8
منجهان پيئي مَڪڙيءَ، ڪا جا پاڻيءَ پڪَ،
وکر هڻي وِڻڪ، ڪَٽجي ڪارو ٿيو.
- شاهه
”ڪون هوتا هـي يوپي ڪا مسلمان؟
انگريز ڪا غلام!
اسـي ڪيا خبر ڪہ آزادي ڪسي ڪهتي هين؟
جو آزادي ڪي ڪوشش ڪري اس ڪي مخالفت ڪرنا ڪفر ڪـي
برابر هــي!
اس وقت ڪانگريس ڪي آڙي آنا جهالت اور وطن دشمني
هـي !“
”اور جناب يه جو ظلم
[1]...“
”ڪون سـي ظلم؟“
يه سب انگريز ڪي سکائي هوئي داستانين هين!“
جلال ۾ چهرو لال، اکيون سرخ ڄڻ شعلا پيون ڇڏن،
هيون اگرچه سنهيون ليڪن معشوق جي آهو چشمن کان به
سو دفعا سرس، حسين ۽ جاذب. انٽر ڪلاس جي محدود
ڊيگهه ۾ هڪ پوڙهو شخص جوش ۽ جذبي وچان هڪ سري کان
ٻئي سري تائين تيز تيز قدم کڻي رهيو هو. سندس
مخاطب هڪ ٽڪيٽ ڪليڪٽر هو، جيڪو يوپيءَ جو باشندو
ٿي ڏٺو. سيٽ تي هڪ ٻيو سفيد ريش به اجرڪ بت کي
ويڙهيون، اخبارن جو بنڊل ڪڇ ۾ ڪيون ويٺو هو. ٻنهي
بزرگن جا مٿا اگهاڙا ۽ ڪوڙيل، سنهاريون وڏيون ۽
اڇيون جهڙيون کير، لٽا کاڌيءَ جا ٿلها، اڇا ۽ کار
۾ ڌوتل. سيٽ تي ويٺل بزرگ جي چهري تي هڪ اطمينان
ٿي ڏٺو - هلڪي مشڪ منهن تي، جوشيلي پوڙهي مڙس ڏي
هن ائين ٿي ڏٺو، جيئن ڪو عاشق معشوق کي ڏسي
پيوٺرندو آهي.
”يوپي ڪـي مسلمانون ڪو شرم نهين آتي!
يه لوگ خدا سي نهين ڊرتـي!
دائمي غلام رهنا چاهتي هين!
انگريز ڪـي هوتـي هوئـي ، همارا مذهب ڀي قائم نهين
هــي.
هندو اگر دشمن هـي تو وه مقامي هـي!
اس سي هم نپٽ لينگـي!
ليڪن انگريز!
وه تو پوري دنيائي اسلام ڪا دشمن هـي!
هم معمولي دشمن ڪو تو ديکتـي هين، ليڪن!
ليڪن! ليڪن! ليڪن!
هر اس دشمن ڪي غلامي قبول ڪرتـي هين!
جو هر محاذ پر مسلمانون ڪا پتا ڪاٽتا رهتا هـي!
شرم نهين آتي!
يه نهين سمجهتـي ڪه انگريز اگر هندوستان سي گيا،
تو پهر مڊل ايسٽ مين اس ڪـي پائون ڪهين ڀي نهين ٽڪ
سڪتي!“
”هندوستان ڪي آزادي دنيائي اسلام ڪي آزادي هـي!“
”ليڪن جناب....!“
”ليڪن ميڪن هم نهين جانتـي!
هم صاف بتائـي ديتـي هين!
هم قطعي آپ لوگون ڪو، جو غلام ابن غلام هين!
ڪهه ديتـي هين ڪه انگريز ڪا جو دوست هـي، وه
مسلمان ڪا دشمن هـي، وه اسلام ڪا دشمن هـي،وه رسول
اور اس ڪي الله ڪا دشمن هـي!
انگريز ڪـي شه پر مظالم ڪـي جهوٽـي قصـي گهڙلئـي
گئـي هين!
انگريز ڪـي تنخواه بردار غلام!
تنخواه بردار غلام! تنخواه بردار غلام!...“
جوش ۾ اچي سندس زبان وچڙي ٿي پـِـئي. هڪ هڪ فقري ۽
لفظ کي ٻه ٽي ٻه ٽي دفعا کيس دهرائڻو ٿي پيو.
”بـيشرم، غلام، جاسوس، تنخواه خور، نمڪ خور!...“
پوڙهي تي جلال جي سخت ڪيفيت طاري هئي، سندس
سنهاريءَ جا وار به کڙا ٿي ويا هئا.
