سکر ۾ لاڙڪاڻي جي مقابلي ۾ فضا ئي اور ڏٺم. گرم
گوديءَ، سکر براج ۽ ريلوي هيڊ ڪوارٽر هجڻ سبب
پنجابين جو شهر ۾ چڱو تعداد هو. چنيوٽ جا چرم فروش
به زماني کان رسوخ ڪري ويا هئا. پهريون دفعو مون
اتي گهريتيون عورتون رنگارنگي ۽ سهڻن پوشاڪن ۾
کلئي منهن رستن تي سيل سپاٽا ڪنديون ڏٺيون -
پنجابين جون بلڪ سنڌين جون به. مسلمانن جو مڊل
ڪلاس به اتي ئي پهريون ڀيرو ڏٺم. ورنه لاڙڪاڻي ۾
ته اکيون هڪ وڏيري تان ٿڙي ٻئي تي پونديون هيون، ۽
ٻئي تان ٿڙڪي ٽئين زميندار يا جاگيردار تي
چڙهنديون هيون[1].
هونءَ ته ضلعي اندر هتي به ڪو گهٽ زميندار ۽
جاگيردار ڪونه هئا، ليڪن انهن جو شهر تي اثر ڪونه
هو. ڪمين ڪارين ايندا هئا ته ائين ڄڻ مزمان -
اهڙيءَ طرح جيئن مسافر، صبح آيا سانجهيءَ ويا. نه
ڀٽو ڪالونيون هيون نه وڏيرن جون محل ۽ ماڙيون
هيون. فقط ٻن زميندارن جا بنگلا هئا- هڪ خانبهادر
درمحمد خان ڳڙهيءَ واري جو ۽ ٻيو خانبهادر جان
محمد خان ڪوٽ سلطان واري جو. جڏهن پاڻ ايندا هئا،
ته انهيءَ ۾ رهي ڪم ڪار لاهي، وري هليا ويندا هئا.
زميندار جيئن لاڙڪاڻي ۾ شان شوڪت ۽ لاءِ لشڪر سان
ايندا ۽ رهندا هئا، تيئن هتي ڪونه هو. نه ڪٽڪ
ماڻهن جا ڪڍ، نه مانين جا دستر خوان ۽ نه نوڪرن جا
ولر. ڪنهن کي ڪن نه جن. ڪو آيو ته ڇا، جي ڪو ويو
ته ڇا. دڳ سير ۾ ڪنهن سان چار چشمي ٿي وئي، ته
”مابخير، شمابسلامت“ ٿيندي، ورنه ٿيو ڀلو. هرڪنهن
ڏي خير.
* * *
منهنجي وڃڻ کان پوءِ البته ڪن زميندارن جي آمدرفت
گهڻي ٿيڻ لڳي، ليڪن شهر سان تڏهن به انهن واسطو
وجهه ڪونه رکيو. مثلاً، مرحوم خانبهادر جان محمد
خان پٺاڻ بمبئي ڪونسل جو ميمبر هو- نهايت نيڪ،
ڏاڍو سنجيدو، پٺاڻڪي تيز ۽ تک اصل ڪانه، عقل ۽
سمجهه سان به بهرور، ائين ڀانئبو هو ڄڻ ڪوٽائي
پٺاڻن مان آهي ئي ڪونه. قد جو بندرو، پٽ جي ٽوپيءَ
تي پشوري لـُـنگي ڏاڍي سهڻي نموني ٻڌل، قميص ۽
شارٽ ڪوٽ، سلوار ۽ سليپر. هڪ ته ڪوٽ جي ماحول سان
سندس مزاج مناسبت ڪانه ٿي کاڌي. ٻيو ٻارن کي
پڙهائڻ جو سک به سکر ۾ هو، تنهنڪري پارسي ڪالونيءَ
۾، ڪليڪٽريءَ جي پٺيان، پنهنجي بنگلي ۾ اچي رهڻ
لڳو. جڏهن ملندو هو، ته ڏاڍي قرب ۽ محبت سان، ليڪن
گهـَـري پوڻ جي طبيعت ڪانه هيس، تنهنڪري هميشہ
دورباش خوش باش تي عمل ڪندو رهيو.
* * *
خانبهادر محمد پناهه خان ڊکڻ- رب شل جنت ۾ جايون
ڏئيس، وڏي اوج، اقبال ۽ طمطراق جو صاحب هوندو هو.
سنڌ انهيءَ رنگ ۽ ڍنگ جو پٽ وري پيدا ڪري نه
سگهندي. هيو تعلقي ڳڙهي ياسين جي آخري ڪنڊ جو
وچولو زميندار، ليڪن ڌاڪو سڄيءَ سنڌ تي هيس. ٿلهو
متارو قداور سهڻو مڙس، هلندو ته ڄڻ ڪنهن مملڪت جو
مالڪ گلگشت ڪندو اچي ٿو. سهڻي ڪٽ تي سلوار، اعليٰ
درجي جي جورابن تي ولايتي شو بوٽ، شارٽ ڪوٽ، قميص
تي بو ٻڌل، ترڪي ٽوپيءَ کي پاسي تي موڙو ڏئي
ڪجڪلاهيءَ جو شان پيدا ڪندو هو.
هر نازنين ڪہ بينم جلوه ڪنان براهي،
آهي ز دل برارم بر ياد ڪجڪلاهي.
خوش خوشاڪ، خوش خوراڪ، مجلس جو شوقين، يارن جو
يار، ماڻهن کان سواءِ منٽ به رهي نه سگهندو. کل
چرچو، ڀوڳ ٺڪاءُ، مانيون چاهيون، ڪيڪ مٺايون، مطلب
ته جيڪو وٽس ويندو ته موڪلائڻ مهل ٻه ڳوڙها ڳاڙي
پوءِ جدا ٿيندو. جنهن ڏينهن وٽس ڪو مهمان ڪونه
هوندو، پنهنجي حياتيءَ جو اهو نڀاڳو ڏينهن
ليکيندو. ماني هر ويلي تي ٻه - ٽي قسم پچندي هئي.
مهمان ڪونه هوندو ته ڳوٺ مان ڪنهن کي سڏي پاڻ سان
گڏ کارائيندو. ٻئي کي کارائڻ ۾ جيڪا خوشي مان ان
بزرگ کي ڏٺي، سا ٻئي ڪنهن کي ڪانه ڏٺيم. ليڪن سندس
ڪڙيءَ جو ٻيو ڪو درياه دل مهمان نواز ٿيو به ته
ڪونه. رهڻ ڪرڻ، اُٿڻ ويهڻ، رک رکاءُ ۽ هلڻ چلڻ جو
جيڪو کيس ڍنگ هو، سو لک خرچي به ڪنهن کي ڪونه نصيب
ٿيو. شان، دوستي ۽ مهمان داري، اهي ٽئي وصفون محمد
پناهه خان سان گڏ لحد ۾ لٿيون. جڏهن سندس قضيو ٿيو
[2] ان وقت دوستن جي
دلين کي ته خير ڌڌڪو پهچڻو هو سو پهتو، ليڪن دشمنن
کان به دانهن نڪري وئي:
”محمد پناهه خان!“
”ڊکڻن وارو؟“
”سچ ٻڌاءِ!“
”گذاري ويو؟“
”ابوءِ!“
”مڙئي يَر ڪاريگر جا ڪم آهن!“
”الله سائين بخشيس، واه جو مڙس هو!“
”هائو ڀائو! وري ڪي اهڙا مڙس پيدا ٿيندا ڇا؟“
مرد اهي چئجن، مرن ته دشمن کان به دانهن نڪري وڃي
۽ چئي ته ٻيلي واه جو مڙس ويو.
چوندا آهن سـِـرَ سـِـرَ ڪل آهي ۽ سڄي بخت جي بازي
آهي،ماڻهن ڊکڻن جو ڳوٺ سندس هوندي به ڏٺو ۽ هاڻي
به ڏسندا هوندا. جڏهن خير سان پاڻ جيئرو هو، ته
سڄو شهر ڄڻ جيئرو هو، ماڻهو ڇا، در ديواريون ۽ وڻ
ٽڻ پيا ٻهڪندا هئا، هڪ تحرڪ ۽ هڪ چرپر هوندي هئي.
انهيءَ زماني ۾ صبح ته صبح پر ڊکڻن جون سانجهيون ۽
راتيون به صبح کان وڌيڪ پيون تجلا ڏينديون هيون.
