سيڪشن:رسالا

ڪتاب: هڪ شخصيت 100 سوال جنوري/مارچ 2019ع

باب:

صفحو:3 

عشق انساني سمجهه ۽ احساس کان مٿانهون آهي.

 

 

 

شبنم گل

1.            گهر ۾ سڏجندڙ نالو؟

شبنم

2.           ڄم جي تاريخ (سال ڀلي نه ٻڌايو؟)

5 سيپٽمبر

3.           شهر جنهن ۾ پهريون ساهه کنيو؟

دادو

4.           شهر جو اڄ به پاڻ ڏانهن ڇڪي؟

مڪلي اُهو شهر آهي، جنهن منهنجي تخيل کي اُتساهه ڏنو.

5.           شهر جو دل جو شهر آهي؟

حيدرآباد جهڙو ڪو ٻيو شهر ناهي.

6.           شهر جو دل کي نه آئڙيو هجي؟

شايد ئي هجي ملڪ ۾...

7.                       زندگيءَ جو پهريون سُڏڪو جيڪو وسري ئي نٿو؟

ماءُ جو دائمي وڇوڙو.

8.           زندگيءَ جي پهرين مُرڪ؟

ماءُ جي هنج.

9.           زندگيءَ جي پهرين مهرباني؟

ساهن جو تسلسل.

10.       زندگيءَ جو پهريون قرب پهرين يادگيري؟

هر پل قرب ڀريو رهيو آهي.

11.        موسمن سان پيار جي پهرين يادگيري؟

ٿيا گليءَ جا بادل.

12.       وڻندڙ موسم؟

سيارو پسند اٿم.

13.                ستن ڏينهن جي گول چڪر مان ڪو وڻندڙ ڏينهن؟

هر ڏينهن وقت جي گلدستي ۾ گل جيان آهي.

14.       ڏينهن جي اٺن پهرن مان وڻندڙ پهر؟

سج لهڻ جو پهر.

15.       فطرت جي خوبصورتيءَ جو وڻندڙ نظارو؟

برسات

16.       ٻالڪپڻ جي ڪا ياد رهجي ويل ڏنگائي؟

گهڻيون ئي آهن.

17.       ٻالڪپڻ جي ڪا محرومي جيڪا اڄ به دل تي چٽيل هجي؟

ننڍپڻ راند کيڏندي گذريو انڪري فقط خوبصورت يادگيريون آهن.

18.       ٻالڪپڻ جي ڪا خواهش؟

درياهن ۾ ترڻ جي.

19.       ننڍپڻ جو ڪو انگل آرو؟

ڪوبه نه.

20.       جوانيءَ جو پهريون احساس؟

سوچيو ئي ڪڏهن.....

21.       جوانيءَ جو پهريون خواب؟

ڊاڪٽر بڻجڻ جو خواب ڏٺو هو.

22.      جوانيءَ جو ڪو خوبصورت پَل؟

ماروي هاسٽل ۾ گذاريل پل.

23.      بار بار چپن تي ايندڙ ڪو گيت؟

اهڙو ڪوبه گيت ڪونهي.

24.      دل کي ڇهي ويندڙ ڪا سِٽ؟

الا ڏاهي مه ٿيان....

25.      ڏک جي اظهار جو طريقو؟

خاموشي.

26.      خوشيءَ جي اظهار جو طريقو؟

مرڪ

27.      اڀرندڙ سج ۽ لهندڙ سج جي پويان ڏينهن رات جي راند ۾ پسند جو ويلو؟

سرمئي صبح جا پل جڏهن سج جا ڪرڻا وڻن جي چوٽين تي جرڪندا آهن ۽ پکين جون مٺڙيون لاتيون ٻڌڻ ۾ اينديون آهن.

28.      اڪيلائيءَ جو احساس؟

خودشناسي جا ڪي پل جيڪي ذات جي سمجهه عطا ڪندا آهن.

29.      تاريڪيءَ جو احساس؟

منفي سوچ ۽ منفي رويا تاريڪيءَ جو احساس ڏياريندا آهن.

30.      گذرندڙ وهيءَ لاءِ ڪا ميار؟

وقت جي ڌنڌ ۾ وڃائجي ويل ماءُ پيءُ جيڪر موٽي ملن.

31.       خالي رستن جا احساس؟

سڪون جو احساس. اهي رستا خود ڪلامي کي سرجين ٿا جيڪڏهن رستي جي ٻنهي ڪنارن تي وڻ هجن ته .......

32.      قد کان اُڀيون ديوارون؟

ذهني وڇوٽيون.

