2
وجهيو منهن مٽن ۾، مـوکي اُڀي روءِ،
مـتارا مري ويا، اڱڻ اچي نه ڪوءِ،
متارن ئون پوءِ، مٺا مـَـٽ مـِـٽي ٿيا.
- شاهه
اُهو ئي زمانو هو، جڏهن مان ڳوٺ ڇڏي، ”سنڌ
زميندار“ اخبار جو ايڊيٽر ٿي، سکر وڃي رهيس، جتي
مون کي سنڌي نثر لکڻ جو گهڻي ۾ گهڻو تجربو حاصل
ٿيو ۽ جتي نظر علي خان جي صحبت ۽ سنگت منهنجي
آئيندي زندگيءَ لاءِ وڏي ۾ وڏي هـَـٿي ثابت ٿي.
گويا انهيءَ ئي ٽه- واٽي تان دورنگي دنيا جي تجربن
۽ ابتدائي لاهن ۽ چاڙهن جو پتو پيو، ڏکن خواهه سکن
سان سابقو ٿيو، ورنه واهڻ واري زندگي ته اهڙي
سنئين ۽ سڌي هئي، جو ان ۾ مدو جزر لاءِ نه گوشو هو
نه گنجائش.
سنڌ ۾ مسلمانن جي غالباً سڀ کان پهرين قومي اخبار
شيخ محمد سليمان واري ”الحق“ هئي، جيڪا ابتدا ۾
حيدرآباد مان انگريزيءَ ۾، ۽ پوءِ سکر مان سنڌيءَ
۾ نڪرندي هئي. انهيءَ اخبار کي پنهنجي جوانيءَ
واري زماني ۾ وڏن وڏن ايڊيٽرن سان واسطو پيو. سر
علي محمد دهلوي انهن مان هڪ هو. رئيس شمس الدين
بلبل به ڪجهه وقت لاءِ اُن جي سنڌي ايڊيشن جو
ايڊيٽر رهي چڪو هو. جڏهن مان سکر پهتس، ان وقت اها
اخبار عملي طرح بند ٿي چڪي هئي، فقط ڇـَـٺيءَ
ڇماهيءَ جڏهن ڪو سرڪاري نوٽيس ايندو هو، ته ان کي
ڇپڻ لاءِ معمولي پرچو ڪڍي ڇڏيندا هئا. البت پريس،
سا اڃا قائم هئي. ٻه، ٽي مشينان ۽ ڪيئي انبار
ٽائيپ جا، ٻيو سازو سامان تنهن کان سواءِ. شيخ
سليمان مرحوم جو ٻيو نمبر پٽ، مرحوم ميان
عبدالحڪيم، ان جو مهتمم ۽ مالڪ هو- پنجاهه جي لڳ
ڀڳ، نيڪ ۽ نهايت خاموش، نه ڪنهن جي هڪ ۾ نه ٻيءَ
۾، نه ڪنهن جي سڄيءَ ۾ نه ڀڳيءَ ۾، سڄو ڏينهن گهر
۾ ويهي گذاريندو هو، انهيءَ حد تائين گوشہ نشين،
جو شهر جي اٿي ويٺي به ڪانه ڪندو هو. مان ڪڏهن
ڪڏهن پريس جي ڪم سان وٽس ويندو هوس. اسان جي ڏاڏي
مرحوم جو شيخ صاحب جي والد سان برادرانه رستو هو،
تنهنڪري مون کي ڏاڍو قرب ڏيندو هو. جاءِ جي وڏن
ورانڊن ۽ ڪشادن ڪمرن ۾ سانت هوندي هئي، در ۽
ديواريون ڄڻ کائڻ ٿي آيون، چپ چپات، ماٺ ميٺ،
پراسرار، ڄڻ شام ويلي ڪنهن ويران ۽ اداس قبرستان
مان گذر ٿي ٿيو- چاليهن ورهين جي مسلسل جدوجهد بعد
ائين پيو ڀانئبو هو، ڄڻ هر شيءِ ٿڪجي پئي آهي، هر
شيءِ پوڙهي ٿي چڪي آهي، ماندي ۽ ملول، نراس ۽
نڍال. مشينن جا چڪا، انجڻن جون ڪلون، ٽائيپ جا
اکر، ڪاٺ جا ڪيس، اسٽڪيون، رٻڙ جا رولر، ڪمپازيٽرن
جي ويهڻ جا اسٽول، ايڊيٽرن جون ميزون ۽ ڪرسيون،
لکڻ جا قلم ۽ مس ڪپڙيون، ڪاغذن جون سلپون، مطلب ته
سڀڪجهه موجود هو، ليڪن هر شيءِ تي ورهين کان وٺي
رءُ چڙهي وئي هئي. ڪنهن لٽي پـَـلـَـو سان انهن جي
ڇنڊ ڦوڪ به ڪانه ڪئي هئي. شيخ صاحب شيوِ ڪندو هو،
مڇان ٿلهيون هيس، جن کي قدري ڪينچيءَ سان ڪتري
ڇڏيندو هو. وار گهڻا اڇا، ڪي ڪي ڪارا ڏسڻ ۾ ايندا
هئس. چهري جي بناوٽ ڏاڍي وڻندڙ ۽ موچاري هيس[1].
”الحق“ جي انهيءَ حالت کان پوءِ، سنڌ جي قومي ڪم
ڪندڙ مسلمانن، جناب شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي
سرپرستيءَ هيٺ، ڪراچيءَ مان غالباً 1921ع ۾ روزاني
”الوحيد“ جاري ڪئي. خلافت تحريڪ جي ابتدا هئي،
مسلمانن ۾ هڪ جوش ۽ جذبو هو. ترڪن سان لڙايون، علي
برادران، تلڪ مهاراج ۽ مهاتما گانڌي، الغرض
”الوحيد“ ستت ئي ايڏي مقبول ٿي وئي، جو سنڌ اندر
قومي سجاڳيءَ جي زبردست لهر اٿاري ڇڏيائين. سڄي
نبيري نڇيڙي سندس حصي ۾ اچي وئي. ”الوحيد“ جو لکيو
سنڌ جي مسلمانن لاءِ ڄڻ الهام ٿي پيو. ڪنهن کي چون
چرا جي مجال ڪانه، هرڪو پيو ان جي لکڻيءَ ڏانهن
تڪيندو هو. ”الوحيد“ جي احاطي ۽ دائري کان ٻاهر
جيڪا شيءِ هئي، سا بلڪل باطل ۽ غير مستند، يعني
قطعي مجهول ۽ صفا نامعقول. انگريز ششدر ٿي ويا، ۽
سنڌ ۾ انگريز پرستن جون ٿالهيون ابتيون ٿي ويون،
ديڳڙا اونڌا ٿي پيا ۽ ڏويون ٽنگجي ويون.
سکر واري ”سنڌ زميندار“، جنهن جو مان وڃي ايڊيٽر
ٿيس، سا در حقيقت ”الوحيد“ جي مقابلي لاءِ،
انگريزن جي چـُـرچ تي، سرڪار پرست مسلمانن ڪڍي
هئي. بظاهر ته زميندارن جي حقن جي محافظ ليڪن در
پردي ”الوحيد“ جي ڦيلايل ’زهر‘ لاءِ ’ترياق‘. ان
جا مالڪ، ان جا خريدار، ۽ جن جو ان سان تعلق هو،
سي سڀئي انگريزي اقتدار جا پروردا ۽ پيدا ڪيل هئا،
جيڪي لوڪ لڄا سبب ظاهر خاني پاڻ کي اعتدال پسند
قومي رهنما سڏيندا وتندا هئا. ”سنڌ زميندار“ نُنهن
چوٽيءَ جو زور ڏئي بيٺي، ليڪن ”الوحيد“ جو لکيو
مسلمانن جي دل ۽ دماغ تان مٽائي ڪونه سگهي. ماستر
عبدالوحيد ان جو پهريون ايڊيٽر هو. ان جي فوت ٿيڻ
بعد سکر وارو ميان احمد علي خان بي. اي. (عليگ)
آيو. ان کان پوءِ منهنجو برادر بزرگ پير علي محمد
راشدي. جڏهن ”سنڌ جدا واريءَ تحريڪ“ ۾ هو وڃي کهڙي
صاحب سان گڏيو، تڏهن اخبار جي ايڊيٽري تقريباً پنج
سال (29-1933ع) منهنجي ذمي رهي.
اسان ٻنهي ڀائرن وارو دور اهو هو، جڏهن خانبهادر
کهڙي ٻين زميندارن کان اخبار جي پچر ڇڏائي، ان کي
پنهنجي اختيار ۽ اقتدار هيٺ آندو هو. گويا ”سنڌ
زميندار“ سرڪار پرستيءَ وارو ڳٽ ڳچيءَ مان ڪڍي،
قوم پرستيءَ واريءَ واٽ تي وکون وجهڻ لڳي هئي.
نئين انتظام هيٺ اخبار جو مئنيجر آغا نظر علي خان
ٿي آيو هو[2]،
جيڪو طبعاً دل جو سست، همت جو ڍرو ۽ حڪومت کان
قدري خائف رهندو هو، تنهنڪري اخبار نويسيءَ لاءِ
جيڪو هن اصول مقرر ڪيو هو، سو اجهو هي هو، ڪم اهو
ڪجي، جنهن مان لعل به لڀي ۽ پريت به رهجي اچي،
نانگ به مري ۽ لٺ به نه ٽٽي، يعني انگريزن کان حق
بيشڪ طلب ڪجن، مسلمانن جي مسئلن تي لکجي ضرور،
ليڪن ”ڌيان طلب“ جي سرخيءَ هيٺ، ڏاڍيءَ نوڙت ۽
نرمائيءَ سان، مٺي زبان ۽ سهڻي لهجي ۾، وڻندڙ
طريقي ۽ سهندڙ نموني ۾- ۽ آخر ۾ چوندو هو ته ”تدبر
۽ دانشمندي درحقيقت انهيءَ طور ۽ طريقي جو نالو
آهي.“ اهي سڀ اکر ۽ محاورا، ترڪيبون ۽ لفظ درحقيقت
هن پنهنجي فطري هيڻائيءَ جي آٿت لاءِ گهڙيا هئا،
ورنه نه کهڙي صاحب جي ڪا جهل هئي ۽ نه اخبار جي
نئين دور جي ڪا اها تقاضا هئي. بهرحال منهنجي ڀاءُ
سان ته خبر نه آهي آغا صاحب ڪهڙو عمل ڪيو، ليڪن
منهنجي ته هڪ هڪ اکر تي سندس سواري هوندي هئي.
پنهنجي دور جا چند واقعا جڏهن اڄ ياد پون ٿا ته
کـِـلَ به نڪريو وڃي ٿي، حيرت ۽ اچرج به پئي لڳي.
ڪاڏي ويا اهي تدبر ۽ دانشمنديون، ڪاڏي ويو اهو
انگريز ۽ ان جو اقتدار، ڪاڏي ويا اهي ”ڌيان طلب“
مسئلا ۽ معاملا، ڪاڏي ويا اهي ڪمشنر ۽ ڪليڪٽر،
ڪاڏي ويا گورنر جنرل ۽ گورنر. نه ڪماني نه ڪپتان،
نه ڊپٽي نه ڪاردار. عهدا جيتوڻيڪ سڀ موجود، پر
انهن جا ملڪ ۽ مختار اهڙا لڏيا، جو ڄڻ ڪڏهن هئا ئي
ڪين!
گانڌي - اِروِن پئڪٽ[3]
کان اڳ هندستان اندر اوچتو انگريزن جي خلاف هڪ
طوفان اٿي کڙو ٿيو. هڪ باهه هئي، جا سڄي ملڪ کي
وڪوڙي وئي، هڪ زلزلو هو، جنهن سڄي ’برٽش ايمپائر
آف انڊيا‘ جا پيل پاوا لوڏي ڇڏيا. ريلان ڪـِـريون،
انگريز مئا، هڙتالون ۽ هٽ تاڙون ٿيون، پرڀات ڦيرين
سڀني ستلن کي سجاڳ ڪري ڇڏيو، انگريزي ڪپڙا سڙيا،
دڪانن تي ڌرڻا ۽ آفيسن اڳيان پڪيٽنگ ڪئي وئي. مطلب
ته هڪ طرف انگريز ۽ انهن جا ڇاڙتا، ٻئي طرف سڄو
هندستان. گانڌي - ارون پئڪٽ، گول ميز ڪانفرنس،
وائيٽ پيپر، هندو مسلم نفاق، مسلم ليگ تحريڪ،
سائمن ڪميشن
[4] ڪُئِٽ انڊيا،
پاڪستان، اهي سڀ انهيءَ پهرينءَ باهه جا ڀڙڪا ۽
اولانبا هئا، جن اڳتي هلي نه ڇڙو انگريزن کي ٽپڙ
ٻڌايا، بلڪ ملڪ جي رنگ روپ کي به ساڙي ٻاري ڇڏيو.
