سيڪشن:رسالا

ڪتاب: هڪ شخصيت 100 سوال جنوري/مارچ 2019ع

باب:

صفحو:7 

ڪٽنب کان سواءِ انسان ڪجهه به نه آهي

 

 

 

 

ڊاڪٽر ممتاز ڀٽو

 

 

1.            گهر ۾ سڏجندڙ نالو؟

ممي.

2.           ڄم جي تاريخ (سال ڀلي نه ٻڌايو؟)

15 مارچ.

3.           شهر جنهن ۾ پهريون ساهه کنيو؟

شڪارپور.

4.           شهر جو اڄ به پاڻ ڏانهن ڇڪي؟

شڪارپور.

5.           شهر جو دل جو شهر آهي؟

ڳڙهي خدا بخش.

6.           شهر جو دل کي نه آئڙيو هجي؟

اهڙو ڪوبه نه.

7.                       زندگيءَ جو پهريون سُڏڪو جيڪو وسري ئي نٿو؟

جڏهن منهنجي ماءُ گذاري وئي.

8.           زندگيءَ جي پهرين مُرڪ؟

جڏهن ارشد ڏٺم. (پٽ)

9.           زندگيءَ جي پهرين مهرباني؟

رب پاڪ اولاد ڏنو.

10.       زندگيءَ جو پهريون قرب پهرين يادگيري؟

جڏهن شادي ٿي.

11.        موسمن سان پيار جي پهرين يادگيري؟

جڏهن لاهور هني مون تي وياسين.

12.       وڻندڙ موسم؟

بهار.

13.                ستن ڏينهن جي گول چڪر مان ڪو وڻندڙ ڏينهن؟

جنهن ڏينهن موڪل هوندي آهي.

14.       ڏينهن جي اٺن پهرن مان وڻندڙ پهر؟

سج لهڻ وارو پهر.

15.       فطرت جي خوبصورتيءَ جو وڻندڙ نظارو؟

سمنڊ ۽ ڄام شوري جا سڀ نظارا.

16.       ٻالڪپڻ جي ڪا ياد رهجي ويل ڏنگائي؟

ڏاڍو سدورو ٻارڙو هئس. باقي دڪان تي ڪرائي تي هلندڙ سائيڪل کي ڌڪو ڏئي ڀڄي ويندي هئس.

17.       ٻالڪپڻ جي ڪا محرومي جيڪا اڄ به دل تي چٽيل هجي؟

جڏهن امان ننڍا ٻار وٺي ڪوئيٽا گهمڻ ويندي هئي ۽ مون کي ڇڏي ويندي هئي.

18.       ٻالڪپڻ جي ڪا خواهش؟

شڪر آهي سڀ پوريون ٿيون.

19.        ننڍپڻ جو ڪو انگل آرو؟

امان سان ضد ڪندي هئس ته مون کي وٺي هل.

20.       جوانيءَ جو پهريون احساس؟

لٽي ڪپڙي ۽ ميڪ اپ ڏانهن توجهه.

21.       جوانيءَ جو پهريون خواب؟

ڊاڪٽر ٿيڻ جو هو پر شادي ٿي وئي.

22.      جوانيءَ جو ڪو خوبصورت پَل؟

جڏهن سکر ۽ موهن جي دڙي پڪنڪ ڪرڻ ويندا هئاسين.

23.      بار بار چپن تي ايندڙ ڪو گيت؟

اي مالڪ توبهه تو در.

24.      دل کي ڇهي ويندڙ ڪا سِٽ؟

ہونٹون سے چھو لو تم۔

25.      ڏک جي اظهار جو طريقو؟

خاموشي.

26.      خوشيءَ جي اظهار جو طريقو؟

کلڻ ۽ مسڪرائڻ.

27.      اڀرندڙ سج ۽ لهندڙ سج جي پويان ڏينهن رات جي راند ۾ پسند جو ويلو؟

فجر.

28.      اڪيلائيءَ جو احساس؟

هينئر ڪو نه ٿئي جو چوطرف ڪتاب پيا هوندا آهن.

29.      تاريڪيءَ جو احساس؟

اندران ئي دل تاريڪ آ ته پوءِ ڇا جي تاريڪي.

30.      گذرندڙ وهيءَ لاءِ ڪا ميار؟

شڪايت آهي قسمت سان پر ان کي مڃڻو آهي. پر وري الله جو شڪر.

