سيڪشن:رسالا

ڪتاب: هڪ شخصيت 100 سوال جنوري/مارچ 2019ع

باب:

صفحو:17 

اڪثر گڏين ۽ سٺن نون ڪپڙن جي فرمائش ڪندي رهندي هئس

نجمه نور ڦلپوٽو

1.            گهر ۾ سڏجندڙ نالو؟

اقبال.

2.           ڄم جي تاريخ (سال ڀلي نه ٻڌايو؟)

19 جون.

3.           شهر جنهن ۾ پهريون ساهه کنيو؟

خيرپور.

4.           شهر جو اڄ به پاڻ ڏانهن ڇڪي؟

مدينو شريف.

5.           شهر جو دل جو شهر آهي؟

خيرپور.

6.           شهر جو دل کي نه آئڙيو هجي؟

بيوفائن جو شهر.

7.           زندگيءَ جو پهريون سُڏڪو جيڪو وسري

ئي نٿو؟

ٻالڪپڻ ۾ والد صاحب جي وفات.

8.           زندگيءَ جي پهرين مُرڪ؟

نياڻي سرهاڻ جو جنم.

9.           زندگيءَ جي پهرين مهرباني؟

ماءُ جو پيار.

10.       زندگيءَ جو پهريون قرب پهرين يادگيري؟

امڙ جو ڇاتيءَ سان لائي پيار ڪرڻ.

11.        موسمن سان پيار جي پهرين يادگيري؟

برکا رُت ۾ پاڻُ پُسائڻ.

12.       وڻندڙ موسم؟

بهار.

13.       ستن ڏينهن جي گول چڪر مان ڪو وڻندڙ ڏينهن؟

جمعي جو ڏينهن.

14.       ڏينهن جي اٺن پهرن مان وڻندڙ پهر؟

پرهه ڦٽي.

15.       فطرت جي خوبصورتيءَ جو وڻندڙ نظارو؟

چوڏهينءَ جو چنڊ،

درياءَ جون لهرون،

لهندڙ سج جو پاڻيءَ تي عڪس.

16.       ٻالڪپڻ جي ڪا ياد رهجي ويل ڏنگائي؟

شرارتي نه هئم.

17.       ٻالڪپڻ جي ڪا محرومي جيڪا اڄ به دل تي چٽيل هجي؟

ننڍڙي لاءِ والد جي شفقت کان محروم ٿي وڃڻ، ڀيڻ ۽ ڀاءُ جي ڪمي، اڪيلائيءَ جو احساس اڄ به ساڳيو آهي.

18.       ٻالڪپڻ جي ڪا خواهش؟

ڪاش پنهنجي ڀاءُ ڀيڻ سان راند ڪريان ها!

19.        ننڍپڻ جو ڪو انگل آرو؟

اڪثر گڏين ۽ سٺن نون ڪپڙن جي فرمائش ڪندي رهندي هئس. اهو ياد ٿو اچي انگل.

20.       جوانيءَ جو پهريون احساس؟

ڪاش هم خيال نصيب ٿئي ها!

21.       جوانيءَ جو پهريون خواب؟

هم خيال چاهه جي امنگ.

22.      جوانيءَ جو ڪو خوبصورت پَل؟

هر پل جدوجهد ۾ گذريو، مون لاءِ هڪ هڪ پل اهم هو.

23.      بار بار چپن تي ايندڙ ڪو گيت؟

تيري بنا زندگي سي ڪوئي شڪوه تو نهين.

24.      دل کي ڇهي ويندڙ ڪا سِٽ؟

مون جڏهن ڪو ڏيئو جلايو آ.

25.      ڏک جي اظهار جو طريقو؟

پين، پنو، تنهائي.

26.      خوشيءَ جي اظهار جو طريقو؟

واهه ڇا ته ڳالهه آهي! چوڻ.

27.      اڀرندڙ سج ۽ لهندڙ سج جي پويان ڏينهن رات جي راند ۾ پسند جو ويلو؟

باک ڦٽي.

28.      اڪيلائيءَ جو احساس؟

هميشه گڏ رهيو آهي.

29.      تاريڪيءَ جو احساس؟

جڏهن خواب ڀور ڀور ٿيا.