”خدا سي نهين ڊرتي، اسلام ڪي لاج نهين هـي!...“
ايتري ۾ باگڙجي اسٽيشن تي گاڏي اڃا پوريءَ طرح
بيٺي نه هئي، جو ٽـِـي، ٽـِـي گاڏي مان ٽپو ڏئي
هليو ويو. جنهن وقت هن ٽپو ڏنو، ان وقت سندس چهري
تي هراس ٿي ڏٺو.
اهو هو حضرت مولانا عبيدالله سنڌي، جيڪو سترنهن
ورهيه، انگريز دشمنيءَ جي ڏوهه ۾ جلاوطني ڪاٽي،
هاڻي وطن پهتو هو، ۽ سندس ٻيو سنگتي هو مولوي
عبدالله لغاري، جيڪو سندس قديمي ساٿين مان هو ۽
سالن پڄاڻان وڇڙيل ساٿي پاڻ ۾ مليا هئا.
* * *
جنهن وقت مولانا سنڌ ۾ پهتو، ان وقت مسلم ليگ
پنهنجي نئين دؤر ۾ نئين نئين ظهور ۾ آئي هئي.
اليڪشن ۾ ڪامياب ٿيڻ بعد ڪيترن صوبن ۾ ڪانگريسي
وزارتون ٺهي چڪيون هيون. جن صوبن ۾ ڪانگريس کي
اڪثريت ڪانه هئي، اتي ان جا ميمبر قومي خيال رکندڙ
مسلمانن جي حمايت ڪري رهيا هئا، مثلاً سنڌ ۾ الله
بخش وزارت کي سندن امداد حاصل هئي. ليگ، جناح صاحب
جي قيادت ۾، هندستان جي مسلمانن کي يڪمشت ڪرڻ جي
ڪوشش ۾ هئي ۽ تقريباً سڀئي سرڪار پرست ۽ خطاب
يافته مسلمان جن سڄي رندگي انگريزي اقتدار جي پشتي
باني ٿي ڪئي، ان ۾ داخل ٿي چڪا هئا، ۽ مسلمانن جي
اڳيان جيڪو نعرو بلند ٿيڻ لڳو، سو انگريز دشمنيءَ
جو نه، بلڪ هندو دشمنيءَ جو. اهوئي سبب هو، جو
مولانا عبيدالله سمجهيو ٿي ته ٿورائيءَ وارن صوبن
جي مسلمانن، ڪانگريسي وزارتن جي بعض ڪوتاهين ۽ ڪن
غير اهم انفرادي غلطين کي وٺي، ڳالهه مان ڳالهوڙو
بڻايو آهي. ازانسواءِ هو انگريز دشمنيءَ ۾ ايترو
وڌيل هو ۽ سرڪار پرست مسلمانن جا کيس ايترا هٿ لڳل
هئا، جو ان کي ليگن واري انهيءَ سرڪار پرست مجموعي
۾ يقين ئي نه ٿي آيو ته اُهو پنهنجي قديمي روايتن
جي خلاف وڃي، ڪو انگريزن کي ڪڍڻ ۾ آزاديءَ جي
تحريڪ جو معاون ثابت ٿيندو. سرڪار پرستن جي اجتماع
جي ڪثرت کي ڏسي، ليگ تان مولانا جو ايمان کڄيو ٿي
ويو، تنهنڪري هن هر قيمت تي في الحال ڪانگريس جي
حمايت ڪرڻ ضروري ٿي سمجهي. انهن تاثرات سبب مولانا
جيئن ڪراچيءَ جي بندر تي آيو، تيئن ڪانگريس جي
حمايت جو اعلان ڪيائين.
مولانا جي ذهن ۾ قومي بنيادن تي آزاد هندستان جو
نقشو هو. هن نٿي گهريو ته طبقاتي ۽ مذهبي منافرت
کي پکيڙي هندستان اندر ايترو انتشار آندو وڃي جو
ان جي ڪري انگريز جا پير هتي مضبوط ٿي وڃن. مولانا
جن سنگتـِـن سان گڏجي، اڄ کان ويهه سال اڳ،
آزاديءَ جو تحرڪ شروع ڪيو هو، سي سڀئي ڪانگريس ۾
هئا، جنهن ڪشش پڻ مولانا جي دل ۾ ڪانگريس جي وقعت
وڌائي ٿي- مولانا ابوالڪلام، مولانا حسين احمد
مدني، مولانا ڪفايت الله، مولانا احمد سعيد، ڊاڪثر
ڪچلو، رفيع احمد قدوائي، وغيره وغيره.
