سيڪشن:رسالا

ڪتاب: هڪ شخصيت 100 سوال جنوري/مارچ 2019ع

باب:

صفحو:15 

سک جا سانگيئڙا موٽي شال ملن

 

 

 

 

حميره نور

 

1.            گهر ۾ سڏجندڙ نالو؟

حميره.

2.           ڄم جي تاريخ (سال ڀلي نه ٻڌايو؟)

1969-10-21.

3.           شهر جنهن ۾ پهريون ساهه کنيو؟

پنو عاقل، سکر.

4.           شهر جو اڄ به پاڻ ڏانهن ڇڪي؟

ٺٽو.

5.           شهر جو دل جو شهر آهي؟

حيدرآباد.

6.           شهر جو دل کي نه آئڙيو هجي؟

لاهور.

7.           زندگيءَ جو پهريون سُڏڪو جيڪو وسري

ئي نٿو؟

اميءَ جي وفات.

8.           زندگيءَ جي پهرين مُرڪ؟

نور سان شادي.

9.           زندگيءَ جي پهرين مهرباني؟

سرمد جي پيدائش.

10.       زندگيءَ جو پهريون قرب پهرين يادگيري؟

اسڪول ۾ داخل ٿيڻ.

11.        موسمن سان پيار جي پهرين يادگيري؟

...

12.       وڻندڙ موسم؟

جهڙالي.

13.       ستن ڏينهن جي گول چڪر مان ڪو وڻندڙ ڏينهن؟

سومر.

14.       ڏينهن جي اٺن پهرن مان وڻندڙ پهر؟

صبح سوير ۽ سج لهڻ جو منظر.

15.       فطرت جي خوبصورتيءَ جو وڻندڙ نظارو؟

اوچا آسمان کي ڇهندڙ پهاڙ.

16.       ٻالڪپڻ جي ڪا ياد رهجي ويل ڏنگائي؟

ڏنگائي ڪابه ڪونهي، ننڍي هوندي هر ڪو گونگي چوندو هو.

17.       ٻالڪپڻ جي ڪا محرومي جيڪا اڄ به دل تي چٽيل هجي؟

چوٿين ڪلاس مان اسڪول ڇڏرائڻ.

18.       ٻالڪپڻ جي ڪا خواهش؟

وڏي مڃيل شخصيت ٿيان.

19.        ننڍپڻ جو ڪو انگل آرو؟

گونگيءَ جو ڪهڙو انگل!

20.       جوانيءَ جو پهريون احساس؟

احساس بنان وقت گذري ويو.

21.       جوانيءَ جو پهريون خواب؟

ڪاش ڊاڪٽر ٿيان.

22.      جوانيءَ جو ڪو خوبصورت پَل؟

ماءُ ٿيڻ.

23.      بار بار چپن تي ايندڙ ڪو گيت؟

سک جا سانگيئڙا موٽي شال ملن.

24.      دل کي ڇهي ويندڙ ڪا سِٽ؟

”منهنجو دين مون لاءِ تنهنجو دين تو لاءِ.“

25.      ڏک جي اظهار جو طريقو؟

پنهنجو گهر ۽ قرآن شريف.

26.      خوشيءَ جي اظهار جو طريقو؟

مرڪي پوڻ.

27.      اڀرندڙ سج ۽ لهندڙ سج جي پويان ڏينهن رات جي راند ۾ پسند جو ويلو؟

رات وارو.

28.      اڪيلائيءَ جو احساس؟

سرمد سواءِ.

29.      تاريڪيءَ جو احساس؟

سنڌ سواءِ.

30.      گذرندڙ وهيءَ لاءِ ڪا ميار؟

اهو نه ڪيو جيڪو مون کي ڪرڻ گهربو هو.

31.       خالي رستن جا احساس؟

جڏهن صفا اڪيلي هجان.

32.      قد کان اُڀيون ديوارون؟

سماجي ۽ غير اخلاقي رويا.

33.      دوستي؟

محبت جو ٻيو نانءُ.

34.      هٿ ڇڏائي ويندڙ دوستن کان شڪايت؟

ڪابه نه.

35.      دوستن تي ڪا ميار؟

دوستن تي ڇا جي ميار.

36.      پيار؟

خوشنصيبي.

37.      عشق؟

هر عمل جي انتها.

38.      پيار جو بي اختيار اظهار؟

سنڌ ڌرتي.

39.      پيار جڏهن عذاب آڻي ته؟

صبر ڪجي ۽ رب کان مدد گهرجي.

40.      پيار جو اظهار نه ڪري سگهجي؟

اهڙو پل اڃا ناهي مليو.

41.       ڪلاکيتر ۾ پير کوڙڻ جو پهريون سهارو؟

شاعري.

42.      پهرين مڃتا؟

ڪجهه پڙهندن چيو ”تون سنڌي ٻولي جي پروين شاڪر آهين.“

43.      ڏکي لڳندڙ تنقيد؟

اجائي ۽ بغير پڙهڻ جي تنقيد ڪرڻ.

44.      فن جي اظهار جي پهرين صنف؟

غزل.

45.      فني زندگيءَ جي ابتدا؟

27، مئي 1991ع.

46.      سڃاڻپ جو حوالو؟

شاعري ۽ ڪالم.

47.      سڀ کان وڏو نقاد؟

وقت ۽ حالات.

48.      تعريف جيڪا دل خوش ڪري؟

سچي ۽ وقتائتي ڳالهه.