انهيءَ طوفان واري زماني ۾ انگريزن به وس پڄندي
ڪونه گهٽايو. ڦاسيون ٽنگيون، گوليون لڳيون، جيل
ڀريا، گهر ۽ ڳوٺ سڙيا، ملڪيتون ۽ املاڪون ضبط
ٿيون، مطلب ته دٻاءُ، زور ۽ زبردستيءَ جا سڀ ليڪا
لتاڙي بيهي رهيا، ليڪن وريو ڪجهه ڪونه. ٿيو اهوئي
جيڪو ٿيڻو هو. انهيءَ زماني ۾ صوبو سرحد انگريزن
جي ڏاڍاين جو خاص طرح شڪار ٿيو. پشاور جي قصه
خواني بازار ۾ لاش جا ڍير لڳي ويا. رت سيرون ڪري
هليو. سرخ پوش، جو جتي سو اتي معتوب. جيل، ماران،
چهبڪ، ڦٽڪا، ڏنڊا، مترڪا، سينن تي برڇيون ۽ آخر ۾
گوليون به مڙسن کاڌيون. هڪ جوان ته قصه خوانيءَ ۾
غالباً ست گوليون ٿـِـري ناٽ ٿـِـريءَ جون سيني تي
جهلي، زمين تي ڪريو تڏهن، جڏهن بيٺي ساهه نڪتس!
سرخ پوشن جو جهنڊو جهٽ ڏيئي کانئس ٻئي اچي ورتو،
جيڪو پڻ شهيد ٿيو، ۽ اهو سلسلو هڪ ٻن کان ٽپي وڃي
سـَـوَن تي پهتو. خان عبدالغفار جي سموري آڪهه کي
نه ڇڙو جيل ۾ وڌو ويو ۽ سندن ملڪيت ضبط ڪئي وئي،
بلڪه سندس ڳوٺ اتمان زئيءَ کي پڻ ساڙي ۽ ٻاري ڇڏيو
ويو[5].
اهو واقعو پنهنجي نموني پهرئين قسم جو هو، جنهنڪري
هندستان ۾ جيڪا باهه ٻري پئي، تنهن تي گويا تيل
پئجي ويو. لاهور جي اخبارن
[6] (زميندار، پرتاب،
ميلاپ ۽ سياست) انهيءَ خبر کي ڏاڍي جوش جاڳائيندڙ
نموني ۽ عبارت ۾ شايع ڪيو، وڏين وڏين سرخين ۽ ڪارن
ڪارن عنوانن سان، جنهن کي پڙهي، هرڪنهن جي لونءَ
ڪانڊارجي ٿي وئي. مون کي به نئون نئون جوش هو، رت
۾ حدت ۽ حرارت، تجربن واريءَ سرد مهريءَ جي هوا
اڃا ڪانه لڳي هئي. خبر پڙهندي اکين مان پاڻي وهي
ويو. خوش قسمتيءَ سبب نظر علي خان لاڙڪاڻي ويل هو،
جنهنڪري سندس غير حاضريءَ جو پورو فائدو وٺي، مان
به خبر کي جڳائيندڙ آب تاب سان شايع ڪري ڇڏيو
.ڪيترن ڏينهن کان پوءِ دل گهري خبر شايع ڪئي هيم،
تنهنڪري اندر ۾ هڪ سڪون ۽ راحت محسوس ٿي، ڄڻ سر
تان هڪ وڏو بار هو، جو لهي پيو.
نظر علي خان جيئن لاڙڪاڻي مان موٽيو، تيئن کيس
پرنٽر ۽ پبلشر جي حيثيت ۾ ڪليڪٽر جي ڪوٺ پهتي.
جڏهن اتان موٽيو ته سڙان کامان ڪندو آيو، چهري تي
جلال، طبيعت ۾ طوفان، اکيون لال، چپن تي خشڪي،
منهن ڳاڙهو ڳٽول جهڙو قنڌاري ڏاڙهون! ٽوپي هڪ طرف
اڇليائين، ڪوٽ ڪرسيءَ تي ڦٽو ڪيائين، پاڻ ڦهه ڪري
کٽ تي ڪـِـري پيو. گهڻي گهڻي کان پوءِ واڪو
ڪيائين، ”اي ميان صاحب!.. ميان حسام الدين شاهه
خان!... او ظالم ظلم!... بندوق کنيون آءُ! اچي
منهنجي سيني ۾ هڻ!“ جڏهن مرحوم ڪاوڙبو هو- خدا
بخشيس تڏهن اهي خطاب ۽ القاب ڏيندو هو، ”ميان! تون
ته جوان آهين، تنهنجو ته ابو امان به جئرو آهي،
ماري مون پوڙهي کي رکيئي! جناب منيجنگ ڊائريڪٽر جي
آبروءَ جو به لحاظ ڪون ٿيئي، ڄڻ ڪا پٺاڻن سان
تنهنجي عزازت هئي، جو ايڏو هڏ ڪُرڪيئي! ايترو
ڪهڪاءُ آيئي!“ مرحوم لاکيڻون لعل هو، جڏهن ڪاوڙبو
ته چوندو- ”ميان!“، ”او خان!“، ”او شاهه صاحب!“
”اي ظالم اظلم!“ جڏهن راضي ٿيندو ته وڏا ٽهڪ ڏئي
سڏ ڪندو- ”او آغا منهنجا!... او آغل سائين!...
هيڏي ته آءُ!“ هاڻي جڏهن لکان ٿو ته ڪَنَ ڄڻ اُهي
ئي ٽهڪ ٻڌن ٿا، اُهي ئي سَڏَ سُڻن ٿا. اکين اڳيان
هڪ پراڻي ڪرسي پئي آهي، ان جي اڳيان هڪ مَرُ چڙهيل
جهوني ميز، جنهن تي بي ترتيب ڪاغذن جا ڍير لڳا پيا
آهن. ڪرسيءَ تي نظر علي خان اوڪڙون ويٺو آهي، ٻئي
ڄنگهان به پاڻ سان مٿي رکيون. مٿو ڪوڙيل، رنگ ڀورو
۽ گلابي، مڇن جي سنت ورتل، ڏاڙهي ڀورڪاري ۽ ڏاڍي
سـُـهندڙ چاپئين. اکيون، نڪ، ڀروان ۽ پيشاني سڀ
ٺهندڙ ۽ جڙندڙ. وڏا ٽهڪ ڏئي پيو چوي، ”آغل!... او
آغل منهنجا!... ڇا حال آهي؟... اڄ ته پاڻ وٽ دعوت
شيراز آهي!“ ’دعوت شيراز‘ جو مطلب اهو هوندو هو ته
اڄ مٽرن يا چڻن جي ڇِڊي دال تناول ڪبي. ڪڏهن ڪڏهن
ڄڻ ڪَن لَوَندي اهو به آواز پيا ٻڌن:-
آل ڪان غئي پزوڙ، ما پزڙڪي الا![7]
مطلب ته ڍولڻ مڙس هو. جڏهن جوش لٿس، تڏهن حقيقت
حال ڪيائين ته ”دفتر دار صاحب[8]
کان هي دفعو ته جان ڇڏائي آيو آهيان، جي ٻيو دفعو
به تو اهڙو قومي جذبو ڏيکاريو ته جناب مئنيجنگ
ڊائريڪٽر صاحب جي عزت کي به نقصان پهچندو، نوٽيس
به بند ۽ تون ۽ اسان به ڪاٺ ۾! “
مئنيجنگ ڊائريڪٽر جو ته اوڙو هو، سندس ۽ منهنجي
جيل وڃڻ وارو مسئلو به محض ڳالهه جو ڳالهوڙو.
درحقيقت دڙڪو هو نوٽيس بند ٿيڻ جو ۽ اخبار جي بلئڪ
لسٽ تي اچڻ جو. نوٽيس ۽ بلئڪ لسٽ، اِهي ٻه اُهي
دواليون هيون، جيڪي هر اُنهيءَ اخبار جي نڪ ۾ بطور
ناڪيليءَ جي پونديون هيون، جنهن کي نه ايترا
خريدار هئا، جو ان جي آمدنيءَ تي هلي، ۽ نه ايتري
ذاتي موڙي هوندي هئي، جو خرچ ڪڍي سگهي. بهرحال
حڪومت جا اهي ٻه دڙڪا هٿين خالي اخبارن لاءِ جنسي
ڪال هوندا هئا، گويا سندن پويون ڏينهن.
* * *
سالن جي ڳالهه آهي. پوري يادگيري ڪانه ٿي پوي. پر
خدا نه ڀلائي ته 1928ع ڌاري جو واقعو آهي. امان
الله خان تخت تان دستبردار ٿي اٽليءَ ۾ وڃي پناهه
گزين ٿيو هو. افغانستان تي انگريزن جي هـُـشيءَ تي
پهريون بچو سقو قابض ٿيو. ان کان پوءِ چيو ائين ٿي
ويو ته هنن ئي نادر خان ۽ سندس ڀائرن کي پيرس مان
آڻي افغانستان پهچايو آهي.
هندستان جي قوم پرستن جي همدردي امان الله خان سان
هئي، ڇاڪاڻ ته کيس انگريزن جو وڏي ۾ وڏو دشمن
سمجهيو ويو ٿي. 1919ع واري جدوجهد سڀن کي ياد هئي،
جنهن ۾ امان الله انگريزن جي اثر ۽ اقتدار کي
پنهنجي ملڪ مان هميشه لاءِ ختم ڪري، آزاد بادشاهت
جو اعلان ڪيو هو. افغانستان جي ڪوهسارن جو اهو
جوان سال ۽ جوان بخت، قبول سيرت ۽ قبول صورت مالڪ
۽ مختار، جڏهن 1925ع ۾ دنيا جي دوري تي نڪتو، تڏهن
هرڪنهن ملڪ کيس هٿئون هٿ کنيو، شاهاڻي استقبال جي
بلڪل نئين ۽ نرالي تاريخ تيار ٿي وئي، دنيا جي
اخبارن به وسئون ڪونه گهٽايو. هـُـنن ته ان ڪري به
امان الله جي خبرن کي وڏين وڏين سرخين سان اشاعت
ٿي ڏني، جو کين يقين هو ته ان مان انگريزن کي مرچ
لڳندا. امان الله خان جي انهيءَ مقبوليت جو فائدو
وٺي، پنجاب جي موقعي شناس ٽوپي سازن جهٽ کڻي امان
الاهي ٽوپي ٺاهي. دهليءَ جي ٽوپي سازن وري سندس هڪ
ٻيءَ ٽوپيءَ جو نقل ڪيو. الغرض هندستان جي نقال ۽
ساده دل مسلمانن، جيئن ڪنهن زماني ۾ ترڪي خليفن جي
تتبع ۾ ترڪي ٽوپي يا پوءِ انور پاشا جون ٽوپيون
پاتيون هيون، تيئن امان الاهي ٽوپين کي به کڻي مٿي
تي رکيو. اصل ۾ ٽوپي سازن جو مڪو مچي ويو، جن سال
اڌ ۾ لک ڪمائي ورتا.
انگريزن کي ته 1919ع کان ئي امان الله خان سان
دشمني هئي. ويتر جو پنهنجي دوري جي دوران هـُـن
سڄي عالم ۽ خاص طرح هندستانين جون دليون هٿ ڪري
ورتيون، تنهن ته مرڳوئي انگريزن جي انتقامي جذبي
واريءَ دونهينءَ کي دکائي، ان جي باهه کي صفا
ڀڙڪائي ڇڏيو. پاڻ اڃا دوري تي ئي هو، جو پٺيان
هـُـنن افغاني ڪوهسارن اندر پنهنجو ڪم شروع ڪري
ڏنو. پئسا، ايجنٽ، غلط افواهه، فرضي تصويرون[9]،
بي پاڙا بهتان ۽ ڪوڙا الزام افغانستان جي ڪنڊ ڪڙڇ
۾ پهچي ويا.
