سيڪشن:رسالا

ڪتاب: هڪ شخصيت 100 سوال جنوري/مارچ 2019ع

باب:

صفحو:9 

ڪارونجهر تي هلندڙ، ڊڪندڙ هرڻ ۽ نچندڙ مورن جو نظارو

پروفيسر رشيده ڀٽي

 

1.            گهر ۾ سڏجندڙ نالو؟

رشيده.

2.           ڄم جي تاريخ (سال ڀلي نه ٻڌايو؟)

مان هميشه صحيح ڳالهه ڪندي آهيان، ان ڪري سال ڇو نه ٻڌايان سال 1953ع مهينو اپريل، تاريخ 23.

3.           شهر جنهن ۾ پهريون ساهه کنيو؟

سکر سنڌ.

4.           شهر جو اڄ به پاڻ ڏانهن ڇڪي؟

روهڙي شريف.

5.           شهر جو دل جو شهر آهي؟

ڄام شورو.

6.           شهر جو دل کي نه آئڙيو هجي؟

شڪارپور (جتي ماڻهن جي اعتبار جو شڪار ڪيو وڃي ٿو).

7.           زندگيءَ جو پهريون سُڏڪو جيڪو وسري

ئي نٿو؟

جڏهن بابا تي فالج جو اثر ٿيو.

8.           زندگيءَ جي پهرين مُرڪ؟

جڏهن منهنجي (دوست) جيون ساٿيءَ سان پهرين ملاقات ٿي.

9.           زندگيءَ جي پهرين مهرباني؟

جڏهن نامناسب حالاتن کي مُنهن ڏيندي مان سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ داخل ٿيس.

10.       زندگيءَ جو پهريون قرب پهرين يادگيري؟

پنهنجي جيون ساٿيءَ سان گذاريل پهريون قرب، اڻ وسرندڙ لمحو آهي.

11.        موسمن سان پيار جي پهرين يادگيري؟

زندگيءَ جي پهرين يادگيري آهي، بابا جو پڙهايل سبق الف، ب ت جي باري ۾ اُڀي ليڪ سمهيل ليڪ، اڌ گول، سڄو گول، جنهن جي نتيجي ۾ اڄ به سائنس جي شعبي سان وابسته هجڻ باوجود مان سنڌي ٻولي پڙهڻ ۽ لکڻ کي ترجيح ڏيان ٿي.

12.       وڻندڙ موسم؟

سياري جي موسم جي صبح.

13.                ستن ڏينهن جي گول چڪر مان ڪو  وڻندڙ ڏينهن؟

جمعو مبارڪ.

14.       ڏينهن جي اٺن پهرن مان وڻندڙ پهر؟

شام جو پهر ٻپهريءَ جي نماز کان وٺي سانجهي تائين.

15.       فطرت جي خوبصورتيءَ جو وڻندڙ نظارو؟

ڪارونجهر تي هلندڙ، ڊڪندڙ هرڻ ۽ نچندڙ مورن جو نظارو.

16.       ٻالڪپڻ جي ڪا ياد رهجي ويل ڏنگائي؟

منهنجي ذاتي شيءِ کي ڪو هٿ لائي يا کڻي وڃي ته سخت احتجاج ڪرڻ. ان معاملي ۾ مان سخت ڏنگي هوندي هيم ۽ ڪنهن کي ڪجهه به نه ڏيندي هيم.

17.       ٻالڪپڻ جي ڪا محرومي جيڪا اڄ به دل تي چٽيل هجي؟

ڪابه نه. ڇو ته مون کي صرف گهمڻ ڦرڻ جو شوق هو، جنهن لاءِ بابا مون کي روزانو باغ جو سير ڪرائيندو هو.

18.       ٻالڪپڻ جي ڪا خواهش؟

منهنجي ننڍپڻ ۾ اها خواهش هوندي هئي ته محفل ۾ ويهان ته ماڻهو مون کي توجهه سان ٻڌن. لاشعور ۾ لڪيل ان خواهش پوءِ شعوري طور مون کي ٽيچر بڻايو.

