سيڪشن:رسالا

ڪتاب: هڪ شخصيت 100 سوال جنوري/مارچ 2019ع

باب:

صفحو:19 

جڏهن هوائون چپن تي مرڪ وکيري ڇڏينديون هيون

 

 

 

 

حسين مسرت

1.            گهر ۾ سڏجندڙ نالو؟

حسين.

2.           ڄم جي تاريخ (سال ڀلي نه ٻڌايو؟)

19 مارچ.

3.           شهر جنهن ۾ پهريون ساهه کنيو؟

مٽياري.

4.           شهر جو اڄ به پاڻ ڏانهن ڇڪي؟

ڪراچي.

5.           شهر جو دل جو شهر آهي؟

ڄام شورو.

6.           شهر جو دل کي نه آئڙيو هجي؟

مٽياري.

7.                       زندگيءَ جو پهريون سُڏڪو جيڪو وسري ئي نٿو؟

مدرسي ۾ نه موڪليو، آئون ڏاڍو رني هئس.

8.           زندگيءَ جي پهرين مُرڪ؟

اسڪول ۾، قومي تراني ۾، پنهنجو نالو ٻڌڻ.

9.           زندگيءَ جي پهرين مهرباني؟

وومين ايڪشن فورم ۾ شامل ٿيڻ.

10.       زندگيءَ جو پهريون قرب پهرين يادگيري؟

منهنجي لاءِ اڃا تائين هڪ سوال آهي.

11.        موسمن سان پيار جي پهرين يادگيري؟

جڏهن هوائون چپن تي مرڪ وکيري ڇڏينديون هيون.

12.       وڻندڙ موسم؟

وفا کے قید خانوں میں

سزائیں کب بدلتی ہیں

بدلتا دل کا موسم ہے

ہوائیں کب بدلتی ہیں۔

13.                ستن ڏينهن جي گول چڪر مان ڪو وڻندڙ ڏينهن؟

جنهن ۾ لکڻ، پڙهڻ لاءِ گهڻو وقت ملي.

14.       ڏينهن جي اٺن پهرن مان وڻندڙ پهر؟

صبح جو پهر.

15.       فطرت جي خوبصورتيءَ جو وڻندڙ نظارو؟

آبشار.

16.       ٻالڪپڻ جي ڪا ياد رهجي ويل ڏنگائي؟

ڪابه نه.

17.       ٻالڪپڻ جي ڪا محرومي جيڪا اڄ به دل تي چٽيل هجي؟

مائٽن کان دوري.

18.       ٻالڪپڻ جي ڪا خواهش؟

اڪيلي اسڪول وڃڻ، بازار گهمڻ.

19.        ننڍپڻ جو ڪو انگل آرو؟

گهوڙي تي چڙهڻ لاءِ ضد ڪرڻ پوءِ گهوڙو گهر ۾ گهرايو ويو.

20.       جوانيءَ جو پهريون احساس؟

ڪامياب زندگي لاءِ ڪو مقصد هجڻ ضروري آهي.

21.       جوانيءَ جو پهريون خواب؟

گهڻي ۾ گهڻو پڙهڻ، Ph.D ڪرڻ.

22.      جوانيءَ جو ڪو خوبصورت پَل؟

کوڙ سارا آهن.

23.      بار بار چپن تي ايندڙ ڪو گيت؟

سهندو ڪير ميار وو يار

سنڌڙيءَ تي سر ڪير نه ڏيندو

سهندو ڪير ميار.

24.      دل کي ڇهي ويندڙ ڪا سِٽ؟

ڪَڪَر منجهه ڪَپار،

جهڙ نيڻئون نه لهي.

25.      ڏک جي اظهار جو طريقو؟

خاموشي، ڊائري لکڻ.

26.      خوشيءَ جي اظهار جو طريقو؟

کلڻ.

27.      اڀرندڙ سج ۽ لهندڙ سج جي پويان ڏينهن رات جي راند ۾ پسند جو ويلو؟

رات جو آخري پهر.

28.      اڪيلائيءَ جو احساس؟

ڪيڏا تنها ٿي پيا آهيون،

پرزا پرزا ٿي پيا آهيون. (رخسانه پريت)

29.      تاريڪيءَ جو احساس؟

جڏهن اخبارن ۾، ڪارو ڪاري، خودڪشي، گهران ڇوڪرين جي ڀڄڻ ۽ گهريلو تشدد جا واقعا پڙهندي آهيان.

