سيڪشن:رسالا

ڪتاب: هڪ شخصيت 100 سوال جنوري/مارچ 2019ع

باب:

صفحو:14 

انڌي عقيدي پرستيءَ کان پاسو ڪجي

 

 

 

 

عرفانه ملاح

 

1.            گهر ۾ سڏجندڙ نالو؟

فري.

2.           ڄم جي تاريخ (سال ڀلي نه ٻڌايو؟)

27 آگسٽ، سال ٻڌائيندس به ڪونه.

3.           شهر جنهن ۾ پهريون ساهه کنيو؟

ڳوٺ سيتا ننڍي.

4.           شهر جو اڄ به پاڻ ڏانهن ڇڪي؟

حيدرآباد سنڌ.

5.           شهر جو دل جو شهر آهي؟

ڄام شورو اسان جي پرينءَ جو شهر.

6.           شهر جو دل کي نه آئڙيو هجي؟

اسلام آباد.

7.           زندگيءَ جو پهريون سُڏڪو جيڪو وسري ئي نٿو؟

زندگی کیا کسی مفلس کی قبا ہی جس میں

ہر گھڑی درد کی پیوند لگی جاتی ہیں

8.           زندگيءَ جي پهرين مُرڪ؟

پهريون ڪلاس، پهريون ڀيرو. امان فيروزي ڪلر جا ڪپڙا ٺهرائي ڏنا هئا، اهي ڪپڙا پائي ڏاڍي خوش ٿي هيس.

9.           زندگيءَ جي پهرين مهرباني؟

پهريون ڀيرو بابا اجازت ڏني ڪاليج پڙهڻ جي.

10.       زندگيءَ جو پهريون قرب پهرين يادگيري؟

پنهنجي ناناڻي گهر وارن جو پيار.

11.        موسمن سان پيار جي پهرين يادگيري؟

سرءَ جي موسم ۾ پن ڇڻ دوران راڪ هڊسن جي فلم a fare well to arms ڏسڻ.

12.       وڻندڙ موسم؟

سيارو.

13.       ستن ڏينهن جي گول چڪر مان ڪو وڻندڙ ڏينهن؟

سومر.

14.       ڏينهن جي اٺن پهرن مان وڻندڙ پهر؟

شام جو مٺڙو پهر.

15.       فطرت جي خوبصورتيءَ جو وڻندڙ نظارو؟

برف پوش، اوچا پهاڙ.

16.       ٻالڪپڻ جي ڪا ياد رهجي ويل ڏنگائي؟

ٻالڪپڻ ته ويو پر ڏنگائي رهجي وئي.

17.       ٻالڪپڻ جي ڪا محرومي جيڪا اڄ به دل تي چٽيل هجي؟

اسٿما هجڻ ڪري عام ٻارن وانگر راند روند نه ڪري سگهڻ.

18.       ٻالڪپڻ جي ڪا خواهش؟

مان ننڍي هوندي کان ئي وڏي رهي آهيان.

19.        ننڍپڻ جو ڪو انگل آرو؟

هڪ ماستر جي پنجين ڌيءَ ڪهڙا انگل ڪندي؟

20.       جوانيءَ جو پهريون احساس؟

ياد ناهي.

21.       جوانيءَ جو پهريون خواب؟

اعلي ٰ تعليم حاصل ڪرڻ.

22.      جوانيءَ جو ڪو خوبصورت پَل؟

جوانيءَ ڄو هر پل خوبصورت آهي.

23.      بار بار چپن تي ايندڙ ڪو گيت؟

اڙي شهر جانان.

24.      دل کي ڇهي ويندڙ ڪا سِٽ؟

تن ۾ تونس پرين جي پيان نه ڍاپان.

25.      ڏک جي اظهار جو طريقو؟

”فيض“ پڙهڻ.

26.      خوشيءَ جي اظهار جو طريقو؟

وڏا ٽهڪ ڏيڻ.

27.      اڀرندڙ سج ۽ لهندڙ سج جي پويان ڏينهن رات جي راند ۾ پسند جو ويلو؟

رات جو پهريون پهر.

28.      اڪيلائيءَ جو احساس؟

جڏهن ”سنڌو“ آس پاس نه هجي.

29.      تاريڪيءَ جو احساس؟

جڏهن امان سان وڙهندي آهيان، يا گهر وارن سان ڪاوڙبي آهيان.

30.      گذرندڙ وهيءَ لاءِ ڪا ميار؟

وهي گذري وئي ڇا؟؟ ابھی تو میں جوان ہوں.

