سيڪشن:رسالا

ڪتاب: هڪ شخصيت 100 سوال جنوري/مارچ 2019ع

باب:

صفحو:16 

رات جي سانت ۾ ڪيترائي سڏڪا ڀرياسين

 

 

 

 

سلميٰ گلزار 

1.            گهر ۾ سڏجندڙ نالو؟

سلميٰ.

2.           ڄم جي تاريخ (سال ڀلي نه ٻڌايو؟)

15 آگسٽ.

3.           شهر جنهن ۾ پهريون ساهه کنيو؟

شادي پلي.

4.           شهر جو اڄ به پاڻ ڏانهن ڇڪي؟

ڄام شورو (سنڌ يونيورسٽي ڪالوني).

5.           شهر جو دل جو شهر آهي؟

حيدرآباد.

6.           شهر جو دل کي نه آئڙيو هجي؟

ٽنڊو باگو.

7.                       زندگيءَ جو پهريون سُڏڪو جيڪو وسري ئي نٿو؟

رات جي سانت ۾ ڪيترائي سڏڪا ڀرياسين، وسري ويا.

8.           زندگيءَ جي پهرين مُرڪ؟

نوڪري ملڻ جي خوشي تي.

9.           زندگيءَ جي پهرين مهرباني؟

گلزار جي صورت ۾.

10.       زندگيءَ جو پهريون قرب پهرين يادگيري؟

پنهنجي ٻارن جو ڏنل قُرب.

11.        موسمن سان پيار جي پهرين يادگيري؟

ننڍپڻ جون.

12.       وڻندڙ موسم؟

سياري جي.

13.                ستن ڏينهن جي گول چڪر مان ڪو وڻندڙ ڏينهن؟

موڪل جا ڏينهن ڇنڇر، آچر.

14.       ڏينهن جي اٺن پهرن مان وڻندڙ پهر؟

منجهند جو پهر جڏهن ٻار سمهي رهندا آهن ۽ ڪجهه پڙهي وٺندي آهيان.

15.       فطرت جي خوبصورتيءَ جو وڻندڙ نظارو؟

ٻارن جو شرارتن سان ڀريل نظارو.

16.       ٻالڪپڻ جي ڪا ياد رهجي ويل ڏنگائي؟

پاڻ کان ننڍن کي ماريندي هئس.

17.       ٻالڪپڻ جي ڪا محرومي جيڪا اڄ به دل تي چٽيل هجي؟

سانوري هجڻ جو احساس.

18.       ٻالڪپڻ جي ڪا خواهش؟

مهتاب چنا جهڙي ڪامياب عورت ٿيان.

19.        ننڍپڻ جو ڪو انگل آرو؟

ڪوبه نه.

20.       جوانيءَ جو پهريون احساس؟

ڏياريو ويو ته ڪو توکي چاهي ٿو.

21.       جوانيءَ جو پهريون خواب؟

زندگي پاڻ هڪ خواب آهي، خبر ناهي ڪڏهن اهو خواب ٽٽي پوندو.

22.      جوانيءَ جو ڪو خوبصورت پَل؟

کوڙ سارا پل.

23.      بار بار چپن تي ايندڙ ڪو گيت؟

ڪڏهن تنهنجي وارن سندي رات ٿيندي

ڪڏهن محب ملندين، ملاقات ٿيندي.

24.      دل کي ڇهي ويندڙ ڪا سِٽ؟

مرڻو آ هر ماڻهوءَ کي پر ائين نه مرنداسين ساٿي.

25.      ڏک جي اظهار جو طريقو؟

منهنجا سُڏڪا.

26.      خوشيءَ جي اظهار جو طريقو؟

مُرڪي زبان سان اظهار ڪرڻ.

27.      اڀرندڙ سج ۽ لهندڙ سج جي پويان ڏينهن رات جي راند ۾ پسند جو ويلو؟

جڏهن شام ٿي هئي، جڏهن شام ٿي هئي. ريجهايم ٻڌايم دل کي پر منهنجي هر ڪوشش ناڪام ٿي هئي.

