سيڪشن:رسالا

ڪتاب: هڪ شخصيت 100 سوال جنوري/مارچ 2019ع

باب:

صفحو:18 

صبح جي ٿڌڙي هير ۾ پکين جي لات پسند آهي

 

 

 

 

ريحانه نظير

1.            گهر ۾ سڏجندڙ نالو؟

ريحانه.

2.           ڄم جي تاريخ (سال ڀلي نه ٻڌايو؟)

1971-01-08.

3.           شهر جنهن ۾ پهريون ساهه کنيو؟

سيتا ننڍي.

4.           شهر جو اڄ به پاڻ ڏانهن ڇڪي؟

سيتا ننڍي.

5.           شهر جو دل جو شهر آهي؟

ڄام شورو.

6.           شهر جو دل کي نه آئڙيو هجي؟

دادو.

7.                       زندگيءَ جو پهريون سُڏڪو جيڪو وسري ئي نٿو؟

شادي.

8.           زندگيءَ جي پهرين مُرڪ؟

پهرين پٽ جو ڄمڻ.

9.           زندگيءَ جي پهرين مهرباني؟

نوڪري ملڻ.

10.       زندگيءَ جو پهريون قرب پهرين يادگيري؟

...

11.        موسمن سان پيار جي پهرين يادگيري؟

تمام گهڻي مينهن ۾ ڊرائيونگ ڪرڻ.

12.       وڻندڙ موسم؟

سيارو.

13.       ستن ڏينهن جي گول چڪر مان ڪو وڻندڙ ڏينهن؟

سومر.

14.       ڏينهن جي اٺن پهرن مان وڻندڙ پهر؟

صبح جو پهر.

15.       فطرت جي خوبصورتيءَ جو وڻندڙ نظارو؟

صبح جي ٿڌڙي هير ۾ پکين جي لات.

16.       ٻالڪپڻ جي ڪا ياد رهجي ويل ڏنگائي؟

سهيلين ڏي وڃڻ جي ڪري امان جي مار کائڻ.

17.       ٻالڪپڻ جي ڪا محرومي جيڪا اڄ به دل تي چٽيل هجي؟

اڳتي پڙهڻ.

18.       ٻالڪپڻ جي ڪا خواهش؟

ڪرڪيٽ کيڏڻ.

19.        ننڍپڻ جو ڪو انگل آرو؟

ايترو رابطو پيءُ ماءُ رکيو ئي ڪونه هو.

20.       جوانيءَ جو پهريون احساس؟

هر شيءِ جو خوبصورت ٿيڻ.

21.       جوانيءَ جو پهريون خواب؟

ڪوبه نه.

22.      جوانيءَ جو ڪو خوبصورت پَل؟

...

23.      بار بار چپن تي ايندڙ ڪو گيت؟

تیرے بنا زندگی سے کوئی شکوہ تو نہیں،

تیری بنا زندگی بھی لیکن زندگی تو نہیں۔

24.      دل کي ڇهي ويندڙ ڪا سِٽ؟

ويٺي جنين وٽ ڏکندو ڏاڍو ٿئي

سا مجلس ئي مٽ حاصل هوءَ هزارئين.

25.      ڏک جي اظهار جو طريقو؟

چپ ڪري سمهڻ.

26.      خوشيءَ جي اظهار جو طريقو؟

هر ڪنهن سان خوشيءَ مان ملڻ.

27.      اڀرندڙ سج ۽ لهندڙ سج جي پويان ڏينهن رات جي راند ۾ پسند جو ويلو؟

منجهند جو.

28.      اڪيلائيءَ جو احساس؟

ڪڏهن به نه ٿيندو آهي.

29.      تاريڪيءَ جو احساس؟

جڏهن زندگي کان هار مڃيندي آهيان.

30.      گذرندڙ وهيءَ لاءِ ڪا ميار؟

مرد ٿي ڇو نه پيدا ٿيس.

31.       خالي رستن جا احساس؟

تمام حسين لڳندا آهن. ايڪسيڊنٽ جو ڊپ لهي ويندو آهي.

