سيڪشن:رسالا

ڪتاب: هڪ شخصيت 100 سوال جنوري/مارچ 2019ع

باب:

صفحو:6 

موسيقيءَ سان پيار آهي هر نئون گيت وڻندو آهي

تنوير جوڻيجو

 

1.            گهر ۾ سڏجندڙ نالو؟

تنو.

2.           ڄم جي تاريخ (سال ڀلي نه ٻڌايو؟)

ڇهين فيبروري 1952ع.

3.           شهر جنهن ۾ پهريون ساهه کنيو؟

مِٺي.

4.           شهر جو اڄ به پاڻ ڏانهن ڇڪي؟

ناناڻو ڳوٺ ”ٻورڙي“.

5.           شهر جو دل جو شهر آهي؟

حيدرآباد سنڌ.

6.           شهر جو دل کي نه آئڙيو هجي؟

خدا جي ڌرتي خوبصورت آهي.

7.           زندگيءَ جو پهريون سُڏڪو جيڪو وسري

ئي نٿو؟

ڪراچيءَ ۾ ماءُ جي وفات تي.

8.           زندگيءَ جي پهرين مُرڪ؟

زندگي جهول ۾ مُرڪون وڌيون، اڳتي به شل مُرڪون وجهي.

9.           زندگيءَ جي پهرين مهرباني؟

زندگيءَ جو هر لمحو تقريباً مهربان رهيو.

10.       زندگيءَ جو پهريون قرب پهرين يادگيري؟

...

11.        موسمن سان پيار جي پهرين يادگيري؟

...

12.       وڻندڙ موسم؟

ٿڌو مٺو سيءُ.

13.       ستن ڏينهن جي گول چڪر مان ڪو وڻندڙ ڏينهن؟

آچر.

14.       ڏينهن جي اٺن پهرن مان وڻندڙ پهر؟

ٽپهريءَ کان سانجهي.

15.       فطرت جي خوبصورتيءَ جو وڻندڙ نظارو؟

منهنجو گهر جتان بيٺي پير، نظارا پسان ٿي.

16.       ٻالڪپڻ جي ڪا ياد رهجي ويل ڏنگائي؟

ڪاڪا جا پئسا چوري ڪرڻ.

17.       ٻالڪپڻ جي ڪا محرومي جيڪا اڄ به دل تي چٽيل هجي؟

اهو دور پئسي جي لحاظ کان محرومين جو دور هو پر محبتن جو دور هو.

18.       ٻالڪپڻ جي ڪا خواهش؟

هر خواهش پوري ٿي.

19.        ننڍپڻ جو ڪو انگل آرو؟

انگل جيڪي گهڻو ڪري پورا ٿيا.

20.       جوانيءَ جو پهريون احساس؟

جواني آئي گذري وئي، خبر ئي نه پئي.

21.       جوانيءَ جو پهريون خواب؟

خواب جو دور ئي ڪونه هو.

22.      جوانيءَ جو ڪو خوبصورت پَل؟

...

23.      بار بار چپن تي ايندڙ ڪو گيت؟

موسيقيءَ سان پيار آهي هر نئون گيت وڻندو آهي.

24.      دل کي ڇهي ويندڙ ڪا سِٽ؟

...

25.      ڏک جي آخري پناهه گاهه؟

فون تي دوستن سان ڪچهري.

26.      خوشيءَ جي اظهار جو طريقو؟

ٿورڙي رڙ، ٿورڙو واڪو.

27.      اڀرندڙ سج ۽ لهندڙ سج جي پويان ڏينهن رات جي راند ۾ پسند جو ويلو؟

دراصل ننڊ اهڙو ڪوبه ويلو ڏسڻ نه ڏيندي آهي.

28.      اڪيلائيءَ جو احساس؟

وڻندڙ آهي.

29.      تاريڪيءَ جو احساس؟

ڊيڄاريندڙ.