30.      گذرندڙ وهيءَ لاءِ ڪا ميار؟

جيڪو ٿيو سو بهتر ٿيو.

31.       خالي رستن جا احساس؟

هميشه تڙپائين ٿا.

32.      قد کان اُڀيون ديوارون؟

جرئت سان ٽوڙي سگهجن ٿيون.

33.      دوستي؟

ڪائنات جو هڪ عظيم ترين حسين تحفو.

34.      هٿ ڇڏائي ويندڙ دوستن کان شڪايت؟

هٿ ڇڏائيندڙ دوست نه ٿيندا آهن ائين جيئن هر هٿ ملائيندڙ دوست ناهي ٿيندو.

35.      دوستن تي ڪا ميار؟

جيڪو دوستيءَ جو مفهوم نه سمجهي تنهن نادان دوست تي ڪهڙي ميار!

36.      پيار؟

پيار بنان جيئن به ڪو جيئڻ آهي. پيار ڀرپور زندگيءَ جو احساس آهي.

37.      عشق؟

عشق نه پڇي ذات، نه صرف ذات، پر نه رنگ، نه نسل، نه مذهب، نه قبيلو، نه عمر! عشق انڌو ٻوڙو هوندو آهي. نه رسم نه رواج، ڪجهه به نه ڏسندو آ بس جو وڻندو اٿس ڪري گذرندو آهي. ڪڏهن پتنگ ٿي ويندو آهي ڪڏهن سوريءَ چڙهندو آهي. سندس هڪ ئي نعرو هوندو آهي.

”جنهن دل پيتا عشق دا جام،

سا دل مستو مست مدام.“

38.      پيار جو بي اختيار اظهار؟

پيار جو اظهار بي ساخته ٿي ويندو آهي، ڪبو ناهي.

39.      پيار جڏهن عذاب آڻي ته؟

پيار ۽ عشق هميشه عذاب جو سبب بڻبو آهي. تڏهن به زنده رهيو آهي.

40.      پيار جو اظهار نه ڪري سگهجي؟

اظهار جي نه ڪبو پيار جو ته تڪليف پاڻ کي ئي ايندي، اظهار ڪرڻ گهرجي بي خوف، بي خطر، بي ساخته، جنهن کي پيار ڪرڻ اچي ٿو ان کي اظهار به اچڻ گهرجي نه ته اڳلو بي خبر رهجي ويندو.

41.       ڪلاکيتر ۾ پير کوڙڻ جو پهريون سهارو؟

منهنجي شاعريءَ جو استاد سائين شعبان بخت.

42.      پهرين مڃتا؟

هسٽاريڪل ڪاميٽي خيرپور ايوارڊ.

43.      ڏکي لڳندڙ تنقيد؟

جنهن مان حسد جي بوءِ ايندي هجي.

44.      فن جي اظهار جي پهرين صنف؟

گيت.

45.      فني زندگيءَ جي ابتدا؟

جڏهن ٻالڪپڻ ۾ والد وفات ڪئي ته مان سندس وڇوڙي ۾ چند سٽون لکيون هيون.

46.      سڃاڻپ جو حوالو؟

شاعري، مصوري، ڪالم نگاري، ٽيچنگ.

47.      سڀ کان وڏو نقاد؟

انسان جو ضمير! اگر زنده هجي ته.

48.      تعريف جيڪا دل خوش ڪري؟

جيڪا پر پُٺ ڪئي وڃي.

49.      پسنديده شاعر؟

شاهه لطيف، سچل سرمست، شيخ اياز، تنوير عباسي، مرزا غالب، فيض احمد فيض.

50.      پسنديده نثر نگار؟

نور الهديٰ شاهه، عبدالقادر جوڻيجو، حميد سنڌي ۽ امر جليل.

51.       راڳي جنهن جو راڳ دل ڇهي وٺي؟

لتا، رفيع، محمد يوسف، عابده پروين.

52.      وجود جي سڀ کان وڏي ٽيڪ؟

اعتماد پنهنجو پاڻ تي.

53.      خوشبوئن جي دنيا ۾ وڻندڙ خوشبو؟

رابيل.

54.      ڪهڙي موسم جو رنگ وجود تي وڌيڪ چڙهندو آهي؟

موسم بهار ۽ پيار جي موسم.