امان الله جيئن دوري تان موٽيو، تيئن يورپ جي
ترقيءَ کان متاثر ٿيو آيو هو. پنهنجي ملڪ کي به
يورپ جي ڪڙيءَ تي پهچائڻ لاءِ، اچڻ سان، هن هڪ
طويل ترقياتي پروگرام رِٿي، ان کي فوري عمل ۾ آڻڻ
گهريو. انهيءَ پروگرام ۾ اسڪولن، ڪاليجن،
يونيورسٽين، ملٽري اڪاڊمين، لوهه جي ڪارخانن،
هوائي جهازن ۽ جنگي سامان ٺاهڻ جون ڪي رٿائون
هيون. جهڙوڪ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي تعليم، انگريزي وضع
قطع جا ڪپڙا پائڻ، گهر ۾ فرنيچر رکڻ ۽ ميز ڪرسيءَ
تي کائڻ، صفائي ۽ سٺائيءَ سان رهڻ، پردي کي
گهٽائڻ، غير شرعي ڊگهن، بي ترتيب ۽ اڻ صفا ٿيندڙ
سـُـنهارين تي پاڪيون ڦيرائڻ- انگريزن جيڪي افواهه
ڦهلائي ڇڏيا هئا، انهن مواد ته اڳ ۾ ئي تيار ڪري
ڇڏيو هو، ان ۾ فقط چواتيءَ ۽ چڻنگ جي دير هئي،
جيڪا انهن ترقياتي پروگرامن لائي ڇڏي، سڀئي ملا ۽
خان اٿي کڙا ٿيا. انگريزن جا پئسا پاڻيءَ وانگر
وهي رهيا هئا. ملا شور بازار جو نالو اسان انهيءَ
وقت ٻڌو هو. مطلب ته ڏسندي ڏسندي اهڙو ممڻ متو، جو
افغانستان جي تخت تي بچي سقي جهڙو معمولي ماڻهو
قابض ٿي ويو ۽ ملڪ جو اصلي وارث سڌو وڃي اٽليءَ
پهتو.
امان الله جڏهن ملڪ ڇڏيو ته قنڌار کان نڪري چمن ۾
آيو. اتان ريل ۾ سوار ٿي جيڪب آباد، رڪ، روهڙيءَ،
سماسٽا کان دهليءَ ۽ اتان سڌو بمبئيءَ ويو... هِنن
اکين ڪجهه ڏينهن اڳي سندس اهو جاهه ۽ جلال به ڏٺو،
جڏهن سندس اسپيشل ٽرين مٿان انگريزي هوائي جهاز گل
گهوريندا ٿي ويا، ۽ هاڻي واريءَ هن ڪسمپرسيءَ جو
حال به پسيو، جو ٻه فرسٽ ڪلاس معمولي گاڏا، انهن ۾
پاڻ ۽ سندس آڪهه، در دريون بند، نه سازو سامان،
اهي ئي لٽا جيڪي بدن تي، نه پورو جورابو نه سڄي
جـُـتي! بهرحال، سابق شاهه افغانستان، هزمئجسٽي دي
ڪنگ امان الله خان، جڏهن بمبئيءَ مان هندستان جو
ساحل ڇڏيو، تڏهن مـَـسين وڃي انگريزن کي ساهه پيٽ
۾ پيو.
هندستان جي همدردي اصل کان امان الله سان هئي،
هاڻي به هنن اهوئي ٿي سمجهيو ته افغاني قوم محض
انگريزن جي اشاري تي لڳي، پنهنجي قوم پرست ۽ محب
وطن بادشاهه سان ظلم ڪيو آهي. جڏهن نادر خان پشاور
۾ وارد ٿيو، تڏهن کيس هندستاني قوم جو اهو جذبو
معلوم ٿيو. ازانسواءِ هن اهو به محسوس ڪيو ته خود
افغانستان اندر ڪي قبيلا پڻ امان الله جي حق ۾
آهن، تنهنڪري وقت جي تقاضا ۽ مصلحت کي ڏسي، هن
اعلان ڪيو ته افغانستان ۾ هو ان ڪري وڃي رهيو آهي
ته بچي سقي کي ڪڍي، وري امان الله کي موٽائي تخت
تي آڻي. متبرڪ صورت، سفيد سـُـنهاري، مڙس ڏسڻو
وائسڻو، پنج ئي وقت نماز باجماعت- سڀن کي اعتبار
اچي ويو. سڀن کي خاطري ٿي ته ڄاڻ حق حقدار کي
مليو، انگريزن جي ڪک جو ڪان ڄاڻ موٽي اچي ڪمان
ڀيڙو ٿيو. مولانا ظفر علي خان حسب دستور اسلامي
اخوت واري جذبي جي ماتحت نه ڇڙو لاهور جي اسٽيشن
تي نادرخان وارن جو شاندار استقبال ڪيو، بلڪ جوش ۾
بنان ٽڪيٽ هلنديءَ گاڏيءَ ۾ ساڻن چڙهي پشاور تائين
وڃي پهتو، جتان انگريزن زبردستيءَ کيس موٽائي
لاهور آڻي ڇڏيو! مولانا جي ئي تحريڪ تي هندستان جي
مسلمانن نادر خان جي امداد لاءِ هڪ ”عظيم جيش
اسلامي“ مرتب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، انهيءَ کي زور
وٺرائڻ لاءِ آگري جي مشهور شاعر حضرت ”سيماب“ اڪبر
آباديءَ پنهنجي هفتيوار اخبار ”تاج“ ۾ هڪ مترنم
نظم شايع ڪيو، جنهن جو آخري بند هو:
قنڌار چلو! قنڌار چلو!!
بهرحال جڏهن شاهه ولي خان ڪابل فتح ڪيو ۽ ان جو
اعلان هندستان اندر ٿيو، تڏهن مسلمانن چراغان ڪيا،
مٺايون ورهايون ۽ اهڙا خوش ٿيا، ڄڻ سندن پنهنجا
ڪاج سِڌ ٿيا آهن. مولانا ظفر علي خان فوراً هڪ
شاندار نظم ”زميندار“ ۾ کڻي شايع ڪيو، مسدس جي
آخري سٽ هلندڙ هئي:
فاتح ٽَل فاتح ڪابُل هئا!
الغرض انهيءَ حد تائين اسان کي دلچسپي هئي ۽
افغانستان جي معاملي سان اسان جو تعلق هو. اکيون
هاڻي نادر خان جي اعلان ڏي هيون. هر مسلمان جي دل
ڌڙڪي رهي هئي. سڀن جا ڪن اوڏانهن هئا. انتظار اهو
هو ته ڪڏهن ٿي نادر خان جي صدا ڪوهسارن سان ٽڪرائي
بلند ٿئي ته- ”حق بحقدار رسيد!“ ليڪن جڏهن اهو وقت
آيو، تڏهن حيرت جي حد نه رهي! اعلان ٿيو ته، ”لوئي
جرگي، خود هز مئجيسٽي ڪنگ نادر شاهه غازي خلد الله
ملڪہ کي افغانستان جي تخت ۽ تاج جو مالڪ ۽ مختار
تسليم ڪيو!“ هندستان جي جوش ۽ جذبي تي ڄڻ ڪنهن
پاڻيءَ جا ٿڌا گهڙا پرٽي ڇڏيا. اصل قصي جي ته رب
کي ڄاڻ، ليڪن هتان جي مسلمانن جي اک کلي، ۽ هنن
اهوئي سمجهيو ته افغانستان اندر انگريزن جي سياست
کي نيٺ ڪاميابي حاصل ٿي.
انهيءَ واقعي کي ڇهه ست مهينا مس گذريا، ته لاهور
جي ”زميندار“ اخبار ۾ امان الله خان جو هڪ طويل ۽
دردناڪ خط شايع ٿيو، جيڪو هن روم مان نادر خان
ڏانهن لکيو هو ۽ جنهن ۾ نهايت دل ڀڄائيندڙ نموني ۾
هن هڪ هڪ ڪري سندس ڪيل واعدن ۽ بدعهدين جي کيس ياد
ڏياري هئي[10].
جڏهن ”زميندار“ جو اهو پرچو مون وٽ پهتو، خوش
قسمتيءَ سبب ان وقت نظر علي خان سکر ۾ ڪونه هو.
ميدان خالي ڏسي، مون جوش ۽ جذبي وچان خط جو ترجمو
اهڙيءَ ئي حاشيه آرائيءَ سان شايع ڪري ڇڏيو،
جهڙيءَ ريت لاهور جي ”زميندار“ ڪيو هو. ٻن ڏينهن
بعد معلوم ٿيو ته ”زميندار“ جو اهو پرچو ضبط ڪيو
ويو، ۽ 50 هزار جي ضمانت ضبط ڪري، پريس ۽ اخبار
کان هڪ لک جي ضمانت گهري وئي آهي! خبر نه آهي ته
ظفر علي خان جي ڪهڙي حالت ٿي، ليڪن منهنجا ته تاڪ
لڳي ويا، ڇاڪاڻ ته- اين گناهيست ڪه در شهر شما نيز
ڪنند! نظر علي خان جيئن لاڙڪاڻي کان موٽي پريس ۾
اچي پهتو، تيئن مون ڏي ڏسي، ٿڌو ساهه کڻي، ڏاڍيان
وٺي، ”الله هو!...“ ڪيائين. هن دفعي ٽوپي به ڪانه
لاٿائين، ڪوٽ به ڪونه اڇليائين، ۽ نه کٽ تي ئي
ڪريو. سڌو اچڻ سان ڪرسيءَ تي ويهي، سڀني ڪمپازيٽرن
کي سڏي حڪم ڏنائين: آئيندي جنهن مضمون تي سندس
تصديقي صحيح پيل نه هجي، اهو ڇپڻ ۾ هرگز نه اچي!
اهو اعلان ڪري، مصلو وڇائي، وڃي نماز ۾ بيٺو. اڃا
سلام مس ورايو هئائين، ته ڪليڪٽريءَ جو پٽيوالو
حاضر ٿيڻ جو حڪم نامو کڻي اچي وارد ٿيو. سلام
ورائي، دعا گهري، آڱر جي اشاري سان چوڌاري صلواة
سڳوري ڇوڪاري، مون ڏي منهن ڪري ڏاڍي دردناڪ لهجي ۾
چيائين، ”ميان صاحب! آخر تون مڙئين ڪونه. انهن
ڪرتوتن کان ته بهتر آهي مون کي سيني ۾ دونالي
هڻ... ڊس! ڊس! هڪ ئي دفعي جند ڇٽي پوئي. هُن شريف
جو به خيال ڪونه ٿو اچئي، جنهن اعتبار رکي، پنهنجي
سموري موڙي اسان جي حوالي ڪري ڇڏي آهي!“ اهو
’شريف‘ جو اشارو کهڙي صاحب ڏي هو. اهڙن موقعن تي
مرحوم هميشهه شرم ڏيارڻ لاءِ کهڙي صاحب جي شخصيت
کي آڻي اڳيان ڪندو هو، ۽ آخر ۾ چوندو هو، ”او ظالم
ظلم!... زمن گر نه ترسي، بترس از خدا!“
اهو ئي دور هو، جڏهن ميرٺ جي سازش وارو مشهور
مقدمو هليو ٿي، جنهن ۾ ٻين قومي ڪارڪنن سان گڏ،
ديناناٿ سهگل به ڦاٿل هو
[11]. انهيءَ سازش
بعد ٻيون به ڪيتريون سازشون ٿيون. هڪ دفعي
وائسراءِ جي گاڏيءَ کي تباهه ڪرڻ لاءِ ريلوي لائين
تي ٽائيم بم رکيو ويو (1928ع)، وائسراءِ جي حياتي
هئي، جو اتفاق سان بچي ويو. بم ٻه ٽي سيڪنڊ پوءِ
ڦاٽو، جڏهن وائسراءِ جو گاڏو ٽپي اڳتي ٿيو. باقي
پويان گاڏا، سو پرزا پرزا ٿي ويا. هلندڙ اسيمبليءَ
۾ ڀڳت سنگهه وارن بم اڇليا
[12]. بنگال ۽ ٻين
جاين تي گورنرن ۽ ٻين گورن کي گوليون لڳيون. ڀڳت
سنگهه، جتندرا ناٿ داس ۽ دت وغيره بمن جي سازش ۾
گرفتار ٿيا. جتندراناٿ جيل ۾ مرن برت رکيو. حيلا
هلائي بيهي رهيا، 72 ڏينهن بعد هن مري ساهه ڏنو،
پر برت نه ڀڳائين! جڏهن مئو، تڏهن مولانا ظفر علي
خان معرڪي جو هڪ نظم ”زميندار“ ۾ شايع ڪيو:-
بن نهين سڪتا صلاح الدين ايوبي اگر،
هند ڪي حرمت په مَرمِٽ اور جتندرداس بن!
