمد عظيم، نصيرآبادي.

(48) مولانا عبدالڪريم، ڪورسليمان وارو. قمبر.

(49) مولانا محمد سليمان، ٿرڙي محبت وارو.

(50) مولانا عبدالڪريم، ڏوڪري وارو.

(51) مولانا حبيب الله نوناري، رتوديرو.

(52) مولوي غلام فريد، قمبر سپڙيا.

(53) مولانا محمد اسماعيل ڏتل ابڙو، قمبر.

(54) مولوي عطا محمد ڌڱاڻو، مهيسر.

(55) مولوي عبدالحليم ڀنڊ ڳوٺ.

(56) مولوي عبدالڪريم سيال ويٺل لڪ، بلوچستان

(57) مولانا عبدالله ڀٽو، وسايو ڀٽو.

(58) مولانا محسن علي شاهه، ميان جو ڳوٺ.

(59) مولوي محمد هاشم ڳڙهي وارو (متوفي 1322 هه) (شد اندرون بهشت).

(60) مولوي عبدالقادر رستم وارو.

(61) مولوي محمد عمر، دين پور وڪڙو.

(62) مولانا محسن شاهه، گهوٽڪي.

(63) مولانا پير فخرالدين شاهه، گهوٽڪي.

(64) مولوي شير محمد شاهه، گهوٽڪي.

گهوٽڪي ۾ هنن بزرگن جو مدرسو مشهور هو. مولوي نذير حسين جتوئي هن مدرسي ۾ پڙهيو. مرحوم پنهنجي شاگرديءَ واري دور ۾ مدرسي ۾ ملندڙ مانيءَ تي هيٺيون مذاقي شعر چيو، جيڪو بزرگن ٻڌي مانيءَ ۾ به اصلاح ڪئي ۽ نظم مان به حظ حاصل ڪيو:

از غذاي دال روٽي ڪون ما شد ڍولڪي،

مي سرايد از تبرڪ سيدانِ گهــــوٽڪي.

سيــدا! بهرِ خدا مسڪين هت نا مارجانءِ،

دال جي دريــاه مان ٻيڙو ٻڏن جو تارجانءِ.

پير فخرالدين کي پيغام هي پهچائجئين،

ڪڻڪ جي ماني ملي ڀل دال دڳ تي هارجان”.

(مولانا پاڻ لکي ڏنو. تاريخ 17-3-1961، ڳڙهي ياسين)

(65) مولوي نور محمد عادل پوري.

(66) مولوي عبدالقادر، پهنواري شريف جو (حضرت امروٽيءَ جو استاد).

(67) مولوي عبدالعزيز، ٿريچاڻي.

(68) مولوي محمد اسماعيل، گهوٽڪي.

(69) مولوي خدا بخش، ڀريا روڊ.

(70) مولانا شير محمد، خانڳڙهه شريف.

(71) مولانا حڪيم فضل الله شڪارپور. هن بزرگ سان مراسم رهيا.

(72) مولوي قاضي محمد عظيم شڪارپور، بهترين ڪتبخانو هين، آخري عمر ۾ مون ساڻن ملاقات ڪئي، پوءِ ستت ئي جهان ڇڏي ويا.

(73) مولوي عبدالحڪيم سومرو، شڪارپور.

(74) مولوي عبدالرحيم عباسي مفتي، خيرپور.

(75) مولانا محمد عثمان بلوچ، ڪراچي.

(76) مولانا نذير حسين جتوئي ”جلالي“ تخلص، منهنجو دلبر دوست، قومي ڪم ڪندڙ، بيحد ظريف الطبع، ذهين ۽ حاضر جواب، مجلس جو مور، بهادر ۽ هاري تحريڪ جي بنيادي ليڊرن مان هو. تازو وفات ڪري ويو. هيٺين ”سي حرفي“ هاري حقدار واريءَ تحريڪ جي سلسلي ۾ سندس تصنيف آهي.

الف - اٿي اڄ هاري تون، همت ڪر هڪ واري تون، بار کڻين ٿو باري تون،

تنهنجو عالم تي احسان- مرد مجاهد ڪر ميدان!

ب - بک ڏک ۾ گهارين ٿو، ڳڻتين ۾ مـَـنُ ڳارين ٿو، ڪنهن سان ڪين پـَـچارين ٿو،

پنهنجي اندر جو ارمان، مرد مجاهد...!

ٻ - ٻاڪارين بار سدا، نيڻ وهائين نار سدا، پنهنجا پڌارا پار سدا،

هردم حيرت ۾ حيران، مرد مجاهد...!

پ - پالين جڳ سارو تون، پاڻ پئين ڏڌ ڏارو تون، ڪين ڪرين واڌارو تون،

هر ڪنهن جو تون رزق رسان، مرد مجاهد...!

ڀ - ڀَڃُ بت بيڪاريءَ جو، خيال رکي خود داريءَ جو، نعرو هڻ نرواريءَ جو،

ٻَڌ سندرو ساهي جوڌا جوان، مرد مجاهد...!

ت - تـَـنَ کي تون تسيا ڏين، سختين ۾ شب روز رهين، سخت سدائين سور سهين،

سانڍين سورن جو سامان، مرد مجاهد...!

ج - جيئڻ جنجال چوان، هيڻون هاري حال چوان، پـَـروس ٿي پامال چوان،

ويڙها ورهن کان ويران، مرد مجاهد...!

چ - چپ توکي ڪين کپي، ڇو نه ٿي تنهنجي ديڳ تپي، ماري ويندئي ڪنڌ ڪپي،

ماٺ ۾ تنهنجو آ نقصان، مرد مجاهد...!

ڇ - ڇڏ غافل غفلت کي، زائل ڪر تون ذلت کي، حاصل ڪر هر عزت کي،

ملڪن ۾ ٿئي تنهنجو مان، مرد مجاهد...!

ح - حق پنهنجا حاصل ڪر، زور زبر کي زائل ڪر، ڪشتي سوري ساحل ڪر،

پاڻ ٿي پنهنجو ڪشتيبان، مرد مجاهد...!

خ - خرم خوشحال هجين، هردم مالامال هجين، هر ڪنهن جو رکپال هجين،

تنهنجو تابع جملي جهان، مرد مجاهد...!