31.       خالي رستن جا احساس؟

جڏهن دوست گڏ نه هجن.

32.      قد کان اُڀيون ديوارون؟

هٽن ئي نه ٿيون.

33.      دوستي؟

آسمان جيڏو آٿت.

34.      هٿ ڇڏائي ويندڙ دوستن کان شڪايت؟

جڏهن روح جا ريلا سڪي وڃن ته نه توتي ميار نه مون تي ميار. (حفيظ شيخ)

35.      دوستن تي ڪا ميار؟

دوستن سان ڪهڙا ليکا؟

36.      پيار؟

زندگيءَ جو احساس.

37.      عشق؟

اهڙي بي خودي جنهن ۾ انسان ۽ ڪائنات هڪ ٿي وڃي.

38.      پيار جو بي اختيار اظهار؟

مختلف ماڻهن سان مختلف طريقي سان اظهار ٿئي ٿو.

39.      پيار جڏهن عذاب آڻي ته؟

پيار جا عذاب به پيارا آهن.

40.      پيار جو اظهار نه ڪري سگهجي؟

جو آنکھ سے ہی نہ ٹپکا تو پھر لہو کیا ہے؟

41.       ڪلاکيتر ۾ پير کوڙڻ جو پهريون سهارو؟

ڪوبه نه.

42.      پهرين مڃتا؟

اڃا انتظار ۾ آهيان.

43.      ڏکي لڳندڙ تنقيد؟

منهنجا دوست مون کان ايترو ته ڊڄن ٿا جو تنقيد ڪن ئي ڪونه، باقي ٻين جي تنقيد کي مان سيريس وٺان ئي ڪونه.

44.      فن جي اظهار جي پهرين صنف؟

امر سنڌوءَ جي لکيل سيلف ڊائلاگ تي تنقيد لکڻ.

45.      فني زندگيءَ جي ابتدا؟

ياد ناهي.

46.      سڃاڻپ جو حوالو؟

اڃا ڪو هڪ حوالو نه آهي، I am jack of all, master of none.

47.      سڀ کان وڏو نقاد؟

وقت.

48.      تعريف جيڪا دل خوش ڪري؟

پنهنجي دوستن جي.

49.      پسنديده شاعر؟

فيض احمد فيض.

50.      پسنديده نثر نگار؟

اڄڪلهه اورهان پامڪ جو اٽيڪ آهي.

51.       راڳي جنهن جو راڳ دل ڇهي وٺي؟

شفيع فقير سنڌيءَ ۾ ۽ هونءَ اقبال بانو.

52.      وجود جي سڀ کان وڏي ٽيڪ؟

منهنجي پياري دوست ”امر سنڌو“.

53.      خوشبوئن جي دنيا ۾ وڻندڙ خوشبو؟

هوگيو باس ۽ گيونچي اريزسٽبل.

54.      ڪهڙي موسم جو رنگ وجود تي وڌيڪ چڙهندو آهي؟

پيار جي موسم جو.

55.       اکيون ٺاريندڙ رنگ جيڪو دل کي پسند اچي؟

فيروزي رنگ، جيڪو پهريون ڀيرو امان پارايو ۽ مون کي ياد آهي.

56.      ڪائنات جي سڀ کان خوبصورت تخليق؟

ماءُ.

57.      چڙ اچي ته ڪيئن لهي؟

لهندي ئي ناهي، ڏاڍي ڏکي لهندي آهي.

58.               انساني خوبي جيڪا پهرين نظر ۾ محسوس ڪريو؟

آواز ۽ رک رکاءُ.

59.      دل تي بار ٿي پوندڙ انساني خاميون؟

انسان خامين جو مجموعو آهي، تنهنڪري گهڻو وقت دل تي ڪنهن ڳالهه کي نه رکندي آهيان.

60.      پنهنجي دل جي ڪمزوري؟

منهنجي دل پنهنجي پيار ۾ ڏاڍي ڪمزور آهي.

61.       پيڙا جو ڪو پل؟

منهنجي نوجوان ڀاڄائي نواب جي بيماري ۽ وڇوڙو.

62.      معاف نه ڪرڻ جوڳي انساني خطا؟

معاف ڪرڻ جي معاملي ۾ تمام گهڻي سخي آهيان، هر خطا آخرڪار معاف ڪري ڇڏيندي آهيان.

63.      ڪٽنبي زندگي؟

هڪ Soap Opera مسلسل جاري مشڪلاتون ۽ امڪاني خوشي.