32.      قد کان اُڀيون ديوارون؟

پنهنجي وجود جو قيد لڳنديون آهن.

33.      دوستي؟

دماغ جو دوکو.

34.      هٿ ڇڏائي ويندڙ دوستن کان شڪايت؟

نه شڪر گذار هوندي آهيان ته هاڻي ٽائيم ملندو پاڻ لاءِ.

35.      دوستن تي ڪا ميار؟

میری ساری زندگی کو بے ثمر اس نے کیا

عمر میری تھی مگر اس کو بسر اس نے کیا۔

36.      پيار؟

زندگيءَ ۾ زنده رهڻ جو جذبو.

37.      عشق؟

جيڪو انسان کي خدا سان ملائي، چاهي ته دين دنيا مان ڪڍي ڇڏي.

38.      پيار جو بي اختيار اظهار؟

ننڍڙي ٻار جو مرڪندڙ چهرو ڏسڻ.

39.      پيار جڏهن عذاب آڻي ته؟

پوءِ هي شعر پڙهڻ گهرجي.

تجھے چاند بن کے ملا تھا جو ، تیری ساحلون پہ لکھا تھا جو

وہ تھا ایک دریا وصال کا سو اتر گیا اسے بھول جا!

40.      پيار جو اظهار نه ڪري سگهجي؟

ايندڙ عذاب کان بچي پوندو.

41.       ڪلاکيتر ۾ پير کوڙڻ جو پهريون سهارو؟

يونيورسٽي ۾ داخلا.

42.      پهرين مڃتا؟

...

43.      ڏکي لڳندڙ تنقيد؟

جيڪا پنهنجا ڪن.

44.      فن جي اظهار جي پهرين صنف؟

ڪهاڻي.

45.      فني زندگيءَ جي ابتدا؟

”سرتيون“ رسالو.

46.      سڃاڻپ جو حوالو؟

ڪهاڻيڪار.

47.      سڀ کان وڏو نقاد؟

اندر جو انسان.

48.      تعريف جيڪا دل خوش ڪري؟

جنهن جو تعلق منهنجي ٻارن سان هجي.

49.      پسنديده شاعر؟

شاهه عبداللطيف، شيخ اياز، استاد بخاري.

50.      پسنديده نثر نگار؟

پير علي محمد راشدي، امر جليل، جمال ابڙو.

51.       راڳي جنهن جو راڳ دل ڇهي وٺي؟

عابده پروين، لتا.

52.      وجود جي سڀ کان وڏي ٽيڪ؟

پنهنجي نوڪري.

53.      خوشبوئن جي دنيا ۾ وڻندڙ خوشبو؟

گلاب جي، اوپن پرفيوم جي.

54.      ڪهڙي موسم جو رنگ وجود تي وڌيڪ چڙهندو آهي؟

دل جي موسم جو.

55.       اکيون ٺاريندڙ رنگ جيڪو دل کي پسند اچي؟

سائو.

56.      ڪائنات جي سڀ کان خوبصورت تخليق؟

ٻار.

57.      چڙ اچي ته ڪيئن لهي؟

تيز ڳالهائڻ سان.

58.               انساني خوبي جيڪا پهرين نظر ۾ محسوس ڪريو؟

مرڪندڙ چهرو.

59.      دل تي بار ٿي پوندڙ انساني خاميون؟

منافقي ڪوڙ.

60.      پنهنجي دل جي ڪمزوري؟

...

61.       پيڙا جو ڪو پل؟

ڀاڄائي جو ڪينسر ۾ گذاري وڃڻ.

62.      معاف نه ڪرڻ جوڳي انساني خطا؟

دوکو.

63.      ڪٽنبي زندگي؟

جنهن ۾ هلچل هجي.

64.      نفرت؟

جيڪو منهن تي ڪوڙ ڳالهائي.

65.      اهو انسان جنهن سان نفرت ختم نه ڪري سگهجي؟

نفرت اڻ کٽندڙ جذبو آهي.