مولانا اچڻ سان هندستان جو گشت ڪيو. ساٿين
سنگتـِـن سان مليو، سياسي سماچار هر طرف ۽ هر طرح
ڪنايائين. جنهن بعد هن سنڌ اندر ازسرنو جدوجهد
شروع ڪرڻ جو پَههُ پچايو. سڀ کان پهريون هـُـن سنڌ
۾ عالمن جي طبقي کي، جيڪو فالج زده عضوي وانگر
بلڪل بيڪار ۽ معطل ٿي چڪو هو، سجاڳ ۽ منظم ڪرڻ
شروع ڪيو. هنن کي آماده ڪيائين ته هو سياست ۽ ملڪ
سان به دلچسپي وٺن، نئين دنيا سان روشناس ٿين ۽
گوشـہ نشينيءَ جي زندگي ترڪ ڪري، مراقبن ۽ چلن مان
نڪري، مدرسن جي نـُـکن تان اٿي، اچي آزاديءَ جي
جدوجهد ۾ حصو وٺن، ۽ ملڪ جي سڀني مسئلن ۾ ٻين طبقن
وانگر دخيل ٿين. مولانا جي تحريڪ هئي ته علماءِ
ڪرام عبائون ۽ قبائون ترڪ ڪري ڪوٽ پتلون پائن،
دستار مبارڪ جي گنبد مان نڪري مٿي تي ٽوپلا رکي
گهمن، جي ٽوڀلا نه پائن ته ڪم از ڪم دستار جي
پابندي ڇڏي ڏين ۽ اگهاڙي مٿي کان کين عار اچڻ نه
کپي. حقيقت ۾ اهي ته هئا مولانا جا استعار! دراصل
هن عالمن سڳورن کي سندن محدود ۽ اَڏوهي ورتل دنيا
مان ڇڪي، ٻاهر ڪڍڻ گهريو ٿي:
زڪُنج صومعه، حافظ! مجوي گوهرِ عشق
قدم برون نهِ اگر، ميل جستجو داري
علمائن سان گڏ مولانا پيرن، مرشدن ۽ سجادن کي به
سندن غير شرعي ۽ عفونت آميز عالم مان ڪڍي شائسته
دنيا جو باشندو بنائڻ گهريو ٿي.
ٽيون ته مولانا هڪ دارالعلوم ٺاهڻ گهريو، جنهن ۾
جديد تعليم جي ذريعي نوجوانن کي اهڙي طريقي تي
تيار ڪرائي، جو اڳتي هلي اُهي ملڪ ۾ قوم لاءِ
ڪمائتا ثابت ٿي سگهن.
مولانا هڪ سياسي پارٽي به ٺاهڻ گهري ٿي، جنهن جو
نالو هن ”نربدا سنڌو ساگر جمنا پارٽي“ رکيو هو.
نالو هر چند بي ربط ۽ بي جوڙ ۽ غيرشاعرانه هو،
ليڪن ڏسڻو آهي مولانا جي نيت کي، جيڪا ملڪي وحدت
کي ٽوڙڻ لاءِ هرگز تيار نه هئي.
انهيءَ نئين دنيا ٺاهڻ جو آغاز مولانا پير جهنڊي
جي ڳوٺ مان هڪ مرڪز ٺاهي ڪرڻ گهريو ٿي، جنهن لاءِ
زمين جو هڪ پَيَل ٽڪرو ته پير صاحب جهنڊي واري ڏنو
هو. مرڪز هلائڻ لاءِ باقي چند هزار رپين جي ضرورت
هئي، جنهن جي گڏ ڪرڻ لاءِ مولانا هر انهيءَ
ماڻهوءَ سان ذڪر ڪڍندو هو، جيڪو ساڻس ملڻ ويندو
هو.
مولانا جي آخري زيارت مون کي ان وقت نصيب ٿي، جڏهن
آءٌ ۽ پير الاهي بخش کڏي جي مدرسي واري بالاخاني ۾
سندس مزاج پرسي ڪرڻ ويا هئاسي. مولانا کي اسهالن
جو عارضو هو. ڏاڍو ڪمزور ٿي چڪو هو. جوش خروش
ساڳيو، مرڪز کولڻ جي آرزو ڏاڍي ۽ چندي گڏ ڪرڻ لاءِ
خواهش اهائي. ان وقت مولانا چندي جي انگ کي گهڻو
هيٺ لاهي چڪو هو، يعني رپيا جملي ست هزار سردست
کيس گهربا هئا، جن جي ذريعي في الحال هو مرڪز کولي
ڪم شروع ڪري سگهي.