مير سد بادِ صبا، از يار يادم ميد هد،
زان خرامان سرو خوش رفتار، يادم ميدهد. (جامي)
اڄ ته ڊکن جي ٽاڪ منجهند به ڄڻ شام غريبان پئي
لڳي، سڄو شهر اُداس، ڄڻ ڪنهن رَن جوءِ جو وٿاڻ
آهي- ويران، گويا مڙس جو مڪان نه پر مـُـردن جو
مقام آهي. هڪ ماڻهو هو ليڪن بختاور، اهو ويو ته
سڄي شهر جي قسمت، خوشي ۽ خرمي پاڻ سان کنيون ويو.
در ديار خوبرويان دلربائي يافت نيست،
يا به شهر عشقبازان هيچ صاحبدل نماند. (جامي)
ڪنهن زماني ۾ مرحوم وائسراءِ جي اسيمبليءَ جو
ميمبر به هو. دهليءَ ۾ اهڙي شان شوڪت سان رهيو، جو
هندستاني راجائون ۽ نواب به ڪنڌ ڦيرائي ٻه دفعا
پيا پڇندا ته هي ڪٿان جو مڙس آهي؟ سنڌ جو نالو
حقيقت ۾ سندس انهيءَ هلت چلت دهليءَ ۾ مشهور ڪيو.
لوڪلبورڊ جو ميمبر ۽ اسڪول بورڊ جو چيئرمن پڻ هو.
سکر ۾ انهيءَ سلسلي ۾ گهڻو اچڻ ٿيندو هيس. ڪجهه
مهمان پاڻ سان ورتيون ايندو هو ۽ باقي ميڙا چونڊي
سکر ۽ سکر جي آسپاس مان ٿيندي هئي. بس جيترا ڏينهن
رهندو، اوترا ڏينهن رونق لڳي ويندي. در تي بگيون،
موٽران، بورچيخاني مان داغن جا هڳاءَ پيا اٿندا،
محلي جي ويشنو هندن جو به هڪ لڱا ساهه گهرندو ته
هوند ماس ذرو واپرائي ڏسن! مطلب ته:
خوش داشت خويش را، دوسه روزي که زنده بود!
* * *
ٽيون زميندار هوندو هو ڳڙهيءَ جو خان شمس الدين
خان عليہ الرحمة، جنهن کي اسان سڀ ”خان وڏو“
سڏيندا هئاسين. سنڌ جي زميندارن ۾ اهڙو عجيب و
غريب ماڻهو نه ٿيندو. اهوئي پهريون زميندار هو،
جنهن آمدنيءَ ۽ خرچ جي بجيٽ ٺاهي، جنهن حساب ڪتاب
رکيو، جنهن روانگيءَ جي هڪ هڪ پائيءَ تي نظر رکي،
جنهن پئسا بچايا، جنهن خود هندن کي به وقت تي اوڌر
پاڌر ڏني. اهو پهريون وڏو ماڻهو آهي، جنهن پنهنجي
سموري زندگي يڪسان ۽ بنان عيب جي گذاري ۽ ڏاڍي
اطمينان ۽ آرام سان بسر ڪئي. مجلس جو مور، ڳالهين
جو ڳهير، راڳ رنگ جو شوقين، سـُـرَن ۽ سازن جو
ڄاڻو، واڄي ۽ وڄت جو پارکو. جوانيءَ ۾ ته پاڻ به
ساز سرود وڄائيندو هو، راڳ ڳائيندو هو، ۽ ڳائڻ
وڄائڻ وارن جي هڪ سنگت ٺاهي چوڪيون ڪندو هو. مون
سان پاڻ ڳالهه ڪيائين ته ڪيترا ڀيرا مرحوم مولانا
عبدالغفور همايونيءَ کيس سنگت سميت گهرائي، ڏينهن
جا ڏينهن پاڻ وٽ رهائي راڳ ٻڌو.
حاجي خانڻ شاعر سان ڀائپيءَ جو رستو هيس. لاڙڪاڻي
مان گهوڙيءَ تي چڙهي، وٽس اچي مهينن جا مهينا
رهندو هو: اڇي چاپئين سنهاري، جنهن کي ميندي لڳل،
لنگي مٿي سان، نيرو وڏو پيراهن، ٻه تختي ڪائنچ ۽
سنڌي جـُـتي پير ۾، جڏهن ويهندو ته چادر ۽ گوڏن کي
ويڙهي ڪانڀ ڪڍي ويندو، اهو حاجي خانڻ جو حليو خان
وڏي پاڻ مون کي ٻڌايو. حاجي خانڻ جي ڳالهه ڪري خان
وڏو هي ڪلام ڏاڍي مزي سان ٻڌائيندو هو:
چيٽ توڙي ڪـَـتي، اسان داوَن تنهن جي وتي!
1- ساريون، جوئر، آڀون، ڳنان، پڪيون پوکان ٻڌن
ٻـَـنان،
لائيءَ لاباري هلن رَنان، انڌي ڪاڻي متي!
اسان
داوَن.....
2- سرنهه، ڄانڀو، مـَـٽر، چڻان، آلہِ ڪندو سنڌ ۾
گهڻان،
پيسي کاري مڇي کـَـتي، جهڙو چيٽ تهڙي ڪـَـتي،
اسان داوَن.....
3- حاجي خانڻ هلندو هل تون، ڀلو ڪندئي ڀـَـلي،
جيڪو گري گنجي پلي، گڏه تنهن جي ڪانهين گَتي،
اسان داوَن.....
حاجيءَ جي هيءَ ڪافي پڻ وڏيءَ لئي سان خان ٻڌائي
موج ۾ اچي ويندو هو:
ڏک ڏولاوا ڏاج، ڏئي ويا ڏير مئيءَ کي، الا!
1- گهوريا گهر ڀنڀور جا ڀيلا، ويهي گذاريان تهن ۾
ڪينءَ ويلا،
مولا ڪندو محبن سان ميلا، ڪوڙين ڪنديس پوءِ ڪاج،
ڏئي ويا......
2- سسئي ڀنڀور ڪندس مون بيزاري، پنهل ڪندو پاڻهي
مون پوئواري،
ڳل ڳچيءَ ۾ پائيندس ڳاري، جو هٿئون پيڙم هاج،
ڏئي ويا......
3- حاجي خانڻ انهن جي آهيان، چوريءَ ويا تڀي نابر
ناهيان،
آس اميد اڃان نٿي لاهيان، ملندم يار ڪنديس معراج،
ڏئي ويا......
خان وڏو اهلِ دل هو. سٺو بيت ٻڌندو، سُرَ جو آلاپ
سڻندو، وڄت جو سـُـر تال ڪن تي پوندس، بس روح ۾ ڄڻ
تراوت اچي ويندس، سڄي منهن تي رونق اچي ويندس ۽
چپن تي مرڪ نروار ٿي اينديس. پيو چوندو:
”واه! ميان حسام الدين شاه، واه!...
”واه! واه!...
”ڏسو ته ڇا ٿو پيو چئي!...
”سبحان الله! سبحان الله!!“
وڄت جو پنهنجي سر پاڻ به ڪاريگر هو. انهيءَ
جوانيءَ واري دور ۾ ساز سرود سان گڏ دلي، مردنگ،
مـِـشـِـڪ، سارنگي، ڍولڪ، يڪتاري ۽ طبلي کي به واه
جو وڄايائين. ليڪن جڏهن اهي زمانا گذريا، اهي
ماڻهو ۽ سنگتيون ويون، تڏهن پاڻ به صفا هٿ ڪڍي
ڇڏيائين. ڪڏهن ڪڏهن موج اچي ويندي هيس، ته ٽيٻل تي
ويٺي ويٺي چار آڱريون هلائي وٺندو هو. بس مزو اچي
ويندو، گهڙي ساعت موج لڳي ويندي.
هڪ دفعي اسان ٻئي ڪراچيءَ واري ريواچند موٽومل جي
ڇاپ ۾ وياسين (جنهن دڪان ۾ هاڻي ايڇ. غلام محمد
ائنڊ برادرس جو دڪان آهي). شام جو وقت هو، کٻي هٿ
تي ڊگهو شوڪيس اڄ به ائين رکيو آهي، جيئن انهيءَ
وقت هو. انهيءَ زماني ۾ ڪراچيءَ جو به اوج هو،
حاجي ڏوسل جي زوال کان پوءِ اهوئي هڪ دڪان هو، جتي
هر شيءِ ملندي هئي. منڊمان، صاحبلوڪ، پرديسي،
ديسي- مطلب ته سڄو دڪان خريدارن سان جهنجهيو پيو
هو. خان جي طبيعت ۾ به ڪا اوچتو موج اچي وئي،
شوڪيس جي هڪ طرف کان شيشي تي ٻنهي هٿن سان وڄت
ڪندو وڃي ٻئي سري تي پهتو. اڃا پنج - ڇهه هٿ ئي مس
کيان هيائين، جو دڪان ۾ بيٺل سڀني خريدارن جا ڪن
کڙا ٿي ويا، خريد فروخت بند، انگريز، ميمان، ديسي،
پرديسي جتي هئا، اتي ڄمي ويا. ڏهه - ٻارهن منٽ سڄو
دڪان ڄڻ خان وڏي جي آڱرين تي نچيو ٿي! جڏهن وڄت کي
وڃي توڙ ڪرائي، پويون هٿ هيائين، تڏهن سڀني وٺي
ڏاڍيان تاڙيون وڄايون. انهيءَ شام جو خان وڏي جي
طبيعت تي ڪا خاص بهاري هئي. وري اهڙو موقعو نصيب
ڪونه ٿيو.
