سيڪشن:رسالا

ڪتاب: هڪ شخصيت 100 سوال جنوري/مارچ 2019ع

باب:

صفحو:8 

انسان اندر ۾ مطمئن هجي ته هر موسم پياري لڳندي آهي

 

 

 

 

ڊاڪٽر تهمينه مفتي

 

1.            گهر ۾ سڏجندڙ نالو؟

تهمينه.

2.           ڄم جي تاريخ (سال ڀلي نه ٻڌايو؟)

7 جنوري.

3.           شهر جنهن ۾ پهريون ساهه کنيو؟

نوابشاهه.

4.           شهر جو اڄ به پاڻ ڏانهن ڇڪي؟

شڪارپور.

5.           شهر جو دل جو شهر آهي؟

ڄام شورو.

6.           شهر جو دل کي نه آئڙيو هجي؟

...

7.           زندگيءَ جو پهريون سُڏڪو جيڪو وسري

ئي نٿو؟

ماءُ جي جدائيءَ تي.

8.           زندگيءَ جي پهرين مُرڪ؟

ياد ناهي.

9.           زندگيءَ جي پهرين مهرباني؟

پڙهڻ ۽ لکڻ ڄاتم.

10.       زندگيءَ جو پهريون قرب پهرين يادگيري؟

ماءُ جو قرب.

11.        موسمن سان پيار جي پهرين يادگيري؟

انسان اندر ۾ مطمئن هجي ته هر موسم پياري لڳندي آهي.

12.       وڻندڙ موسم؟

مينهوڳي.

13.       ستن ڏينهن جي گول چڪر مان ڪو وڻندڙ ڏينهن؟

آچر جو ڏينهن.

14.       ڏينهن جي اٺن پهرن مان وڻندڙ پهر؟

شام جو پهر.

15.       فطرت جي خوبصورتيءَ جو وڻندڙ نظارو؟

گلن سان ڀريل وڻ ۽ وليون.

16.       ٻالڪپڻ جي ڪا ياد رهجي ويل ڏنگائي؟

استاد کان نه پڙهڻ.

17.       ٻالڪپڻ جي ڪا محرومي جيڪا اڄ به دل تي چٽيل هجي؟

ميوزڪ اسڪول نه هجڻ.

18.       ٻالڪپڻ جي ڪا خواهش؟

ميوزڪ سکڻ جي خواهش.

19.        ننڍپڻ جو ڪو انگل آرو؟

هر ڀيري نوان ڪپڙا پائڻ جو ضد.

20.       جوانيءَ جو پهريون احساس؟

...

21.       جوانيءَ جو پهريون خواب؟

پنهنجي شخصيت کي مڃائڻ وارو خواب.

22.      جوانيءَ جو ڪو خوبصورت پَل؟

...

23.      بار بار چپن تي ايندڙ ڪو گيت؟

بيشمار گيت.

24.      دل کي ڇهي ويندڙ ڪا سِٽ؟

ڪابه نه.

25.      ڏک جي آخري پناهه گاهه ؟

ور ۽ ٻارن جو پيار.

26.      خوشيءَ جي اظهار جو طريقو؟

ڳائڻ ۽ جهونگارڻ.

27.      اڀرندڙ سج ۽ لهندڙ سج جي پويان ڏينهن رات جي راند ۾ پسند جو ويلو؟

چوڏهين جي چنڊ جو اڀرڻ.

28.      اڪيلائيءَ جو احساس؟

ڪڏهن ڪڏهن.

29.      تاريڪيءَ جو احساس؟

سماج جي ڀڳل ٽٽل حالت ڏسي.

30.      گذرندڙ وهيءَ لاءِ ڪا ميار؟

ڪابه نه.

31.       خالي رستن جا احساس؟

خاموشي، گهٽ ۽ اداسي.

32.      قد کان اُڀيون ديوارون؟

قيد خانو.

33.      دوستي؟

مخصوص ماڻهن سان جن سان ذهني هم آهنگي هجي.

34.      هٿ ڇڏائي ويندڙ دوستن کان شڪايت؟

ڪابه نه.

35.      دوستن تي ڪا ميار؟

ڌوڪو ڏيندڙ جنهن تي اعتماد ڪيو.

36.      پيار؟

جذبو.

37.      عشق؟

انتها.

38.      پيار جو بي اختيار اظهار؟

پنهنجن ٻارن سان.

39.      پيار جڏهن عذاب آڻي ته؟

سچو پيار عذاب نه آڻيندو آهي.

40.      پيار جو اظهار نه ڪري سگهجي؟

مان ڪري سگهندي آهيان.

41.       ڪلاکيتر ۾ پير کوڙڻ جو پهريون سهارو؟

بابا سائين.

42.      پهرين مڃتا؟

گهر ڀاتين پاران.

43.      ڏکي لڳندڙ تنقيد؟

ڪوڙي ۽ بي جا تنقيد.

44.      فن جي اظهار جي پهرين صنف؟

شاعري ۽ مضمون.

45.      فني زندگيءَ جي ابتدا؟

18 سالن جي عمر ۾.

46.      سڃاڻپ جو حوالو؟

منهنجو ڪم.

47.      سڀ کان وڏو نقاد؟

پنهنجو پاڻ.

48.      تعريف جيڪا دل خوش ڪري؟

پرپٺ جي تعريف.