انهيءَ ئي ملاقات ۾ مولانا مون کي ارشاد ڪيو ته
جيڪڏهن آءٌ ساڻس شامل ٿي ڪم ڪريان ته هوند سندس
سڀئي مشڪلاتون آسان ٿي پون. انهيءَ وقت مون کي
معلوم ٿيو ته مولانا وٽ سندس تحريڪ لاءِ نه فقط ست
هزار رپيا ڪونه آهن، بلڪ وٽس ماڻهن جو به ايڏو قحط
آهي، جو مان جهڙي ماڻهوءَ جي شموليت کي به هو
اهميت ڏئي رهيو آهي. مون کي جهٽ اُنهيءَ مائيءَ
وارو قصو ياد اچي ويو، جنهن جي ڀاءُ کي جڏهن ڳوٺ
وارن چڱ مڙسيءَ جي پڳ ٻڌائي، تڏهن ٻـَـئي هٿ گوڏن
تي هڻي روئي ويٺي، چي: ’روئان ٿي تڏهن، جو اسان جي
شهر مان، جي ماڻهو هئا، سي سڀ مري ويا، ورنه ڪنهن
کي لاچار پيو هو جو ادي کي پڳ ٻڌائن ها!‘
بهرحال مولانا جي طبيعت به نجهرندي وئي. نه ست
هزار جمع ٿي سگهيا، نه مرڪز ٺهي سگهيو. مولانا آخر
هڪ ڏينهن وصال ڪري ويو. سندس جدوجهد جي نتيجي طور
هيٺيون ڳالهيون ٿيون:-
1- پنجاب جي هڪ نوجوان پروفيسر سرور مولانا جي
عنوان تي پنج ڇهه ڪتاب لکي بازار ۾ آندا.
2- پنجاب ۾ ’سنڌو ساگر نربدا جمنا اڪاڊمي‘ ٺهي،
جنهن اهي ڪتاب ڇپايا.
3- دارالمصنفين وارن اعظم ڳڙهه مان مولانا جي
سوانح ۽ تعليمات تي هڪ ڪتاب شايع ڪيو.
4- سنڌ جي مولوين مان فقط ٻن نوجوان مولوين،
مولانا جي سنت ۾، پنهنجا مٿا ڪوڙايا ۽ مٿو به
اگهاڙو ڪري گهمڻ لڳا. سندن ڳالهائڻ جو رنگ ۽ ڍنگ
به مولانا جي ڳالهائڻ جهڙو ٿي ويو: جدا جدا، بي
جوڙ جملا، جن ۾ فقط اشارا، موضوع هڪ هجي ليڪن
گفتگو وقت سڄي دنيا جا قصا گڏي، اهڙيءَ طرح مسئلو
منجهائي ڇڏجي، جو ان جي شرح ۽ تفسير لاءِ هر وقت
هڪ شارح جي ضرورت ٿئي.
5- شاهه ولي الله ۽ شاهه ولي الٰهي تحريڪ. راقم
الحروف اهي نالا ٻڌندو رهيو ٿي، ليڪن ماهيت معلوم
ڪرڻ جي پٺيان ڪڏهن ڪونه پيو.
6- چند اڻ پوريون تصنيفون ۽ قرآن مجيد جو هڪ
نامڪمل شرح، جنهن تي پڻ هڪ شرح جي ضرورت محسوس
ڪئي ٿي وئي.
7- هڪ نيم ديوانو ڀاڻيجو، جنهن کي خيال آهي ته
[2] مولانا مرحوم
جيڪي ڪم اڌ ۾ ڇڏي ويو آهي، تن کي هو توڙ رسائيندو.
پهريائين سنڌ جي هڪ ننڍي ڳوٺ ۾ رهندو هو، اتان ٽپڙ
کڻي اچي کڏي (ڪراچيءَ) ۾ رهيو. هڪ ڏينهن شيخ
عبدالمجيد سنڌيءَ وٽ آيو، چي:
”اسان کي پنهنجي اوطاق ۾ رهڻ ڏيو!“
”بابا، تون مسڪين آهين، ڪراچيءَ ۾ ڪٿان گهرگهاٽ جا
خرچ پورا ڪندين؟“
”اسان کي مولانا جي رٿيل پروگرامن کي هت مرڪزي شهر
۾ رهي پورو ڪرڻو آهي!“
”منهنجو ته خيال آهي ته تون جيڪر سنڌ ۾ هليو
وڃين.“
”اسان جي زندگيءَ جو مقصد اُتي رهي پورو ٿي نه
سگهندو.“
”کڏي مان ڇوٿو لڏين؟“
”جاءِ وارا مسواڙ لاءِ تنگ ٿا ڪن!“
”جي تون مسواڙ به ڏئي نٿو سگهين ته ٻيا خرچ ڪٿان
ڪندين؟“
”اوهان فقط اسان کي اوطاق ڏيو، باقي خرچ جڏهن
پروگرام شروع ڪياسي ته پاڻهي پيا پورا ٿيندا!“
”سدا اچي رهو، مولوي صاحب! جاءِ ته اجها هيءَ حاضر
آهي!“
کڏي جي جاءِ مان مسواڙ جي طاقت نه هجڻ سب بزرگ ٽپڙ
کڻي اچي شيخ صاحب جي انهيءَ مسواڙي جاءِ جي هڪ
حـصي ۾ ويٺو، جيڪا سول اسپتال جي سامهون آهي.