اسان ٻنهي جي پاڻ ۾ دوستي نه هئي، بلڪ عشق هو.
ڏاڍو قرب ڏيندو هو، تمام گهڻو ڀائيندو هو، جيڪا
شيءِ وٺندو سا ضرور ڏيکاريندو، لٽو چڱو ڏسندو صلاح
ڪندو، سٺو سوٽ سڀرائيندو، پائي پهريون اچي مون کي
ڏيکاريندو. زميندارن ۾ اسانجن وڏن ۽ ڀٽن کان پوءِ
هي ٻيو زميندار هو، جنهن انگريزي لٽا پائڻ شروع
ڪيا. لٽي ڪپڙي جو ڏاڍو شوقين هو، لٽا ديسي هجن
چاهي انگريزي، بت جو سنهون ڇڙڪ ۽ سرو جهڙو سڌو
هوندو هو، تنهنڪري پوشاڪ جسم تي ڏاڍو جوڙ ۽ جنسار
رکي بيهندي هيس. شڪل، صورت، رنگ ۽ روپ جو به پٺاڻ
هو، سهڻو، سفيد، ڳاڙهو، تنهنڪري جيڪي پهريندو هو،
سوڄڻ پيو منهن تي پوندو هيس. ڏاڙهيءَ تي پاڪي
گهميل، مڇان ڪينچيءَ تي ورتل. منهنجي جڏهن ساڻس
واقفيت ٿي، ان وقت ئي وار اڇا جهڙا کير هيس.
پوئين زماني ۾ ڳڙهيءَ ۾ ڏاڍيون ڪچهريون ڪيونسين.
منهنجو نوديري ٻڌندو ته هڪدم موٽر موڪليندو. هڪ
طرف مون ڏي موٽر ايندي، ٻئي طرف مرحوم غلام صديق
خان عيسانيءَ ڏانهن بگي بڊي ويندي. ٻئي وڃي ڪٺا
ٿينداسين. ڏينهن تي ويٺي گذري ويندا، پر راتيون به
اکين ۾ ڪاٽي ڇڏينداسين.
* * *
مرحوم عيساني به پنهنجو مت پاڻ هو. اهڙو ماءُ ٻچو
وري ڪونه ٿيندو. جيد عالم، ڪتابن جو ڪيڙو، وڏو
مفڪر، صورت ۾ خواه سيرت ۾ فلاسوفر، طبيعت جو، دل
جو، رهڻي ڪهڻيءَ ۽ اٿيءَ ويٺيءَ جو درويش ۽ ڏاڍو
سيرچشم، بلڪ سچو پچو ۽ صحيح معنيٰ ۾ اهل دل هو.
هميشـ* خاڪي نـِـڪر پائيندو ۽ قميص به ٽؤيل جي
خاڪي، جنهن کي ٻه کيسا سيني تي ڍڪ سان ۽ ڪالر. اها
هميشہ جي عادت هيس. ماپ تي نه نڪر سبرائيندو هو ۽
نه قميص. قميص جي ڳچي چار آڱر کن وڏي هوندي هئي،
جنهن کي پٺيان سيفٽي پـِـن هڻي ڇڏيندو هو، ٻانهان
ڊگهيون، تن کي ڪلهي وٽ ور ڏئي پاڻ ئي اڇي ڌاڳي سان
ٿلهو ٽوپو ڏئي ڇڏيندو، نڪر ايڏي موڪري، جو منجهس
ٻه عيساني اچي وڃن، تنهن ۾ هڪ پراڻو پٽو هوندو
هيس، سو ٻڌي ڇڏيندو هو، پٽي هيٺان نڪر کي ايترا
گهنج ۽ وڪڙ اچي ويندا هئا، جو نه اڳ پـُـٺ جي خبر
پوندي هئي، نه شيپ ۽ شڪل صورت جي. چوندو هو:
”ڀائو! مڙئي اگهاڙي انسان جا عيب لڪائڻا آهن، ان
لاءِ ڪهڙا ويهي اهتمام ڪجن. جسم ايترو لهي ئي
ڪونه، جو ان تي ايترو وقت ۽ ذهن ضايع ڪجي. اصل
شيءِ اٿـِـي روح! ميان روح!! جنهن جي پـَـرَ
گهـُـورَ ڏاڍي ضروري آهي.“
تنهائيءَ ۾ رهڻ ۽ ڪتاب پڙهڻ پسند ڪندو هو. ملندو
فقط انهن ماڻهن سان هو، جن سان روح ريڌل هيس يا
وري جن جي ڳالهائڻ مان کيس ڪتاب جو مزو ايندو هو،
ورنه عامي ماڻهن کان- پوءِ ڪيڏو به کڻي لاٽ ڇو نه
هجي- سخت پهلوتهي بلڪ هڪ معنيٰ ۾ نفرت ڪندو هو.
چوندو هو:
”ڀائو! انسان خوفناڪ جانور آهي ۽ ساڳئي وقت فضول
به. تنهنڪري ان سان ايترو وقت نه وڃائجي. ملجي ڇڙو
انهن سان جن مان ڪا حاصلات ٿئي، جنهن جي موڙيءَ ۾
ڪجهه هجي، جنهن کان ڪجهه پرائي سگهجي، يا جنهن جي
فطرت جو مطالعو ڪري ڪنهن نئين نتيجي تي پهچي
سگهجي.“
بدجنس ۽ خسيس مزاج ماڻهو کان هميشه پاسو ڪندو
رهيو. جڏهن رٽائر ڪري ڳوٺ آيو، تڏهن جدا ماڙي
ٺهرائي، ان جي مٿئين طبقي ۾ رهڻ لڳو. چهل قدمي به
انهيءَ جي اڱڻ ۾ ڪندو هو. پلويڙو ايڏو ڪڍرايو
هئائين، جو نه مٿس ڪنهن جي نظر پئجي سگهي ۽ نه
سندس ڪنهن تي نگاهه پوي. 5-6 سال پنهنجي ڳوٺ ۾
رهيو، ليڪن انهيءَ نوڪر کان سواءِ ڪنهن جو منهن نه
ڏٺائين، جيڪو وقت تي سندس ضرورت جو ٽپڙ آڻي سندس
اڳيان رکي ويندو هو - سيرب جو سامان، ماني ٽڪي،
لسي ۽ کير، انهن وقتن کان سواءِ نوڪر کي مجال نه
هئي ته وٽس اچي، ڪڏهن ڪڏهن پٽ کي اجازت هوندي هئي
ته سخت ضرورت جي وقت ساڻس اچي پنج ڏهه منٽ ملي
وڃي، يا سندس ڀاءُ غلام مرتضيٰ کي موڪل هئي ته
ڪراچيءَ کان جڏهن اچي ته صبح شام ساڻس ملندو ڪري،
يا راز هوندو هيس آغا شمس الدين خان سان، سو به
جڏهن گهرائيندو هيس ته ويندو، ورنه ڇه ماهيون بلڪ
سال به ٿي ويندو ته ڏاڪڻ تان هيٺ نه لهندو. ڪڏهن
ڪڏهن روح گهرندو هيس، ته ڊکڻن ۾ وڃي محمد پناهه
خان جي گهرٻار جي خبر رکي، ماني کائي، شام جو موٽي
ايندو هو. ڪليڪٽر ٿي رٽائر ڪيائين. پهريون پگهار ۽
پوءِ پينشن، جڏهن ايندس ته کاڌي، ڪتابن جي خرچ ۽
پنهنجي خاص ملازم جي تنخواهه جا پيسا ڪڍي، باقي
سڄي رقم مخفي طور رنن زالن ڏي، يتيم ٻارن ڏي، ۽ ڪن
غريب عزيزن ڏي موڪلي ڇڏيندو. سندس پنهنجي کاڌ
خوراڪ جو خرچ مشڪل سان پنجاهه کن هوندو هو. گوشت
ورلي، ورنه هميشه ڀاڄيون کائيندو هو، لسي سڄو
ڏينهن پيو پيئندو، سرنهه جو مٺو تيل مٿي ۽ بت کي
ايترو هڻندو، جو پري کان ان جو جرڪاٽ ڏسڻ ۾ پيو
ايندو، فروٽ سالٽ جا کوکا وٺي رکيا هئائين، ان جو
استعمال صحت لاءِ ضروري سمجهندو هو.
