سيڪشن:رسالا

ڪتاب: هڪ شخصيت 100 سوال جنوري/مارچ 2019ع

باب:

صفحو:10 

قدرت جي هر موسم کي پنهنجو حُسن ۽ لُطف آهي

ڊاڪٽر قمر جهان مرزا

 

1.            گهر ۾ سڏجندڙ نالو؟

قمر.

2.           ڄم جي تاريخ (سال ڀلي نه ٻڌايو؟)

1956-08-14.

3.           شهر جنهن ۾ پهريون ساهه کنيو؟

حيدرآباد.

4.           شهر جو اڄ به پاڻ ڏانهن ڇڪي؟

پنهنجو ئي شهر، ڪيڏانهن وڃڻ ئي نٿو ڏئي.

5.           شهر جو دل جو شهر آهي؟

دل جي دنيا يا دل جو شهر، ان ۾ ته پنهنجي ئي خيالن جي دنيا آباد آهي.

6.           شهر جو دل کي نه آئڙيو هجي؟

هر شهر پنهنجي رهواسين لاءِ سٺو هوندو آهي. مون جيڪي شهر ڏٺا، سي سٺا ئي هئا.

7.                       زندگيءَ جو پهريون سُڏڪو جيڪو وسري ئي نٿو؟

زندگي خود هڪ سڏڪو ئي آهي.

8.           زندگيءَ جي پهرين مُرڪ؟

زندگي مرڪ ۽ سڏڪن سان گڏ هلي ٿي.

9.           زندگيءَ جي پهرين مهرباني؟

زندگي هڪ خواب ۽ دوکو آهي. مهرباني ڪهڙي ڪندي.

10.       زندگيءَ جو پهريون قرب پهرين يادگيري؟

ڪا به نه.

11.        موسمن سان پيار جي پهرين يادگيري؟

قدرت جي هر موسم کي پنهنجو حُسن ۽ لُطف آهي.

12.       وڻندڙ موسم؟

هونئن ته سڀئي موسمون وڻنديون آهن پر سيارو وڌيڪ وڻندو اٿم.

13.       ستن ڏينهن جي گول چڪر مان ڪو وڻندڙ ڏينهن؟

هر اهو ڏينهن وڻندو اٿم، جنهن ڏينهن ڪو چڱو ڪم ڪندي آهيان.

14.       ڏينهن جي اٺن پهرن مان وڻندڙ پهر؟

سڀئي پهر چڱا آهن.

15.       فطرت جي خوبصورتيءَ جو وڻندڙ نظارو؟

فطرت جي نظارن لاءِ ڇا چئجي، هر هڪ نظارو حسين آهي. صبح جو گلن تي پيل شبنم، هوائون قوس قزح، چنڊ تارا، جبل، آبشار، نديون، واديون مطلب الله جو ڪهڙو شان ڳائي ڳايان، هر رنگ ۾ حسن آهي.

16.       ٻالڪپڻ جي ڪا ياد رهجي ويل ڏنگائي؟

مون ننڍپڻ ۾ ڪا به ڏنگائي نه ڪئي.

17.       ٻالڪپڻ جي ڪا محرومي جيڪا اڄ به دل تي چٽيل هجي؟

ڪابه محرومي نه آهي.

18.       ٻالڪپڻ جي ڪا خواهش؟

ٻالڪپڻ ۾ چنڊ ۽ تارا پڪڙڻ جي خواهش هوندي هئي.

19.        ننڍپڻ جو ڪو انگل آرو؟

ڪوبه انگل ڪنهن سان به نه ڪيم.

20.       جوانيءَ جو پهريون احساس؟

جوانيءَ ۾ پنهنجي پيرن تائين ڊگهن ڪارن ۽ سهڻن وارن کي ڏسي خوش ٿيندي هيس.

21.       جوانيءَ جو پهريون خواب؟

منهنجو خواب هو ته آءٌ سڄي دنيا گهمان.

22.      جوانيءَ جو ڪو خوبصورت پَل؟

جوانيءَ جا سڀ پل خوبصورت هوندا آهن.

23.      بار بار چپن تي ايندڙ ڪو گيت؟

جنهن به دور ۾ جيڪو به مشهور گيت هوندو آهي، اهو بار بار چپن تي هوندو آهي.