د - دکن کان دور گذار، ڪاڻ نه ڪڍ ٿي رَهِّ خوددار، مور نه پنهجو پاڻ وسار،

آزاديءَ جو ڪر اعلان، مرد مجاهد...!

ذ - ذرو ويچار ڪيو، پاڻ نه هينئن لاچار ڪيو، گڏجي سڀ آچار ڪيو،

آهه اوهان جو ملڪ مڪانُ، مرد مجاهد...!

ر - رهبر ٿيءُ تون پنهنجو پاڻ، ساٿي ٿي رهه هڪٻئي ساڻ، منڪر نيٺ مڃيندو آڻ،

ويندس مٽجي نام نشان، مرد مجاهد...!

ز - زندهه ٿي زور ڏيکار، همت ڌاري ٻوٽو ٻار، غيرت وارا غيرت ڌار،

وقت اچي ٿو جاڳ جوان، مور مجاهد...!

س - سلامت سک سان گهار، ماڻ مزا وٺ موج ملهار، واهه وسي ٿي بوند بهار،

گجگوڙين ۾ آ مهراڻ، مرد مجاهد...!

ش - شهادت جو ڏس شان، منڪر موذي آ مروان، دائم قائم رک ايمان،

راضي رهندُءِ رب رحمان، مرد مجاهد...!

ص - صداقت تنهنجو شان، ش شهادت تنهنجو شان، سعادت تنهنجو شان،

سورههَ سوڀارا سلطان، مرد مجاهد...!

ض - ضرور ملهايو پاڻ، ڪوٽ ڪفر جا ڊاهيو پاڻ، سنڌ وطن کي ٺاهيو پاڻ،

پاڪ ڪيو هي پاڪستان، مرد مجاهد...!

ط - طالب رهه تون راحت جو، پنهنجي عزت عظمت جو، شان شاهانه شوڪت جو،

آهي شاهي تنهنجو شان، مرد مجاهد...!

ظ - ظالم جو ظلم نه سـَـههُ، ظلم ڪنان آزاد ٿي رههُ، ڏينهن ڏکيا ٿي ٽي يا ٻهه،

هردم هوندين تون شادان، مرد مجاهد...!

ع - عمل سان اڳتي وڌ، سندرو ساهي ٺاهي ٻـَـڌ، ڪين ڪجانءِ ٿي سڌڙيو سڌ،

هوندءِ هر مشڪل آسان، مرد مجاهد...!

غ - غريبي کان رهه دور، ان جي ويجهو وڃ نه مور، ٺاهه دنيا جو نئون دستور،

قائم ڪر تون امن و امان، مرد مجاهد...!

ف - فرحت سان وقت گذار، گهر ۾ اَنَ جا آڻ انبار، لـَـهه هر ڪنهن جي سار سنڀار،

هرڪو تنهنجو آ مهمان، مرد مجاهد...!

ڪ - ڪمال جو وقت آهي، وقت به نازڪ سخت آهي، جاڳيو تنهنجو بخت آهي،

بخت آ تنهنجو بي پايان، مرد مجاهد...!

گ - گذر اوقات ڏسو، هارين جا حالات ڏسو، مارين جا محلات ڏسو،

عزت تان ڪر سر قربان، مرد مجاهد...!

ل - لياقت ڌار هينئر، آئندو اوجار هينئر، ٿيندا ٻيڙا پار هينئر،

برپا تنهنجو آ طوفان، مرد مجاهد...!

م - مجاهد مرد ٿيو، هڪٻئي جا همدرد ٿيو، هردم فاتح فرد ٿيو،

جڳ ۾ جاري ڪر فرمان، مرد مجاهد...!

ن - نذيرا! ناصح تون، ڳالهه ڪئي آ واضح تو، ٿيندين آخر فاتح تون،

ڇاهي ظالم جو زندان، مرد مجاهد...!

و - وڌايو وک اڳي، ويري ٿو هر وقت وڳي، ڀاڙيو ڀڄندو چوٽ لڳي،

سـَـٽ نه سـَـهندو هي مـَـروان، مرد مجاهد...!

هه - هاري حقدار چوان، ملڪ سندو مهندار چوان، حاڪم خود مختار چوان،

جنهن جو آهي اعليٰ شان، مرد مجاهد...!

ي - يڪدم تيار رهو، همت سان هوشيار رهو، آڻي خودي خود دار رهو،

دائم، قائم رک ايمان، مرد مجاهد...![11]

(76-77) قلات رياست ۾ ڪٽبارن جو ڳوٺ آهي، جتان جا عالم سڳورا مشهور ۽ ڪيترن سنڌي بزرگن جا استاد هئا، جهڙوڪ ميان محمد حسن (متوفي 1350) ولد حضرت ميان تاج محمد (متوفي 1310) ۽ ميان محمد پناهه (متوفي 1348) ولد ميان تاج محمد. شهداد ڪوٽي بزرگ ۽ ڳڙهي ياسين وارا عالم سندن معتقد ۽ شاگرد هئا.

(78) مولانا تاج محمد ساڪن تاج لاشاري، بلوچستان.

(79) مولوي محمد اشرف، بلوچستان.

(80) مولانا عبدالله رتيديري وارو.

(81) مولانا ڪريمداد ساڪن ٺوڙي.

(82) مولانا فقير محمد ڪارڙائي.

(83) مولانا محمد بچل، لاڙڪاڻو.

(84) مولانا جمال الدين صحبت پوري، جيڪب آباد.

(85) مولانا عبدالوهاب ڪولاچي.

(86) مولانا عبدالرؤف، خانپور.

(87) مولانا محمد اسماعيل صاحب، ڳوٺ شاهلي.

(88) مولانا محمد مبارڪ، ميان جو ڳوٺ.

(89) مولوي لطف الله، يوسف ڪوٽي.

(90) مولوي محمد عثمان، ڪرن.

(91) مولانا عنايت الله آگرو.

(ميان محمد حسن ڪٽباري کان وٺي 91 نمبر تائين مولانا محمد هاشم ڳڙهي ياسين واري جا شاگرد هئا.)

(92) مخدوم محمد صالح پاٽائي.

(93) مولانا محمد حسن صاحب حيدرآبادي.