49.      پسنديده شاعر؟

شيخ اياز.

50.      پسنديده نثر نگار؟

ابراهيم جويو ۽ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ.

51.       راڳي جنهن جو راڳ دل ڇهي وٺي؟

عابده پروين.

52.      وجود جي سڀ کان وڏي ٽيڪ؟

پنهنجو پاڻ کي آگاهي.

53.      خوشبوئن جي دنيا ۾ وڻندڙ خوشبو؟

رات جي راڻي جي سڳنڌ.

54.      ڪهڙي موسم جو رنگ وجود تي وڌيڪ چڙهندو آهي؟

بهار جي مند جو.

55.       اکيون ٺاريندڙ رنگ جيڪو دل کي پسند اچي؟

گهرو نيرو.

56.      ڪائنات جي سڀ کان خوبصورت تخليق؟

ٻار.

57.      چڙ اچي ته ڪيئن لهي؟

پنهنجو پاڻ لهي ويندي آهي.

58.      انساني خوبي جيڪا پهرين نظر ۾ محسوس ڪريو؟

خوش اخلاقي.

59.      دل تي بار ٿي پوندڙ انساني خاميون؟

غير ذميواري.

60.      پنهنجي دل جي ڪمزوري؟

اعتماد ڪرڻ.

61.       پيڙا جو ڪو پل؟

جڏهن ڪنهن سان به ڪا ڏاڍائي ٿئي.

62.      معاف نه ڪرڻ جوڳي انساني خطا؟

ظلم ڪرڻ ۽ جنگ ڪرڻ.

63.      ڪٽنبي زندگي؟

بهترين.

64.      نفرت؟

منافقي ٺڳي ۽ ڪوڙ کان.

65.      اهو انسان جنهن سان نفرت ختم ڪري سگهجي؟

جي هو سڌري وڃي ته، پر ماڻهو جي فطرت بدلبي ناهي.

66.      عقل ۽ جذبي ۾ ڪير وڌيڪ ڀاري آهي؟

عقل

67.      عقيدو؟

اعتماد پيدا ڪندو آهي.

68.      عبادت؟

هڪ پل (Bridge) جيڪا خالق سان ويجهڙائي پيدا ڪري ٿي.

69.      وقت؟

اَڪ جي پڻي.

70.      موت؟

هڪ حقيقت.

71.       زندگي؟

تحفو.

72.      هر وقت وڻندڙ ڪتاب؟

شاهه جو رسالو.

73.      دل کي ڇهندڙ فلم؟

کوڙ ساريون Poly legends of the fall Glandiator.

74.      پسنديده نيم تاريخي شخصيت؟

...

75.      تاريخ جي پسنديده هستي؟

...

76.      سياست؟

...

77.      وڻندڙ سياسي شخصيت؟

...

78.      وڻندڙ مشروب؟

چانهه.

79.      وڻندڙ اخبار؟

ڊان، ڪاوش.

80.      وڻندڙ سيٽلائيٽ چينل؟

مووي چينل.

81.       پسنديده اداڪاره؟

جوليا رابٽس، بريڊ پٽ، ماڌوري، ايشوريا راءِ.

82.      سواري جيڪا پسند هجي؟

ڪار.

83.      خواب جيڪو اڪثر ڏسندا هجو؟

محسن ڪنوار ماڻي.

84.      خواب جيڪو ساڀيان نه ماڻي سگهيو؟

ڪوبه نه.

85.      مستقبل جي باري ۾ پلان؟

اڻپورا ڪم مڪمل ڪرڻ لاءِ جاکوڙ ۽ ڪتاب لکڻ.

86.              ناڪامي جيڪا اڃا تائين دل ۾ دُکندي هجي؟

ڪابه نه.

87.      خوشي جنهن جو انتظار هجي؟

جڏهن هر هڪ ماڻهو خوشين کي ماڻي سگهي.

88.      آزادي؟

هر انسان جو بنيادي حق آهي.

89.      ڇڙواڳي؟

آزادي جو ناجائز فائدو.

90.      ڌرتيءَ سان پيار؟

ايمان.

91.       زندگيءَ کان ڪا شڪايت؟

ڪابه نه.

92.      انساني ڪردار جي سونهن؟

انسانيت.

93.      انساني روين جو رنگ جيڪو روئاري؟

بي وسي ۽ بي حسي.

94.      پنهنجو پاڻ کان شڪايت؟

ڪابه نه.

95.      تقدير تي ويساهه؟

تقدير بدلائي سگهجي ٿي.

96.      زندگي جو ڪڙو سچ؟

اهي پل جڏهن چاهيندي به ڪنهن جي مدد نه ڪري سگهجي.

97.      زندگيءَ جو اعتراف؟

زندگي هڪ دفعو ملندي آهي.انڪري ان جو قدر ڪرڻ کپي.

98.      ٻئي جنم ۾ ڇا ٿيڻ چاهينديون؟

يقين نٿي رکان.

99.      ڪهڙين ڳالهين تي چڙ ايندي اٿوَ؟

جڏهن وقت تي ڪم نه ٿئي.

100.  پيغام؟

جيئو ۽ جيئڻ ڏيو. زندگي ۽ وقت جو قدر ڪرڻ گهرجي.

(سرتيون 2007ع)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org