30.      گذرندڙ وهيءَ لاءِ ڪا ميار؟

گرچہ دل آباد نہیں ہے

لب پہ کوئی فریاد نہیں ہے۔

31.       خالي رستن جا احساس؟

دل کي ٿڪائيندڙ.

32.      قد کان اُڀيون ديوارون؟

انا جون.

33.      دوستي؟

اعتماد ۽ سگهه.

34.      هٿ ڇڏائي ويندڙ دوستن کان شڪايت؟

هٿ ڇڏائڻ وارا دوست نه هوندا آهن.

35.      دوستن تي ڪا ميار؟

ڪنهن جنهن نينهن نيندا، جي مون واجهائيندي

نه ورو جيڪي مئي ڪندؤ، سو جانب ڪريو جيئري

36.      پيار؟

زندگيءَ جي اڃ ۾ سراب ۽...

37.      عشق؟

عشق ديوانگي آهي دل جي،

جستجو آهي ڪا لاحاصل جي.

38.      پيار جو بي اختيار اظهار؟

هر انسان لاءِ ساڳيو نٿو ٿي سگهي.

39.      پيار جڏهن عذاب آڻي ته؟

عذاب ته قومن جي خاتمي جي نشاني هوندو آهي.

40.      پيار جو اظهار نه ڪري سگهجي؟

ته پوءِ نه ڪجي.

41.       ڪلاکيتر ۾ پير کوڙڻ جو پهريون سهارو؟

ڪوبه نه.

42.      پهرين مڃتا؟

اهڙي ڪا خاص ڪابه ڪونهي.

43.      ڏکي لڳندڙ تنقيد؟

دوست ہوتے تو منہ پر برا کہتے،

بزم میں سب نے کیا گلہ میرے بعد۔

44.      فن جي اظهار جي پهرين صنف؟

ڪهاڻي، مضمون.

45.      فني زندگيءَ جي ابتدا؟

84-1983ع کان، مون ”سرتيون“ ۾ ڪهاڻيون ۽ مضمون لکڻ شروع ڪيا.

46.      سڃاڻپ جو حوالو؟

حسين.

47.      سڀ کان وڏو نقاد؟

پنهنجو پاڻ.

48.      تعريف جيڪا دل خوش ڪري؟

اها تعريف جيڪا ذهني سڪون  ڏئي.

49.      پسنديده شاعر؟

شيخ اياز، فيض.

50.      پسنديده نثر نگار؟

قرة العين حيدر، عصمت چغتائي.

51.       راڳي جنهن جو راڳ دل ڇهي وٺي؟

نصرت فتح علي خان، عابده پروين.

52.      وجود جي سڀ کان وڏي ٽيڪ؟

وجود جي سڃاڻپ.

53.      خوشبوئن جي دنيا ۾ وڻندڙ خوشبو؟

ازارو، ڪورسم.

54.      ڪهڙي موسم جو رنگ وجود تي وڌيڪ چڙهندو آهي؟

سيءُ جو.

55.       اکيون ٺاريندڙ رنگ جيڪو دل کي پسند اچي؟

بلو.

56.      ڪائنات جي سڀ کان خوبصورت تخليق؟

دنيا.

57.      چڙ اچي ته ڪيئن لهي؟

پاڻي پيئڻ سان.

58.               انساني خوبي جيڪا پهرين نظر ۾ محسوس ڪريو؟

ڳالهائڻ جو انداز.

59.      دل تي بار ٿي پوندڙ انساني خاميون؟

ڪوڙ، ضد.

60.      پنهنجي دل جي ڪمزوري؟

نرم دلي.

61.       پيڙا جو ڪو پل؟

کوڙ آهن، پيڙيل طبقن جي پيڙا پنهنجي لڳندي اٿم.

62.      معاف نه ڪرڻ جوڳي انساني خطا؟

ويساهه گهاتي.

63.      ڪٽنبي زندگي؟

قيد.

64.      نفرت؟

ڪنهن سان به نه آهي.

65.               اهو انسان جنهن سان نفرت ختم ڪري سگهجي؟

انسانن سان نفرت ڪري نه ٿي سگهجي.

66.      عقل ۽ جذبي ۾ ڪير وڌيڪ ڀاري آهي؟

جذبو.