55.       اکيون ٺاريندڙ رنگ جيڪو دل کي پسند اچي؟

پيار جو، امن جو سک جو، اهو ئي رنگ وجود تي چڙهندو آهي.

56.      ڪائنات جي سڀ کان خوبصورت تخليق؟

امڙ جو وجود.

57.      چڙ اچي ته ڪيئن لهي؟

ضابطي ۽ برداشت ڪرڻ سان.

58.      انساني خوبي جيڪا پهرين نظر ۾ محسوس ڪريو؟

مجموعي انداز.

59.      دل تي بار ٿي پوندڙ انساني خاميون؟

منافقت.

60.      پنهنجي دل جي ڪمزوري؟

فطري حسن ۽ جمال.

61.       پيڙا جو ڪو پل؟

هڪ پل هجي ته بيان ڪريان.

62.      معاف نه ڪرڻ جوڳي انساني خطا؟

مان معاف ڪري ڇڏيندي آهيان، خدا ئي انسان جون خطائون معاف ڪري ٿو ته اسان ڪير ٿيندا آهيون معاف نه ڪرڻ وارا.

63.      ڪٽنبي زندگي؟

الله جا احسان آهن جو ڪجهه عطا ٿيو خوب عطا ٿيو.

64.      نفرت؟

نفرت آهي نفرت کان، پيار آهي پيار سان.

65.      اهو انسان جنهن سان نفرت ختم نه ڪري سگهجي؟

مان انسانن سان پيار ڪندي آهيان. نفرت هرگز نه.

66.      عقل ۽ جذبي ۾ ڪير وڌيڪ ڀاري آهي؟

جذبو عقل تي تالو لڳائي ڇڏيندو.

67.      عقيدو؟

زندگي گذارڻ جو ڍنگ، طريقو، ذريعو ۽ احساس.

68.      عبادت؟

تسڪين روح.

69.      وقت؟

منهنجي نظر ۾ هڪ قيمتي اثاثو آهي.

70.      موت؟

حقيقت آهي جنهن کي ڪڏهن به وسارڻ نه گهرجي.

71.       زندگي؟

قدرتي جو بي بها تحفو، امانت، قدر ڪرڻ جهڙي شيءِ.

72.      هر وقت وڻندڙ ڪتاب؟

قرآن پاڪ.

73.      دل کي ڇهندڙ فلم؟

ڪابه نه.

74.      پسنديده نيم تاريخي شخصيت؟

عبدالستار ايڌي ۽ بلقيس ايڌي.

75.      تاريخ جي پسنديده هستي؟

حضرت محمد صلي الله عليھ وآلھ وسلم.

76.      سياست؟

صحيح معنيٰ ۾ ته جنت، ورنه جهنم آهي. اسان وٽ خطرناڪ راند آهي.

77.      وڻندڙ سياسي شخصيت؟

جيڪو ملڪ ۽ قوم سان سچو ۽ وفادار هجي.

78.      وڻندڙ مشروب؟

پائنيپل، مينگو، آرينج جوس.

79.      وڻندڙ اخبار؟

جا سچ ۽ حق جي ڳالهه ڪندڙ هجي.

80.      وڻندڙ سيٽلائيٽ چينل؟

اهي جيڪي سماج جي صحيح عڪاسي ڪندا هجن اصلاحي پهلوءَ تي ڪم ڪن، هاڪاري سوچ جا حامي ۽قائل هجن.

81.       پسنديده اداڪاره؟

جنهن کي واقعي اداڪاري ڪرڻ ايندي هجي ۽ ان جي ڄاڻ هجيس.

82.      سواري جيڪا پسند هجي؟

ڪار جي.

83.      خواب جيڪو اڪثر ڏسندا هجو؟

ڪڏهن ٿو امن ۽ آشتيءَ جو سج اڀري.

84.      خواب جيڪو ساڀيان نه ماڻي سگهيو؟

دکي سنسار جي مک تي سک جي مرڪ ڏسان.

85.      مستقبل جي باري ۾ پلان؟

بس عزت آبروءَ سان زندگي گذري.

86.      ناڪامي جيڪا اڃا تائين دل ۾ دُکندي هجي؟

ناڪاميون، محروميون زندگيءَ جو حصو آهن.