66.      عقل ۽ جذبي ۾ ڪير وڌيڪ ڀاري آهي؟

جذبو.

67.      عقيدو؟

انسان جو سڀ کان سچو جذبو.

68.      عبادت؟

جيڪا دل سا ڪئي وڃي.

69.      وقت؟

سڀ کان وڏو منصف.

70.      موت؟

زندگي جي حقيقت.

71.       زندگي؟

زندگي هڪ آرزو هڪ جستجو اڻ کٽ سفر،

هي زمانو هي گهڙي لمحا به لمحا مختصر.

72.      هر وقت وڻندڙ ڪتاب؟

شاهه جو رسالو.

73.      دل کي ڇهندڙ فلم؟

ارٿ، مرچي، سنگم.

74.      پسنديده نيم تاريخي شخصيت؟

ڄام تماچي.

75.      تاريخ جي پسنديده هستي؟

راجا ڏاهر، ذوالفقار علي ڀٽو.

76.      سياست؟

ماڻهن کي دوکي ۾ رکڻ جي دوا.

77.      وڻندڙ سياسي شخصيت؟

محترمه بينظير ڀٽو، گانڌي جي.

78.      وڻندڙ مشروب؟

چانهه، پاڪولا بوتل.

79.      وڻندڙ اخبار؟

ڪاوش.

80.      وڻندڙ سيٽلائيٽ چينل؟

نيوز چينل.

81.       پسنديده اداڪاره؟

سميتا پاٽل، ماڌوري.

82.      سواري جيڪا پسند هجي؟

ڪار.

83.      خواب جيڪو اڪثر ڏسندا هجو؟

پي. ايڇ. ڊي مڪمل ڪرڻ جو.

84.      خواب جيڪو ساڀيان نه ماڻي سگهيو؟

ساڳيو.

85.      مستقبل جي باري ۾ پلان؟

مستقل پنهنجو پاڻ ۾ وڏو پلان آهي.

86.      ناڪامي جيڪا اڃا تائين دل ۾ دُکندي هجي؟

وڌيڪ پڙهي ڪانه سگهيس.

87.      خوشي جنهن جو انتظار هجي؟

ٻار ڪاميابي سان پڙهي اچن.

88.      آزادي؟

انسان جي جيئڻ جو احساس.

89.      ڇڙواڳي؟

ٽانڊن تي پير رکڻ برابر.

90.      ڌرتيءَ سان پيار؟

ايترو جيترو پنهنجي امڙ سان.

91.       زندگيءَ کان ڪا شڪايت؟

زندگی سے یہی شکایت ہے مجھے

کہ وہ بڑی دیر کے بعد ملی ہے مجھے۔

92.      انساني ڪردار جي سونهن؟

ماءُ جو پيار.

93.      انساني روين جو رنگ جيڪو روئاري؟

ڪنهن تي اعتبار نه ڪرڻ.

94.      پنهنجو پاڻ کان شڪايت؟

کوڙ ساريون.

95.      تقدير تي ويساهه؟

تمام گهڻو. بقول شاهه ته:

لکيو منجهه نراڙ، قلم ڪياڙي نه وهي.

96.      زندگي جو ڪڙو سچ؟

ننڍي عمر ۾ شادي.

97.      زندگيءَ جو اعتراف؟

هر ڏکئي لمحي ۾ مون کي سنڀالڻ وارا گهڻا مليا.

98.      ٻئي جنم ۾ ڇا ٿيڻ چاهينديون؟

مرد.

99.      ڪهڙين ڳالهين تي چڙ ايندي اٿوَ؟

جڏهن ڪجهه ڪري نه سگهندي آهيان.

100.  پيغام؟

زندگي خوشين مسرتن سان گڏ ناڪاميون حسرتون مايوسيون پڻ گڏ آڻي ٿي. ان ڪري اسان کي گهرجي ته زندگي جي ٻنهي پاسن کي هوش حواسن اندر منهن ڏيون.

(سرتيون 2011ع)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org