67.      عقيدو؟

زندگيءَ جي سياست.

68.      عبادت؟

انسانن سان محبت.

69.      وقت؟

پنهنجي هٿ ۾ آهي.

70.      موت؟

حقيقت آهي.

71.       زندگي؟

یہ اور بات کہ تعارف نہ ہو سکا،

ہم زندگی کے ساتھ بہت دور تک گئے۔

72.      هر وقت وڻندڙ ڪتاب؟

شاعريءَ جو.

73.      دل کي ڇهندڙ فلم؟

وير زارا.

74.      پسنديده نيم تاريخي شخصيت؟

گوتم ٻڌ، منصور حلاج.

75.      تاريخ جي پسنديده هستي؟

لطيف سائين.

76.      سياست؟

نه سمجهه ۾ ايندڙ شيءِ.

77.      وڻندڙ سياسي شخصيت؟

شهيد ذوالفقار علي ڀٽو.

78.      وڻندڙ مشروب؟

پاڻي.

79.      وڻندڙ اخبار؟

ڊان.

80.      وڻندڙ سيٽلائيٽ چينل؟

بي بي سي نيوز.

81.       پسنديده اداڪار؟

شفيع محمد شاهه.

82.      سواري جيڪا پسند هجي؟

جيڪا پنهنجي وس ۾ هجي ۽ وقت تي منزل تائين رسائي.

83.      خواب جيڪو اڪثر ڏسندا هجو؟

اڻ ڏٺل پيچرا، اڪيلايون، منزل دور، گم رستا.

84.      خواب جيڪو ساڀيان نه ماڻي سگهيو؟

خواب روحاني تفريح آهن، روح جون پوريون خواهشون خواب آهن.

85.      مستقبل جي باري ۾ پلان؟

تفريق کان پاڪ امن انصاف ۽ برابري جي بنياد تي سماج جوڙڻ.

86.      ناڪامي جيڪا اڃا تائين دل ۾ دُکندي هجي؟

دل ۾ دکندڙ ناڪاميون ئي نين ڪاميابين لاءِ اتساهينديون آهن.

87.      خوشي جنهن جو انتظار هجي؟

کوڙ ساريون آهن، Ph.D ڪرڻ. پنهنجا ڪتاب ڇپرائڻ.

88.      آزادي؟

هر فرد جو حق.

89.      ڇڙواڳي؟

ڪنهن جي به پرواهه نه ڪرڻ. بنا مقصد ۽ ذميواريءَ سان جيئڻ.

90.      ڌرتيءَ سان پيار؟

آزمائش.

91.       زندگيءَ کان ڪا شڪايت؟

ڪائي به نه.

زندگي ايڏي خوبصورت آهي، ان کان ڪهڙي شڪايت ڪجي، پاڻ زندگيءَ کي انهن انسانن کان شڪايت ڪرڻ گهرجي جيڪي ان جو قدر نٿا ڪن.

92.      انساني ڪردار جي سونهن؟

سچائي.

93.      انساني روين جو رنگ جيڪو روئاري؟

عورتن لاءِ، جنسي تشدد وارو رويو.

94.      پنهنجو پاڻ کان شڪايت؟

پنهون پنهون ٿي ڪريان، آئون پڻ پنهون پاڻ،

اديون ٿيس اڄاڻ، جو ڪين پروڙيم پاڻ کي.

95.      تقدير تي ويساهه؟

پنهنجي تقدير پاڻ لکجي ته سٺو، ڇو ته انسان غلطيون خود ڪندو آهي ۽ قصور وار تقدير کي قرار ڏيندو آهي.

96.      زندگي جو ڪڙو سچ؟

پنهنجي زندگيءَ تي پنهنجو اختيار گهٽ هئڻ.

97.      زندگيءَ جو اعتراف؟

زندگي اڃا ته هلي پئي هينئر ئي ڪهڙو اعتراف ڪريان.

98.      ٻئي جنم ۾ ڇا ٿيڻ چاهينديون؟

حسين، پر اڃا ته هي جنم کُٽي ئي نٿو.

99.      ڪهڙين ڳالهين تي چڙ ايندي اٿوَ؟

جڏهن ڪير عورت کي ڪمزور ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري.

100.  پيغام؟

چلے چلو کہ وہ منزل ابھی نہیں آئی۔

(سرتيون 2010ع)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org