87.      خوشي جنهن جو انتظار هجي؟

حج ۽ عمري جي سعادت.

88.      آزادي؟

ڪاش اسان جون دليون، سوچون ۽ روح آزاد هجن ها.

89.      ڇڙواڳي؟

ڇڙواڳيءَ جا نتيجا اڪثر خراب نڪرندا آهن، ان لاءِ ضروري آهي ته وچٿرائيءَ کان ڪم وٺجي.

90.      ڌرتيءَ سان پيار؟

جنهن کي ڌرتيءَ سان پيار ناهي. ڌرتيءَ سان سچو ۽ مخلص ناهي تنهن کي ڌرتيءَ تي رهڻ جو حق ناهي.

91.       زندگيءَ کان ڪا شڪايت؟

زندگيءَ جو سفر هو ته مشڪل مگر،

پيچرن جا پٿر واٽ ڏيندا رهيا.

92.      انساني ڪردار جي سونهن؟

انسانيت جو هجڻ.

93.      انساني روين جو رنگ جيڪو روئاري؟

غير انساني عمل، انسانيت جو حيواني روپ.

94.      پنهنجو پاڻ کان شڪايت؟

بي وڙن سان وڙ ڪرڻ، بيوفائي سان وفا ڪرڻ، برن سان ڀلائي ڪرڻ، بي اعتبارن تي اعتبار ڪرڻ. بس اها ئي پاڻ کان شڪايت آهي. ڪاش ائين نه ڪيان ها! چڱايون هميشه ڳچيءَ ۾ ڦندو بڻجي  پوڻ بعد به نه سڌرڻ.

95.      تقدير تي ويساهه؟

تقدير تي سو سيڪڙو مگر تدبير به تمام گهڻي اهميت رکي ٿي.

96.      زندگي جو ڪڙو سچ؟

سچ هميشه زهر لڳندو آهي، سچ کي سچ ثابت ڪرڻ.

97.      زندگيءَ جو اعتراف؟

”زندگيءَ جو سفر ڏاڍو مشڪل لڳو،

جاڏي وک پئي کڄي تاڏي بد پئي لڳو.“

98.      ٻئي جنم ۾ ڇا ٿيڻ چاهينديون؟

شاعره.

99.      ڪهڙين ڳالهين تي چڙ ايندي اٿوَ؟

ڪوڙ، دوکو، فريب، خوشامد، چاپلوسي، وائڙائپ، پرپٺ گلا ڪرڻ تي.

100.  پيغام؟

عورت بڻجي عورت جي درد کي سمجهو، پنهنجا سمورا ويڇا وساري، هڪ ٻئي جو آٿت بڻجو، سهارو بڻجو. هڪ ٻئي لاءِ پيار بڻجو، نه ڪي نفرت. هڪ ٻئي جون سچيون مخلص دوست بڻجو، نه ڪي دشمن! حسد ساڙ جهڙين خرابين کي ساڙي ڇڏيو.

اهو سوچيو ته ڇا اسان جي سماج ۾ عورت مٿان گهٽ تشدد ۽ ظلم ٿي رهيو آهي؟ جو اسين به هڪ ٻئي لاءِ ڪات ڪهاڙا کنيون وتون! هٿ مان هٿ کي ڇڏڻو ناهي.منزل ماڻڻ تائين ساٿ نڀائڻو آهي. اسان جي اکين ۾ خواب هجن سجيل پرامن صبح لاءِ! اُميد جو دامن ڪنهن به صورت هٿان ناهي ڇڏڻو. سُرهي باک ڦٽي لاءِ گڏجي جاکوڙ به ڪرڻي آهي، ته جتن به ڪرڻا آهن، ته جيئن مظلوم عورت جي مايوس مُک تي مرڪن جا رنگ برنگي پوپٽ خوشيءَ مان ڦيرا پائيندا نظر اچن. ته جيئن مايوس جذبا جهومي جهونگارين، جشن ملهائن. اهائي ڌڻي در دعا آهي، اهو ئي سرتين لاءِ پيغام. مون کي پڪ آهي ته هڪ ڏينهن اُميد جا ڪرڻا ضرور جرڪي پوندا! ضرور جرڪي پوندا!

(سرتيون 2007ع)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org