(94) مولانا عطاءُ الله صاحب فيروز شاهي.

(95) مولانا عبدالستار رستم وارو.

(96) مولانا عبدالقادر صاحب پنهواري.

هيٺيان شاگرد مولانا محمد قاسم ڳڙهيءَ واري جا هئا:

(97) مولوي احمد صاحب مڪراني، شهر تبت، پنجگور.

(98) مولوي ولي محمد، مٺڙي.

(99) مولوي عبدالحليم، کڙڪ، سبي.

(100) مولوي محمد حسن مڪراني.

(101) مولوي صدرالدين صحبت پوري.

(102) مولانا نصيرالدين، ڪنڊو.

(103) مولانا عبدالرؤف، ڪنڊو.

(104) مولانا محمد حسين صاحب کهاوڙ، مدير اخبار ”الحنيف“، جيڪب آباد.

(105) مولانا محمد موسيٰ، جيڪب آباد.

(106) مولانا محمد پناهه، جيڪب آباد.

(107) مولانا عبدالله ڀانڊي قبي وارو.

(108) مولوي عبدالستار رتائي.

(109) مخدوم مولوي شفيع محمد پاٽائي.

(110) مولوي عبدالرحمان ناڙيءَ وارو.

(111) مولوي بدرالدين ڊکڻن وارو.

(112) مولوي محمد هارون بلوچستاني.

مولانا محمد قاسم ڳڙهي ياسين واري جا هيٺيان عالم معاصر هئا:

(113) مولانا خادم حسين ڀليڏنو آبادي.

(انهيءَ ڀليڏنو آباد لاءِ مولانا نذير حسين جتوئيءَ چيو آهي:

ڀلينا باد جا ڪوڙا ڪريلا، ڏين ٿا تيل ۾ ساڙي سويلا)

(114) مولانا عطا محمد صاحب مهيري.

(115) مولانا عبدالرحمان صاحب ڌامراهي.

(116) مولانا غلام عمر، سونو جتوئي.

سندن برادر محترم جناب مولانا محمد هاشم جا شاگرد هيٺيان بزرگ آهن:

(117) مولانا عبدالباقي همايوني.

(118) مولوي جان محمد مهر، شڪارپور.

(119) مولوي عبدالعزيز مدرس مدرسه انوار العلوم، شڪارپور.

(120) مولوي عبدالرحمان پنهور، خيرپوري.

(121) مولوي يار محمد چنو، سيوهڻ.

(122) مولوي محمد علي خطيب، جيڪب آباد.

(123) مولوي محمد صحبت خان، جيڪب آباد.

(124) مولوي امان الله شڪار پوري.

(125) مولانا علي محمد ڪاڪيپوٽو - بيحد ذهين، دلچسپ گفتگو جو صاحب، نهايت بذله سنج ۽ شاندار استاد هو، منهنجو دوست هو. ارمان آهي جو جوانيءَ ۾ فوت ٿي ويو  ۽ سندس صحبت ۽ محبت جو گهڻو حـِـظ حاصل ٿي نه سگهيو.

ٺيڙهيءَ جو نالو آيو ته حضرت مولانا حبيب الله صاحب ۽ سندس برادر خورد مولانا عزيز الله صاحب جون سهڻيون ۽ بزرگانه صورتون اکين اڳيان اچي ويون، هڪ وڏو ٻيو ننڍو، ليڪن علم ۾ ٻئي هڪجهڙا برک ۽ اڪابر، اخلاق ۽ محبت جا مجسما، شرافت ۽ نيڪيءَ جا نمونا - پنهنجا بيحد مهربان، ۽ انهن جي عنايت ڪري دارالهديٰ ٺيڙهي گويا پنهنجو ٻيو مرڪز هو. مولوي سيد محمد علي شاه ۽ حافظ عبدالحميد ٻئي اتنهن جا فارغ التحصيل آهن، جن اپر سنڌ بلڪ سموريءَ سنڌ ۾ علم جي روشنيءَ سان گڏ قومي جاڳرتا به پيدا ڪري ڇڏي. حافظ عبدالحميد صاحب اصل اروڙ جي خاڪ پاڪ ۽ تاريخي خمير مان پيدا ٿيو. مدرسي مان نڪتو ته علم ۽ قومي خدمت جو جذبو کڻي، ڪمال ڪئپ مٿي ۾، ٿلهو ونگوڙي وارو لڪڻ، مٺ جيڏي سنهاري رکي، کاڌيءَ جا لٽا پايون، کلندو، ڏاڍيان ٽهڪ ڏيندو، اچي سکر ۾ پهتو. اچڻ سان جاگيراڻي پاڙي ۾ پريس ڪڍيائين. عبدالرحيم کرل جيتوڻيڪ بعد ۾ انگريزي پڙهي وڪيل ٿيو هو، ليڪن پهريون انهيءَ مدرسي ۾ عربي پڙهي هئائين، اهو به سکر ۾ هو. اسان ٽنهي گڏجي ”المنار“ نالي ماهوار رسالو ڪڍيو، جنهن کان پوءِ جنهن هفتيوار اخبار جي صورت اختيار ڪئي. سڀ کان پهريون حافظ ئي آهي، جنهن پنهنجي پريس ۾ منهنجون لکيل چوپڙيون (افسانن جون) شايع ڪيون، جن کي آءٌ انهيءَ زماني ۾ ”ڪتاب“ ۽ پاڻ کي انهن جي ڪري ”مصنف“ سمجهندو هيس.

حافظ مفتي حبيب الله ٻاهر گهٽ نڪرندو هو، ليڪن مولانا عزيز الله صاحب قربياً هر مهيني اسان سان چهار چشمي ڪري سکر ايندو رهيو. چند سال ٿيا جو ٻـَـئي بزرگ هڪٻئي پٺيان رب ڏانهن راهي ٿيا. مدرسو موجود، ليڪن اهي صورتون هليون ويون.