اصل ۾ انهن ڳالهين جي ابتدا انهيءَ لوڻ واريءَ
تحريڪ سان ٿي هئي، جنهن کي مهاتما گانڌيءَ
”ڊانڊيءَ واري مارچ“ (1930ع) سان شروع ڪيو، ۽
”باردولي تحريڪ“ ولڀ ڀائي پٽيل کي جنم ڏنو. باقي
واقعا انهيءَ سلسلي جون جدا جدا ڪڙيون هيون. ڀڳت
سنگهه وارن جون تصويرون هرهڪ گهر ۾ ٽنگجي ويون.
هندو توڙي مسلمان، جوان خواهه پوڙها، عورتون خواهه
مرد، گهر ڇڏي ٻاهر قومي ميدان تي نڪري آيا. ميرٺ
وارن کي سزا آئي. ڀڳت سنگهه ۽ سندس ساٿين کي ڦاسي
آئي[13].
ڀڳت سنگهه جو لاش انگريزن لاهور جيل مان منهن
اونداهيءَ ڪڍرائي راويءَ جي ڪناري تي ساڙائي ڇڏيو.
انگريزن جو اهو خيال بلڪل صحيح هو ته جيڪڏهن لاش
مالڪن جي حوالي ٿيندو ته ممڻ مچي ويندو، جنهن کي
ٺارڻ ۽ ٽارڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پوندو. ليڪن انگريزن جي
انهيءَ عمل به ڪا گهٽ باهه ڪانه لاتي. سڄي ملڪ ۾
ماتم پئجي ويو ۽ هندستانين جي دلين ۾ گويا انگريزن
پنهنجي انهيءَ ڪرتوت سان بڙڇيون هڻي ڪڍيون.
ڪانگريس آئينده سال (1931ع) تي پنهنجو اجلاس لاهور
۾ راويءَ جي ڪناري تي عين انهيءَ جاءِ تي ڪيو، جتي
ڀڳت سنگهه جي لاش کي ساڙيو ويو هو[14].
جواهرلال انهيءَ سال پنهنجي والد کان ڪانگريس جي
صدارت ورتي هئي ۽ ڪانگريس جو اهوئي اجلاس هو، جنهن
۾ ”آزاديءَ جو ٺهراءُ“ پاس ڪيو ويو. ڀڳت سنگهه جي
والده انهيءَ موقعي تي پنهنجي پٽ جا سڙيل هڏا کڻي،
اچي اجلاس ّ۾ نڪتي. جذباتي جوانن جو خيال هو ته
ڪانگريس جو جوان سال صدر ڀڳت سنگهه جي انتقام وٺڻ
لاءِ ضرور ڪنهن لڙاڪو پروگرام جو اعلان ڪندو، ليڪن
کين ان وقت شديد مايوسي ٿي، جڏهن انتقامي پروگرام
ته بجاءِ خود، پر ڪانگريس اُنهيءَ سلسلي ۾ ٺلو
ٺهراءُ به پاس ڪونه ڪيو. خير، ڪانگريس جو تجربيڪار
مهندار ته عظيم مقصدن جي حاصل ڪرڻ واريءَ راهه ۾
ڀڳت سنگهه جي شهادت کي به هڪ منزل سمجهي، پاڻ اڳتي
ٽپي ويو، ليڪن انتهاپسندن ۽ پرجوش جوانن جي جذبي ۽
اخلاص کي ڏاڍو صدمو پهتو.
جواهر لال لاهور مان ڪم پورو ڪري، پنهنجي عيال
سميت سڌو موهن جي دڙي تي آيو. جڏهن اتان ٿي موٽيو،
ان وقت سکر جي اسٽيشن تي مان وڃي ساڻس مليس. سندس
گهر واري ۽ شايد سندس نياڻي (مائي اندرا گانڌي) به
هئي. سڀن کي پهريون دفعو مان اتي ڏٺو. منهنجي ڪارڊ
پهچڻ تي جڏهن جواهر لال گاڏي مان ٻاهر نڪري آيو،
ان وقت مان کانئس ڀڳت سنگهه جي باري ۾ اهي ئي سوال
پڇيا، جيڪي هر غير تجربيڪار ۽ جوشيلي جوان جتي ڪٿي
کانئس پڇيا ٿي. هن به مون کي اهي ئي جواب ڏنا،
جيڪي ٻين کي ڏيندو آيو ٿي. موٽي اچي اهي سمورا
سوال جواب مان سنڌ زميندار ۾ شايع ڪري ڇڏيا. خير
جوش ۽ جذبو ته هو، ليڪن اخبار ۾ شايع ڪرڻ مان وڏي
مراد اها به هئي ته جيئن ماڻهن کي معلوم ٿئي ته
آءٌ به ڪانگريس جي صدر ۽ هندستان جي جوان بخت
نوجوان ليڊر سان انٽرويو ڪري چڪو آهيان!
خدا لڳ ڳالهه ڪبي، خانبهادر کهڙي کي انهن ڳالهين
جي رتيءَ ڀر پرواه ڪانه ٿيندي هئي. بلڪ الٽو هو
خوش پيو ٿيندو هو. اصل ۾ ساه نڪرندو هو آغا صاحب
مرحوم جو، کهڙي صاحب جو ته ڪندو ڇڙو مـُـنهن اولو.
بهرحال ضبط ته مان به گهڻو ڪندو هيس، ليڪن ڪڏهن
ڪڏهن اهڙيءَ ريت بي اختيار ڪمان مان تير نڪري
ويندو هو، جنهن جي تيزيءَ ۽ تکائيءَ جي ڪل ان وقت
پوندي هئي، جڏهن نظر علي خان جون اکيون ڳاڙهيون،
چپ سڪل ۽ منهن لال اڳيان نظر ايندو هو. مٿين خبر
پڙهڻ بعد نظر علي خان هن دفعي ٻه ڪم ڪيا: هڪ ته
ابوبڪر ڪمپازيٽر ۽ گيلارام مشين مين تي ڏهه ڏهه
رپيا ڏنڊ وڌائين ۽ ٻيو ميرٺ واري ڪيس ۾ ڦاٿل قومي
ڪارڪن ديناناٿ سهگل جو نالو، جنهن کي جنم ٽيپ ۽
ڪاري پاڻيءَ جي سزا اچي چڪي هئي، مستقل طرح مون تي
رکي ڇڏيائين. ان کان پوءِ مرحوم هميشہ سڏيندو هو،
”او دنياناٿ سهگل! ميان هي ڪهڙو ڪلور ڪيو
اٿئي...!“
انهن مسلسل واقعن منهنجي جوش ۽ جذبي کي ماري ۽
مروٽي ڇڏيو. هٿيار ٿيڪي ويهي رهيس، جنهن کان پوءِ
پنهنجي قومي جذبي جي اظهار جو وري ”سنڌ زميندار“ ۾
ڪڏهن موقعو ڪونه مليو.
* * *
خير، اهي واقعا ته وچ ۾ اچي ويا. دل ۾ درد هو.
ڳالهه نڪتي ته اوچتو ڄڻ آهه نڪري وئي. دراصل ڳالهه
هئي سکر جي آغا صاحب جي ۽ ”سنڌ زميندار“ اخبار جي.
جنهن دؤر جو ذڪر آهي، ان ۾ ڇاڪاڻ ته آزاديءَ جي
جنگ ڦوهه جوانيءَ تي هئي، تنهنڪري اخبارن کي به
ڏاڍو زور هو. سنڌ جي اخبارن مان انگريزيءَ ۾ ٻه
روزانيون نڪرنديون هيون، هڪ ”ڊيلي گزيٽ“، جيڪا اصل
ته انگريز پرست هئي، ليڪن بعد ۾ سندس مزاج اعتدال
تي آيو هو، ٻي هئي مسٽر پنيا جي ”سنڌ آبزرور“،
جيڪا ظاهر ۾ ته وطن پرست هئي، ليڪن دراصل ڪٽر
مهاسڀائي ذهنيت جي علمبردار هئي. ٽين شام جي
انگريزي روزاني اخبار ڊاڪٽر تاراچند جي ”ڪراچي
ڊيلي“ هوندي هئي، جنهن جي جاءِ پاڪستان بعد
”ايوننگ اسٽار“ ورتي. سنڌي روزانين مان مسلمانن جي
فقط ”الوحيد“ هئي، جيڪا ڪڏهن خالص مذهبي ته ڪڏهن
ٺيٺ وطن پرست، ڪڏهن فرقه پرست ته ڪڏهن قوم پرست.
بهرحال مسلمانن جا هٿ انهيءَ هڪ اخبار تي کپندا
هئا. هندو اخبارن مان ”هندو“ ڪانگريسي ۽ ”سنسار
سماچار“ ٺيٺ مهاسڀائي. اِهي هيون ڪراچيءَ مان
نڪرندڙ اخبارون. باقي سنڌ مان مسلمانن جون گهڻو
ڪري هفتيوار اخبارون نڪرنديون هيون، جيئن ته
ميرپورخاص مان مخلص جي ”مسلمان“، نوشهري مان رئيس
نجم الدين جي ”النجم“، حيدرآباد مان نور محمد
نظاماڻيءَ جي ”طيراً ابابيل“، سکر مان ”سنڌ
زميندار“ (هفتي ۾ ٻه دفعا)، لاڙڪاڻي مان
”الحقيقت“، جيڪب آباد مان مولوي محمد حسين جي
”الحنيف“ ۽ چاچي نبي بخش (لالي مٺي) جي ”اتحاد“.
”الوحيد“ ۽ ”سنڌ زميندار“ کان سواءِ باقي ٻين
اخبارن کي مقامي حيثيت حاصل هوندي هئي. هندن جون
سنڌ مان گهڻيون ئي هفتيوار ۽ روزانيون اخبارون
نڪرنديون هيون، جن مان مشهور هيون ميرپورخاص مان
”جوت“، سکر مان ديوان ڀوڄراج جي ”ڀارت“، آرت مل جي
”هندو ليگ گزيٽ“، لاڙڪاڻي مان ”لاڙڪاڻه گزيٽ“ ۽
جيڪب آباد مان ”تيج“ ۽ ”فرنٽيئر گزٽ“، جنهن جو
ايڊيٽر هڪ هندو هو- بيحد مٺو ماڻهو ۽ دلبر دوست،
يارن جو يار. ٻه روزانيون هندن جون سکر مان پڻ
نڪرنديون هيون، جن مان هڪ مقامي هئي ۽ ٻيءَ کي
البت سکر کان ٻاهر به اهميت حاصل هئي. پهرين ٻائي
امرداس جي ”ڌرم وير“ ۽ ٻي مهاشيه ويرومل جي
”سنڌي“. اِهي هيون اُهي اخبارون، جيڪي سنڌ اندر
هندن ۽ مسلمانن جي معاملن ۽ مسئلن کي پيون
ڊاهينديون ۽ ٺاهينديون هيون. بلوچستان جي مسئلن تي
لکڻ لاءِ مرحوم نسيم تلويءَ جون اخبارون ”عصر
جديد“ ۽ ”بلوچستان جديد“ هيون.
سنڌ ۾ ٻاهران ايندڙ اخبارن مان لاهور جي اخبارن کي
عوام ۾ وڏي اهميت هوندي هئي، مثلاً هندن وٽ
”پرتاب“، ”ميلاپ“ ۽ نانڪ چند ”ناز“ جي ”وير ڀارت“
کي، ۽ مسلمانن ۾ ”زميندار“، ”انقلاب“، ”سياست“، ۽
پوءِ ”شهباز“ ۽ ”احسان“ کي. ”پيسہ اخبار“ ۽
”انتخاب لاجواب“ جو دؤر ختم ٿي چڪو هو. جهنگ واري
هفتيوار ”المنير“ به پنهنجو وقت پورو ڪري وئي هئي.