ڪتاب، اخبارون جٿان ڪٿان هر مهيني پيو گهرائيندو.
ڪتاب جو هر ورق ۽ هڪ هڪ حاشيو نوٽن ۽ لـيـِـڪـُـن
سان ڀري ڇڏيندو. اخبار پڙهندو، ضروري خبر ڏسندو ته
ڪٽنگ ڪري رکندو. انگريزن جو سخت ترين دشمن هو.
ايڏيءَ شدت جي نفرت اسان ٻئي ڪنهن کي ڪانه ڏٺي.
خود انگريزن جي وڏن وڏن قومي مخالفن کي به ساڻن
ايڏي دشمني ڪانه هوندي. عيساني صاحب سندن قومي
تاريخ جو تمام چڱيءَ پر مطالعو ڪيو هو. هرهڪ
انگريز گهراڻي، بلڪ ان جي ستن پيڙهين مان، واقف
هوندو هو. انهن جي قومي خصائلن جو، ڪردار ۽ فطرت
جو، سندن سياست ۽ حڪمرانيءَ جي عيبن ثوابن جو،
مطلب ته ايڏو واقف خود انگريز پاڻ به پنهنجو ڪونه
هوندو، جيترو عيساني مرحوم هو. تنهنڪري سوچي
سمجهي، وڏي تجربي، ذاتي مشاهدي ۽ گهري مطالعي بعد
هن اها نفرت پيدا ڪئي هئي.
عيساني صاحب هندستان جي تاريخ جو به غور سان
مطالعو ڪيو هو. سندس راءِ هئي ته مغلن جو زوال
عالمگير کان پوءِ نه ٿيو، بلڪ ان جي شروعات
عالمگير جي تخت نشينيءَ واري جدوجهد کان ٿي، ان جي
ابتدا تڏهن ٿي، جڏهن هـُـن پيءُ کي تخت تان لاهي
ڪاٺ ۾ وڌو ۽ برادرڪشيءَ جو آغاز ڪيو. کانئس پوءِ
جيڪا شهزادن ۾ ڪشت و خون هلي، سا سندس انهيءَ
پاليسيءَ جي صداءِ بازگشت هئي. جڏهن کيس ڪو
ٻڌائيندو هو ته عالمگير ته هندي مسلمانن ۾ ’غازي‘
ٿو سڏيو وڃي، تڏهن ڏاڍيان ٽهڪ ڏيئي کلندو هو.
چوندو هو:
”اسان جي قوم خواه اسان جا مورخ طبعاً شاهه پرست
آهن. ڏٺو ڪونه اٿو ته هر فاسق ۽ فاجر، ظالم ۽
بدڪردار بادشاهه کي اسان جي مورخن ‘ظل الله’ سڏيو
آهي!“
چئبو هئس ته: ”سائين! علامه اقبال به سندس لاءِ
چئي ويو آهي:
ترڪشِ مارا خدنگِ آخرين!“
چوندو هو: ”ير ميان حسام الدين، ڇڏيو! اوهان به
شاعرن جي قول کي کڻي اهميت ڏني آهي. شاعر ڪڏهن رنگ
۾ ته ڪڏهن ڀنگ ۾!“ وڏا ٽهڪ ڏيندو، انکان پوءِ
سنهڙيون اکيون ڪجهه ٻوٽجي ويندَس. انهن اڌ کليل
اکين سان تکي گهور وجهي چوندو:
”ڀائو، ساڳي اقبال صاحب انگلنڊ جي بادشاهه جي
تعريف ڪانه ڪئي آهي!“ مون ڏي منهنجي ڪري چوندو:
”ير، ميان حسام الدين! اهو بيت ڪيئن پڙهندو آهين؟
پر، پاڻ کي ته اڙدو ڦڙدو ڪانه ايندي آهي.“
اڙدوءُ کي هميشه زوال
[3] جي دور جي زبان
سمجهندو هو، تنهنڪري جڏهن به ’اڙدوءَ‘ جو نالو
کڻدو هو، تڏهن ’ڦڙدوءَ‘ جو اکر پٺيان ضرور لائي
ڇڏيندو هئس.
”صاحب، ڪهڙوِ شعر؟“
”يار، هو!...
”ها سائين، ٻڌو خان وڏا!...
”ڀائو، هو ٻڌاءِ امان الله وارو!“
”اُهو جنهن ۾ امان الله جي تعريف ٿيل آهي!“
”ها، ها! ڀائو!“
”اي اميرِ ڪامگار! اي شهريار! نوجوان و مثل پيران،
پخته ڪار؟“
”اِهو ڀائو! اِهو!“
”جڏهن امان الله ويو ته وري نادر خان جي به تعريف
ڪئي اٿائين؟...
”پير! ٻڌائجانءِ ته يار!“
”نادر، آن دانائي رمزِ اتحاد با مسلمان داد
پيغامِ وداد.“
----
”نادر، آن سرمايہ درانيان آن نظامِ
ملت افغانيان.“
”آغا وڏا! ٻڌندو وڃ، ير! جيڪو تخت تي ويٺو، تنهن
جي تعريف!...
”اڃان ٻيو ٻڌ، خان وڏا!...
”ير، معاف ڪجانءِ! هو ڀوپال واري حميد الله وارو
ته چئجانءِ!“
عيساني صاحب وڏن ماڻهن، اميرن ۽ جاگيردارن يا
نوابن جي سخت خلاف هوندو هو. چوندو هو ته اهي
انسان ذات لاءِ ’ڪينسر‘ آهن.
”ادا ڀائو! اسان جي خان وڏي کي اهو بيت ٻڌاءِ ته
سهي!“
”ها سائين، ياد ڪيان.“
* * *
عيساني صاحب جون سنهيون اکيون، جن جا ننڍڙا تارا
ايترو تيزيءَ سان چمڪندا هئا، جو انهن جي تاب ۽
تيک جي سامهون ٻين جون وڏيون وڏيون اکيون پاڻ جهلي
نه سگهنديون هيون، يڪدم ڦوٽارجي ويون، بلڪ پنهنجي
ظرف ۽ وسعت کان به زيادهه کلي ويون. چوڻ لڳو:
”خان، ٻڌ!...
”هيڏي پير، ٻڌ! تون به پاڻ کي ڪا چيز سمجهندو
آهين!“
عيساني صاحب بس جوش ۾ هوندو. عام حالتن ۾ ٽنگ ٽنگ
تي چاڙهيون ويٺو هوندو، ليڪن جڏهن ڪو اهڙو موقعو
ٿيندو هو، ته ٽنگ لاهي هيٺ ڪندو، نيٽ وارو لڪڻ،
جنهن جي مـُـٺ تي مـَـرُ چڙهي ويل چمڙو چڙهيل
هوندو، ان کي هر هر پيو زمين تي هڻندو، ۽ سڄي هٿ
جي اشهد آڱر بار بار نّڪ تائين پهچي، ان کي پئي
ڇهندي. جڏهن عيساني صاحب تي اها ڪيفيت طاري ٿيندي
هئي، تڏهن ڪچهريءَ جا سڀئي ماڻهو هوشيار ٿي، ڏانهس
متوجهه ٿي ويندا هئا. اهو گويا سندن لاءِ الارم
هو. چوندو:
”خان وڏا! امان الله جيسين تخت تي تيسين اهو به
چڱو مڙس، نادر خان انگريزن آندو ته اقبال صاحب
لاءِ اهو به اکين جو نور، ۽ پنج سؤ رپيا ڀوپال جي
نواب ماهواري مقرر ڪيا ته اهو به اسلام جو ستارو-
اقبال صاحب کي اها خبر نه هئي ته حميدالله جي
رياست ۾ هزارين مسلمان انگ اگهاڙا پيٽ بکيا رهن
ٿا؟ انهن جي خوشحاليءَ جو مٿس اسلام جي طرفان ڪو
ذمو هو يا نه؟ ڀلا پوءِ اهو ڪيئن اسلام جو نگهبان
ٿيو؟ اڃا سائين ٻڌو ته سهي...“
انهيءَ وقت وري مون ڏي منهن ڪندو:
”معاف ڪجانءِ، ير! هڪ ته اسان کي شعر ياد رکڻ به
ڏانوَ نٿا اچن... هو ته ٻڌاءِ جنهن ۾ خوشحال خٽڪ
لاءِ چيل آهي!“
خوش سرود آن شاعر، افغان شناس، آنڪه بيند، باز
گويد بي هراس،
آن حڪــــــيم مـــلتِ افغــــــانيـــــان، آن
طــبيب علتِ افـــغانيــــــان
اتي صاحب کلي ويهندو - سنهڙيون اکيون، جيڪي هن وقت
تائين کليل هيون، سي ٻوٽجي وينديون - ڏاڍيان ٽهه
ٽهه ڪري چوندو:
”ير، الله تنهنجو ڀلو ڪري، وري ته چئجانءِ!“
راز قومي ديد و بي باڪانه گفت، حرف حق با شوخيءَ
رندانه گفت،
اشتري يابد اگـــر افغان حر، يايراق و ساز و
با انبار دُر،
“جهت دونش ازان انبار در، ميشود خود شنود
بازنگِ شتر“.