24.      دل کي ڇهي ويندڙ ڪا سِٽ؟

هر بهترين شعر جي سٽ دل کي ڇهندي آهي.

25.      ڏک جي آخري پناهه گاهه؟

ڏک جي وقت امان پناهه گاهه لڳندي آهي. ان جي پاسي ۾ ويهندي آهيان ۽ آئمه معصومين جي شان ۾ مداحون پڙهندي آهيان، ۽ عبادت جو سهارو وٺندي آهيان. اُن سان غم هلڪو ٿي ويندو آهي.

26.      خوشيءَ جي اظهار جو طريقو؟

خوشيءَ جي اظهار جا ڪيترائي طريقا هوندا آهن. هر ماڻهو پنهنجي پنهنجي حساب سان ڪم ڪندو آهي. ڪو نچي ڪندو آهي، ڪو والهانه ڀاڪر پائيندو آهي ۽ آئون خوشيءَ ۾ اٿي بيهي نعرا حيدري هڻندي آهيان.

27.      اڀرندڙ سج ۽ لهندڙ سج جي پويان ڏينهن رات جي راند ۾ پسند جو ويلو؟

سج اڀرڻ وارو وقت وڻندو آهي.

28.      اڪيلائيءَ جو احساس؟

آئون ڪڏهن اڪيلي رهي ئي نه آهيان، انڪري ان جو ڪو احساس به نه آهي.

29.      تاريڪيءَ جو احساس؟

تاريڪي جو احساس تاريڪ دل ماڻهن کي ڏسي، انهن جي تاريڪ ڪرتوتن کي ڏسي، تاريڪ ڪردارن کي ڏسي ٿيندو اٿم.

30.      گذرندڙ وهيءَ لاءِ ڪا ميار؟

نيچرل فنا منا، انسان ڄائو آهي ته پوڙهو به ٿيندو.

31.       خالي رستن جا احساس؟

ماڻهو ايترا وڌي ويا آهن، جو رستو ڪو خالي نه ڇڏيو اٿن، اڄ هر هنڌ تي آبادي آهي، پر جڏهن ماڻهو بيقدري ڪندا آهن ته رستا ۽ شهر به ويران لڳندا آهن.

32.      قد کان اُڀيون ديوارون؟

بي قدر ماڻهن جا رويا، ديوارن وانگر لڳندا آهن.

33.      دوستي؟

دوستي اهڙو ناتو آهي، جنهن جي ڪا قيمت ئي نه آهي.

34.      هٿ ڇڏائي ويندڙ دوستن کان شڪايت؟

”جيڪي وڃان وڃان ڪن، سي رهي رهن ڪيترو.“

35.      دوستن تي ڪا ميار؟

دوستن تي ڪا ميار ئي نه آهي.

36.      پيار؟

هي پيار ئي ته آهي جو ماڻهن جي خدمت ڪري زندگي گهاريون پيا. محبت فاتح آهي.

37.      عشق؟

عشق نه آهي راند، جو کيڏن ڳڀرو،

سسي نيزي پاند، اڇل ته اڌ ٿئي.

38.      پيار جو بي اختيار اظهار؟

جن رشتن ۽ دوستن سان مون کي پيار آهي، ان جو اظهار بي اختيار چپن تي دعا جي صورت ۾ ايندو آهي.

39.      پيار جڏهن عذاب آڻي ته؟

پيار ڪڏهن به عذاب آڻي نٿو سگهي. پيارن جي بي رخيءَ ۾ به لطف هوندو آهي.

40.      پيار جو اظهار نه ڪري سگهجي؟

گهڻا ماڻهو اظهار نه ڪري سگهندا آهن، پر چوندا آهن ته عشق ۽ مُشڪ لڪندا نه آهن.

41.       ڪلاکيتر ۾ پير کوڙڻ جو پهريون سهارو؟

ڊاڪٽر غلام علي الانا جي ڪيل همت افزائي.

42.      پهرين مڃتا؟

سنڌيءَ ۾ پهرين عورت Ph.D آئون آهيان، انڪري مڃتا به اُها ئي ملي.

43.      ڏکي لڳندڙ تنقيد؟

بي مقصد تنقيد ۽ بي معنيٰ براءِ تعصب بُري لڳندي آهي.