28.      اڪيلائيءَ جو احساس؟

هر پل رهندو آهي.

29.      تاريڪيءَ جو احساس؟

ڊيڄاريندڙ رهيو آهي.

30.      گذرندڙ وهيءَ لاءِ ڪا ميار؟

ڏاڍي تيزيءَ سان گذري ٿي.

31.       خالي رستن جا احساس؟

ڪڏهن ڪڏهن ڏاڍو سڪون بخشيندا آهن.

32.      قد کان اُڀيون ديوارون؟

اجايون آهن.

33.      دوستي؟

خوشيون ۽ ڏک شيئر ڪرڻ وارو رشتو.

34.      هٿ ڇڏائي ويندڙ دوستن کان شڪايت؟

هميشه مان ئي هٿ ڇڏائي هلي وئي آهيان.

35.      دوستن تي ڪا ميار؟

ڪڏهن به نه، ڪابه نه.

36.      پيار؟

هر روپ ۾ ڏاڍو سهڻو آهي، اگر سچو هجي ته.

37.      عشق؟

صرف الله سان.

38.      پيار جو بي اختيار اظهار؟

پنهنجي ٻچن سان بار بار ٿيو.

39.      پيار جڏهن عذاب آڻي ته؟

جتي پيار هوندو اُتي عذاب ايندوئي نه.

40.      پيار جو اظهار نه ڪري سگهجي؟

اسان ته هميشه ڪيو.

41.       ڪلاکيتر ۾ پير کوڙڻ جو پهريون سهارو؟

منهنجو ڀاءُ نياز پنهور.

42.      پهرين مڃتا؟

ستين درجي جي ڪاپين ۾ لکيل شاعري پڙهي ادا نياز ۽ ادي زبيده ميتلو تعريف ڪئي.

43.      ڏکي لڳندڙ تنقيد؟

جيڪا ذاتيات تي ڪئي وڃي.

44.      فن جي اظهار جي پهرين صنف؟

غزل.

45.      فني زندگيءَ جي ابتدا؟

ستين درجي کان 1984ع.

46.      سڃاڻپ جو حوالو؟

شاعري.

47.      سڀ کان وڏو نقاد؟

گلزار منهنجو گهروارو.

48.      تعريف جيڪا دل خوش ڪري؟

هر تعريف دل خوش ڪندي آهي.

49.      پسنديده شاعر؟

شيخ اياز، اياز گل، نياز پنهور، آڪاش انصاري.

50.      پسنديده نثر نگار؟

نور الهديٰ شاهه، محمود مغل.

51.       راڳي جنهن جو راڳ دل ڇهي وٺي؟

شفيع محمد.

52.      وجود جي سڀ کان وڏي ٽيڪ؟

پنهنجي تعليم ۽ اعتماد.

53.      خوشبوئن جي دنيا ۾ وڻندڙ خوشبو؟

مٽيءَ جي خوشبو.

54.      ڪهڙي موسم جو رنگ وجود تي وڌيڪ چڙهندو آهي؟

برسات ۽ سيارو.

55.       اکيون ٺاريندڙ رنگ جيڪو دل کي پسند اچي؟

اڇو ۽ گلابي.

56.      ڪائنات جي سڀ کان خوبصورت تخليق؟

ٻار.

57.      چڙ اچي ته ڪيئن لهي؟

شل نه اچي، پر اچي ته رڙيون ڪري، گوڙ ڪري پوءِ لهي.

58.               انساني خوبي جيڪا پهرين نظر ۾ محسوس ڪريو؟

ڳالهائڻ ۾ نهٺائي.

59.      دل تي بار ٿي پوندڙ انساني خاميون؟

دوکو، ٻيائي.

60.      پنهنجي دل جي ڪمزوري؟

پنهنجا ٻار ۽ گهر وارو.

61.       پيڙا جو ڪو پل؟

انسانن سان ٿيندڙ زيادتين جا پل.

62.      معاف نه ڪرڻ جوڳي انساني خطا؟

ظلم.