64.      نفرت؟

شايد ڪنهن سان به نه.

65.               اهو انسان جنهن سان نفرت ختم نه ڪري سگهجي؟

ڪنهن سان ڪئي ئي نه آهي ته ختم ڪيئن ڪبي.

66.      عقل ۽ جذبي ۾ ڪير وڌيڪ ڀاري آهي؟

هجڻ ته  عقل کي گهرجي پر مان گهڻي جذباتي آهيان جو جذبو ڀاري آهي.

67.      عقيدو؟

انسان بنيادي طور نيڪ آهي.

68.      عبادت؟

انسانن جي خدمت.

69.      وقت؟

وقت ڪيا ويرانا ماڻهو، تنهنجا ڪي ديوانا ماڻهو.

70.      موت؟

سڀ کان وڏو سچ.

71.       زندگي؟

Comic tragedy.

72.      هر وقت وڻندڙ ڪتاب؟

فيض جو مجموعو.

73.      دل کي ڇهندڙ فلم؟

بازار.

74.      پسنديده نيم تاريخي شخصيت؟

منصور حلاج.

75.      تاريخ جي پسنديده هستي؟

عمر جي هر حصي ۾ مختلف ماڻهو وڻندا آهن.

76.      سياست؟

نجات جو رستو.

77.      وڻندڙ سياسي شخصيت؟

ولاد مير لينن.

78.      وڻندڙ مشروب؟

پاڻي.

79.      وڻندڙ اخبار؟

ڊان، ڪاوش.

80.      وڻندڙ سيٽلائيٽ چينل؟

نيوز چينل سڀ وڻندا آهن.

81.       پسنديده اداڪاره؟

ريکا ۽ نڪول ڪيڊمين.

82.      سواري جيڪا پسند هجي؟

پنهنجي مهراڻ ڪار جنهن کي اسين ”پوم پوم ڊارلنگ“ چوندا آهيون.

83.      خواب جيڪو اڪثر ڏسندا هجو؟

خوابن جا پکي منهنجي نيڻن تي آکيرو ٺاهي نه سگهيا آهن تنهنڪري خواب ڏسندي نه پر جوڙيندي آهيان.

84.      خواب جيڪو ساڀيان نه ماڻي سگهيو؟

ہزاروں خواہشیں ایسی کہ ہر خواہش پہ دم نکلے؟

85.      مستقبل جي باري ۾ پلان؟

يورپ گهمڻ جو.

86.      ناڪامي جيڪا اڃا تائين دل ۾ دُکندي هجي؟

ياد داشت ڏاڍي ڪمزور آهي.

87.      خوشي جنهن جو انتظار هجي؟

پي. ايڇ. ڊي پوري ڪرڻ.

88.      آزادي؟

فرضن ۽ حقن ۾ توازن.

89.      ڇڙواڳي؟

ذميواريءَ کان آجي آزادي.

90.      ڌرتيءَ سان پيار؟

سڄڻ ۽ ساڻيهه ڪنهن اڻاسيءَ وسري.

91.       زندگيءَ کان ڪا شڪايت؟

هر خوشيءَ جي قيمت ڏيڻي ٿي پوي.

92.      انساني ڪردار جي سونهن؟

سچائي ۽ ايمانداري.

93.      انساني روين جو رنگ جيڪو روئاري؟

انسان جي بي رحمي.

94.      پنهنجو پاڻ کان شڪايت؟

منهنجي آس پاس سڀني ماڻهن کي مون کان ايتريون شڪايتون آهن.

95.      تقدير تي ويساهه؟

ڪڏهن ڪڏهن لڳندو آهي ڄڻ سڀ ڪجهه طيءِ ٿيل آهي. پنهنجي شڪايت جو ٽائيم نه آهي.

96.      زندگي جو ڪڙو سچ؟

پيارن جو وڇوڙو.

97.      زندگيءَ جو اعتراف؟

دل ناکام ہی تو ہے، نا امید تو نہیں۔

98.      ٻئي جنم ۾ ڇا ٿيڻ چاهينديون؟

هڪ جنم ئي مشڪل سان گذريو آهي، ٻيو نه کپي.

99.      ڪهڙين ڳالهين تي چڙ ايندي اٿوَ؟

وڏي آواز ۾ ڳالهائڻ ۽ تيز ڊرائيونگ ڪرڻ تي.

100.  پيغام؟

انڌي عقيده پرستيءَ کان پاسو ڪجي.

(سرتيون، آگسٽ 2007ع)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org