ايڊيٽرن مان منشي محبوب عالم فوت ٿي ويو هو، ظفر
علي خان جي حيثيت اخبار نويسيءَ ۾ بابي آدم جي
هئي، مولانا غلام رسول مهر، مرتضيٰ احمد خان ميڪش،
سيد حبيب، مولانا عبدالمجيد سالڪ، چراغ حسن حسرت ۽
حاجي لقلق ڦوهه جوانيءَ ۾ هئا- جسم جو به جوڀن ته
قلم تي به بهار. هندن مان مهاشيه ڪرشن، خوشحال چند
خورسند، نانڪ چند ناز ۽ پارس واري مهاشيه ڪرم چند
جي رات هئي.
لاهور مان ٽي انگريزي ڊيلي اخبارون نڪرنديون هيون:
مسلمانن جي مولوي نور الحق جي ”مسلم آئوٽ لڪ“،[15]
غير مسلمانن جي ”سول اينڊ ملٽري گزيٽ“ ۽ ڪالي ناٿ
ري جي ”ڊيلي ٽربيون“. بجنور جي ”مدينه“ اخبار باءِ
- ويڪلِي (هفتي ۾ ٻه ڀيرا نڪرندڙ) هئي، ليڪن ڏاڍي
وزندار، سنجيدي ۽ بلڪل قومي خيالن جي. سنڌ ۾ گهڻا
مسلمان ان کي گهرائي سان پڙهندا هئا. دهليءَ مان
مولوي مظهرالدين جي روزاني ”الامان“ ۽ خواجه حسن
نظاميءَ جي هفتيوار ”مُنادي“ ايندي هئي. مولانا
محمد عليءَ جي ”ڪامريڊ“ بند ٿي چڪي هئي. ”همدرد“
ڪڏهن بند ته ڪڏهن جاري. ”خلافت“ اخبار بمبئيءَ مان
”الوحيد“ جي دفتر ۾ شيخ عبدالمجيد وٽ ۽ ڪن ٻين
پراڻن خلافتين جي نالي تي ايندي هئي. مولانا شوڪت
علي سرپرست ۽ مولانا عرفان ۽ شوڪت عليءَ جو فرزند
زاهد علي ان جا ايڊيٽر هوندا هئا. انگريزي اخبارن
مان ”السٽريٽيڊ ويڪلي“ خوب وڪامندي هئي. ”ٽائيمس
آف انڊيا“، ”اسٽيٽسمن“، ”پايونيئر“ ۽ مهاتما جون
”ينگ انڊيا“، ۽ ”هريجن“، ۽ بمبئيءَ منجهان ”بمبئي
ڪرانيڪل“، جنهن جي ايڊيٽر سيد عبدالله بريلويءَ جي
ڏاڍي شهرت هوندي هئي. ولايت مان ڪن ڪن انگريزن وٽ
”لنڊن ٽائيمز“ ۽ ”مئنچيسٽر گارڊين“ به اينديون
هيون ۽ اخبارن ۾ به انهن جي راين تي گاهي ماهي
هنگامو مچي ويندو هو.
اهي هيون اخبارون سنڌ ۾ مشهور ۽ سڄي ملڪ اندر
سياهه سفيد جون مالڪ، جڏهن مان وڃي ’سنڌ زميندار‘
جي چارج ورتي. مون کي ياد آهي، چٽيءَ طرح، مان
نصرت[16]
اسٽيشن تي بيٺو هئس، خانبهادر کهڙو سکر مان ٿي
موٽيو، گاڏيءَ مان منهن ڪڍي، ٽپال جي استعمال ٿيل
لفافي جو هڪ ٽڪرو ڦاڙي، ان تي منهنجي تقرر جو حڪم
لکي، مون کي ڏيئي، تاڪيد ڪيائين ته سڀاڻي ضرور وڃي
سکر پهچ. ريل ڇٽي. مان آرڊر پڙهيو: پنجاهه روپيا
درماهو پگهار، ”سنڌ زميندار“ جو ايڊيٽر، يعني
”الوحيد“ کان پوءِ سنڌيءَ مسلمانن جي ٻي مکيه
اخبار- ان جو ايڊيٽر، ۽ پگهار جملي پنجاهه ڪلدار-
وڪٽوريا راڻيءَ جا روپيا ختم ٿي چڪا هئا، ٺوڙهي
بادشاهه وارا روپيا به بند ٿي ويا هئا، هاڻي هئا
جارج پنجين جا، جن ۾ چانديءَ کان وڌيڪ مٺ گڏيل
هوندو هو.
* * *
نظر علي خان سان واقفيت اڳ ئي هئي، واهپو فقط هاڻي
پيو، ۽ دوستي ان کان پوءِ شروع ٿي. نيت جو نيڪ، دل
جو اهڙو جو اجرو جهڙو کير، مزاج جو مکڻ جهڙو نرم ۽
مصريءَ جهڙو مٺو، طبيعت جو باغ و بهار، مجلس ۾
ويٺو هوندو، هيءَ ڳالهه هوءَ ڳالهه، هندن جا ظلم،
مسلمانن جا مسئلا، ”فخر قوم“ سر ڀٽو[17]،
”محترم قوم“ خانبهادر کهڙو، مطلب ته هڪ مان ٻي،
ٻيءَ مان ٽين، قصو ڪوتاهه سج لهي ويندو، پر نظر
علي خان جا قصا ڪونه کٽندا. صبح کان سانجهيءَ
تائين هڪجهڙي بهاري ۽ ليءِ هوندي. جڏهن سندس
دلپسند ڪا ڳالهه ٿيندي هئي، ته وڏا ٽهڪ ڏئي کلندو
هو- اهڙا اجرا ۽ مائيدار، جو سٽي ڪورٽ ته خير، پر
چانڊوڪيءَ جي ٿڌين راتين ۾ هڪ طرف ٽائون هال ۽ ٻئي
طرف ليوڪس پارڪ جي هُن ڇيڙي تي پيا ٻڌبا هئا. کهڙي
جو وفادار بلڪ جان نثار - مان هوند جيڪر سندس يار
وفادار به لکان، پر غريب ۽ امير جي ياري ٺهندي به
ڪانه آهي ۽ جڳائي به ڪانه- خدا بخشيس، خود مرحوم
کي ئي اها دعويٰ ڪانه هئي. اهڙو جان نثار ۽ ايڏو
وفادار ڀايان کهڙي کي وري ڪونه مليو هوندو-
جيتوڻيڪ زندگيءَ جي مختلف منزلن ۽ جدا جدا مرحلن
تي ڪي ئي ماڻهو ساڻس اچي گڏيا، جن دوستيءَ جون
دعوائون به ڪيون هونديون، جن جان نثاريءَ ۽
وفاداريءَ جون لافان به هنيون هونديون، ليڪن يقين
اٿم ته نظر علي خان جيڪا جاءِ ڇڏي ويو، سا ڪنهن
ڪانه ڀري سگهي هوندي. مهرو وفا، انس ۽ الفت کي
جنهن ڪڙيءَ تي هو مرحوم پڄائي ۽ پهچائي ويو، ان تي
ٻئي ڪنهن جي مجال، جو آڻي سگهي! سندس مسلمانن ۽
مسلمانن جي مسئلن سان ڏاڍو شغف، بلڪ عشق چئجي ته
بيجا نه ٿيندو، هوندو هو، ۽ هندن سان ازلي وير.
کيس هو به چڱا هٿ ڳنڍيون آيا، لاڙڪاڻي جا فساد،
جنهن ۾ هن غريب کي ڪن نه جن، هندن کڻي کيس جيل ۾
وجهرايو، ان کان پوءِ سکر جا فساد، جنهن ۾ پڻ
ڪوڙيون شاهديون ڏئي، مٿس الزام آندو ويو ته سوئو
هڻي هُنَ فلاڻو هندو سرڳ پهچايو. ان بعد وري ٿيو
منزل گاهه وارو معاملو.[18]
مطلب ته ڪوبه وجهه هندن اهڙو ڪونه ڇڏيو، جنهن ۾
نظر علي خان کي اندر اماڻڻ جي ڪوشش نه ڪيائون.
حقيقت ۾ سنڌ جي تاريخ ۾ اهي نهايت ئي دردناڪ واقعا
هئا- اڻ سهائيندڙ ۽ دکدائڪ. هندو هر لحاظ سان
مسلمانن کان ترقي يافته هئا - پيسي ۾، تعليم ۾،
ملازمتن ۾ ۽ واپار ۾. سياسي خواه سماجي طرح سياڻا
به ۽ سجاڳ به. هنن ڪوبه اڳ پوءِ ڪونه ڳڻيو. الهه
لڳ ڳالهه ڪبي، مسلمانن جي غير تعليم يافتگيءَ مان
۽ زميندارن جي جهالت ۽ اڍنگن خرچن مان هنن نهايت
ئي اجوڳ فائدا ورتا. هنن تي ملڪي هجڻ سبب ۽ وڌيڪ
سڌريل ۽ سمجهدار قوم هئڻ ڪري، ڀائپيءَ جا،
برادريءَ جا، پاڙيسريءَ جا، ۽ وڏ ننڍائيءَ جا جيڪي
انگ ۽ ننگ هئا، سي هنن پورا ڪونه پاڙيا، بلڪ هلندي
هلندي، مسلمانن جون ڪيئي زرعي زمينون به قرضن ۾،
ورتل ۽ اڻ ورتل کنڌن ۽ وياجن جي مٿان وياجن ۾،
پنهنجي هٿ ڪري ويا.
شهر ته اڳ ئي سندن قبضي ۾ هئا، زمينن وٺڻ سبب
ٻاهراڙيون به گهڻي قدر سندن هٿ هيٺ اچي ويون. هنن
پوءِ سياسي ٻڌيون ڪري، هندوستاني هندن سان جوڙ توڙ
ڪري، مها سڀا ۽ ڪانگريس جا پلوَ پڪڙي، سياسي طرح
به مسلمانن کي اهڙيءَ طرح ڪيرائڻ جي ڪوشش ڪئي،
جيئن هو پنهنجي ملڪ اندر به بيوس ۽ ويچارا ٿي رهن.
مسلمانن پنهنجي زور ۽ طاقتوريءَ جي زماني ۾ پنهنجي
سنڌي سلطنت جي دور ۾ ساڻن مجموعي طرح هميشه سٺا
پير ڀريا هئا. سنڌ جي جڏهن پنهنجي حڪومت هئي، تڏهن
ته هنن هندو مسلمانن جي تفريق ۽ ننڍ وڏائيءَ کي
تقريباً ترڪ ڪري ڇڏيو ۽ هڪٻئي کي برابريءَ جو ڀاءُ
ڪري ڏٺائون، پر سنڌ تي جڏهن ست ڌارين عربن جو قبضو
هو، تڏهن هندن جي اصلي حيثيت نه فقط سنڌ اندر قائم
رهي، بلڪ بغداد ۽ دمشق تائين، سندن عالمن کي
گهرائي، لک عزتون ڏنيون ويون ۽ مالي محڪمن ۾
اڪيچار هندن کي مقرر ڪيو ويو. هن پوئين زماني ۾
ڪلهوڙن جو سياهه سفيد گهڻي حد تائين سندن هٿ ۾ هو.
منجهانئن ڪيترن کي سڳيءَ اولاد وانگر ”برخوردار“
سمجهيو ويندو هو، موٽو مل، مانجهو مل، گدو مل،
چيلا رام، گهنشامداس، ٻالڪ رام، شيوڪ رام عطارد،
گلراج وڪيل، لاله امرت راءِ، جسپت راءِ، عزت راءِ،
ديوداس، مولراڄ، ڪرڻ مل، گلاب راءِ، اجومل،
تاراچند، هري راءِ، سهج رام، ماڻڪ راءِ، مولچند،
دولهه رام ۽ ڀائي دولهه رام- اهي انهن هندو
عملدارن مان فقط چند آهن، جن جي هٿن ۾ ڪلهوڙن جي
حڪومت جون واڳون هيون ۽ ملڪ جي اُٿي ويٺي، وهي
واڻي، نبيري نڇيڙي ۽ اندرين ٻاهرين انهن جي هٿ ۾
هئي. اهڙيءَ طرح ٽالپرن جي ڪاروبار ۾ به سڀني کي
ڄاڻ آهي ته، هندن جو گهڻوئي عمل دخل هوندو هو.