”اهوئي خٽڪ آهي نه جنهن عالمگير تي سخت ملامت ڪئي
آهي ۽ چيو اٿائين ته تعجب آهي، جنهن پيءُ جيل ۾
وڌو، جنهن ڀائر ڪُٺا، جنهن اسلام جي قانونن کي
ڀڳو، تنهن کي مسلمانن ’محي الدين‘ جو لقب ڏنو آهي.
مان به ير راورٽيءَ ۾ ان جو ترجمو پڙهيو آهي. پشتو
ته پاڻ کي ايندي ڪانه آهي!“
آغا بدر الدين خان تائيد ڪندي چوندو:
”هائو صاحب، هائو، مان به ان جو ترجمو پڙهيو آهي.“
”يار، ائين ته چئجانءِ!...
”الله شل توکي حياتي ڏئي!“
”هائو سائين، هائو!“
”ٻـُڌئي خان وڏا؟... هي تنهنجو پٽ به ڪتابن جو
ڪيڙو اٿئي...
”ٻڌين ٿو؟...
”ڪيڙو! ڪيڙو! هائو ڪتابن جو...
”رات ڏينهن منهن ڪتابن ۾ اٿس...
”ڪڏهن هِن جي لائبرريءَ ۾ويو آهين!“
”نه ير!“
”سچ ته چؤ!“
”ها! ها! ها!“
وري ٽهڪ ڏئي چوندو:
”ٻڌ سائين، هاڻي. جي عالمگير خدنگ آخرين، ته خٽڪ
شهباز ڇو، ٻنهي مان هڪ ته ڪوڙو هجڻ کپي. پر
ڪهڙيون ڳالهيون ٿو پڇين! شاهه پرست قوم جا جهڙا
مؤرخ باشاهه تهڙا شاعر بادشاهه. سڀئي شاه پرست،
مڙئي دٻو گل آهي.“
پوءِ سڀني کي کلي چوندو:
”ڀائو، شاعرن جي ڳالهين تي اعتبار نه ڪرڻ کپي. هنن
جي فقط ڪاريگريءَ کي ڏسڻ کپي، ان مان لذت حاصل ڪرڻ
گهرجي. هنن جي ڳالهين کي ٻڌبو آهي، انهن تي هلبو
نه آهي.“
اهڙيءَ طرح صاحب ڪڏهن ڪڏهن جوش ۾ اچي ويندو هو ته
ٻين سان گڏ علامه مرحوم مان به ٻــِـسـَـٽِ ٻاهر
ٿي ويندو هو. انگريزي ادب جي واهه جو ڄاڻ هئس،
باقي مشرقي شاعريءَ جي مزاج جي پروڙ ڪانه هُئس.
عيساني صاحب سنڌ جي هر ضلعي ۾ رهيو. جتي رهيو، اتي
هن پنهنجو وقت رائگان ڪونه وڃايو. انهن جي حالتن
جو مطالعو ڪيائين، تاريخ جو مطالعو ڪيائين، ماڻهن
جي رسم رواج، عادتن، اخلاقن ۽ طبيعتن جو اڀياس
ڪيائين. تنهنڪري هن کي هر ڪنهن لاءِ پنهنجي خاص
راءِ هوندي هئي. هڪ دفعو وڏي سوچ ويچار ۽ تجربي
بعد جيڪا راءِ قائم ڪيائين، ان ۾ وري هڪ زير زبر
جي بدل سدل جي به کيس ضرورت ڪانه پئي. ڄڻ پٿر تي
ليڪو اچي ويو. اڻويهين صديءَ جي اختتام ۽ ويهينءَ
صديءَ جي هـِـن اڌ جو هُو وڏي ۾ وڏو ماهر ۽ ڄاڻو
هو. سنڌ جا مشاهير ياد، انهن جي عيبن ثوابن مان
واقف، انهن لاءِ مخصوص راءِ، پراڻن خاندانن جي
شجرن ۽ مٽن مائٽن جي خبر، شخصن جي ذاتي ڪردارن جو
ڄاڻو، سنڌ ۾ ٿيل سڀني وڏن واقعن جي تفصيل جو ياد
حافظ. مطلب ته مشاهدي ۽ مطالعي جي منجهس ڏاڍي قدرت
۽ قوت هئي. چوندو هو:
”ڀائو! انسان کي سڄي عمر شاگرد ٿي رهڻ گهرجي،
هميشهه پيو پرائجي، هميشهه پيو سکجي. هن ڪائنات ۾
ايڏا اونهان اسرار آهن، جو ههڙيون سوين زندگيون
هجن، تڏهن به پوري پروڙ پئجي نه سگهندي. وقت ٿورو،
معاملا وڏا، تنهنڪري هڪ هڪ منٽ قيمتي سمجهڻ گهرجي.
خدا ڪفر معاف ڪري ڇڏيندو، ليڪن وقت جي زيان جو
گناهه ڪڏهن ڪونه بخشيندو.“
سنڌ ۾ ڪن خاص شخصن ۽ خاندانن سان سندس دلبري هئي.
تمام وڏي تجربي بعد هن اهي ماڻهو ۽ گهراڻا منتخب
ڪيا هئا. اپر سنڌ ۾ محمد پناهه ڊکڻ جو گهر، آغا
شمس الدين ۽ خانبهادر در محمد خان جو گهر، هيڏانهن
اسان جو گهر. جڏهن انهن گهراڻن مان ڪنهن سان
ويهندو، تڏهن خوش به ٿيندو ۽ کـُـلي به
ڳالهائيندو. مجلس ۾ جو وقت ويٺو هوندو، پاڻ گهٽ
ٻڌائيندو، ٻين کان گهڻو ٻڌڻ گهرندو. ڳالهه ڪبي،
وڻنديس، دل کي لڳنديس، طبيعت کي آئڙجي اينديس،
سندس پنهنجي راءِ سان ڀـِـچي ۽ ٺهڪي اينديس، ته
ٽهڪ ڏئي کلي ويهندو. سندس سنهڙيون اکيون، جيڪي ٻن
ننڍڙن ستارن وانگر هميشه پيون ٽمڪنديون هيون، ۽
جڏهن پنهنجا تمام سنها ٻئي چـَـپ ڀيڪوڙي ڪنهن ڏي
غور سان گهور پچائي ڏسندو هو، تڏهن ماڻهوءَ جي روح
تائين اهي وڃي رسنديون هيون، ۽ خوشيءَ مان ٻوٽجي
وينديون هيون. يڪدم ڪرسيءَ تان اٿي اچي ڀاڪر
پائيندو، مـِـٺيون ڏيندو، مٿي کي ٻنهي هٿن سان وٺي
ڌوڻيندو، ٻئي ڪَنَ پٽيندو ۽ پڇاڙيءَ ۾ جوش ۽ جذبي
منجهان جڏهن چهنڊي پائيندو، تڏهن سمجهبو ته اها
ڳالهه عيساني صاحب جي دل ۾ اصل گهر ڪري ويئي.
چوندو:
”جهل ڀائو! جهل!...
”وري ٻڌائجانءِ!...
”هان؟...
”سچ سچ؟...
”ير، واهه جو ٻڌايئي؟...
”واهه ڀائو، واهه!...
”شل خوش هجين!“
مون سان ڏاڍي محبت هيس. هڪ دفعي[4]
خان وڏي مون ڏي موٽر موڪلي، ڏانهس به جيپ موڪلي.
وٽس جيپ صبح جو انهيءَ وقت پهتي، جڏهن خضاب لائي ۽
اڌ ڏاڙهي ڪوڙي بيٺو هو. بس هر شيءِ اتي. خضاب مٿي
۽ مڇن تي موجود، اڌ سنهاري صاف، اڌ جا بـُـج ٻاهر،
جن تي صابڻ لڳل، سڌو، لڪڻ هٿ ۾، ڌُو اچي ڳڙهيءَ
پهتو. مان شام جو ڏينهن ٺاري پهتس، ڏٺم ته عيساني
مرحوم اهڙي حال ۾ منتظر ويٺو آهي!