30.      گذرندڙ وهيءَ لاءِ ڪا ميار؟

ڪا ميار ناهي، قدرت ايتري مهربان ٻئي جنم ۾ به رهي.

31.       خالي رستن جا احساس؟

وسعت بخشيندڙ ۽ وڻندڙ.

32.      قد کان اُڀيون ديوارون؟

ساهه منجهائيندڙ.

33.      دوستي؟

دوستي، زندگي آ.

34.      هٿ ڇڏائي ويندڙ دوستن کان شڪايت؟

دنيا گول آ، هر ڪو وريو اچيو ٽڪرائجي.

35.      دوستن تي ڪا ميار؟

ڪا ميار ناهي.

36.      پيار؟

سچائي آ.

37.      عشق؟

نوجوانيءَ جي اڇل ۽ اڌمو.

38.      پيار جو بي اختيار اظهار؟

وڻندڙ ۽ خوبصورت.

39.      پيار جڏهن عذاب آڻي ته؟

ويهي پٽجيس.

40.      پيار جو اظهار نه ڪري سگهجي؟

انهي ۾ ئي سونهن آهي بقا آهي.

41.       ڪلاکيتر ۾ پير کوڙڻ جو پهريون سهارو؟

منهنجو پيءُ منهنجو ڀاءُ.

42.      پهرين مڃتا؟

1973ع جي پهرين ڪهاڻي.

43.      ڏکي لڳندڙ تنقيد؟

تنقيد جيڪا، ساڙ منجهان ڪيل هجي.

44.      فن جي اظهار جي پهرين صنف؟

ڪهاڻي.

45.      فني زندگيءَ جي ابتدا؟

1973ع کان.

46.      سڃاڻپ جو حوالو؟

تحقيقي مضمون.

47.      سڀ کان وڏو نقاد؟

عام پڙهندڙ.

48.      تعريف جيڪا دل خوش ڪري؟

هر تعريف دل کي خوش ڪندي آهي. پوءِ ڀل اها ڪوڙي ئي هجي.

49.      پسنديده شاعر؟

شيخ اياز.

50.      پسنديده نثر نگار؟

ڪابه هلڪي سلڪي شيءِ جا دل کي ڇهي.

51.       راڳي جنهن جو راڳ دل ڇهي وٺي؟

گيتا دت.

52.      وجود جي سڀ کان وڏي ٽيڪ؟

تبي منهنجي ڀيڻ.

53.      خوشبوئن جي دنيا ۾ وڻندڙ خوشبو؟

خوشبو استعمال ڪندي آهيان تبت جو پائوڊر.

54.      ڪهڙي موسم جو رنگ وجود تي وڌيڪ چڙهندو آهي؟

هلڪي ٿڌ.

55.       اکيون ٺاريندڙ رنگ جيڪو دل کي پسند اچي؟

ميرون، واڱڻائي ۽ هيڊو.

56.      ڪائنات جي سڀ کان خوبصورت تخليق؟

ٻار.

57.      چڙ اچي ته ڪيئن لهي؟

جيڪو سامهون اچي ان تي لاهجي.

58.      انساني خوبي جيڪا پهرين نظر ۾ محسوس ڪريو؟

ڳالهائڻ جو نرم انداز.

59.      دل تي بار ٿي پوندڙ انساني خاميون؟

ٽرڙا ۽ پاڻ پڏائيندڙ ماڻهو.

60.      پنهنجي دل جي ڪمزوري؟

سٺو کاڌو ۽ وڻندڙ موسيقي.

61.       پيڙا جو ڪو پل؟

آيا ۽ هليا ويا ۽ وري ايندا ۽ ويندا رهندا.

62.      معاف نه ڪرڻ جوڳي انساني خطا؟

ٻار تي جنسي تشدد/ جنسي تشدد.

63.      ڪٽنبي زندگي؟

تمام اهم تمام ضروري.

64.      نفرت؟

اڻ وڻندڙ فرعون قسم جي ماڻهن سان.