مدرسي دارالهديٰ ٺيڙهيءَ کان سواءِ سنڌ ۾ ٻيا به ڪيترائي مدرسا انهيءَ وقت ديني خدمت ڪري رهيا هئا: همايون، سلطان ڪوٽ، سجاول، ملاڪاتيار، شهدادڪوٽ، ڳڙهي ياسين، رُڪ وغيره جا مدرسا، ديو بند، فدوي ۽ جامع ازهر جي ڪڙيءَ جا مدرسا هئا، جن مان نڪتل شاگرد پنهنجي پنهنجي فن ۾ سچ پچ ته يگانا ۽ يڪتاءِ روزگار رهيا آهن.

*      *      *

دارالهديٰ ٺيڙهيءَ جي نالي سان اهو مذڪور ضمناً ڪرڻو پيو، ورنه اصل قصو ته اڌ ۾ رهيو پيو آهي، يعني مدرسي دارالهديٰ ٺيڙهيءَ مان ڀڳل شاگرد جو، جيڪو بورچي ٿي اسان وٽ آيو.

آغا صاحب جڏهن واڌائي ڏَئي، اها بشارت ٻڌائي، تڏهن مان ڏاڍو خوش ٿيس. ڏاڙهيءَ جي اڃا مس ريخ لٿل، شڪل شباهت جو نه ڪوجهو نه اهڙو موچارو، بس مڙئي ماڻهو ماڻهن جهڙو. هيٺ تي سٿڻ، جيڪا ڀيڏيءَ کان مٿي شرعي حد تائين کنيل. موڪرِن ٻانهن ۽ وڏي بـَـرَ سان چولو. مٿي تي نه دستار نه پڳ، نه پٽڪو، بلڪ پڳ جي لڳ ڀڳ. ان کي پڳڙي به نه چئبو، ڇاڪاڻ ته ڦيروين ٻڌل هئي ۽ پٺيان پوري وچ کان اُهڙو ئي ترو ڇڏيل هو، جهڙو دستار ۾ ٿيندو آهي. پر جنهن صورت ۾ دستاربنديءَ کان اڳ ۾ ئي مدرسو ڇڏي ڀڳو هو، تنهنڪري هيءَ دستار جي وزن کان قدري گهٽ، ليڪن خاندان انهيءَ ساڳئي مان هئي. آغا صاحب ڏانهنس اشارو ڪندي، چيو:

”آغا منهنجا! متقي پرهيزگار ڇوڪرو، پڙهيل ڪڙهيل. دراصل سچ چيو اٿن ته دير بيايد درست بيايد.“

ڏوئي هوندي هئي طالب العلم جي هٿ ۾، ۽ هدايتون هيون وسيع تجربي جي بناءَ تي آغا صاحب جون، يعني فنڪاري ڇوڪر جي، هدايتڪاري نظر علي خان جي، حقيقت  ۾ نه خبر آغا صاحب کي، نه سڌ نامزد ٿيل بورچيءَ کي. نتيجو اهو نڪتو، جو ڪڏهن لوڻ گهٽ، ڪڏهن مرچ وڌيڪ، ڪڏهن پاڻي وڌيڪ پيل، ڪنهن وقت ترو لڳل، ڪڏهن بصرن سان گڏ ساڳ به ڪچو، ڪڏهن سڀئي لاڳ سڙيل. جڏهن دانهن ڪجي تڏهن چوي:

”شڪر ڪري کائو!...

”جيڪي الله ڏئي اهو شڪر ڪري کائجي!...

”روزي نور آهي!...

”وِڏَ ڪڍڻ گناهه آهي!...

شڪر ڪري کائو، ميان، شڪر ڪري کائو!“

”شڪر ڪري کائو“ جو معاملو آخر ايترو وڌي ويو، جو اسان مورڳو سندس نالو ئي ”مولوي شڪر الله“ رکي ڇڏيو.

هڪ ڏينهن سائين ڪرم علي شاهه وٽان ڇيلي جي سڄي ڄنگهه آئي. آغا جي وات ۾ پاڻي ڀرجي آيو. چي:

”آغا منهنجا! ليلي جو گوشت ٿو ڀانئجي، ڏاڍو نرم ۽ سُپڪ!“

مولوي ’شڪر الله‘ وٽ اسان ٻئي پاڻ ڄنگهه کڻي پهتاسي. ايلاز، منٿون، سمجهاڻيون، آخر مسالن جا به رٿا ڪري وزن ڪڍي کيس ڏناسي. بصرن جو مقدار به مقرر ڪيوسي. آخر ۾ به رب جو واسطو وجهي چيوسون:

”ٻيلي! واسطي ڌڻيءَ جي اڄ شڪر ڪرائي نه کارائجانءِ!“

پلاءَ جو به آرڊر ٿيو ۽ ان سان گڏ شوروي واري ٻوڙ جو به. آغا چيو:

”هائو آغا! شوروو پلاءَ سان ملائي کائبو.“

جڏهن مانيءَ جو وقت ٿيو، تڏهن اسان جا به هاضما اچي کُليا! گهڻائي ڏينهن ميٿي پالڪ کائي کائي آنڊا ئي ساوا ٿي ويا هئا. اڄ چَڙهه هو، خوب وير ڪبو! آغا چيو:

”آغا منهنجا ڪيئن ٿو سمجهين؟“

مان چيو:

”ڏسجي آغا، خبر پوي!“

”هائو! نه ته به آغا منهنجا، شڪر ڪري کائڻ ته قسمت ۾ ٺهيو پيو آهي.“

”لاحول ولا قوة!“ آغا صاحب رڙ ڪئي!

”هي ڇا؟ چانور ڪچا، ٻوڙ جنسي لئي!“

دراصل چانورن جو هڏ ڪونه مئو هو، جو مولوي ’شڪر الله‘ کان دم ڏيڻ وسري ويو هو. ٻوڙ ان ڪري لئي ٿي پيو هو، جو گوشت هو ننڍڙي ڇيلي جو يعني بلڪل حُلواڻ. مولوي صاحب ٻه ٽي دفعا جو ڀوڃـَـهـَـڙا ڪڍيس ته پٽاٽا، بصر، مسالو، ٻوٽيون ڳـَـري ڳـَـري، ملي سلي، سڀ گڏجي ويون ۽ ٻوڙ اهڙو ٿي پيو جهڙو لئي، نه پٽاٽو موجود، نه انهيءَ گوشت جي ٻوٽي ظاهر، جنهن کي آغا صاحب چيو هو:

”آغا منهنجا ليلي جو گوشت ٿو ڀائنجي، ڏاڍو نرم ۽ سـُـپڪ.“

ليلي جو اهو نرم هجڻ ۽ سُپڪ هئڻ ئي گوشت جي غارتگريءَ جو سبب ٿي پيو، ورنه مولوي شڪر الله خان ته ڇڙو ٻه ٽي دفعا پاڻي وجهي ۽ خوب چمچو گهمايو هيس، ته ڀل اڄ ٻوڙ رس رکي بيهي!