33.      دوستي؟

دوستن جي وقت سان بدلجي وڃڻ جو سوچي افسوس ٿيندو آهي. شايد حالتن جي ڪري اُهي بدلجي ويا....

34.      هٿ ڇڏائي ويندڙ دوستن کان شڪايت؟

ڪابه شڪايت نه آهي ڇو ته سٺا دوست خوبين سان گڏ خامين کي به سهيڙيندا آهن.

35.      دوستن تي ڪا ميار؟

ميار ڏيڻ کان بهتر آهي ته بوجهه بڻجي ويل تعلق کي ختم ڪري ڇڏڻ گهرجي ڇو ته سوچ جي توازن ۽ اعتدال سان شڪايت پيدا نه ٿيندي آهي گهڻيون شڪايتون يا روين جون ميارون رابطن جي فعالين کي متاثر ڪن ٿيون.

36.      پيار؟

پيار تعلق جي روشني.

37.      عشق؟

عشق انساني سمجهه ۽ احساس کان مٿانهون آهي. هڪ انسانوي سوچ يا خيال آهي اڄ جي دور ۾.

38.      پيار جو بي اختيار اظهار؟

پيار جو اظهار لفظن وسيلي اهميت وڃائي ٿو ويهي. سٺي ۽ خوبصورت ورتاءُ وسيلي احساس ڏيارجي ته بهتر آهي. ڪڏهن خوبصورت لفظ بي عمليءَ جي نذر ٿي بي اثر ٿي پوندا آهن.

39.      پيار جڏهن عذاب آڻي ته؟

عذاب کي محسوس ڪري وساري ڇڏجي.

40.      پيار جو اظهار نه ڪري سگهجي؟

مخلص جذبا هجن ته خاموشي به اُتساه ورهائيندي آهي. هر رشتي جي نوعيت الڳ ٿئي ٿي. ڪن رشتن ۾ اظهار وسيلي وڌيڪ پختگي ايندي آهي ۽ اُهي وڌيڪ مضبوط ٿيندا آهن. تعلق ۾ يقين ۽ اعتماد قائم ٿي وڃي ته خاموشي يا اظهار ايتري اهميت نه ٿا رکن جيترو ان تعلق جي سچائي.

41.       ڪلاکيتر ۾ پير کوڙڻ جو پهريون سهارو؟

خود انحصاري.

42.      پهرين مڃتا؟

پرنٽ ميڊيا ۾ سڀ کان اول مڃتا ملي.

43.      ڏکي لڳندڙ تنقيد؟

تنقيد، اصلاح آڻي ٿي. انڪري تنقيد ڪندڙ جي ڳالهه ٻڌندي آهيان.

44.      فن جي اظهار جي پهرين صنف؟

پرنٽ ميڊيا وسيلي ڪالم، انٽرويو ۽ مضمون.

45.      فني زندگيءَ جي ابتدا؟

ڪمپئرنگ.

46.      سڃاڻپ جو حوالو؟

مثبت سوچ ۽ سهڪاري رويا.

47.      سڀ کان وڏو نقاد؟

وقت.

48.      تعريف جيڪا دل خوش ڪري؟

محنت کان پوءِ جيڪا حاصل ٿئي.

49.      پسنديده شاعر؟

شاهه ڀٽائي.

50.      پسنديده نثر نگار؟

موپاسان

51.       راڳي جنهن جو راڳ دل ڇهي وٺي؟

علڻ فقير.

52.      وجود جي سڀ کان وڏي ٽيڪ؟

خود انحصاري.

53.      خوشبوئن جي دنيا ۾ وڻندڙ خوشبو؟

فطري ماحول جي.

54.      ڪهڙي موسم جو رنگ وجود تي وڌيڪ چڙهندو آهي؟

بهار جو.

55.       اکيون ٺاريندڙ رنگ جيڪو دل کي پسند اچي؟

نيرو.

56.      ڪائنات جي سڀ کان خوبصورت تخليق؟

فطرت، ساوڪ، وڻ، ٿڌي ڇانو.

57.      چڙ اچي ته ڪيئن لهي؟

وڻن جي ڀرسان ويهڻ سان.

58.      انساني خوبي جيڪا پهرين نظر ۾ محسوس ڪريو؟

مثبت رويو.

59.      دل تي بار ٿي پوندڙ انساني خاميون؟

ٻيائي.

60.      پنهنجي دل جي ڪمزوري؟

ظلم نه ڏسي سگهڻ.

61.       پيڙا جو ڪو پل؟

انيڪ پل آهن احساس جي سفر ۾.

62.      معاف نه ڪرڻ جوڳي انساني خطا؟

مان ٽوڙڻ.