”اڙي صاحب، هي ڇا؟
”بس ميان حسام الدين، خان وڏي جي موٽر آئي، تنهنجي
خبر پئي، چيم اهو وقت به هتي ڇو وڃايان؟“
”پر صاحب! هتي پهچي ته سيرب لاهي تڙ ڪيو ها؟“
”ڀائو تنهنجو انتظار هو. مان غسلخاني ۾ هجان ۽ تون
جو اچي وڃين، پوءِ ڇا ٿئي؟“
بس پوءِ ته نه خوش، نه خير عافيت، نه حال نه
احوال،
”ها ڀائو، ڀلا هيءَ ڳالهه ڪيئن؟“
ڌڪڙ تي ڄڻ اٽو لڳي ويو. ڪچهري شروع ٿي وئي- چميون،
ڀاڪر، چهنڊيون، ڪن پٽڻ، مٿو ڌوڻڻ. خان وڏو کلي
چوندو:
”صاحب! ٿڪ ته پَٽڻُ ڏينس!“
”خان وڏا بس ته ڪر، ههڙا موقعا ڪي روز ملندا آهن
ڇا!“
اُنهيءَ رات اسان ٻين بجي رات تائين ويٺاسين. جڏهن
مٿو صفا خالي ٿي ويو، تڏهن عيساني صاحب کي عرض ڪيم
ته ’باقي آئينده ڪري، هاڻي سمهڻ گهرجي.‘
ڳڙهيءَ جي رات ٿڌي هئي، ليڪن مڇر غضب جا. خدا پيو
پناهه ۾ رکي. آغا بدرالدين خان منهنجي کـَـٽ تي
مڇرداني ٻڌرائي ڇڏي هئي. مون کي ڪهڙي خبر ته
مڇرداني اڄ ئي پنهنجي صحيح معنيٰ کي سمجهي، واقعي
’مڇرداني‘ ٿي پوندي. اڃان گهِلَ اچي ته ٺڪ چڪ، وري
اک لڳي ته ’ڀون، ڀون‘... چڪ، ٿورڙو ننڊ جو گهيرٽ
وٺي ته ڪن ۾ ’زان زان زان...‘ ٺا ٿي ويو ڪن جي
پاپڙي ۾ الغرض ٻي وڳي تائين ته عيساني صاحب سان
صحبت رهي ۽ ٻين کان وٺي صبح تائين مڇرن ۽ منهنجي
مابين موازنو ۽ معرڪو ٿيندو رهيو. جڏهن روشني ٿي،
ته ڏٺم سوين مڇر اندر موجود. مڇرداني صحيح معنيٰ ۾
مڇرداني هئي- اهڙيءَ طرح جيئن کير داني، کنڊ داني
۽ چانهه داني. مان اڃا انهيءَ ڪبيدگيءَ ۾ ويٺو
هيس، اڃا مڇردانيءَ جي ’دان‘ مان ٻاهر نڪري، هٿ
منهن به ڪونه ڌوتم، ته اجهو ڏسان ته عيساني صاحب
موجود.
لڪڻ، قميص، نڪر، ڄنگهان اگهاڙيون، جن تي سرنهن جي
تيل جو جَرڪو، ڪالهه واري اڌ ڪوڙيل سنهاري صاف، ۽
خضاب جا چـُـٽا ۽ ليوڙا به لٿل، منهن ۽ وارن تي به
تيل جي چمڪ، اڃا سچو صبح به ڪونه ٿيو هو، ڇڙو پرهه
جي نور جي جاڏي ڪاڏي روشني ٿي هئي، ڪيترا ستارا به
ڪونه ٻڏا هئا.
”ها ڀائو! اٿيا آهيو؟“
”ڀلا هي ته ٻڌائجانءِ!“
”ير عيساني صاحب، خدا جي نالي گهڙي کن ته ڇڏ!“
”چڱو ڀلا، پوءِ ٿا ڳالهايون.“
اهو چوندو صاحب اٿيو هليو ويو. جڏهن ونهتس، اوجاڳي
جي ٿڪاوٽ بت تان لٿي، تڏهن شرمندو ٿيس. انهيءَ
انفعالي ڪيفيت ۾ وڏي هال ۾ جو وڃان، ته خان وڏو ۽
عيساني صاحب هڪٻئي سان جوٽ لايون ويٺا آهن. مون ڏي
ڏسي، صاحب کلي ويٺو:
”ڀائو، تڙ ٻڙ ڪيئي؟“
گهڻا اٻوجهه کيس ديوانو ليکيندا هئا، ليڪن هـُـو
پاڻ- پنهنجي تجربي مطابق سڀني کي چريو سمجهندو هو
۽ سچ پڇو ته حقيقت به اها هئي. جي دنيا ديواني نه
هجي ها، ته هو بيوقوف ٿورو هو جو درَ ڏئي ويهي ها؟
سنڌ جي سياست ۾ مجيد، سيد، راشدي ۽ کهڙي کان سواءِ
باقي ٻين سڀني کي ڳنڍي ڪپ ۽ چاقومار سمجهندو هو.
ڪن لاءِ چوندو هو ته اهي اڻ گهڙيا ڪاٺ آهن. شيخ
صاحب جي سياسي فراست جو قائل هو، سيد جي سنڌ
دوستيءَ تي عاشق هو، راشديءَ جي ذهن ۽ غربانوازيءَ
تي راضي هو، ۽ کهڙي جي انتظامي قابليت وڻندي هيس.
سنڌ کان ٻاهر بادشاه خان (خان عبدالغفار خان) سان
بيحد دلچسپي هئس ۽ سندس مرتبو سڀني کان اتاهون
سمجهندو هو. مسلمانن ۾ قربانيءَ ۽ انگريز دشمنيءَ
جي لحاظ کان ڪنهن کي سندس ثاني شريڪ نٿي سمجهائين.
جڏهن ملڪ ٻه حصا ٿيو، تڏهن ٻه سال کن بلڪل خاموش
رهيو. پڇبو هئس ته نٽائي ويندو هو. آخر جڏهن کليو،
تڏهن پڇيوسين:
”صاحب، ڪيو خبر؟“
”ڀائو حيران آهيان؟“
”ڇو صاحب؟“
”پاڪستان ان لاءِ ٿيو ته انگريزن جي چند پراڻن پٺن
جو مڪو مچي ۽ ڪن ڪامورن لاءِ چرڳ[5]
ٿئي ايڏو نقصان ۽ هي نتيجو؟ واه ڀائو واهه!“
هڪ دفعي ڪراچيءَ کان ڳوٺ ايندي سندس ننڍو ڀاءُ
غلام مصطفيٰ خان باقراڻن وٽ هلنديءَ ريل مان
ڪـِـري پيو. هـَـڏُ گـُـڏُ چڪنا چور ٿي ويس.
لاڙڪاڻي جي اسپتال ۾ آڻي وڌائونس. مان به اتفاق
سان اتي هئس. شام جو عيساني صاحب به اچي پهتو.
ڀاڻس کٽ تي نيم بيهوشيءَ ۾ پيو هو. کٽ جي هڪ پاسي
کان مان ويٺو هئس، ٻئي کان پاڻ اچي ويٺو. نه ڀاءُ
کي پورو ڏٺائين، نه سندس حالت دريافت ڪيائين.
ويهندي سان چيائين:
”ڀائو، تون هتي ڪيئنءَ؟...
”ير، ڏاڍو مزو ٿي ويو!...
”پوءِ ڀلا، ٻي ڪهڙي خبر؟“
مون کي لـڄ وٺي وئي، ڀاڻس جو ههڙو حال ۽ صاحب کي
اچي خبر چار جي لڳي آهي! عزيز خويش ڇا خيال ڪندا.
ڇهين شام کان اٺين بجي رات تائين مريض جي کٽ وٽ
ويٺي ويٺي ڪچهري ڪئيسون ۽ ان کان پوءِ وڃي رايل
هوٽل ۾ ويٺاسون. مان اڳ ئي اتي رهيل هئس. منهنجي
سانگي پاڻ به اتي اچي رهيو. چيائين:
”ير، واه جو رنگ لڳي ويا!“
آيو ڀاءُ کي ڏسڻ هو، ليڪن ٻه ڏينهن جيڪي رهيو، سو
هوٽل کان ٻاهر نه نڪتو، نه مون کي ئي ڇڏيائين ته
غلام مصطفيٰ کي ڏسي اچان. ماڻهن جي ذريعي پيو پڇا
ڪرائيندو هو. چوندو هو:
”مڙئي الله خير ڪندو!...