”سائين شڪر ڪري کائجي. اوهان وري پيا وڏان ڪڍو. جيڪي رب ڏئي، سو بسم الله ڪري کائجي.“

بس آغا جي برداشت جواب ڏئي بيٺي. ٻوڪڙ ڪري چيائين:

”اڙي منحوس، خدا جي توتي مار پوي! اُنهيءَ ته اسان کي ڇيلي جي ڄنگهه ڏني هئي، تو ان جي ٻيڙي ٻوڙي ڇڏي، هاڻي ڌوڙ تي شڪر ڪيئون!“

’منحوس‘ جو اکر ٻڌي، مدرسة دارالهدا ٺيڙهيءَ جي خطابيءَ کي غصو اچي ويو. بورچي خاني مان پٽڪي مٿي تي رکي ٻاهر نڪتو ويو. در کان ويندي، خانئي ڪمپازيٽر کي چيو ويو:

”جيڪو مسلمان کي منحوس ڪوٺي، سو شريعت محمديءَ موجب پاڻ منحوس آهي.“

*      *      *

مولوي شڪر الله جي وڃڻ کان پوءِ اسان وٽ اچي پهتو امير جان. اصل نالو هيس امير بخش، ليڪن نظر علي خان جو کيس امير جان سڏيو، ته بس پڇاڙيءَ تائين امير جان رهيو. ذات جو مير بحر هو. اسان جي ڳوٺ جو ويٺل ۽ والد مرحوم جو خاص ملازم ۽ اعليٰ درجي جو بورچي. جوانيءَ ۾ عشق جي سٽ اچي ويس. ڪنهن رقيب روسياه ڌاتورو پياري ڇڏيس. بس اتنهن نيم ديوانو ٿي پيو. ڪڏهن رنگ ۾ ته ڪڏهن ڀنگ ۾. راضي هوندو ته واه جو رڌي کارائيندو. جي ڪا جوجڪي اچي ويس، ته نه ڇڙو ديڳڙو وڃي ديوار تي ٺڪاءُ ڪندو، بلڪ مالڪ کي به منهن چڙهِي، ٻه - چار صلواتون سڻائي، وڃي ٻاهر ويهي رهندو. اهڙن حادثن جا ڪيئي نشان ”سنڌ زميندار“ جي ديوارن تي ائبسٽرئڪٽ آرٽ جي پيا نمائندگي ڪندا هئا. اهڙي حالت ڪڏهن ڪڏهن ٿيندي هيس- يا ته ڀنگ جو چـُـڪو چاس ٿي ويندو يا ڀنگ جو پيالو پورو نه ملندو. بهرحال ماني خود کارائيندو هو، بشرطيڪ ديڳڙي چڙهئي کان وٺي منهن ۾ نوالي پهچڻ تائين جا مرحلا خير سلهه سان طي ٿي وڃن.

مسٽر ميمڻ [12]، انڪم ٽئڪس آفيسر، اسان جو دوست هو. لاڙڪاڻي جو ويٺل ۽ نهايت نيڪ ۽ سٻاجهي سڀاءَ جو نوجوان. نظر علي خان کي جڏهن ضرورت پوندي هئي ته سندس کيسي مان وڃي پئسا ڪڍندو هو. هڪ دفعي زياده پئسن جي ضرورت ٿي. نظر علي خان ريجهائڻ خاطر کيس منجهند جي مانيءَ تي سڏيو. ڪنهن دوست کي سڏي ماني کارائجي، اهو پهريون واقعو هو، جيڪو نظر علي خان جي تاريخ ۾ درج ٿيڻ وارو هو. امير جان کي رڌيندي رڌيندي جڏهن ويرو ايندو هو ته ديڳڙو اڌ ۾ ڇڏي، در کان ٻاهر نڪري، دڪيءَ تي اوڪڙو ويهي، ويٺو جهونگاريندو هو. جي پـَـههُ پيس ۽ ڳالهه ياد اچي ويس، ته اچي چمچو گهمائيندو، ورنه داغ سان گڏ گوشت به سڙي ويو، ته کيس ڪنهن جي ڪاڻ ڪانه ٿيندي. اتفاق سان ان ڏينهن به مٿس حال طاري هو. مانيءَ کي دير ٿي وئي. ديڳڙا چلهه تي، امير جان دڪيءَ مٿان اوڪڙو. ميمڻ صاحب بي تڪلف دوست هو. بک ستايس، ته اٿي پاڻ امير جان وٽ ويو. هڪ دفعو، ٻيو دفعو، ٽئين دفعي ديڳڙيءَ چلهه ڇڏي، وڃي ڀت تي ٺڪاءُ ڪيو! چي:

”اجهو هان، وڃي...لنگهايو، ٻئي نظر علي ۽ تون...

”آئي آ حڪم هلائڻ!...

”منهن به مانيءَ جهڙو اٿس!“

جڏهن امير جان کي جوش ۽ جلال ايندو هو، ته تارا ڦوٽارجي ويندا هيس ۽ ان وقت مذڪر ڦري سندس اڳيان مونث ٿي پوندو هو. ميمڻ ته ويچارو نفيس ۽ نازڪ هو، پر نظر علي خان جهڙو شينهن مڙس به کيس ڪاوڙ ۾ مونث نظـِـر ايندو هو. چوندو:

”ڪير ٿيندي آ نظر علي خان؟...

”ڏاڏهنس به پلاءَ کاڌا هئا...

”آغا بڻي آ!“

ڪڏهن ڪڏهن ڪاوڙ زور وٺي ويندي هيس، ته ”سنڌ زميندار“ جي مئنيجر مان نڪرندو، مئنيجنگ ڊائريڪٽر منجهان وڃي پار پوندو هو. چي:

”چخي! کهڙن به زمينداري ڪئي آهي؟...

