سيڪشن:رسالا

ڪتاب: هڪ شخصيت 100 سوال جنوري/مارچ 2019ع

باب:

صفحو:13 

ڇو بڻجون پوياڙيءَ پاڇا، پَل ڪوئي پرڀاتي بڻجون

 

 

 

 

رخسانه پريت

 

1.            گهر ۾ سڏجندڙ نالو؟

رخسانه.

2.           ڄم جي تاريخ (سال ڀلي نه ٻڌايو؟)

23 آگسٽ.

3.           شهر جنهن ۾ پهريون ساهه کنيو؟

حيدرآباد.

4.           شهر جو اڄ به پاڻ ڏانهن ڇڪي؟

حيدرآباد.

5.           شهر جو دل جو شهر آهي؟

حيدرآباد.

6.           شهر جو دل کي نه آئڙيو هجي؟

اهڙو ڪوبه شهر ڪونهي.

7.                       زندگيءَ جو پهريون سُڏڪو جيڪو وسري ئي نٿو؟

ڀٽي صاحب جي ڦاسي تي.

8.           زندگيءَ جي پهرين مُرڪ؟

مئٽرڪ ۾ A گريڊ ۾ پاس ٿيڻ تي.

9.           زندگيءَ جي پهرين مهرباني؟

ميڊيڪل ۾ چونڊ ٿيڻ تي.

10.       زندگيءَ جو پهريون قرب پهرين يادگيري؟

حيدرآباد جي ڪاري موري پاڙي ۾ ٻارن سان راند.

11.        موسمن سان پيار جي پهرين يادگيري؟

موسمن سان پيار ٿيو هو تڏهن جڏهن انسانن سان پيار ٿيو.

12.       وڻندڙ موسم؟

سياري جا شروعاتي ڏينهن.

13.                ستن ڏينهن جي گول چڪر مان ڪو وڻندڙ ڏينهن؟

سومر.

14.       ڏينهن جي اٺن پهرن مان وڻندڙ پهر؟

رات جو ڏهين کان ٻه بجي وارا پهر.

15.       فطرت جي خوبصورتيءَ جو وڻندڙ نظارو؟

ڪينجهر ڪنڌي تان بيهي ان سڄي منظر کي ڏسڻ.

16.       ٻالڪپڻ جي ڪا ياد رهجي ويل ڏنگائي؟

هڪ ننڍي اپاهج ۽ چرئي ٻار کي مار ڏيڻ، جنهن جو اڄ به افسوس آهي.

17.       ٻالڪپڻ جي ڪا محرومي جيڪا اڄ به دل تي چٽيل هجي؟

رانديڪا ڪونه مليا.

18.       ٻالڪپڻ جي ڪا خواهش؟

الاهي گهمان. سنڌ جا سمورا شهر ڏسان. (جيڪو مهمان گهر مان ويندو هو عورت هجي يا مرد سنبري بيهي رهندي هئس ته مان به وڃان ٿي).

19.        ننڍپڻ جو ڪو انگل آرو؟

ستين ڪلاس ۾ عجيب انگل ڪيو هو ته رانديون هروڀرو رنگين ٽي ويءَ تي ڏسڻيون آهن، انڪري رنگين ٽي وي وٺي ڏيو. (ان ڳالهه تي اڃا تائين کل ايندي آهي)

20.       جوانيءَ جو پهريون احساس؟

ڪوئي پيار ڪرڻ وارو ماڻهو هجي.

21.       جوانيءَ جو پهريون خواب؟

سٺو لکڻ جو خواب.

22.      جوانيءَ جو ڪو خوبصورت پَل؟

جڏهن پنهنجي پهرين لکڻي اخبار ۾ ڏٺي.

23.      بار بار چپن تي ايندڙ ڪو گيت؟

الاهي گيت ايندا آهن چپن تي، پر استاد بخاري جو ”پيارو پيارو سور ڏئي ويو، هڪڙو پيارو ماڻهو“ وڌيڪ جهونگاريندي آهيان.

24.      دل کي ڇهي ويندڙ ڪا سِٽ؟

”ڪپي ڪپي انگڙا سڄڻ سڄو ڪن.“

(شاهه سائين)

25.      ڏک جي اظهار جو طريقو؟

پين، ڪاغذ، چانهه جو ڪوپ ۽ هڪ گيت.

26.      خوشيءَ جي اظهار جو طريقو؟

ٽهڪ ڏئي کلڻ.

27.      اڀرندڙ سج ۽ لهندڙ سج جي پويان ڏينهن رات جي راند ۾ پسند جو ويلو؟

رات جو پويون پهر.

28.      اڪيلائيءَ جو احساس؟

همير ۽ ڪبير کان پري ٿيڻ جو احساس.