63.      ڪٽنبي زندگي؟

اشتياق انصاري، عرين انصاري ۽ عرصم انصاري منهنجي زندگيءَ جو خوبصورت ٽڪنڊو.

64.      نفرت؟

نفرت کان.

65.               اهو انسان جنهن سان نفرت ختم نه ڪري سگهجي؟

نفرت ڪو چڱو رويو ڪونهي.

66.      عقل ۽ جذبي ۾ ڪير وڌيڪ ڀاري آهي؟

عقل

67.      عقيدو؟

عقيدو

68.      عبادت؟

انسانيت ۾ ويساهه.

69.      وقت؟

انسان جي خدمت، ڪنهن جو مان نه ٽوڙڻ عارضي حقيقت جنهن جي اڳيان وڏا وڏا بت ڪرندي ڏٺا.

70.      موت؟

موت جو تصور زندگيءَ ۾ اعتدال آڻي ٿو. هڪ اٽل حقيقت آهي. جنهن کي ياد رکڻ گهرجي.

71.       زندگي؟

زندگي خوبصورت آهي.

72.      هر وقت وڻندڙ ڪتاب؟

فطرت جو ڪتاب.

73.      دل کي ڇهندڙ فلم؟

-----

74.      پسنديده نيم تاريخي شخصيت؟

مدر ٽريسا، نيلسن منڊيلا.

75.      تاريخ جي پسنديده هستي؟

------

76.      سياست؟

فلاحي روين جو مرڪز جيڪي اڻلڀ آهن.

77.      وڻندڙ سياسي شخصيت؟

ذوالفقار علي ڀٽو، بينظير ڀٽو.

78.      وڻندڙ مشروب؟

چانهن.

79.      وڻندڙ اخبار؟

ڪاوش.

80.      وڻندڙ سيٽلائيٽ چينل؟

بي بي سي

81.       پسنديده اداڪاره؟

ڪوبه نه.

82.      سواري جيڪا پسند هجي؟

سفر پسند آهي ڪار، ٽرين، بس يا جهاز هجي.

83.      خواب جيڪو اڪثر ڏسندا هجو؟

مثالي معاشري جو.

84.      خواب جيڪو ساڀيان نه ماڻي سگهيو؟

ڊاڪٽر نه بڻجي سگهيس.

85.      مستقبل جي باري ۾ پلان؟

حال بهتر بڻائجي مستقبل روشن ٿي پوندو.

86.      ناڪامي جيڪا اڃا تائين دل ۾ دُکندي هجي؟

خاموشين جي سزا.

87.      خوشي جنهن جو انتظار هجي؟

انسانيت جي اميدن تي پورو لهڻ.

88.      آزادي؟

مثبت سوچ، جيڪو ماڻهو مثبت سوچ رکي ۽ درگذر ڪري اُهو آزاد آهي.

89.      ڇڙواڳي؟

روين ۾ بي اعتدالي ۽ انفراديت جو انتشار.

90.      ڌرتيءَ سان پيار؟

ڌرتيءَ سان پيار ڪندڙ پنهنجي ذات کان مٿانهون ٿي سوچي ٿو. هر ماڻهوءَ کي ذاتي مفاد تي ڌرتيءَ جي امن ۽ وقار کي ترجيح ڏيڻ گهرجي. ڌرتيءَ سان پيار جي پهرين نشاني سهپ ۽ سهڪاري رويا آهن.

91.       زندگيءَ کان ڪا شڪايت؟

تيزيءَ سان بدلجي ٿي.

92.      انساني ڪردار جي سونهن؟

سهپ، سهڪار ۽ مثبت سوچ.

93.      انساني روين جو رنگ جيڪو روئاري؟

خود غرضي.

94.      پنهنجو پاڻ کان ڪا شڪايت؟

ڪابه نه.

95.      تقدير تي ويساهه؟

ويساهه سان تقدير بدلجي ٿي.

96.      زندگي جو ڪڙو سچ؟

عارضي هجڻ.

97.      زندگيءَ جو اعتراف؟

ساهن جي سڦلتا.

98.      ٻئي جنم ۾ ڇا ٿيڻ چاهينديون؟

هڪ جنم ڪافي آهي.

99.      ڪهڙين ڳالهين تي چڙ ايندي اٿوَ؟

قول ۽ عمل ۾ تضاد.

100.  پيغام؟

موبائيل جي سحر مان نڪري، انسانن کي توجهه ڏجي ۽ رابطن کي فعال ڪجي. مشيننجو قرب عارضي سک جو سبب بڻجي ٿو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org