49.      پسنديده شاعر؟

شيخ اياز.

50.      پسنديده نثر نگار؟

امر جليل ۽ امداد سومرو.

51.       راڳي جنهن جو راڳ دل ڇهي وٺي؟

سرمد سنڌي مرحوم.

52.      وجود جي سڀ کان وڏي ٽيڪ؟

ليکڪ هجڻ.

53.      خوشبوئن جي دنيا ۾ وڻندڙ خوشبو؟

مٽيءَ جي خوشبو برسات کان پوءِ.

54.      ڪهڙي موسم جو رنگ وجود تي وڌيڪ چڙهندو آهي؟

برسات جي موسم.

55.       اکيون ٺاريندڙ رنگ جيڪو دل کي پسند اچي؟

اڇو.

56.      ڪائنات جي سڀ کان خوبصورت تخليق؟

ماءُ.

57.      چڙ اچي ته ڪيئن لهي؟

صبر سان ۽ قرآن شريف پڙهڻ سان.

58.      انساني خوبي جيڪا پهرين نظر ۾ محسوس ڪريو؟

سامهون نظر ايندڙ لباس ۽ انداز.

59.      دل تي بار ٿي پوندڙ انساني خاميون؟

ڪوڙ، بي ايماني، بي حيائي ۽ عياشي.

60.      پنهنجي دل جي ڪمزوري؟

خوبصورتي، فطرت، عورت ۽ لکڻيون.

61.       پيڙا جو ڪو پل؟

اڪيلائي.

62.      معاف نه ڪرڻ جوڳي انساني خطا؟

زنا ڪاري.

63.      ڪٽنبي زندگي؟

بهتر.

64.      نفرت؟

ڪوڙ ۽ ٺڳي کان.

65.      اهو انسان جنهن سان نفرت ختم نه ڪري سگهجي؟

انسان کان نفرت ڪونهي.

66.      عقل ۽ جذبي ۾ ڪير وڌيڪ ڀاري آهي؟

عقل.

67.      عقيدو؟

ڪاميابي ڏانهن پهريون قدم.

68.      عبادت؟

دل جو سڪون.

69.      وقت؟

جيڪو اسان کي هلائي پيو.

70.      موت؟

اٽل حقيقت.

71.       زندگي؟

انسان جي سڃاڻپ.

72.      هر وقت وڻندڙ ڪتاب؟

قرآن شريف.

73.      دل کي ڇهندڙ فلم؟

ديوداس.

74.      پسنديده نيم تاريخي شخصيت؟

حضرت محمد صلي الله عليھ وآلھ وسلم.

75.      تاريخ جي پسنديده هستي؟

حضرت محمد صلي الله عليھ وآلھ وسلم.

76.      سياست؟

زندگي کي بهتر ڪرڻ جو هڪ رستو.

77.      وڻندڙ سياسي شخصيت؟

آنگ سان سوچي.

78.      وڻندڙ مشروب؟

گرين ٽي.

79.      وڻندڙ اخبار؟

عبرت.

80.      وڻندڙ سيٽلائيٽ چينل؟

سنڌ ٽي وي، نيشنل جاگرافڪ چئنل.

81.       پسنديده اداڪار؟

اميتاب بچن ۽ عامر خان.

82.      سواري جيڪا پسند هجي؟

ڪار ۽ جهاز.

83.      خواب جيڪو اڪثر ڏسندا هجو؟

بي معنيٰ ۽ فضول خواب.

84.      خواب جيڪو ساڀيان نه ماڻي سگهيو؟

سياسي ليڊر ٿيڻ.

85.      مستقبل جي باري ۾ پلان؟

ادبي کيتر ۾ پنهنجو انداز ڏيڻ.

86.      ناڪامي جيڪا اڃا تائين دل ۾ دُکندي هجي؟

کوڙ آهن.

87.      خوشي جنهن جو انتظار هجي؟

جيڪا رسي وئي سا واپس ملي آمين.

88.      آزادي؟

انسان جو بنيادي حق.

89.      ڇڙواڳي؟

بي حيائي طرف پهريون قدم.

90.      ڌرتيءَ سان پيار؟

ازلي.

91.       زندگيءَ کان ڪا شڪايت؟

ڏئي، وٺي ڇڏيائين.

92.      انساني ڪردار جي سونهن؟

سندس اندر جي سچائي.

93.      انساني روين جو رنگ جيڪو روئاري؟

اندر هڪڙا ٻاهر ٻيا.

94.      پنهنجو پاڻ کان شڪايت؟

حد کان وڌيڪ گامون سچار آهيان.

95.      تقدير تي ويساهه؟

ايترو جيترو پنهنجي دل تي.

96.      زندگي جو ڪڙو سچ؟

رشتن ۾ ٻٽا رويا.

97.      زندگيءَ جو اعتراف؟

پيار سوا انسان، انسان ڪونهي.

98.      ٻئي جنم ۾ ڇا ٿيڻ چاهينديون؟

مسلمان جو ٻيو جنم ڪونهي.

99.      ڪهڙين ڳالهين تي چڙ ايندي اٿوَ؟

چمچاگيري، خود غرضي، انا ۽ ريتن رسمن تي.

100.  پيغام؟

جيئو ۽ جيئڻ ڏيو، حق وٺڻ مهل فرض نه وساريو.

(سرتيون 2007ع)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org