سومرن ۽ سمن جي ديسي دؤر يا مغلن جي ڌارئي دؤر ۾
به- اهائي ساڳي حالت هئي. اڪيچار هندن جا نالا ملن
ٿا، جن جو ملڪي ڪاروبار ۾ حصو، اثر ۽ رسوخ هوندو
هو. اهو ته جڏهن انگريزي راڄ آيو، جنهن جي آڻڻ ۾
به اندرئون اندر، ٻين وطني غدارن سان گڏ منجهانئن
به ڪيترن جوهٿ ۽ حصو هو، تڏهن کان وٺي هنن جي اک
بدلي. ويهين صديءَ جي شروعات کان پوءِ ته کين
الائي ڇا ٿي ويو! گويا کين مسلمانن سان گڏ ملڪ ۾
رهڻو ئي ڪونه هو، ۽ هڪٻئي سان سندن ڄڻ ڪڏهن ڪو
واسطو ۽ وجهه ئي ڪونه هو! جيئن جيئن سياسي شعور
وڌندي ويو ۽ هندستاني سياست سنڌ تي حاوي ٿيندي
وئي، تيئن تيئن تفريق وڌندي وئي ۽ جنهن کي جڏهن
موقعو مليو، تڏهن ٻئي کي تهس نهس ڪرڻ جا ويچار
ٿيندا رهيا، حالانڪ اها نيت ۽ اهو طريقو نه
شانائتو هو ۽ نه زيبائتو، نه مناسب نه موزون. ملڪي
خواه برادرانه قاعدي ۽ قانون جي تحت، ڪنهن کي به
ائين ڪرڻ لاءِ حق ڪونه هو.
خانبهادر کهڙو يا ٻيا ڪيترا مسلمان پوئين دور ۾
هندن وٽ ڇڙو انهيءَ تفريقي تاثر هيٺ غير مقبول بلڪ
معتوب ٿي پيا، جو هو وقت سر سندن انهيءَ غلط رخ جي
آڏو ايندا ٿي رهيا، ورنه ٻيو ڪوبه گناهه کانئن
سرزد ڪونه ٿيو هو. نه انهن ڪو ڌاڙو هنيو هو نه ڪو
خون ڪيو هو. هندن جي لغت ۾ اهڙن مسلمانن جا لقب
”تنگ دل“، ”فرقي پرست“ ۽ ”متعصب“ رکيا ويا. پاڻ
جيڪي ڪندا ٿي رهيا، سو عين ڪشاده دلي، تعصب کان
خالي ۽ بلڪل قومي ۽ وطن پرستيءَ جي شان وٽان هو،
ليڪن حق تلفيءَ تي يا حقن کي دستبرد ٿيڻ کان بچائڻ
لاءِ ڪنهن مسلمان گهل گهوڙا ڪئي ٿي (جنهن ۾ هنن به
اڪثر انتها ڪري ٿي ڇڏي)، ته اُهو اجهو انهن لقبن
لڳڻ جي لائق ٿيو ٿي! نفرت، حقارت بلڪ چئجي ته سندن
جهالت ۽ ناعاقبت انديشيءَ جي حالت هيءَ وڃي ٿي
هئي، جو هڪڙي ڪنهن انگريزي- سنڌي لغت لکي، ان ۾
اصطلاحاً ”مسلمان“ (Muslim)
جي معنيٰ شايد ته مسلمان اڪثريت جي اڻ پڙهيلائيءَ
کي خيال ۾ رکندي، ”ڄٽ“ لکي ڇڏيائين. هندن اها به
ڪوشش ڪئي ته سنڌ جي تاريخ کي به مرضيءَ موجب
بدلائين ۽ واقعن کي اهڙيءَ طرح پيش ڪن، جو انهن
مان خود سنڌي مسلمان حاڪمن جو ظلم ۽ هندن جي
مظلوميت معلوم ٿئي. انهيءَ سلسلي ۾ ڪيترا ننڍا وڏا
ڪتاب لکيا ويا، جنهن سلسلي جو هڪ ڪتاب ”ميرن جي
صاحبي“ به آهي. سنڌي زبان جي رسم الخط کي بدلائي،
ظ ۽ ض، ذ ۽ ز جي هم آواز اکرن لاءِ هڪڙي ئي اکر ز
جي ڪم آڻڻ، ط جو ڪم ت مان ڪڍڻ، ۽ ص، ث ۽ س جي
بجاءِ رڳو س کي ڪم آڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ”سنسار
سماچار“ انهيءَ تحريڪ جي علمبردار هئي! ۽ اهو
سڀڪجهه ڇاجي ڪري؟ مسلمانن جي نظر ۾، اهو سڀڪجهه
انهيءَ ڪري هو جو اهي زائد اکر عربيءَ ۾ ڪتب آيا
ٿي! انسان جڏهن هوش ۽ عقل وڃائي ويهي ٿو، تڏهن
ڪيئن نه وچٿرائيءَ ۽ سنجيدگيءَ جا ليڪا لنگهي وڃي
ٻئي پار پئي ٿو! ان جو مثال ان دور جي هندن ۽
مسلمانن جي انهيءَ باهمي ويڇي ۽ دوئيءَ جي رخ ۽
روش کان وڌ ٻيو ڪو ٿي ڪونه ٿو سگهي.
سنڌ ۾ اهو سڀڪجهه اڄڪلهه کان نه بلڪ ٿوريءَ يا
گهڻيءَ صورت ۾مدتن کان ٿيندو آيو ٿي، ويڇا پوندا
ٿي ويا، دلين جي وچ ۾ حقارت ۽ نفرت جا ڪوٽ کڄندا
ٿي ويا، اکين اڳيان لوڀ لالچ ۽ غرضن جا پردا
چڙهندا ٿي ويا، مهاسڀائي هندو ۽ ليگي مسلمان ته
خير، ڪانگريسي هندن ۽ قوم پرست مسلمانن کي به کڻي
درگذر ڪجي، ڇاڪاڻ ته انهن کي به سياسي خود غرضيون
هيون، ليڪن انهن هندو ۽ مسلمان بزرگن به انهيءَ ڏس
۾ ڪجهه ڪونه ڪيو، جن جي لاءِ مشهور هو ته هو عالم
آهن، صوفي آهن ۽ ڀيدڀاوَ، تعصب ۽ فرقي پرستيءَ مان
اصل ڪونه ڄاڻن. سنڌ جي هندو، مسلم جي انهيءَ
بنيادي ويڇي ۽ دوئيءَ ۾ افسوس آهي ته ڪاڪي ڄيٺمل
مرحوم، لعل چند امرڏني مل، دادي ڀٽائيءَ، دادي
واسواڻيءَ، ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ، مرزا قليچ بيگ، حڪيم
فتح محمد سيوهاڻيءَ، ۽ مولوي محمد صادق کڏي واري
جهڙن وڏن وڏن درويشن، مهاپرشن، عالمن ۽ فيلسوفن،
جن جي وات ۾ هر وقت شاهه جي، سچل جي، جهوڪ جي، ۽
ڪنڊڙيءَ وارن ڪلتارن جي وائي ۽ واکاڻ هوندي هئي،
تن به ڪو ڦيرو يا ته آڻي نه سگهيو، يا وري مرڳوئي
هنن ڪا سنڌائتي ۽ اثرائتي ڪوشش ڪانه ڪئي، حالانڪ
اخلاقي طرح مٿن وڏو بار هو.
بهرحال، هلندي هلندي، ڳالهه اچي اهڙيءَ ڪڙيءَ تي
پهتي، دليون ايتريقدر ڀرجي آيون، جو جي. ايم. سيد
جهڙا ”سڀ ۾ پرين پسڻ“ وارا ماڻهو به بي صبر ۽
بيزار ٿي پيا. اهي جيڪي هميشہ هندو، مسلم ايڪتا جي
جهوليءَ ۾ جهلندا هئا، اهي جيڪي قومي خيالن وارا ۽
سراسر وطن پرست ۽ قوم پرست شمار ٿيا ٿي، نه ڇڙو
اسيمبليءَ اندر واڪو ڪري انهن چيو ته ”واڻين کي
سنڌ مان ائين ڪڍنداسين جيئن جرمنيءَ مان يهودي
نڪتا!“ بلڪ سنڌ مان ڪـَـهي وڃي، بمبئيءَ منجهان
(1939ع ۾)، جناح صاحب کي محمد بن قاسم بڻائي، ڪلهن
تي کڻي آيا. هيٺان جناح صاحب مٿان هوائي جهاز گل
گهوريندا هلن. گهوڙا، گڏهه، بگيون، ٽانگا، پڇاڙيءَ
۾ کڏي جا ميربحر، مٿن تي رومال رکي، انهن مٿان رسا
وجهي، اُٺن تي ائين چڙهي نڪتا، ڄڻ هاڻي عرب جا
”سوسمارخور“
[19] سنڌ فتح ڪري
دارالخلافه ۾ فاتحانه داخل ٿيا آهن! اوستائين قرار
ڪونه ڪيائون، جيسين سڄو جهڳو جهڻ ڪرائي نه بيٺا ۽
جيسين سمورو گهر ٻاري ڏِياري نه ڪيائون- ڇاڪاڻ ته
هو انهيءَ حد تائين مجبور ڏسڻ ۾ ٿي آيا، جو هنن نه
دور انديشي ڪئي نه دليل ڊوڙايا، گهر کي تيلي ڏيئي
بيهي رهيا. انهيءَ ڪري ته ’گهر ڀلي سڙي ته سڙي پر
ڪوئن جوضرور خاتمو ٿئي!‘ اهو سڀڪجهه ڇو ٿيو؟ محض
هن ڪري جو وچ ۾ نفرت هئي، حقارت هئي، ماڻهو ٻيو
سڀڪجهه سهي ويندو، پر اهو برداشت ڪري ڪونه سگهندو
ته کيس انهيءَ حد تائين مليڇ ۽ پليت سمجهيو وڃي،
جو ان جي ڪپڙن مان به پئي بڇان اچي ۽ ان جي ڏسڻ
سان به پيون خارون لڳن. اِهي ته اُهي ڳالهيون آهن،
جيڪي انسانيت لاءِ آپگهات جو سبب ٿين ٿيون- قومون
ته پري رهيون - فرقا ۽ طبقا ته بجاءِ خود رهيا!
اِنهيءَ سلسلي ۾ هڪ ذاتي واقعو ياد اچي ويو آهي.
ڀايان اندازي لڳائڻ لاءِ هتي بيان ڪرڻ موزون ۽
مناسب ٿيندو.
لاهور کان ڪراچيءَ ٿي آيس. انٽر ڪلاس ۾ جڏهن جاءِ
ڀرجي وئي، ان وقت سکر جو هڪ هندو بسترو ۽ بدڪي
[20] کڻي اچي در تي
بيٺو. گهڻي ڪوشش ڪيائين، پر همراهن گاڏو کولڻ ڪونه
ڏنس. آخر هيڏي هوڏي واجهائي، مون کي سنڌي، سمجهي،
اچي گهت ۽ گهيتر ٻڌائين:-
مَکَڻ! تون ته پنهنجو آهين!
پاڻ ۾ ڀائر آهيون نه!
ڳَلِ ٻڌ نه ياڙ!
مان بينچ تي ڪونه ويهندس!
جيئن ڀائو مان چوان نه!
تون اصل ويچار نه ڪر!
مان بسترو رکي ان تي وقت ٽپائيندس!
ايتري ۾ گاڏيءَ جي ڇٽڻ جو اچي وقت ويجهو پيو. ڀائي
صاحب تڪڙو تڪڙو چوڻ لڳو:-
ڀائو سڄي واٽ موجان ڪندا هلنداسي!
چار ٻاٽليون ساڻ اٿم!
ايتري ۾ بيري ماني آڻي مون کي ڏني. ڀائيءَ واڪو
ڪري چيو:
سڄڻ ٻڌ ته! اهو خرچ ڇو ٿو ڪرين؟ مان وٽ مال گنج
آهن. ڀائر آهيون ونڊي کائينداسي!
فڪر نه ڪر، ڳل ته ٻڌ، موٽائي ڏينس نه!
ايتري ۾ گاڏيءَ پهرين ڪوڪ ڪئي ۽ گارڊ جي سيٽي به
ڪنن تائين پهتي. ڀائيءَ جو حال ڏسڻ وٽان هو، ٻئي
ٻانهون ٻڌي چوڻ لڳو:-
ڀائي پنهنجو ٿي ائين ته نه ڪر، سنڌي ڀائڙ آهيون!
قرب ڪر نه ياڙ!