63.      ڪٽنبي زندگي؟

هڪٻئي لاءِ ڏڍ.

64.      نفرت؟

عورتن سان ظلم ڪندڙ مردن کان.

65.               اهو انسان جنهن سان نفرت ختم نه ڪري سگهجي؟

مون وٽ معافي جي گنجائش ناهي.

66.      عقل ۽ جذبي ۾ ڪير وڌيڪ ڀاري آهي؟

جذبو.

67.      عقيدو؟

سڀڪجهه هلائيندڙ رب پاڪ جي ذات آهي.

68.      عبادت؟

سڪون جو ذريعو آهي.

69.      وقت؟

ڪجهه چڱائي ڪري وڃڻ لاءِ.

70.      موت؟

شل ڪڏهن به نه اچي.

71.       زندگي؟

زندگي ڏاڍي ڏکي، ڏاڍو ڏچو پر سچ پڇو موت کان مٺي آ.

72.      هر وقت وڻندڙ ڪتاب؟

شاهه جو رسالو.

73.      دل کي ڇهندڙ فلم؟

کلونا، دل تو پاگل هي.

74.      پسنديده نيم تاريخي شخصيت؟

جي. ايم. سيد.

75.      تاريخ جي پسنديده هستي؟

مارئي.

76.      سياست؟

سياست سان ڪابه دلچسپي ناهي رهي.

77.      وڻندڙ سياسي شخصيت؟

ڪابه نه.

78.      وڻندڙ مشروب؟

مينگو جوس، ليمي جو رس.

79.      وڻندڙ اخبار؟

ڪاوش.

80.      وڻندڙ سيٽلائيٽ چينل؟

ڪي. ٽي. اين، ڪشش، سنڌ ٽي. وي.

81.       پسنديده اداڪاره؟

سڪينه سمون.

82.      سواري جيڪا پسند هجي؟

جيڪا پنهنجي هجي.

83.      خواب جيڪو اڪثر ڏسندا هجو؟

ٻارن جي بهتر مستقبل جا خواب.

84.      خواب جيڪو ساڀيان نه ماڻي سگهيو؟

هو- ڪو!

85.      مستقبل جي باري ۾ پلان؟

ڪاميابين جون منزلون طئي ڪندي رهان.

86.      ناڪامي جيڪا اڃا تائين دل ۾ دُکندي هجي؟

ڪيتريون ئي ميلون.

87.      خوشي جنهن جو انتظار هجي؟

پنهنجي گهر واري سان گڏ رهان (جيڪو هينئر آسٽريليا ۾ آهي).

88.      آزادي؟

هر انسان جو حق آهي.

89.      ڇڙواڳي؟

براين جو سبب بڻجي ٿي.

90.      ڌرتيءَ سان پيار؟

ماءُ جهڙو.

91.       زندگيءَ کان ڪا شڪايت؟

ڪابه نه.

92.      انساني ڪردار جي سونهن؟

سچائي ۽ محبتون.

93.      انساني روين جو رنگ جيڪو روئاري؟

خود غرضي، جيڪا اڄڪلهه ڏاڍي وڌي رهي آهي.

94.      پنهنجو پاڻ کان شڪايت؟

گهڻي ڪاوڙ اچڻ.

95.      تقدير تي ويساهه؟

پڪو، پر تدبير به ضروري آهي.

96.      زندگي جو ڪڙو سچ؟

مان خوبصورت ناهيان.

97.      زندگيءَ جو اعتراف؟

کوڙ سارين ناڪامين هوندي به ڪامياب رهيس.

98.      ٻئي جنم ۾ ڇا ٿيڻ چاهينديون؟

ٻئي جنم تي اعتبار ڪونهي.

99.      ڪهڙين ڳالهين تي چڙ ايندي اٿوَ؟

طبيعت جي خلاف ٿيندڙ هر ڳالهه تي.

100.  پيغام؟

تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه، ڪانهي ويل ويهڻ جي،

متان ٿيئي اونداهه، پيرُ نه لهين پرينءَ جو.

(سرتيون 2007ع)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org