”حياتي هونديس ته ڪاڏي ويندو؟“
کيس هڪڙو پٽ هو. ٻي ڪابه اولاد ڪانه هيس. پهرين
جوانيءَ ۾ جو گهرواري وفات ڪري ويس، ته وري عورت
ڏي ڪونه تڪيائين. ڪتاب، اخبارون، ڪائنات جي اسرارن
جو مطالعو، ۽ ڪن خاص يارن سان ڪچهري- بس کيس ڪنهن
ٻيءَ سنگت جي سڄي حياتيءَ ۾ ضرورت ڪانه پئي.
چاليهن پنجيتاليهن جي ڄمار ۾ سندس اهو هڪ فرزند به
اوچتو هڪ حادثي ۾ فوت ٿي ويو. مان ڏاڍي ڏک مان وٽس
عذر خواهيءَ لاءِ ويس. در تي اچي ڀاڪر وڌائين. لٽا
اهي ئي- ٽؤيل جي ڪشادي خاڪي قميص، نڪر، ان تي
پراڻو پٽو، سرنهن جو تيل مٿي ۽ بت کي لڳل. ڪرسيءَ
تي ويهي، دستور مطابق چيم:
”صاحب جيڪا مرضي...“
ڳالهه پوري ڪرڻ به نه ڏنائين، چيائين:
”ڀائو، مڙئي خير آ، اهي ڳالهيون پيون ٿين، تون ٻي
ڪا خبر ٻڌاءِ!“
چار ڪلاڪ ويٺو رهيس. مجال آهي، جو هن عظيم المرتبت
شخص جي انداز مان ڏک ۽ صدمي جي ڪا لکا پوي. ايڏو
صبر، ايڏو طبيعت تي قبضو ۽ اختيار!، اهي سڀئي
حادثا، ڳالهيون ۽ واقعا زماني جي دستور ۽ رسم کان
زياده وٽس ڪا اهميت ڪانه رکندا هئا.
سال 1957ع ۾ فيصلو ڪيائين ته هاڻي مرڻو آهي. هن
کان پوءِ مطالعو به اجايو ته زندگي به بيڪار. يڪدم
ڪتاب صندوقن ۾ بند ڪرائي، اخبار وارن ڏانهن بندش
جا ڪارڊ لکي، پاڻ کٽ تي آهلي پيو. نڪا بيماري نڪا
ڪڻس. مائٽ سمجهائي بيٺا، دوست زور ڏئي ٿڪا، ڊاڪٽرن
سوين يقين ڏياريا، ليڪن کٽ تان اصل ڪونه اٿيو.
پوين ڏينهن ۾ ڪراچيءَ اچي پنهنجي ڀاءُ غلام مرتضيٰ
وٽ رهيو. مان ٻڌو ته ماڻهن سان ملڻ بند ڪري ڇڏيو
اٿائين. فقط هڪ سندس خاص ملازم ۽ ٻيو سندس ڀاءُ
وٽس اچي وڃي ٿو. دوستن يارن کي به ڏسڻ نٿو پسند
ڪري. ان هوندي به روح نه رهيو، دل جهلي نه
سگهياسي. آغا بدر الدين خان ۽ مان هڪ شام جو وٽس
وياسي. گهرائي ويهاريائين. اڄ نـِـڪر ڪانه هيس. ان
جي بجاءِ هڪ معمولي گوڏ، ليڪن قميص ساڳي خاڪي ٽؤيل
جي، ٻه کيسا ڍَڪ سان ۽ ڪالر جي پٺيان سيفٽي پن
لڳل. کٽ تي ليٽيل هو. آڌر ڀاءُ ڏنائين. جيترو وقت
ويٺاسي کلي ڳالهائيندو رهيو، ليڪن ڀانيوسي ائين
پئي، ڄڻ هي ماڻهو هاڻي هن دنيا جو آهي ئي ڪونه -
اوپرو، ڌاريو ۽ مسافر، ڄڻ هاڻي هن ماڳ مڪان جي
سراءِ ۾ ڇڙو اچي شب باش ٿيو آهي، وڏو اَسـُـر
هوندو هو پلاڻيندو. جڏهن اٿياسي، تڏهن چيائين:
”ميان حسام الدين، وري تڪليف نه ڪجو. هاڻي مون کان
پورو آدرڀاءُ يار پڳو نٿو ٿئي. دل سٽ ڏيندي، ته
پاڻهين اوهان ڏي ماڻهو موڪليندس.“
مان ڳوٺ هئس، جو اتي خبر پئي ته عيساني صاحب جيڪو
فيصلو ڪيو اهو پورو ٿيو، جيڪو قول ڪيو هئائين ان
کي نڀايائين، يعني انسانن جي هن ڪائنات مان نڪري
اڳتي هليو، ڏور ڪنهن اڻ ڏٺي ڏيهه تي، اتي جتي
بيوفا ۽ اجاين انسانن جي بوءِ بڻاس به ڪانه هوندي.
اهڙيءَ طرح سنڌ جو اهو بلبل هزار داستان هميشهه
لاءِ خاموش ٿي ويو[6].
* * *
عيسائين جي سڄي گهراڻي جو ڪردار عجيب و غريب ۽
بلڪل نرالو رهيو آهي. اصل ذات جا سومرا، وڏن
ڊکاڻڪي ڪئي تنهنڪري آل ڊکڻ. ملا عثمان جا فرزند
[7] جڏهن پڙهي پاس
ٿيا
[8] تڏهن ’سَر نيم‘
ڪيائون ’عثمان‘ مان ’عيساني‘ ڳڙهيءَ ۽ ڊکڻن جي وچ
۾ هڪ ننڍڙو واهڻ ”بڊو“ آهي، جنهن ۾ ڄاوا نپنا ۽
اتي ئي سندن زمينداري، ماءُ بسم الله ڪري سڀني
ڀائرن کي ٿڃ ڏني هئي، سندن نيڪ ۽ نمازي والد الله
کان الاهان ڪري پنيا هئا، اهوئي سبب هو، جو سڀئي
صالح، سڀئي قابل، سڀئي فطرت جا نيڪ ۽ دل جا پاڪ ۽
سڀئي سيرت خواه صورت ۾ بي داغ، موچارا، جنسي مور.
غلام مصطفيٰ خان سڀني ڀائرن ۾ وڏو، دل جو بادشاهه،
طبيعت جو شهنشاهه، ڌاڪي وارو ڪليڪٽر، يارن جو يار
۽ محتاجن جو مددگار، ڪو منجهيل سنجهيل ڪهي ايندس
ته تيسين ننڊ حرام، جيسين اها مونجهه نه سلجهائي
سنئين ڪندو. جيسين رهيو، تيسين احسان ڪندو رهيو.
دوست دشمن جي نه وچور نه خيال، نه واقف جو حساب نه
اڻ واقف جي سنڀال، در لنگي جيڪو آيو سو سر جو
سائين، ان جو ڪم ڪرڻ فرض ٿي پوندو. اهو وقت سندس
لاءِ ڄڻ عيد جو هوندو هو، عين راحت، ڏاڍو خوش،
ڏاڍو فرحت ۾. جڏهن ڪم پورو ڪندو، تڏهن ان کان به
زيادهه بهاري. جيسين وري ڪو ٻيو موڙهل هٿ نه
ايندس، تيسين ڄڻ ويڳاڻو، وتندو هر هر در ڏي
تڪيندو. هڪ ماڻهوءَ جوڪم ڪري گهر ڏي پيو موٽندو،
واٽ تي ڪو ٻيو ملي ويس ته وري اتهين ئي انهيءَ سان
الاتهار. مانيءَ جو ويلو اچي ويو يا بک لڳس ته
يڪدم ڪنهن دڪان ۾ گهڙي ويندو. نه پڇا نه ڳاڇا،
جيڪي سامهن ڏسندو، سو بنا پڇي جي کائڻ شروع ڪندو.
آچار جو ڪولو ملي ويس ته اهو به ٺيڪ، جي ڀڳڙن ۽
لائيءَ جي ڪـُـني هٿ چڙهي ويس ته اها به الاتهار.
جڏهن بس ڪندو، تڏهن قيمت جي ڪٿ ڪرائيندو. کيسي مان
ٻه پيسا زيادهه ڏئي، پوءِ ٻاهر نڪرندو. ڀاڙو، خرچ،
مانيون ٽڪيون سڀ پنهنجي هڙان، بلڪ ڪم واري جا سڄا
خرچ به پنهنجي سر تي.
هڪ دفعي سکر جي پليٽ فارم تي اچي روح سٽ ڏنس.