اهي ڀائپيءَ جا نڪتا ۽ ملڪي ويچار ٻڌي، مون کي به
رحم اچي ويو. سنگتن کان پنهنجي ذميواريءَ تي موڪل
وٺي، در کولي ڀائيءَ کي مان اندر آندو. پهريون ته
بسترو ڪاڪوس جي ڀڪ ۾ نهايت نوڙت سان رکي، ڏاڍيءَ
نماڻائيءَ سان ٿي ان تي ويٺو. جڏهن پڪ ٿيس ته
گاڏيءَ ۾ اچي چڪو آهي ۽ بستري تي ويهجي به ويو
آهي، ان وقت ڌوتيءَ جي پلاند سان منهن اگهيائين،
پوءِ سامت جو ساهه کڻي، صدريءَ جي کيسي مان سيل جو
پاڪيٽ ڪڍي، سڀن کي سگريٽ آفر ڪيائين. مون کي به
زور ڪري هڪ سگريٽ کڻايائين. ڪو ڳالهائيس نه
ڳالهائيس، پر هي ڀائي هرهڪ جي ڳلي پوڻ لڳو. کلڻ،
ٽهڪ ڏيڻ، سوڊا لمليٽن جون صلاحون ڪرڻ، مطلب ته
جيسين گاڏي هلي ۽ کيس خاطري ٿي ته هاڻي ڪوبه لاهي
ڪونه سگهندو، تيسين برابر اهي ڪرتب ڪندو رهيو.
جڏهن گاڏي پليٽفارم ڇڏي، ٻاهريون سگنل به ٽپي، سڌي
رستي تي رهوال ٿي هلي، ان وقت کلندي ڳالهائيندي
بستري تان غير محسوس نموني ۾ اٿي اچي هڪ بينچ جي
ڪنڊ تي ويهڪ جو هڪ ڪنون رکي، ائين ٿي ويٺو، ڄڻ ڪا
خاص ڳالهه ويجهو ويهي ڪرڻي هيس، جنهن بعد وري وڃي
بستري تي جاءِ نشين ٿيندو، مٺيون ۽ قربائتيون
ڳالهيون به ڪندو وڃي، کلندو به وڃي، ۽ آهستي آهستي
سرڪندو ۽ سرندو به وڃي، تان جو جڏهن گاڏي ٻيءَ
اسٽيشن تي اچي بيٺي ته ڀائي پوري جاءِ وٺي چڪو هو.
هڪ ٻه دفعا اٿي، درن کان هيڏي هوڏي نهاري وري اچي
ويٺو. جڏهن کيس يقين ٿيو ته ڪنهن کي به اعتراض
ڪونه آهي، ۽ ويهڪ جي جاءِ به سندس قبضي ۾ اچي چڪي
آهي ۽ ان تي سندس حق تسليم ٿي چڪو آهي، ان وقت نه
ڇڙو ٽپڙن کي سوري پوري سوليءَ جاءِ تي ڪري
رکيائين، بلڪ مٿين بينچن مان هڪ کي خالي ڏسي، اُت
ڀؤ ڪري في الحال انگوشو به پٿاري ڇڏيائين. ڪجهه
وقت واءُ سواءُ واچي ڏٺائين، جڏهن ڏٺائين ته ان تي
به ڪنهن جا ڪن کڙا ڪونه ٿيا، تڏهن هڪ دفعو ٻيهر
سگريٽ جي آفر ڪري انگوشي سان گڏ بستري جي هڙ به
کڻي مٿي رکيائين. مطلب ته ڪاڪوس جي در تان اٿي،
بينچ تي ويهڪ رکڻ واريون منزلون طئي ڪندي، ڀائيءَ
ڪلاڪ اڌ ۾ وڃي مٿينءَ بينچ تي قبضو ڄمايو.
مان ماني کائي پوري ڪئي، ليڪن ڀائيءَ پنهنجي
بِدِڪيءَ ۾ پيل ’جام مال‘ مان، جن ڏانهن هـُـن
انهيءَ وقت اشارو ڏنو هو جنهن وقت گاڏيءَ ۾ اندر
داخل ٿيڻ جو مسئلو اڃا زيربحث هو، پوري ڪچوري ۽
مٺاڻ ذرو ته ٺهيو، پر کٽاڻ رتي به ڪڍي ڪانه ڏني.
گاڏي جڏهن راءِ وند تي آئي، ان وقت ٿانون کڻڻ لاءِ
بيرو اچي دريءَ وٽان بيٺو. مان پرينءَ بينچ تي
هيس. ٻين اڻ واقفن ۽ ڌارين کي تڪليف ڏيڻ مناسب نه
سمجهي، ٿانوَ ٽپائي ڀائيءَ کي ڏيڻ گهريم ته هو
دريءَ کان بيري کي ڏئي، ڇاڪاڻ ته ڀائي پنهنجو هو،
’ڀائو‘ ڪوٺي چڪو هو ۽ هئاسين به هڪ وطن جا ۽ مٿس
تازو ٿورو به ڪيو هيم، ليڪن منهنجي حيرت جي حد نه
رهي، جڏهن ڀائيءَ ٿانون ۾ هٿ وجهڻ جي بجاءِ ڏند
ڪڍي ڇڙو کلڻ شروع ڪيو، هِين! هِين!! هِين!!!
ميان اوهين پاڻ کڻي ڏيوس نه!
ڀائي ڇرڪ ڀري پاسي ٿي ويو ۽ مان ’ڀائوءَ‘ مان ڦري
’ميان‘ ٿي پيس.
ٿورو اُٿي باسڻ پاڻ ٽپائي ڏيوس.
هين! هينّ!! هين!!!
پاڻ کي هٿ لائڻ جو ڪينُ آهي!
هين! هين!! هين!!!
سڄي واٽ سنڌي هندن جي ڪردار جا اهي ٻه پهلو منهنجي
دماغ ۾ ڦرندا رهيا- ڪم ڪڍڻ لاءِ نماڻائي ۽ نوڙت، ۽
پوءِ نه فقط اُهائي بي پرواهي ۽ الغرضائي بلڪ
اُهائي ڇوت ڇات، جا هونئن ته سندن ڌرمي ضابطي جي
ڳالهه هئي ۽ پاڻ ۾ به ذات پات جي خيال کان اُها
ائين ئي رکندا هئا، پر منهنجي ذهن ان مان اِهو
تاثر ورتو ته مون ته ڪانٽي چمچي سان کاڌو هو، ماني
اسپينسر جي بورچيخاني مان پچي آئي هئي، سکڻن ٿانون
کي هٿ لائڻ ڀائيءَ کي ان ڪري حرام ٿي پيو، جو هڪ
مسلمان جا هٿ انهن کي لڳي چڪا هئا!
بس ائين ٻن دلين ۾ هندو - مسلم جي ويڇي ۽ دوئيءَ
جي نشان تي ڄڻ هڪڙو وڌيڪ گهڪو ڪنهن ڪڍي ڇڏيو.
* * *
سنڌ ۾ هندو - مسلم ڀيد ڀاوَ جو اهو انفرادي مثال
ڪونه هو، بلڪ سموريءَ قوم جو ڪرداري پس منظر
اِنهيءَ دوئيءَ ۽ انهيءَ ويڇي جي پردي تي چـِـٽيل
هو. جيسين هڪٻئي جو اڇو منهن ڪرڻو هوندن تيسين
جنسي مکڻ، جهڙا ماکي، گويا ڀائرن کان وڌ ڀائر،
جيڪي چئو سو ڪن، جيڪي ڪُڇو سو پورو، اهڙا نرم جو
موئي سوئي کڻي ڪن ۾ وجهون، مذهب ۽ ڌرم جو به ڀيد
ڀاءُ ڪونه. ليڪن ڪم نڪتي کان پوءِ، هڪَ جو ارڪو
ترڪو ۽ اگرتگر اُگهي ۽ سڀ حق ۽ ذما ويڙهي، ٻيو
پنهنجي گوڏي هيٺان ائين دٻائي ويهندو، ڄڻ منجهانئن
ڪوبه واپاري واپاري ڪونهي، ڪوبه زميندار زميندار
ڪونهي، ڪوبه انسان انسان ڪونهي، بلڪ جيڪڏهن ڪو آهي
ته فقط هندو هندو آهي ۽ مسلمان مسلمان آهي، ائين
ڦيرو کائي ويهندا ڄڻ واقف ئي ڪونه هئا، گويا ڪڏهن
سندن هڪٻئي سان منهن موک ئي ڪونه هو، بلڪ الٽو
ويري جهڙا واسينگ.
سنڌ جي سماجي خواه سياسي اسٽيج تي هندن ۽ مسلمانن
جي سالن کان وٺي جنهن تماشي جي رچنا رچيل هئي، ان
جي آخري سـِـين جي ابتدا، مسجد منزلگاهه واري خوني
معرڪي سان شروع ٿي، ۽ ان جو ڊراپ سين انهيءَ
ٽريجڊيءَ تي ٿيو، جنهن ۾ هندو واپارين کي اباڻو
وطن ۽ ست پشتو ماڳ ۽ مڪان ڇڏڻو پيو. اهو سڄو مال ۽
ارڪوترڪو جنهن ۾ سنڌي مسلمان ڀاڳين ۽ هٿ هارين جو،
جيڪي سندن ئي ڀائر هئا، نه ڇڙو رت ۽ پونءِ مليل
هو، بلڪ ان ۾ سندن اکين مان نڪتل لڙڪ ۽ اندر مان
اٿيل آهون ۽ پورهئي مان پيدا ٿيل پسينو به شامل
هو، سو به کانئن کسجي مورڳو ئي وڃي انهن ست ڌارين
جي حوالي ٿيو، جيڪي نه سندن مـِـٽ هئا ۽ نه سنڌي
مسلمانن جا ئي ڀائر ٿي سگهيا! جيتوڻيڪ هن سڄي
ڀونچال ۾ سنڌي مسلمانن به ڪورڪي تڪڙ ڪئي، اڳ پوءِ
انهن به ڪونه جاچيو، تاهم انهيءَ مامري جي وڏي
ذميواري وڌيڪ هندن جي ڪنڌ تي آهي، انهيءَ ڪري جو
هو پڙهيل ڪڙهيل هئا، ڀاڳ وارا هئا، ملڪ جي سياهه
سفيد تي سندن قبضو هو، سياسي سجاڳي به منجهن هئي.
مسلمان جيڪڏهن تعداد ۾ وڌيڪ هئا ته ڇا ٿي پيو! هئا
ته کانئن هرڪنهن ڳالهه ۾ گهٽ. کين ئي سوچڻ کپندو
هو ته جڏهن ٻه ڀائر وڙهن ٿا ته ان مان نقصان هڪ کي
ڪونه پهچندو آهي، بلڪ ٻنهي جو ئي جهڳو جهڻ ٿئي ٿو-
سو آخر ٿيو به ائين!
اهو هو بئڪ گرائونڊ کهڙي صاحب جي متعصب مشهور ٿيڻ
جو ان جي ڀلاند سان پلاند اٽڪڻ سبب آغا نظر علي
خان افغان جي فرقي پرستيءَ جو ۽ جي. ايم. سيد جهڙي
صوفي منش انسان جي ليگي سياست جو.
* * *
سکر انهيءَ زماني ۾ هندن جو وڏو ڳڙهه هوندو هو. هر
سياسي خواهه مذهبي تحريڪ ۾ اتان جا هندو سڀن کان
اڳرو حصو وٺندا هئا. سکر جي پهرين فسادن کان پوءِ
ته ويتر سخت متعصب ٿي پيا. مهاشيه موتيرام، شريت
ويرومل بيگراج، مسٽر پمناڻي، شريت وليڇا ۽ اسان جو
عزيز بلڪ محبوب دوست آرت مل پنجابي، بس چئي کڻي بس
ڪيو. مسلمانن جو مسئلو آيو ته اکين مان رت لهي
ايندن.
اهو سندن سياسي ڪردار هو. ليڪن سندن شخصي سڀاءُ
نهايت شريفاڻو- مسلمانن سان ذاتي دوستيون، مرڻي
پرڻي جا رستا، شاديءَ مراديءَ ۾ اٿِي ويٺِي،
مسلمان دوست وٽن ايندو ته پاپڙ ذري ۽ لمليٽ پيارڻ
کان سواءِ اصل نه ڇڏيندس، آجيان ڪندس ته اٿي بيهي،
ڀاڪر پائي، وڏا وڏا ٽهڪ ڏئي. خود اسان جي آغا نظر
علي خان سان به سندن شخصي رستو ڀائرن جهڙو هو.