31.       خالي رستن جا احساس؟

...

32.      قد کان اُڀيون ديوارون؟

نه هجڻ کپن.

33.      دوستي؟

بي پناه خوبصورت ۽ امر رشتو.

34.      هٿ ڇڏائي ويندڙ دوستن کان شڪايت؟

ڪجهه نه چئجي، خاموشي اختيار ڪجي.

35.      دوستن تي ڪا ميار؟

دوستن تي ڪهڙي ميار. دوستي مذاق ناهي دوستي به قرباني گهري ٿي.

36.      پيار؟

الله پاڪ جو ڏنل تحفو.

37.      عشق؟

عشق بي انت جذبو.

38.      پيار جو بي اختيار اظهار؟

کلي اظهار ڪري ڇڏيندي آهيان.

39.      پيار جڏهن عذاب آڻي ته؟

پيار عذاب ئي ته ڏيندو آهي.

40.      پيار جو اظهار نه ڪري سگهجي؟

پاڻ تي وڏو جبر آهي.

41.       ڪلاکيتر ۾ پير کوڙڻ جو پهريون سهارو؟

ڪاليج مان نڪرندڙ ميگزين ۾ منهنجو پهريون مضمون ڇپيو.

42.      پهرين مڃتا؟

ايوارڊ ته تمام گهڻا مليا آهن ۽ اڄ تائين ملندا رهن ٿا پر سنڌ يونيورسٽي گولڊن جوبلي جي موقعي تي ”بهترين استاد“ تي گولڊ ميڊل مليو. جنهن جي مون کي تمام گهڻي خوشي آهي.

43.      ڏکي لڳندڙ تنقيد؟

جيڪا اجائي ۽ ڪوڙي تنقيد دل رنجائڻ لاءِ ڪئي وڃي.

44.      فن جي اظهار جي پهرين صنف؟

مضمون نگاري.

45.      فني زندگيءَ جي ابتدا؟

ڪاليج لائيف کان بي بي سارا تي لکيل مضمون سان.

46.      سڃاڻپ جو حوالو؟

ڊاڪٽر ممتاز ڀٽو.

47.      سڀ کان وڏو نقاد؟

گلبدن جاويد.

48.      تعريف جيڪا دل خوش ڪري؟

جيڪا سچي تعريف هجي.

49.      پسنديده شاعر؟

شاهه سائين، حسن درس، قمر شهباز، امداد حسيني، شيخ اياز.

50.      پسنديده نثر نگار؟

امر جليل، ماهتاب محبوب، نور الهديٰ شاهه.

51.       راڳي جنهن جو راڳ دل ڇهي وٺي؟

عابده پروين، محمد يوسف، علڻ فقير.

52.      وجود جي سڀ کان وڏي ٽيڪ؟

اولاد.

53.      خوشبوئن جي دنيا ۾ وڻندڙ خوشبو؟

جيڪا خوشبو دل کي راحت ڏئي.

54.      ڪهڙي موسم جو رنگ وجود تي وڌيڪ چڙهندو آهي؟

سيارو.

55.       اکيون ٺاريندڙ رنگ جيڪو دل کي پسند اچي؟

ڪرمچي.

56.      ڪائنات جي سڀ کان خوبصورت تخليق؟

ٻار.

57.      چڙ اچي ته ڪيئن لهي؟

خاموشي.

58.               انساني خوبي جيڪا پهرين نظر ۾ محسوس ڪريو؟

ڳالهائڻ جو انداز ۽ ڄاڻ.

59.      دل تي بار ٿي پوندڙ انساني خاميون؟

ٻچاپڙائپ.

60.      پنهنجي دل جي ڪمزوري؟

دوست.

61.       پيڙا جو ڪو پل؟

زندگي پيڙا ۾ گذري.

62.      معاف نه ڪرڻ جوڳي انساني خطا؟

قول ۽ فعل ۾ فرق.

63.      ڪٽنبي زندگي؟

ڪٽنب کانسواءِ انسان ڪجهه به نه آهي.

وڳر ڪيو وتن، پرت نه ڇنن پاڻ ۾،

پسو پکيئڙن، ماڻها ميٺ گهڻو.

(شاهه سائين)

64.      نفرت؟

جيڪا انتها ڪري ڇڏي.

65.               اهو انسان جنهن سان نفرت ختم نه ڪري سگهجي؟

انساني تذليل ڪندڙ سان.