29.      تاريڪيءَ جو احساس؟

انسان جي حيواني سوچن ۽ نظرين کان شڪست جو احساس.

30.      گذرندڙ وهيءَ لاءِ ڪا ميار؟

”ڇو ٿي گذري!“

31.       خالي رستن جا احساس؟

پيار ڪندڙ مٽن مائٽن ۽ دلي دوست کان پري ٿيڻ جو احساس.

32.      قد کان اُڀيون ديوارون؟

جدوجهد ڪري ڊاهي پٽ ڪري ڇڏجن.

33.      دوستي؟

وڏو ڏڍ وڏو سهارو.

34.      هٿ ڇڏائي ويندڙ دوستن کان شڪايت؟

دوستن جو هٿ ڇڏبو ئي ڪٿي آ!

35.      دوستن تي ڪا ميار؟

ڪابه نه.

36.      پيار؟

لٽو، اٽو، اجهو ۽ چوٿون پيار انسان جي بنيادي ضرورت.

37.      عشق؟

جدوجهد جي آخري منزل.

38.      پيار جو بي اختيار اظهار؟

”ڪرڻ ئي ڪٿي آيو!“

39.      پيار جڏهن عذاب آڻي ته؟

انهن امتحانن ۾ ڪامياب ٿيڻ جي ڪوشش ڪجي.

40.      پيار جو اظهار نه ڪري سگهجي؟

سڄي عمر لوڙڻ کانسواءِ ڪجهه ڪونه ملندو.

41.       ڪلاکيتر ۾ پير کوڙڻ جو پهريون سهارو؟

شاعري.

42.      پهرين مڃتا؟

پي ٽي وي ڪراچي تان رڪارڊ ٿيل گيت ”تنها آهيون درد نگر ۾، هاڻ هليو آ من اندر ۾“ جيڪو تمام گهڻو مشهور ٿيو.

43.      ڏکي لڳندڙ تنقيد؟

جيڪا ذاتيات تي ڪئي وڃي.

44.      فن جي اظهار جي پهرين صنف؟

غزل.

45.      فني زندگيءَ جي ابتدا؟

1990ع کان.

46.      سڃاڻپ جو حوالو؟

شاعري.

47.      سڀ کان وڏو نقاد؟

پنهنجو پاڻ ۽ وقت.

48.      تعريف جيڪا دل خوش ڪري؟

بغير ڪنهن مفاد ۽ خوشامد جي ڪئي وڃي.

49.      پسنديده شاعر؟

شيخ اياز ۽ ٻيا ڪافي شاعر پسند آهن.

50.      پسنديده نثر نگار؟

کوڙ سارا آهن، امر جليل، آغا سليم، مئڪسم گورڪي، بانو قدسيه، ڪرشن چندر، امرتا پريتم، رام لال، ٽالسٽاءِ.

51.       راڳي جنهن جو راڳ دل ڇهي وٺي؟

الاهي فنڪار تمام گهڻا وڻندا آهن، ڪشور ڪمار، مهدي حسن، جگجيت، انوپ جلوٽا، عاشق نظاماڻي، منظور سخيراڻي، صادق فقير، شفيع فقير، لتا، رونا ليليٰ.

52.      وجود جي سڀ کان وڏي ٽيڪ؟

مثبت، هاڪاري سوچ.

53.      خوشبوئن جي دنيا ۾ وڻندڙ خوشبو؟

طبعيت ۽ موڊ جي حساب سان خوشبو وڻندي آهي.

54.               ڪهڙي موسم جو رنگ وجود تي وڌيڪ چڙهندو آهي؟

جهڙالي موسم جو.

55.       اکيون ٺاريندڙ رنگ جيڪو دل کي پسند اچي؟

آرسيج ۽ برائون.

56.      ڪائنات جي سڀ کان خوبصورت تخليق؟

ٻار.

57.      چڙ اچي ته ڪيئن لهي؟

چانهه جو ڪوپ کڻي ڪمري جي لائيٽ وسائي اڌ ڪلاڪ ويهي سوچڻ سان.

58.               انساني خوبي جيڪا پهرين نظر ۾ محسوس ڪريو؟

آواز.

59.      دل تي بار ٿي پوندڙ انساني خاميون؟

منافقت ۽ دغابازي.

60.      پنهنجي دل جي ڪمزوري؟

خوبصورتي ۽ پيار.

61.       پيڙا جو ڪو پل؟

ڪنهن کان نظر انداز ٿيڻ.

62.      معاف نه ڪرڻ جوڳي انساني خطا؟

محبت کي دوکو ڏيڻ جي خطا.

63.      ڪٽنبي زندگي؟

بهتر به آهي، ڏکي به آهي.