19.        ننڍپڻ جو ڪو انگل آرو؟

نئين ڪلاس ۾ وڃڻ وقت جڏهن رزلٽ آئوٽ ٿي ويندو هو ته بس ساڳي ڏينهن ئي مون کي مڪمل (ڪورس) ۽ اسٽيشنري سڀ نوان کپندا هئا.

20.       جوانيءَ جو پهريون احساس؟

جڏهن پهريون ڀيرو منهنجي دوست مون کي پرپوز ڪيو.

21.       جوانيءَ جو پهريون خواب؟

تعليم پوري ڪرڻ جو خواب.

22.      جوانيءَ جو ڪو خوبصورت پَل؟

ڪاليج ۾ داخل ٿيڻ ۽ اُميد جو احساس مضبوط ٿيڻ تي مان هاڻي اڳتي باقي تعليم ضرور پوري ڪندم.

23.      بار بار چپن تي ايندڙ ڪو گيت؟

ڪو خاص نه، پر ڪو وڻي وڃي ته بس ڪجهه عرصي لاءِ.

24.      دل کي ڇهي ويندڙ ڪا سِٽ؟

الا ڏاهي مَ ٿيان، ڏاهيون ڏُک ڏِسن.

25.      ڏک جي اظهار جو طريقو؟

قرآن شريف جي تلاوت ۾ عافيت ملندي اٿم.

26.      خوشيءَ جي اظهار جو طريقو؟

هڪدم بي ساخته مُرڪي پوڻ.

27.      اڀرندڙ سج ۽ لهندڙ سج جي پويان ڏينهن رات جي راند ۾ پسند جو ويلو؟

پرهه ڦُٽيءَ جو ويلو.

28.      اڪيلائيءَ جو احساس؟

ڪڏهن به نه ٿيو، ڇو ته هر وقت ڪجهه نه ڪجهه پڙهندي رهندي آهيان، ڪتابن سان دوستي اٿم انڪري اڪيلائيءَ جو احساس ڪڏهن به نه ٿيو آهي.

29.      تاريڪيءَ جو احساس؟

جنهن ڏينهن دِل گهريو دوست هن دنيا مان موڪلائي ويو ته ائين محسوس ٿيو ته چؤطرف اونداهه ٿي وئي آهي.

30.      گذرندڙ وهيءَ لاءِ ڪا ميار؟

اِهو دستور زمانو آهي، ڪنهن تي ڪا ميار ناهي ته پوءِ گذرندڙ وهيءَ لاءِ ڪهڙي ميار.

31.       خالي رستن جا احساس؟

جن رستن تي پنهنجي دوست سان گڏ هليس، سي اڄ ڪڏهن ڪڏهن اچانڪ خالي لڳڻ لڳندا آهن ۽ احساس ڏياريندا آهن ته مان اڪيلي ٿي وئي آهيان.

32.      قد کان اُڀيون ديوارون؟

ريتن رسمن ۽ ذات پات جون کڙيون ڪيل ديوارن جن جو نشانو صرف نياڻيون بڻجن ٿيون.

33.      دوستي؟

ناياب تحفو آهي، سنڀالي رکجي، قدر ڪجي، ان جهڙي ڪا نعمت دنيا ۾ ٻي ڪونهي ڇو ته بهترين ”دوست“ منهنجي خيال ۾ ”عظيم طاقت“ جي برابر آهي.

34.      هٿ ڇڏائي ويندڙ دوستن کان ڪا شڪايت؟

دوست گهڻا ڪيا ئي ڪونه جو هٿ ڇڏائي وڃن.

35.      دوستن تي ڪا ميار؟

اهڙي دوست تي ڪهڙي ميار، جنهن لاءِجان سان گڏ ايمان به قربان. دوستي ۾ ميار نه پر حجت ٿيندي آهي.