”زميندار آهن ته ڀٽا. لڀي در تي ڪـُـتي به ڪانه، بڻي آ زميندار!“

امير جان وٽ وڏماڻهپائي ۽ وڏزمينداريءَ جو معيار هو ڪـُـتيءَ جو در تي هجڻ [13]. هن ڀلا پنهنجي ڳوٺ جي ڀڪ ۾ ڏٺا هئا ڀٽا صاحب، جن وٽ انگريزي ڪتن جون لوڌيون هونديون هيون. ماڻهن کان وڌيڪ پئـِـي انهن جي نظرداري، پرورش ۽ پالنا ٿيندي هئي ۽ انسانن کان زياده پئـِـي انهن جي خدمت ٿيندي هئي. ڀٽن جي ڪتن جيڪا ماني کاڌي، سـَـندُن راڄ ۽ ڪڙمين کي ته خير خواب خيال ۾ ڪانه ايندي، پر چڱا چوکا وڏيرا به پيا سڪندا هئا. ڀٽن جا ڪتا گرمين ۾ ڪوئٽا ويندا هئا ۽ سرديون ڳوٺ ۾ گذاريندا هئا. سنڌ لاءِ ”هل اسٽيشن“ ڪوئٽا هئي، جتي ساوڻ ۾ شڪارپور ۽ جيڪب آباد جا پڄنديءَ ۽ سرنديءَ وارا پهچي سگهندا هئا يا وري ڀٽن صاحبن جا ڪتا وڃي ”سيزن“ ڪاٽيندا هئا. ڪتا صاحبلوڪي هئا، جنهنڪري لاڙڪاڻي جي ساوڻي کين ڀانءِ نه پي پَئي.

نظر علي خان ميمڻ صاحب جي معاملي کان علاوه ڀي ڪيترا دفعا امير جان هٿان شڪست کائي چڪو هو، ليڪن ان هوندي به کيس جدا ڪرڻ لاءِ تيار نه هو. سبب اهو، جو ايڏو سٺو بورچي ۽ ايترو سستو وري ڪٿان اچي ها؟ پگهار ڪانه، ڪڏهن ڪڏهن رپيو اڌ لٽي ڪپڙي لاءِ، ورنه فقط روزانو ٻه آنا وظيفو ڀنگ لاءِ. اهائي امير بخش جي خوبي هئي، جنهنڪري ’امير جان‘ ٿي پيو. انهن ٻن آنن مان نظر علي خان فقط ٽڪو پنهنجي هڙان ڀريندو هو، باقي ڇهه پئسا منهنجي کاتي مان نڪراندا هئا. اهو ڇاجي ڪري؟ ان جو سبب ڪهڙو هو؟ اهو مان ڪڏهن ڪونه جاچيو، ڇاڪاڻ ته نه پگهارون ئي ڪڏهن چڪتو ٿي مليون ۽ نه حساب ئي سامهون آيو. ’حسابِ دوستان در دل‘ واري عمل تي پيو ڪم هلندو رهيو.

*      *      *

مان تقريباً پنج ورهيه (29-1933ع) ”سنڌ زميندار“ ۾ رهيس، ليڪن ياد نه آهي جو ڪڏهن پنجاهه رپيا گڏ ڏٺم يا يڪجاءِ ڪڏهن پگهار ملي. ڪڏهن رپيو، ڪڏهن ٻه، ڪڏهن پنج. اهو ڏينهن عيد جو ٿيندو هو، جڏهن ڏهه - ويهه گڏ ملي ويندا هئا.

هڪ دفعي ياد آهي، آغا مرحوم پنج رپيا هٿ تي رکي وڏو ٽهڪ ڏئي چيو:

”آغا منهنجا! اڄ ته وڃي ڳوٺان نئون سئون ٿي آءُ!“

مٿي هڪ هنڌ اڳي ئي ٻڌائي آيو آهيان ته آغا صاحب جڏهن راضي هوندو هو ته ”آغا منهنجا!“ ڪري سڏيندو هو، ۽ جڏهن ناراض ته، ميان! راشدي ميائون! سهگل! او خدا جي مار پويـَـو! او شل ڪا چٽي پويـَـو! دونالي بندوق اچي سيني ۾ هڻو...ڊَسِ، ڊَسِ، بندوق جي ٺڪاون جو آواز تڏهن وات مان ڪڍندو هو، جڏهن کٽ يا ڪرسيءَ تي جوش وچان ڦانءِ ٿي ڪري پوندو هو. جي هيڏنهن اچبو، ته هوڏي کڻي منهن ڪندو، ۽ جي پريان اچبو، ته هيڏي ڪنڌ ڦيرائي ڇڏيندو. يعني ان وقت ايڏو بائيڪاٽ، جو اسان جي صورت به ڪانه وڻندس. ليڪن خدا بخشيس، اهڙو مٺو ۽ نيڪدل، جو ڪلاڪ اڌ کان وڌيڪ پاڻ جهلي نه سگهندو. يڪدم ڪو فارسيءَ جو بيت جهونگارڻ شروع ڪندو، جنهن ۾ فراق ۽ وصال جا معاملا بيان ٿيل هوندا. اُها گويا دعوت هئي ته اچو هاڻي هڪٻئي جي ڳلي لڳون! جڏهن اسان ”سنڌ زميندار“ کان جدا ٿي، ”ستاره سنڌ“ [14] ڪڍيسي ۽ هڪٻئي جي خلاف لکڻ شروع ڪيوسي، تڏهن به ٻن ڏينهن کان وڌيڪ هڪٻئي کي ڏسڻ سواءِ رهي نه سگهبو هو.