66.      عقل ۽ جذبي ۾ ڪير وڌيڪ ڀاري آهي؟

عقل.

67.      عقيدو؟

الله پاڪ جي وحدانيت تي. ان کي مڃڻ، ان جي رسولن کي، ان جي ڪتابن کي ۽ قيامت تي مڪمل يقين.

68.      عبادت؟

هڪ جيڪو فرض عبادت ۽ ٻي وري حقوق العباد. الله جي بندن سان سهڻو سلوڪ.

69.      وقت؟

ڪڏهن ڪڏهن ته بيهجي ويندو آهي ته ڪڏهن واريءَ وانگر مُٺين مان نڪري ويندو آهي.

70.      موت؟

هڪ حقيقت.

71.       زندگي؟

الله پاڪ ڏنل جي هڪ سٺي نعمت آهي.

72.      هر وقت وڻندڙ ڪتاب؟

قرآن شريف.

73.      دل کي ڇهندڙ فلم؟

مغل اعظم، امرائو جان ادا.

74.      پسنديده نيم تاريخي شخصيت؟

ذوالفقار علي ڀٽو.

75.      تاريخ جي پسنديده هستي؟

رسول خدا صلي الله عليھ وآلھ وسلم.

76.      سياست؟

شهريءَ جو بنيادي حق.

77.      وڻندڙ سياسي شخصيت؟

ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو.

78.      وڻندڙ مشروب؟

هر وڻندڙ مشروب وڻندو آهي.

79.      وڻندڙ اخبار؟

ڊان ۽ ڪاوش.

80.      وڻندڙ سيٽلائيٽ چينل؟

اڄڪلهه سڀ چئنل سٺا آهن.

81.       پسنديده اداڪاره؟

زيبا، ريما.

82.      سواري جيڪا پسند هجي؟

هوائي جهاز.

83.      خواب جيڪو اڪثر ڏسندا هجو؟

خوابن جو دور ختم ڪري ڇڏيو.

84.      خواب جيڪو ساڀيان نه ماڻي سگهيو؟

اهڙو ڪوبه نه. الله جو شڪر آهي. سڀ خواب پورا ٿيا.

85.      مستقبل جي باري ۾ پلان؟

سوچيان ٿي ته سڄي دنيا گهمي اچان.

86.      ناڪامي جيڪا اڃا تائين دل ۾ دُکندي هجي؟

قدرت جا فيصلا اهو رحم ڪري. الائي ڪاميابي هئي الائي ناڪامي هئي.

87.      خوشي جنهن جو انتظار هجي؟

الله جو شڪر آهي سڀ خوشيون مليون.

88.      آزادي؟

نعمت.

89.      ڇڙواڳي؟

سماج کي نقصان ٿي پهچائي.

90.      ڌرتيءَ سان پيار؟

اڻ کٽ، ڌرتي ماءُ آهي.

91.       زندگيءَ کان ڪا شڪايت؟

ڪابه نه.

زندگی تجھ سے کوئی شکایت نہیں۔

92.      انساني ڪردار جي سونهن؟

ان جو عقل، ان جي ڄاڻ، ان جي شخصيت، ان جي ڳالهائڻ جو انداز.

93.      انساني روين جو رنگ جيڪو روئاري؟

رويا ساڳيا نه رهيا آهن. واقعي رويو ئي انسان کي روئاري ٿو.

94.      پنهنجو پاڻ کان شڪايت؟

ڪابه نه.

95.      تقدير تي ويساهه؟

50 سيڪڙو.

96.      زندگي جو ڪڙو سچ؟

زندگي تمام تلخ آهي پر پياري.

97.      زندگيءَ جو اعتراف؟

ڪيئي لاشعوري يا اڻڄاڻائيءَ ۾ ڪيل شيون.

98.      ٻئي جنم ۾ ڇا ٿيڻ چاهينديون؟

مرد.

99.      ڪهڙين ڳالهين تي چڙ ايندي اٿوَ؟

جيڪي ڪوڙ ڳالهائيندا آهن.

100.  پيغام؟

سنڌ جا ماڻهو پنهنجي حقن ۽ فرضن کي سمجهن اجائي واويلا نه ڪن. فرض شناس هجن سچائي سان پنهنجا فرض ادا ڪن.

(سرتيون 2012ع)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org