64.      نفرت؟

اعتماد کي دوکو ڏيڻ وارن سان.

65.               اهو انسان جنهن سان نفرت ختم ڪري سگهجي؟

هو ايترو بدلجي جو ٻيهر جنميل لڳي.

66.      عقل ۽ جذبي ۾ ڪير وڌيڪ ڀاري آهي؟

في الحال جذبو پر آخر عقل ڀاري پوي ٿو.

67.      عقيدو؟

ڪوبه نه.

68.      عبادت؟

اسان جي عبادت ڪرڻ پيار پوڄا.

69.      وقت؟

آخر ايترو جلدي ڇو ٿو گذري.

70.      موت؟

هڪ حقيقت پر ڪاش ان کي ڪا معنيٰ ملي سگهي.

71.       زندگي؟

موت جي قريب آ پر ڪوئي محبوب درميان آهي.

72.      هر وقت وڻندڙ ڪتاب؟

شيخ اياز جو ڪو ڪتاب يا شاعري جو ٻيو ڪوئي ڪتاب.

73.      دل کي ڇهندڙ فلم؟

ڪافي آهن، پر مرزا غالب ڏاڍي وڻي هئي.

74.      پسنديده نيم تاريخي شخصيت؟

امڙ ٽريسا.

75.      تاريخ جي پسنديده هستي؟

حسين بن منصور حلاج.

76.      سياست؟

تبديلي جو واحد طريقو.

77.      وڻندڙ سياسي شخصيت؟

چي گويره.

78.      وڻندڙ مشروب؟

چانهه.

79.      وڻندڙ اخبار؟

ڊان ۽ ڪاوش.

80.      وڻندڙ سيٽلائيٽ چينل؟

جيو، سنڌ ٽي وي، زي سينيما.

81.       پسنديده اداڪاره؟

شفيع محمد شاهه، اميتاڀ، وحيد مراد، سڪينه سمون، امانت مغل، سميتا پاٽل، انڊين ممتاز، سنجيو ڪمار، سشميتا سين، نصير الدين شاهه، ريکا.

82.      سواري جيڪا پسند هجي؟

ڪار.

83.      خواب جيڪو اڪثر ڏسندا هجو؟

الائي ڪيڏين اوچاين تي چڙهي وڃڻ جتان لهڻ به مشڪل هجي. خوابن جا سرا ئي ڪونه ملندا آهن الائي ڪهڙا ڪهڙا خواب ايندا آهن.

84.      خواب جيڪو ساڀيان نه ماڻي سگهيو؟

سڄي دنيا گهمڻ جو خواب.

85.      مستقبل جي باري ۾ پلان؟

منهنجي پلاننگ هميشه غلط ٿي ويندي آهي.

86.      ناڪامي جيڪا اڃا تائين دل ۾ دُکندي هجي؟

ڪابه اهڙي ناڪامي ڪونهي پڙهائي توڙي ادبي زندگي ۾، ٿوري گهڻي ڪاميابي ملي رهي آهي.

87.      خوشي جنهن جو انتظار هجي؟

خوش ٿي ڪيئن گذاري سگهندي،

سک ۾ جو سنسار گهرين ٿو.

88.      آزادي؟

رعايت طور نه حق طور ملن گهرجي.

89.      ڇڙواڳي؟

غير ذميوارانه رويا.

90.      ڌرتيءَ سان پيار؟

چريائپ جي حد تائين.

91.       زندگيءَ کان ڪا شڪايت؟

ڏاڍين مصلحتن ۾ گذارڻي ٿي پوي.

92.      انساني ڪردار جي سونهن؟

خودداري، سچائي.

93.      انساني روين جو رنگ جيڪو روئاري؟

نظرانداز ڪرڻ وارو رويو.

94.      پنهنجو پاڻ کان شڪايت؟

ضرورت کان وڌيڪ حساس هجڻ.

95.      تقدير تي ويساهه؟

ايڏو گهڻو ناهي هوندو.

96.      زندگي جو ڪڙو سچ؟

گهڻو ڪجهه لکڻ چاهيان ٿي پر مصلحت تحت نه ٿي لکي سگهان.

97.      زندگيءَ جو اعتراف؟

مان مڪمل سچ نه ٿي لکي سگهان.

98.      ٻئي جنم ۾ ڇا ٿيڻ چاهينديون؟

هڪ شاعر.

99.      ڪهڙين ڳالهين تي چڙ ايندي اٿوَ؟

پنهنجي مقصد لاءِ ڪير اسان کي وچ ۾ استعمال ڪري.

100.  پيغام؟

ڇو بڻجون پوياڙيءَ پاڇا،

پل ڪوئي پرڀاتي بڻجون.

(سرتيون 2007ع)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org