اوطاق کي پلويڙو ڏئي گهر لاءِ پردو ڪيائين، پلويڙو
آهستي آهستي راتين جو ويو سرندو، ڪشادو ٿيندو ۽
جاءِ والاريندو، ۽ آخر اچي انهيءَ حد تائين ويڪر ۾
وڌيو، جو شيخ صاحب جي اڌ ميدان کي سوري کڻي اندر
ڪيائين. ڇهن مهينن بعد معلوم ٿيو ته اها اوطاق
مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي ڀاڻيجي نه فقط مخفي طرح
پنهنجي نالي الاٽ ڪرائي ڇڏي، بلڪ حفظ ماتقدم جي
طور تي شيخ صاحب ۽ سندس فرزندن تي ڪورٽ ۾ به هڪ ٻه
ڪيس داخل ڪري ڇڏيائين، ۽ اهڙيءَ طرح هن مولانا
مرحوم جي ڇڏيل پروگرامن کي پوري ڪرڻ جي بسم الله
فرمائي، ۽ اهو ڏسڻ ۾ آيو انهيءَ اخلاق جو نمونو
جنهن کي مولانا پنهنجي صحبت ۾، جيڪا اڪسير جو اثر
رکندڙ چئي ٿي وئي، تربيت ڏئي تيار ڪيو هو!
8- مولانا عبدالله لغاري، جيڪو
[3] نهايت پـُـر مذاق
۽ شگفته مزاج ماڻهو هو: ان کي به اهائي خواهش هئي
جيڪا مولانا جي ڀاڻيجي کي هئي.
9- مولانا مرحوم دين محمد وفائيءَ جي عقائدن جو
سانحو، ۽ سنڌ جي مسلمانن جي مذهبي عقيدن واريءَ
اصلاح جي تحريڪ جو خاتمو.
مولانا جو خيال هو ته سنڌ ۾ پيرن جو اثر تمام گهڻو
آهي. سندس پنهنجو تعلق به دوستيءَ خواه عقيدت جي
صورت ۾ اسان وارن پيرن، درگاهن ۽ خانقاه نشينن سان
هو. هن گهريو ته عام مسلمانن کي ڏانهن متفر ڪرڻ جي
بجاءِ خود پيرن کي درست ڪيو وڃي، تاڪ سڌري وڃڻ بعد
سندن اثر رسوخ ۽ اقتدار مان صحيح ڪم وٺي سگهجي.
انهيءَ ڪري مولوي دين محمد وفائيءَ واريءَ تحريڪ
کي هن بند ڪرائي ڇڏيو.
حقيقت ۾ مولانا سنڌ ۾ ان وقت پهتو، جڏهن ذهني طرح
سان بلڪل ختم ٿي چڪو هو، سندس قوتون ڪمزور ۽
ساڻيون ٿي ويون هيون، ۽ صحت جا پويان پساهه هئا،
بلڪ سندس زيست عملي طرح پوري ٿي چڪي هئي. دماغ رڳو
خيالن سان ڀريل، زماني جي رفتار جو اندازو ڪونه،
تنهنڪري ايڏا طويل ۽ مختلف نوعيت ۽ عنوانن جا
پروگرام وٺي رٿيائين، جيڪي ناممڪن هئا ته سندس
خواهه ڪنهن ٻئي جي زندگيءَ ۾ پورا ٿي سگهن. مولانا
پڪن گهڙن کي ڪنان وجهڻ ٿي گهريا:
ڪار دنيا ڪسي تمام نڪرد
هر چه گيريد مـــختصر گيريد
باقي بچيل مختصر حياتيءَ ۾ ’مختصر گريد‘ تي عمل
ڪرڻ جي بجاءِ مولانا سڄي ’ڪارِ دنيا‘ کي هڪ ئي وقت
پورو ڪرڻ گهريو، جيڪو ناممڪن هو.
|