36.      پيار؟

پيار سان پيار ڪريو، چؤطرف چؤڏس توهان کي ”پيار“ ملندو. ”پيار“ دراصل طاقت آهي، وجود جي سگهه آهي.

37.      عشق؟

پنهنجي رب ۽ ان جي حبيب صلي الله عليھ وآلھ وسلم سان، اهو ئي اسان جي زندگيءَ جو مقصد آهي ۽ هجڻ به گهرجي. عشق دراصل روح جي سگهه آهي.

38.      پيار جو بي اختيار اظهار؟

هڪ ماءُ جو پنهنجي اولاد سان اهڙو بي اختيار اظهار ٻيو ڪوبه مون کي نظر نه آيو.

39.      پيار جڏهن عذاب آڻي ته؟

آڻيندڙ لاءِ دُعا گهرجي.

40.      پيار جو اظهار نه ڪري سگهجي؟

اظهار جي ضرورت ئي نه پوندي آهي. پيار دراصل احساس جو نالو آهي.

41.       ڪلاکيتر ۾ پير کوڙڻ جو پهريون سهارو؟

ڪوبه نه. مون کي لکڻ جو شوق ننڍپڻ کان ئي هو. اسڪول جي زماني کان مضمون نويسي ۾ هميشه پهريون نمبر اچڻ تي، انعام ملندو هو. ڪاليج ۾ پهچڻ کان پوءِ جڏهن سوچ ۾ وسعت آئي ته مون پهريون ڀيرو ”اديون“ رسالي ۾ مضمون موڪليو جيڪو نه صرف ڇپيو پر گڏوگڏ خديجه خانم دائودپوٽو وڌيڪ لکڻ لاءِ اتساهيو ۽ تعريف ڪئي ۽ خط جو جواب ڏنو.

42.      پهرين مڃتا؟

1998ع ۾ جڏهن منهنجو تحقيقي مقالو لاهور جي ڪنگ ايڊورڊ ميڊيڪل ڪاليج جي جرنل ۾ ڇپيو.

43.      ڏکي لڳندڙ تنقيد؟

جيڪا بغض ۾ ڪئي وڃي، ورنه صحتمند تنقيد جي مان آجيان ڪندي آهيان.

44.      فن جي اظهار جي پهرين صنف؟

مضمون نويسي.

45.      فني زندگيءَ جي ابتدا؟

نائين ڪلاس ۾ جڏهن مون مضمون نويسيءَ ۾ پهريون ڀيرو انعام کٽيو. اهو 1967ع جو زمانو هو، جڏهن پهريون ڀيرو منهنجو مضمون سائنسي تحقيق ۽ جفاڪش ماءُ ”اديون“ رسالي ۾ ڇپيو.

46.      سڃاڻپ جو حوالو؟

...

47.      سڀ کان وڏو نقاد؟

مان پاڻ.

48.      تعريف جيڪا دل خوش ڪري؟

خوشامد کان پاڪ هجڻ شرط آهي.

49.      پسنديده شاعر؟

شيخ اياز.

50.      پسنديده نثر نگار؟

امر جليل، باقي سفرناما الطاف شيخ جا وڻندا آهن.

51.       راڳي جنهن جو راڳ دل ڇهي وٺي؟

محمد ابراهيم، ڀڳت ڪنور رام ۽ عابده پروين.

52.      وجود جي سڀ کان وڏي ٽيڪ؟

قدرت.

53.      خوشبوئن جي دنيا ۾ وڻندڙ خوشبو؟

موتئي جي گل جي.

54.      ڪهڙي موسم جو رنگ وجود تي وڌيڪ چڙهندو آهي؟

بهار جي موسم.

55.       اکيون ٺاريندڙ رنگ جيڪو دل کي پسند اچي؟

اڇو رنگ (سفيد کير جهڙو).

56.      ڪائنات جي سڀ کان خوبصورت تخليق؟

انسان.