مان اهي پنج رپيا کڻي ريلوي اسٽيشن ڏانهن راهي ٿيس. اسٽيشن جي سامنهن ڏٺم ته چوراهي جي پاسي ۾ رمون مڪراني تاس جا پتا زمين تي وڇايون ماڻهن کان پيو ٿو داوَ هڻارائي. ٻن رپين جي داءُ هڻي، ماڻهو پيا چار رپيا کٽن! پنجن جا ڏهه ۽ ڏهن جا ويهه پيا ملن، ايڏي آساني سان رپيا ٻٽا ٿيندا ڏسي مان به  پنهنجي نوٽ ۾ هٿ وڌو. هٿ وجهي وري هٿ ڪڍي ورتم. ڪجهه سوچي وري نوٽ ڪڍڻ لاءِ هٿ وڌايم. هڪ  دفعو وري دل سان هنڊايم. نيٺ نوٽ ڪڍي کڻي پٽ تي اڇليم. داءُ لڳو. ڏهه ته ڪونه مليا، الٽو پنج به چٽ! ڳوٺ وڃڻ جي بجاءِ مان موٽي اچي پريس ۾ پهتس. داءُ جو غلط پئجي ويو! ان ۾ رمون مڪرانيءَ جو ڪهڙو ڏوهه؟

*      *      *

رمون مڪراني دراصل سکر جي عوامي مشاهيرن مان هو. اخبارن، ڪورٽن، عملدارن ۽ عام ۾ جيترو رمونءَ جو نالو وڳو ٿي، اوترو نه ميان پير بخش جو هو، نه سائين ڪرم علي شاهه جو، ۽ نه پيرزادي عبدالستار جي والد جو. هر وقت پـَـئي ڪاڏنهن نه ڪاڏنهن خبر پوندي:

رمونءَ اڄ فلاڻي جو کيسو ڪتريو...

رمونءَ اڄ فلاڻيءَ جي يار کي چاقو هڻي ڪڍيو...

رمونءَ جي جوا جي ٽڪري اڄ پڪڙي...

رمونءَ اڄ صوبيدار صاحب کي منهن تي چئي ڇڏيو...

رمونءَ اڄ پوليس واري کي منهن جي لپاٽ هڻي ڪڍي...

رمونءَ اڄ ايڏو فساد ڪيو آهي جو ’بي‘ ٿاڻي جو سڄو پوليس گارڊ اوڏنهن ويو آهي...

رمونءَ اڄ يڪي سر ويهن ماڻهن سان چڪري کاڌي آهي...

رمونءَ اڄ ايس- پي صاحب کي منهن تي چڙهي گاريون ٻڌائي آيو...

رمونءَ کي اڄ پوليس ٻڌيون ٿي وئي...

رمونءَ کي اڄ ماجسٽريٽ ٽيپ ڏني...

رمون اڄ جيل مان ڇٽي ويو...

رمون جواري هو، پتي پاز هو، ٽڪري باز هو، چاقو مار هو- سکر جي سڄي شهر تي سندس رعب هو. غريب آباد ۽ شڪارپوري روڊ ته جنسي سندس حڪومت ۾ هئا. نالو ڪن پيو، ڏڪڻي وٺي ويندي! لنگهندو ڏسبو. لونءَ ڪانڊارجي ويندي! مطلب ته ايڏو خراب، ايڏو بدمعاش، ايڏو لوفر- ليڪن ايترن سيہ ڪارنِ هوندي سندس ڪردار ۾ ڪيترائي روشن پهلو به هئا. واعدي جو پڪو، زبان جو سچو، دوستيءَ جو پختو ۽ وقت تي سر ڏئي چڪڻ جهڙو. يتيمن جو دوست، رنن زالن جو واهرو ۽ مددگار. رمونءَ هائو ڪئي ڄڻ پٿر تي ليڪو اچي ويو. ڪنهن کي آوَلي پئي، رمونءَ کان مدد گهرندو... رمون پئسا ڏيندو، گهرٻار وڪڻندو ۽ سر به اچي ڏيندو. زمين آسمان هڪ ڪري به ضرور سـَـوَلي ڪندو. ڦريندو انهن کي هو جيڪي انهيءَ جي لائق هئا، چاقو انهن کي هڻندو هو جيڪي چاقو هڻڻ جا مستحق هئا، کيسا انهن جا ڪتريندو جن وٽ ناڻو هوندو. اهي ۽ ٻيون ڪيتريون اهڙيون خوبيون هيس، جو اڄ انهن مان هڪ - ٻه به جيڪڏهن سنڌ جي اميرن ۽ وزيرن ۾ هجن ها، ته هوند اسان ايترو نه خوار ٿيون ها، نه خراب ٿيون ها، نه محڪوم ٿيون ها، نه محتاج ٿيون ها. اسان جا وزير، جي ’رمون مڪراني‘ ٿي پون ها ته ڪنهن کي طاقت هئي، ڪنهن کي مجال هئي، جو اسان ڏي اک کڻي نهاري سگهي! اُها اک نه نڪري وڃيس ها!

*      *      *

پنهنجي وزيرن ۽ سياستدانن کان جو دل ڏکويل هئي ته رمون مڪرانيءَ جوڪردار به اکين اڳيان اچي ويو، ورنه ڪيڏانهن اسان جا وزير باتدبير ۽ ست کـَـلا سياستدان، ڪيڏانهن اسان جو رمون مڪراني، جيڪو ويچارو پوءِ به ڇڙو ”عامي ماڻهو“ ئي هو. بهرحال ڳالهيون ٿي ڪيونسي مرحوم نظر علي خان جون - هڪڙي پڇاڙيءَ جي ڳالهه ٻي به ٻڌائي ڇڏجي.

سکر جي هر ٽڪاڻي ۾ روزانو شام جو ڪڻاه پرشاد ٿيندو هو. ڪيترائي غريب غربا اچي اُتان پيٽ ڀري ويندا هئا. انهيءَ خيراتي خوراڪ ۾ مذهبي ڀيد ڀاءُ ڪونه هو. هندو به اچي وٺندا هئا ته مسلمان گداگر به. شري ساڌ ٻيلي جو ڪڻاه سڀ کان سٺو ۽ سڀني کان لستي هو. دال، حلوو، پـُـوري ۽ کچڻي نهايت صاف ۽ سوادي. جيڪو ايندو، اڻ ميو ملندو، بلڪ هڪ اڌ پاپڙ ۽ کٽاڻ ذرو به مٿانس رکي ڏيندا.