چانهه جي اسٽال تي بصرن جي آچار جي هڪ وڏي برني
پئي هئي. ڍڪڻ لاهي بيهجي ويو. يڪيءَ ساهيءَ اڌ
برني چٽ ڪري ويو. جڏهن زوريءَ مان ڇڪي پري ڪيو
مانس، تڏهن مشڪي چوڻ لڳو:
”ميان، قيمت ته ڏيڻ ڏي! ڏاڍو لستي آهي. تون به ته
وير ڪري ڏس.“
هڪ دفعي روهڙي تعلقي ۾ اليڪشن جي سلسلي ۾ ٻئي گڏ
هياسي. عالي واهڻ ۾ جڏهن پهتاسي، تڏهن چوڌاري رڙ
پئجي وئي:
”اڙي وڏو عيساني صاحب! ڀڄي اچو ڙي، صاحب اچي ويو!“
سڀني سان آدرڀاءُ ڪندو، هر ڪنهن کي کيڪر ڪندو، اچي
هڪ هٽ تي ويٺو. ڀائيءَ کٽ ڪڍي، ان تي گندي ۽ وهاڻو
اچي رکيو، ليڪن صاحب هٽ جي تڏي تي پلٿ ماري ويهي
رهيو. هيڏي ڏٺائين، سامهون ٻه - ٽي ڪـُـنيون پيون
هيون. ڀائيءَ کان پڇيائين:
”سيٺ، هنن ۾ ڇاهي؟“
”ڌڻي، ڪنهن ۾ لائيءَ ذرو پيو آهي، ڪنهن ۾ ڀڳڙن مٺ
آهي. مڙئي ٿيو جو پيٽ گذر ڪرڻو، ڌڻي منهنجا!“
”ٿورو هيڏي ته کڻي وٺ!“
بس ڍڪڻ لاهي، اچي صاحب ويٺو لائي، سڱر ۽ ڀڳڙا
کائڻ. ڀڳڙن جو ڦڪ به هڻندو وڃي ۽ ماڻهن سان به
ڳالهائيندو وڃي:
”اڙي قادو ڪاٿي آهي؟“
”صاحب، زمين تي. تون جو مهرباني ڪري وئينس!“
”اَئُون
[9] الهه ورايو؟“
”مڙ ئي صاحب تنهنجو ڀلايون. ٺيڪا ڏئي پـُـرِ ڪري
وئينس، نه ته لٽي لوڻ به ڪونه هيس!“
”ڌنون؟“
”اهو به خوش آهي. اڄ ڪاڏنهن ٻاهر آهي. تو پيسا
ڏنس، ٻه، ٽي ڳئون ورتائين. هاڻي ته ڇانگ جو ڌڻي
آهي. کير مکڻ جام پيو وڪڻي.“
ٻئي هڪ وراڻي ڏني:
”مڙئي صاحب تنهنجي سر بخت جو خير. اسان سڀني کي
لولي لائق ڪري وئين...“ ماڻهو جنسي فدا ڏٺم. صاحب
ڀڳڙا ۽ لائي کائيندو رهيو، حال احوال به ڏيندو
وٺندو رهيو. جڏهن روهڙي ڊويزن جو ڊپٽي هو، تڏهن
انهن سان پير ڀريا هئائين. ڪنهن کي زمين، ڪنهن کي
ٺيڪو، ڪنهن کي پئسا، ڪنهن کي نوڪري. ائين پئي
معلوم ٿيو، ڄڻ سڀني جي روح ۾ عيساني صاحب رچيل
آهي. ڄڻ مڙني جي دل ۾ سندس ديرو آهي. مون کي چوندو
هو:
”حسام الدين، هميشه غريبن تي ٿورو ڪجي.“
”صاحب ڇو؟“
”اهي ٿوري کي به گهڻو ڪري ڀائيندا ۽ هميشهه ياد
رکندا.“
” ۽ وڏا ماڻهو؟“
”اهي ڪم ڪڍي، جڏهن چانئٺ ڇڏيندا، تڏهن اتي ئي
وساريون ويندا. سمجهندا ته پنهنجي عقل جي آڌار تي
ڪم ڪڍي آياسي.“
جڏهن لائي، ڀڳڙن ۽ سڱر کان پوءِ ٻه، ٽي داڻا ڪتل
جا به وات ۾ وجهي بيٺو، تڏهن ڀائيءَ کي چيائين:
”سيٺ، پاڻي آڻ!“ مسلمانن گهڻو چيو: ”اسان ٿا
گهرئون کڻي اچون.“ ليڪن انڪار ڪندي، ڀائيءَ اڳيان
کڻي ٻُڪُ جهليائين. سڄو گَڏو پي، پوءِ سڀني ڏي
منهن ڪري چيائين:
”اڙي ووٽ ڪنهن کي ڏيندؤ؟“
”صاحب، جنهن لاءِ تون حڪم ڏين!“
”...کي؟“
”حاضر صاحب!“
”اڙي! ياد رکجو متان وساري ڇڏيو.“
جڏهن پيتيون کليون، تڏهن معلوم ٿيو ته فقط اتنهن
جا ووٽ مليا، جتان عيساني صاحب گهمي آيو هو. اها
ٻي ڳالهه هئي ته عيساني صاحب گهڻو گهمي ڪونه
سگهيو، تنهنڪري مقابلي ۾ سندس اميدوار هارائي
ويٺو.
موڙهل جي موک کي چوندو هو ‘خير جو ڪم’. پڇاڙيءَ ۾
انهيءَ ئي هڪ خير جي ڪم ڪندي پنهنجا هٿ به ساڙائي
ويٺو، يعني هڪ ماڻهوءَ جو ڪم ڪندي، احمد آباد جي
ڪليڪٽريءَ تان ڊسمس ٿيو.
زميندار هو، پرواهه نه ڪيائين. پاڻ ڳوٺ پهچي،
نوڪريءَ جي پابندين کان آجو ٿي، سڄو وقت ماڻهن جي
ڪم سان ماڻهن جي ئي پٺيان گهمندو وتيو. انگريزي
سوٽ بت تي، صاحبلوڪي ٽوپلو مٿي تي، ۽ ٿلهو نيٽ جو
لڪڻ ونگوڙي سان هٿ ۾، ڪڍ ولر سوالـِـن جا. ڪڏهن
ٽنگن تي، ته ڪڏهن ٽانگي تي. ڪڏهن ريل ۾ هوندو،
ڪڏهن رستي تي. ڏاڍو رعبائتو مڙس هو. انگريزي پوشاڪ
سـَـڄُ رکي بيهندي هيس. گهر ۾ هميشهه وڏي ڪاري يا
آسماني سلوار چڻن تي پائيندو هو، ان ۾ په لـُـڏَڻُ
پيو لڳندو هو. دل ايڏي مضبوط هيس، جيڏو جسم توانو،
جگر ايڏو جيڏو شينهن جو. سڄي زندگي نه ڪنهن جي
پرواهه ڪڍيائين نه ڪنهن جي اڳيان سر جهڪايائين،
ڳاٽ هميشهه اوچو. وڏن ماڻهن سان اصل ڪانه پيل
هوندي هيس. وڏن اڳيان ڪنڌ ۾ ڪلي ۽ ننڍن جي سامهون
ڪنڌ نويل. غريبن جو سو يار هو، جڏهن فوت ٿيو
[10] تڏهن ڪيترن
مسڪينن جون واهون بند ٿي ويون. کانئس پوءِ موڙهن
جي موک ڪرڻ وارو ڪو رهيوئي ڪونه.
ٻئي ڀائر نيڪ ۽ نيڪيءَ جا پتلا. احسان ڪرڻ ۽ ورک
کڻڻ ۽ پـَـهر وَهڻ جو جذبو ٻنهي ۾ هڪجهڙو، بلڪ
هڪٻئي کان ڪثر. فطرت ٻنهي جي پارس، جنهن سان لڳي
تنهن کي سون ڪيائون. ملڪ جا بادشاهه ته خير ٻيا
هئا، ليڪن پنهنجي ڪائنات جا هي پاڻ ئي شهنشاهه
هئا، سندن مرضيءَ ۽ سندن ضمير ۽ راءِ تي ڪنهن جو
زور هلي ڪونه سگهيو. خود سندن بالا عملدارن کي به
ڪڏهن جرات ڪانه ٿي سگهي، جو کين ڪو ڪڌو ڪم چئي
سگهن. ٻئي ڀائر طبيعت جا دهقان، دماغ جا خاقان،
مزاج جا جاني ۽ ذهن جا لاثاني هئا.
جملي چار ڀائر هئا، انهيءَ سڄي ڇانگ مان هاڻي ڇڙو
وڃي غلام مرتضيٰ
[11] هڪ بچيو آهي.
حقيقت ۾ سنڌ ڏاڍي سڀاڳي آهي، هن چوڏهين صديءَ ۾
به، جڏهن ماڻهن جو ايڏو ڏڪار آهي، منجهس اهڙا امل
ماڻڪ موجود هئا.
* * *
|