65.               اهو انسان جنهن سان نفرت ختم ڪري سگهجي؟

نفرت ۽ محبت، اهي ايندڙ ويندڙ جذبا آهن.

66.      عقل ۽ جذبي ۾ ڪير وڌيڪ ڀاري آهي؟

جذبو پر هئڻ عقل کي گهرجي.

67.      عقيدو؟

عبادت الله جي، اطاعت رسول جي ۽ اهو تعلق شخصي آهي.

68.      عبادت؟

زندگيءَ جو ڏڍ تنهن کانسواءِ زندگي بي معنيٰ.

69.      وقت؟

وقت جو قدر ضروري آهي، ويل وقت واپس نه ايندو.

70.      موت؟

هڪ تلخ حقيقت.

71.       زندگي؟

قدرت جو خوبصورت تحفو جيڪڏهن حالتون ساٿ ڏين ته.

72.      هر وقت وڻندڙ ڪتاب؟

دعائن جا ڪتاب پنج سوره.

73.      دل کي ڇهندڙ فلم؟

ڪافي فلمون جن ۾ باغبان به آ ته ديوداس به.

74.      پسنديده نيم تاريخي شخصيت؟

...

75.      تاريخ جي پسنديده هستي؟

پنهنجو پيارو نبي صلي الله عليھ وآلھ وسلم.

76.      سياست؟

من کي منجهائيندڙ لڳندي آ.

77.      وڻندڙ سياسي شخصيت؟

...

78.      وڻندڙ مشروب؟

چانهه.

79.      وڻندڙ اخبار؟

عبرت/ ڪاوش.

80.      وڻندڙ سيٽلائيٽ چينل؟

سوني ميڪس.

81.       پسنديده اداڪاره؟

راڻي مڪرجي.

82.      سواري جيڪا پسند هجي؟

ٽانگو.

83.      خواب جيڪو اڪثر ڏسندا هجو؟

ننڊ مختلف خواب ڏيکاريندي آ، پر بابا اڪثر نظر ايندو اٿم.

84.      خواب جيڪو ساڀيان نه ماڻي سگهيو؟

الحمد الله سڀ خواب پورا ٿيا.

85.      مستقبل جي باري ۾ پلان؟

باقي زندگي سڪون سان گذري.

86.      ناڪامي جيڪا اڃا تائين دل ۾ دُکندي هجي؟

ڪڇونءَ جي چال ۾ گهڻو ڪري هر ڪاميابي ملي.

87.      خوشي جنهن جو انتظار هجي؟

هر خوشي ملي.

88.      آزادي؟

هر انسان لاءِ ضروري آ.

89.      ڇڙواڳي؟

مائٽن لاءِ قهر.

90.      ڌرتيءَ سان پيار؟

قدرتي جذبو.

91.       زندگيءَ کان ڪا شڪايت؟

ڪابه نه.

92.      انساني ڪردار جي سونهن؟

سچائي، سادگي، نوڙت.

93.      انساني روين جو رنگ جيڪو روئاري؟

جڏهن پنهنجو، پرائو بڻجي وڃي.

94.      پنهنجو پاڻ کان شڪايت؟

ڪاش! خيروءَ جيان في البديهه ڳالهائي سگهان، امر سنڌوءَ جيترو علم رکان.

95.      تقدير تي ويساهه؟

آهي.

96.      زندگي جو ڪڙو سچ؟

اها قابليت ڪانهي جا هجڻ کپيم.

97.      زندگيءَ جو اعتراف؟

اهوئي اعتراف آهي.

98.      ٻئي جنم ۾ ڇا ٿيڻ چاهينديون؟

جيڪا آهيان، پر ذهني طور هوشيار ۽ ٻين کي متاثر ڪري سگهڻ واري صلاحيت سان.

99.      ڪهڙين ڳالهين تي چڙ ايندي اٿوَ؟

...

100.  پيغام؟

سائين سدائين، ڪرين مٿي سنڌ سڪار،

دوست مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين!

(شاهه)

(سرتيون 2006ع)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org