جيتوڻيڪ آغا صاحب جي لغت ۾ متعصب هندو ليڊرن لاءِ
مخصوص لفظ هو ”دَجال“ ۾ جڏهن ڪنهن اهڙيءَ جنس کي
پري کان ايندو ڏسندو ته کلي چوندو: ”آغا منهنجا!
اجهو اچئي ٿو دجال!“ جڏهن اچي ڊهو ڊهه ٿيندو، ته
آغا مرحوم وڏو ٽهڪ ڏيندو: ”اچو جناب ديوان پمناڻي
صاحب!“ ”اچو سائين مهاشيه ويرومل صاحب!“ ”اچو سيٺ
موتيرام صاحب!“ وغيره وغيره. ملندا هڪٻئي سان ڀاڪر
پائي، ڄڻ وڇڙيل آهن- هئا به ته برابر وڇڙيل ڀائر،
پر ٺلهن ڀاڪرن مان ڇا ورندو؟ دليون ئي ته پڇاڙيءَ
تائين ملي ڪونه سگهيون! دلين جي آنڌ مانڌ ئي ته
اهي طوفان کڙا ڪيا! واءِ قسمت، جي ڀاڪر پائيندي
ڪڏهن دليون به ملي وڃن ها، ته هوند ههڙا هاڃا ڪيئن
ٿين ها؟ ۽ نه ڀنڀور کي باهه ئي لڳي ها؟ اڄ به اهي
مورتون ياد پون ٿيون، ته ڄڻ دل ۾ جهوراڻو وٺي ٿو
وڃي. ڇا ته صورتون هيون، هاءِ هاءِ!
* * *
شريت ويرومل بيگراج، پراڻو قومي ڪارڪن، روزاني
سنڌي اخبار جو ملڪ ۽ سمپادڪ، سکر بلڪ سنڌ جي هندن
جو مهندار هوندو هو. سنهيون مڇان ڪينچيءَ سان
ڪتريل، مٿو مشين تي لٿل، چوٽي البت وڏي، وار سڄا
اڇا، پريو مڙس، نهايت شانائتو پيو لڳندو هو. سڄي
پوشاڪ هٿ جي اڻيل کاڏيءَ جي، گانڌي ٽوپي، ڪڙتو ۽
ڌوتي، پير ۾ اڇو سليپر ۽ بت تي چادر ويڙهيل، جنسي
مهاپرش پيو لڳندو هو. ڳالهائيندو ته آهستي، مٺي
آواز ۽ لهجي سان، ”ادا“، ”ڀائو“، ”مَنَ“ ڪري مخاطب
ڪندو. پاڪستان ٿيو، تڏهن به وطن ڪونه ڇڏيائين.
پڇاڙيءَ ۾ ڏک به سٺائين، ليڪن دل کڻي نه سگهيو.
مان (1948ع) ۾ کيس آخري مرتبو ”هارڊلي هائوس“ ۾
ڏٺو، جڏهن پير پاڳاري سان ملڻ آيو هو. هڪ هٿ ۾
لڪڻ، ٻيو هٿ رام جي ڪلهي تي، سڄو ڪـُـٻو، وک کڻي
پيو، ته سهڪو پيو ٿئيس. سکر وارا جوش ۽ جذبا، مانَ
۽ مرتبا ياد ڪري ۽ وري اِهي ڏينهن ڏسي گهڻي گهڻي
تائين مون کي ويسورو وٺي ويو!
اصل ۾ سيٺ، ليڪن قومي ڪم ڪندي مهاشيو، ٿلهو متارو
موتيرام، پري کان لڏندو ۽ کلندو ايندو، ويجهو
ايندو ته کڻي ڀاڪر وجهندو. جيترو وقت ويهندو ته کل
چرچو ڀوڳ. مسلمانن جي ڇنڇري لاهڻ جون ڳالهيون به
خود مسلمانن کي ئي کلندي کلندي اهڙيءَ طرح چئي
ويندو، جو پنهنجو موت انهن کي به پيو وڻندو. آزاد
ميدان وٽ اَنَ جي وڏي ڪوٺي هوندي هيس. ڪوٺيءَ جي
طول وهاڻن ۽ اڇن گاديلن تان اٿي، سامهون آزاد
ميدان ۾ پيل اسٽيج تي چڙهي جڏهن تقرير ڪندو هو، ته
ڪيترا هندو جيل وڃڻ لاءِ تيار ٿي بيهندا هئا. قومي
تحريڪن ۾ ڪئي دفعا قيد به ڪاٽي چڪو هو. ٽوپي بخمل
جي ڪاري پائيندو هو ۽ ڪڏهن کاڌيءَ جي گانڌي ڪئپ.
لٽا اُهي ئي، هٿ جي اڻيل جوڙيءَ جا، هيٺ تي ڌوتي،
بت ڪڙتو. نظر علي خان مهاشيه ويرومل کان به وڌيڪ
ويري کيس سمجهندو هو. پر هو مڙس لاکيڻون، لوڏئي لک
لهندي هـُـيس. پاڪستان ٿيڻ بعد لڏي ويو. خدا ڄاڻي
جيئرو به آهي، الائي سرڳواسي ٿيو.
شريت وليڇا، نوجوان وڪيل، قد جو بندرو، شڪل صورت
جو ٺاهوڪو، مڇان پوپٽ جي مثل هونديون هيس. شروع
کان پڇاڙيءَ تائين ڪانگريس ۾ رهيو. ڪيترا دفعا جيل
به ويو. شريت ويرومل ۽ ڀائي موتيرام جڏهن نظر علي
خان کي ڏسندا هئا، ته سندن اکين ۾ ’لوهو‘[21]
تري ايندو هو ۽ دل ”سنسار سماچار“ جي محاوري مطابق
”ڌڪو“ کائي ويندي هين. ليڪن وليڇا نيت ۾ ته هوندو
کڻي الائي ڪيئن به هو، پر ظاهر ۾ هـُـنن ٻنهي کان
زياده مٺ ۽ محبت سان ساڻس ملندو هو، تنهنڪري ان جي
باري ۾ نظر علي خان جي راءِ هميشهه ”محفوظ“[22]رهي.
اهائي حالت هئي اسان جي دوست ’هندو ليگ گزيٽ‘ جي
ايڊيٽر مهاشيه آرت مل پنجاپيءَ جي. متعصب مهاسڀائي
ذهنيت ۾ ۽ ڪٽر آريه سماجي مذهب ۾. مسلمانن لاءِ
اخبار ۾ کڏون کوٽيندو وتندو، ليڪن شخصي دوستي هندن
سان نه بلڪ مسلمانن سان هوندي هيس. کائيندو پيئندو
به مسلمانن سان هو. سندس وقت ٽن حصن ۾ ورهايل
هوندو هو: صبح جو اخبار ۾ مسلمانن کي گاريون
ڏيندو، منجهندو جو زناني ويم گهر جي دروازي کي
اکئين لايون معصوم شاهه جي مناري واريءَ ڇانوَ ۾
ڌوتيءَ جي پَلوَ کي پيو هيٺ مٿي ڪندو، ۽ شام کان
پوءِ رات جي مانيءَ تائين اسان وٽ هوندو. دل جي
درد جا داستان، ڪڏهن اکين ۾ ڳوڙها، ڪڏهن ٿڌا
ڇوڪارا، ڪڏهن وصال جي ورق ورائڻ لاءِ رٿان ۽
اسڪيمان. بهرحال دوست منٺار هو. پريس پنهنجي هيس.
اصل ’جاڳڻ‘ جو هو. سردار خالقداد خان[23]
مرحوم سان دوستي هيس. پهريون اتان گڏجي هڪ هفتيوار
اخبار ڪڍي هئائون، ليڪن جڏهن خالقداد رحلت ڪئي،
تڏهن ڀائي آرت مل اتان لڏي اچي سکر ۾ ويٺو. قد جو
ٿورو بندرو هو، ليڪن شڪل صورت ۾ جنسي مورت. اردوءَ
سان خاص دلچسپي هيس. عبدالحليم شرر ۽ ٻين مسلمان
اديبن جا سمورا ناول پڙهيا هئائين، تنهنڪري سندس
زبان فارسي آميز ۽ نهايت شسته هئي. ”نمڪدان ظرافت“
نالي هڪ مزاحيه ڪالم لکندو هو، جنهن تي ’نمڪ‘ کي
هميشه زيريون ڏئي چوندو هو ”نِمِڪِدان ظرافت“.
اسان جڏهن کلندا هئاسي ته ڏاڍو شڪي به ٿيندو هو،
ليڪن اُچار پڇاڙيءَ تائين سڌاري ڪونه سگهيو.
جيتوڻيڪ رات ڏينهن اسان سان گڏ هوندو هو، ماني به
گڏ کائيندو هو، تاهم جڏهن نظر علي خان کيس پري کان
ايندو ڏسندو هو، ته وڏي واڪي چوندو: ”آغا منهنجا!
اجهو اچيوَ ٿو دجال، هندو جاتيءَ جو دلال!“ آرت مل
کي روبرو چوڻ ۾ به حجاب ڪونه ڪندو هو، ڇاڪاڻ ته
بيتڪلفي جو هئي. اهي لقب ويچاري تان تڏهن لٿا،
جڏهن سکر جي هندن آغا تي سوئي سان
[24] هندوءَ کي مارڻ
وارو ڪيس ڪيو، جنهن ۾ هندو جاتيءَ جي مخالفت هوندي
به آرت مل سچي شاهدي ڏئي، نظر علي خان جي جند آزاد
ڪرائي. مسين مسين ان کان پوءِ وڃي ٿيو ”برادرم
ديوان آرت مل صاحب!“
نظر علي خان مرحوم جي پـَـئـِـي ته ”ڌرم وير“ جي
مالڪ ٻائي امرداس سان به ڪانه هئي پر ان لاءِ چئي
ڪجهه ڪونه سگهندو هو. هڪ ته هو ماڻهو هو سانتيڪو ۽
مذهبي، قومي تحريڪن سان دلچسپي ضرور هيس، ليڪن
ٻاهر نڪري حصو ڪونه وٺندو هو، ۽ ٻيو وڏو سبب ٽارو
ڪري وڃڻ جو اهو هو، جو هفتي ۾ ٻه دفعا نظر علي خان
اوڌر تي کانئس اخباري پنو
[25] وٺندو هو. جڏهن
ٽائيپ جو ڪو ڪيس وٺڻو هوندو هيس، تڏهن ته نظر علي
خان ٻه گهڙيون ويهي ساڻس ڪچهري به ڪندو هو، ۽ ان
وقت کيس اها به دعوت ڏيندو هو ته جيڪڏهن ٻائو صاحب
پاڻ ميدان ۾ نڪري هندو - مسلم ٺاهه جي ڪوشش ڪري،
ته هوند نظر علي خان سندس هٿ هيٺ انهيءَ ڪارج ۾
ساڻس ڏاڍي مدد ڪري! نظر علي خان هندو - مسلم اتحاد
تي زور ڏيندي، ور ور ڪيون پيو کيس يقين ڏياريندو
هو ته ٻائي صاحب جي سهڻي ۽ سانتيڪي سڀاءَ سبب
مسلمان کيس ڏاڍو چاهين ٿا، هو سندس چيو هرگز نه
موٽائيندا، خود کهڙو صاحب به انهيءَ ڪم ۾ اڻ پڇو
سندس پوئلڳ ٿي پوندو- نه ”سنڌ زميندار“ ۾ ايترو
پئسو ٿيو، جو روڪ رپيا ڏئي پنا وٺي سگهجن ۽ نه نظر
علي خان ئي پڇاڙيءَ تائين انهيءَ قسم جي دعوتن ڏيڻ
کان باز آيو، نه اڻ پڇو کهڙو صاحب ئي ٻائي صاحب جي
ڪڍ لڳو. بهرحال جيسين مرحوم جيئرو هو، تيسين
انهيءَ صورت ۾ پنن ۽ ٽائيپ وارو ڪم واه جو
ٽپائيندو آيو. ڀايان پڇاڙيءَ تائين ٻائو صاحب اها
رمز پروڙي ڪونه سگهيو، ورنه سکر جو هندو ۽ مسلمان
کي اوڌر ڏئي، سو به انهيءَ اخبار لاءِ جيڪا هندو
جاتيءَ جي مخالف هجي، اِها اڻ ٿيڻي ڳالهه هئي!
* * *
|