57.      چڙ اچي ته ڪيئن لهي؟

چڙ ڏياريندڙ جي سامهون سڀ ڪجهه چئي ڇڏيندي آهيان، پوءِ چڙ به لهي ويندي آهي ۽ دل ۾ به نه رکندي آهيان.

58.               انساني خوبي جيڪا پهرين نظر ۾ محسوس ڪريو؟

...

59.      دل تي بار ٿي پوندڙ انساني خاميون؟

منافقت ۽ ڪوڙ ڳالهائڻ.

60.      پنهنجي دل جي ڪمزوري؟

ڪو هرو ڀرو برو ڀلو چوي ته اُن سان جهيڙو نه ڪري سگهڻ، حد کان وڌيڪ نياز نوڙت سان هلڻ.

61.       پيڙا جو ڪو پل؟

جڏهن صرف هڪڙي مارڪ گهٽ هجڻ تي ميڊيڪل ۾ داخلا نه ٿي.

62.      معاف نه ڪرڻ جوڳي انساني خطا؟

تهمت لڳائڻ.

63.      ڪٽنبي زندگي؟

هڪ پناهه گاهه مثل.

64.      نفرت؟

ڪائنات ۾ ڪجهه به نفرت انگيز ڪونهي. انڪري نفرت جو لفظ منهنجي ڊڪشنريءَ ۾ ڪونهي.

65.      اهو انسان جنهن سان نفرت ختم نه ڪري سگهجي؟

قابل نفرت ئي جڏهن ڪو ناهي ته پوءِ نفرت ڪرڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي.

66.      عقل ۽ جذبي ۾ ڪير وڌيڪ ڀاري آهي؟

ڪڏهن عقل ڪم ڪندو آهي ۽ ڪڏهن جذبا وڌيڪ ڀاري ٿي ويندا آهن.

67.      عقيدو؟

قدرت تي مڪمل يقين منهنجو عقيدو آهي.

68.      عبادت؟

منهنجي خيال ۾ فرض ٿيل ”عبادت“ کان هٽي ڪري جڏهن ڪجهه ٻيو نيڪ عمل ڪرڻ جو سوچجي ته پوءِ صرف ۽ صرف ”ڪم“ کي عبادت سمجهي ادا ڪجي.

69.      وقت؟

ويل وقت موٽي نٿو اچي، انڪري ”وقت“ جو قدر ڪرڻ گهرجي ته ”وقت“ جتي مهربان آهي، ساڳي وقت ڏاڍو ”ظالم“ به آهي.

70.      موت؟

موت برحق آهي، ڇو ته ”موت“ زندگيءَ جي حفاظت لاءِ مامور ٿيل آهي، اِنڪري اُن کان خائف نه ٿيڻ گهرجي، ۽ هر وقت ياد ڪندو رهڻ گهرجي.

71.       زندگي؟

الله تعاليٰ جي عطا ڪيل بهترين نعمت آهي.

72.      هر وقت وڻندڙ ڪتاب؟

قرآن شريف.

73.      دل کي ڇهندڙ فلم؟

(اجازت) انڊين.

74.      پسنديده نيم تاريخي شخصيت؟

”عمر بادشاهه“ ڇو ته هن ”مارئي“ لاءِ نيڪ جذبا قائم رکيا.

75.      تاريخ جي پسنديده هستي؟

حضرت علي ڪرم الله وجهھ رضي الله تعاليٰ عنھ.

76.      سياست؟

پسند نه آهي.

77.      وڻندڙ سياسي شخصيت؟

ذوالفقار علي ڀٽو ۽ محترمھ بينظير ڀٽو.

78.      وڻندڙ مشروب؟

ايپل جوس.

79.      وڻندڙ اخبار؟

”ڪاوش“ ۽ ”ڊان“.

80.      وڻندڙ سيٽلائيٽ چينل؟

ڪو خاص نه.