سالن کان اهو دستور هليو ٿي، ليڪن اسان کي خبر ڪانه هئي. هڪ ڏينهن امير جان شام جو ڀنگ پيڻ ساڌ ٻيلي ويو، ۽ موٽندي ڪڻاه پرشاد به پاڻ سان ورتيون آيو. رات جو نظر علي خان ۽ مان بسم الله ڪري ان کي واپرايو، نهايت لذيذ ۽ دلپسند! آغا ڍؤ ڪري، ٻه - ٽي اوڳرايون ڏئي، جڏهن الله جا شڪرانا بجا آندا، تڏهن پڇيائين:

”آغا منهنجا، ڪيئن ٿو ڀائين؟“

”آغا، واهه جو کاڌوسي!“

”واهه ڙي امير جان واهه!“

بس اُهو ڏهاڙو، ان کان پوءِ اسان جو گذارو گهڻو ڪري شري ڪڻاه پرشاد تي ٿيندو هو. ماني به سٺي، پيسو به خرچ ڪونه ۽ بلڊپريشر ۾ ڏسيل پرهيز جي به عين مطابق! علاوه ازين انهيءَ مينوءَ ۾ دعوت شيراز به شريڪ هئي، يعني دال سڳوري، جيڪا ڪاري مرچ جو ٻُرڪو ڏَئي ڏيندا هئا! ان کان زياده نظر علي خان خدا کان ٻيو ڇا ٿي گهريو!- ليڪن اهو معاملو دوستن احبابن کان بلڪل مخفي رکيو ويو. پڇاڙيءَ تائين ڪنهن کي خبر ڪانه پئجي سگهي ته سکر جي هنن ”فرزندان اسلام“ جو، جيڪي رات ڏينهن هندن تي ڌوڙيا پيا وسائن، زياده تر گذر شري ساڌ ٻيلي جي ڪڻاهه پرشاد تي آهي!

اسان ٻنهي ڀائرن جڏهن ”ستاره سنڌ“ ڪڍي، ۽ ڪڏهن ڪڏهن پئسي پائيءَ جي ٻاڙائي هوندي هئي، ته اميرجان جو اهوئي صدري نسخو اسان لاءِ به تير بهدف ثابت ٿيندو هو. هڪ دفعي ته ساندهه ڏيڍ مهينو کن انهيءَ روزگار ۽ رزق تي گذارو ڪندا رهياسي. انهيءَ ئي زماني ۾ محمد امين خان کوسو اچي اسان وٽ رهيو. چيائين ڪجهه ڪونه، ليڪن دل ۾ ضرور حيران هوندو ته هر روز رات جو دال، کچڻي، حلوو، پاپڙ، پوريون ۽ کٽاڻ! آهي ته پڪ ڪا غيب جي ڳالهه!

-------
 


[1] اڳتي اهو ذڪر ايندو.

[2] بئريسٽر جو عوامي اُچار.

[3] اهي ٻئي افغاني شاهي قبيلي جا فرد هئا، جيڪي سردار محمد ايوب واريءَ لڏ پلاڻ ۾ لڏي، سنڌ ۾ اچي رهيا، ۽ آخر ۾ سکر ۾ مستقل بود باش ٿين. سرڪاري پينشن ملندي هين.

[4]    زندگي درگردنم افگنده صائب چاره چيست،

شاد بايد زيستن ناشاد بايد زيستن.

[5] ورڪ تان موٽي، مرحوم سرديءَ ۾ شام جو اچي وهتو. نمونيا ٿيس. 4-5 ڪلاڪن اندر فوت ٿي ويو.

[6] جتي مون جمع جو صيغو استعمال ڪيو آهي، اتي مراد اسان ٻن ڀائرن مان آهي: راشدي صاحب ۽ راقم.

[7] اهو اصطلاح نظر علي خان جي چوڻ مطابق نسلي لحاظ سان افغاني الاصل آهي، يعني ٺيٺ پٺاڻڪو. شڪر پشم انهيءَ ڇوڪر کي چئبو آهي، جنهن کي اڃا ريخ نه لٿي هجي، بلڪ ڳلن تي ڇڙي ساول هجي، جنهن کي ايراني عاشق سبزه خط چوندا آهن.

[8] شاهه حسين بايقرا (متوفي 911هه) سان منسوب ٿيل ڪتاب، جنهن ۾ صوفياءِ ڪرام جي معاشقن جا مزيدار قصا لکيل آهن.

[9] حضرت ابوالمعالي لاهوري (متوفي 1024هه) جو ننڍڙو رسالو، جنهن ۾ پڻ مجاز جا ڪي قصا ڏنل آهن.

[10] انهيءَ دور ۾ مولانا مرتضيٰ احمد خان ميڪش مرحوم ۽ مرحوم چراغ حسن حسرت پهريون شهباز پوءِ احسان ڪڍي، جنهن تي بجاءِ ايڊيٽر جي لکندا هئا مدير، سر دبير. انقلاب اخبار ۾ هوندو هو ادارهِّ تحرير. اهي اصطلاح الهلال کان پوءِ انهيءَ دور ۾ هنن لاءِ مخصوص ٿي ويا.

[11] 17 مارچ 1961ع جو مولانا پاڻ نقل ڪري ڳڙهي ياسين ۾ مون کي ڏنو.

[12] هيءُ نوجوان انهن ئي سالن ۾ فوت ٿي ويو.

[13] حقيقت ۾ اها سنڌي چوڻي آهي، جنهن جو مطلب اهو آهي ته ايڏو سڃو ۽ سکڻو آهي، جو در تي پهري جي ضرورت ئي ڪانه اٿس، جو ڪـُـتي رکي. ڀرين ڀاڳين جي درن تي چونڪيءَ ڏيڻ لاءِ ڪتا هوندا آهن. سڃا ماڻهو ڇاجي ڪري ڪتا پالـِـن؟ ليڪن امير جان جي ذهن ۾ اها معنيٰ نه هئي. هن جو خيال هو ته ايترو پئسو به کهڙي وٽ ڪونه آهي، جو ڪتو خريد ڪري سگهي، ڇاڪاڻ ته وڏماڻهپ جي واحد نشاني اميرجان جي نگاهه ۾ ڇڙو ڪتي جو هجڻ ۽ پالڻ هو.

[14] روزانه ستاره سنڌ 1934ع ۾ سکر مان اسان ٻنهي ڀائرن ڪڍي. 1937ع تائين هلي. 1936ع کان 1937ع تائين هفتيوار هلائيسي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org