81.       پسنديده اداڪاره؟

روحي بانو.

82.      سواري جيڪا پسند هجي؟

ڪار.

83.      خواب جيڪو اڪثر ڏسندا هجو؟

پاڻ کي جهولي ۾ جهولندي ڏسندي آهيان.

84.      خواب جيڪو ساڀيان نه ماڻي سگهيو؟

اهڙو ڪو به خواب مون ڪڏهن نه ڏٺو. هميشه اهڙو سوچيو، جيڪو پورو ٿيو.

85.      مستقبل جي باري ۾ پلان؟

هر ڪم الله جل جلالھ تي ڇڏيل هوندو آهي.

86.      ناڪامي جيڪا اڃا تائين دل ۾ دُکندي هجي؟

پنهنجي پي ايڇ ڊي جي ”ٿيسز“ مڪمل ڪري نه سگهي آهيان، جنهن جو بي انتها ڏک اٿم. پر پوءِ به ڪم ۾ رڌل آهيان.

87.      خوشي جنهن جو انتظار هجي؟

جنهن ڏينهن منهنجي ٿيسز لکجي تيار ٿيندي ۽ ڪاميابي ماڻيندي، اهو مون لاءِ بي انتها خوشيءَ جو ڏينهن هوندو.

88.      آزادي؟

بنيادي طور تي ”انسان“ آزاد آهي، انڪري ”آزادي“ سان ڪم ڪرڻ ۽ رهڻ هر انسان جو حق آهي.

89.      ڇڙواڳي؟

...

90.      ڌرتيءَ سان پيار؟

انسان مٽيءَ منجهان ٺاهيو ويو آهي، انڪري ان جو ڌرتيءَ سان پيار ته لازمي ”جز“ آهي. اهو ئي سبب آهي جو هر انسان کي پنهنجي ڌرتيءَ سان محبت هوندي آهي.

91.       زندگيءَ کان ڪا شڪايت؟

...

92.      انساني ڪردار جي سونهن؟

ڪوڙ، گلا ۽ غيبت کان پاسو ڪرڻ، پنهنجي ”چيل لفظن“ جو ڀرم رکڻ.

93.      انساني روين جو رنگ جيڪو روئاري؟

ڪنهن تي اجايو الزام هڻي ۽ ڪنهن کي ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪندڙ ”رويا“ مون کي ڪڏهن ڪڏهن روئاري ڇڏيندا آهن.

94.      پنهنجو پاڻ کان شڪايت؟

هر ماڻهو جي ڳالهه تي اعتبار ڪرڻ (پنهنجي سادگيءَ کان).

95.      تقدير تي ويساهه؟

آهي.

96.      زندگي جو ڪڙو سچ؟

”سماج“ ۾ عورت سان اڻ برابري وارو رويو.

97.      زندگيءَ جو اعتراف؟

زنده دلي سان زندگيءَ کي گذارڻ.

98.      ٻئي جنم ۾ ڇا ٿيڻ چاهينديون؟

ٻئي جنم ۾ يقين نه آهي.

99.      ڪهڙين ڳالهين تي چڙ ايندي اٿوَ؟

جڏهن مان ڪنهن کي ڪجهه سمجهايان ۽ اهو ماڻهو اجايو بحث ڪرڻ لڳي ته تمام گهڻي ”چڙ“ ايندي آهي، ڪنهن جي بنهه ذاتي معاملن ۾ دخل ڏيڻ، منهنجي ذاتي شين جي ترتيب کي بدلائڻ تي بي انتها چڙ ايندي.

100.  پيغام؟

مادري ٻولي ماڻهوءَ جو ”شناختي ڪارڊ“ به آهي، ته ماڻهوءَ جي ”شڪل شبيھ“ به آهي ۽ ماڻهوءَ جو ”روح“ به آهي، ”مٽي اول، مٽي آخر، مٽي زنده باد“.

(سرتيون 2009ع)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org