44.      فن جي اظهار جي پهرين صنف؟

Ph.D ڪيم.

45.      فني زندگيءَ جي ابتدا؟

لکڻ، پڙهڻ ۽ ڊگري کڻڻ، ادبي مقالا لکڻ کي ئي فن چئجي ٿو.

46.      سڃاڻپ جو حوالو؟

خانداني پسمنظر سان به سڃاتي وڃان ٿي ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر جي حيثيت ۾ به سڃاتي وڃان ٿي.

47.      سڀ کان وڏو نقاد؟

اُهو نقاد بهترين آهي، جيڪو تنقيد براءِ اصلاح ڪري.

48.      تعريف جيڪا دل خوش ڪري؟

حضرت علي جو فرمان آهي ته ڪنهن جي تعريف منهن تي ڪرڻ، اُن کي قتل ڪرڻ جي برابر آهي، پر منهنجي ڪنهن چڱي ڪم جي ڪو تعريف ڪندو آهي ته مون کي خوشي ٿيندي آهي.

49.      پسنديده شاعر؟

شاهه لطيف ڀٽائي رحه

50.      پسنديده نثر نگار؟

آغا سليم ۽ ٻيا به ڪيترائي.

51.       راڳي جنهن جو راڳ دل ڇهي وٺي؟

وحيد علي.

52.      وجود جي سڀ کان وڏي ٽيڪ؟

الله ۽ پنجتن پاڪ.

53.      خوشبوئن جي دنيا ۾ وڻندڙ خوشبو؟

سڀني سٺن گلن جون خوشبوئون وڻنديون آهن، خاص ڪري موتئي، رات جي راڻي ۽ گلاب جي.

54.      ڪهڙي موسم جو رنگ وجود تي وڌيڪ چڙهندو آهي؟

ڪنهن به موسم جو رنگ نه چڙهيو آهي.

55.       اکيون ٺاريندڙ رنگ جيڪو دل کي پسند اچي؟

هونءَ ته نيڪيءَ جو رنگ، محبت جو رنگ وڻندو اٿم، پر لباس جي لحاظ کان اڇو ۽ گلابي وڻندو آهي.

56.      ڪائنات جي سڀ کان خوبصورت تخليق؟

انسان.

57.      چڙ اچي ته ڪيئن لهي؟

درود پڙهندي آهيان.

58.      انساني خوبي جيڪا پهرين نظر ۾ محسوس ڪريو؟

پُروقار شخصيت.

59.      دل تي بار ٿي پوندڙ انساني خاميون؟

خاميون سڀ دل تي بار ڪن ٿيون، انسان خامين ۽ خوبين جو مجموعو آهي.

60.      پنهنجي دل جي ڪمزوري؟

ڪنهن به انسان جي تڪليف نٿي سهي سگهان.

61.       پيڙا جو ڪو پل؟

جانب منهنجي جيءَ ۾ آزار جا انواع.

62.      معاف نه ڪرڻ جوڳي انساني خطا؟

اهي خطائون، جيڪي الله معاف نه ڪيون آهن.

63.      ڪٽنبي زندگي؟

بهترين زندگي.

64.      نفرت؟

محبت ڪرڻ لاءِ ئي زندگي ٿوري آهي ته نفرت ڪٿان پيدا ڪريون.

65.      اهو انسان جنهن سان نفرت ختم نه ڪري سگهجي؟

اهو تجربو مون کي نه ٿيو آهي، ڇاڪاڻ جو مون کي ڪنهن سان نفرت آهي ئي ڪونه.

66.      عقل ۽ جذبي ۾ ڪير وڌيڪ ڀاري آهي؟

ٻنهي ۾ توازن هئڻ گهرجي.

67.      عقيدو؟

منهنجو عقيدو آهي ته الله لا شريڪ آهي ۽ محمد صلي الله عليھ وآلھ وسلم اُن جو رسول آهي.

68.      عبادت؟

حقوق الله ۽ حقوق العباد ادا ڪرڻ سان ئي عبادت آهي ۽ منهنجي ٻنهي ۾ ڪوشش جاري آهي.

69.      وقت؟

وقت چوي آئون بادشاهه، وقت کي ڪڏهن به ضايع نه ڪرڻ کپي.

70.      موت؟

موت برحق ۽ حقيقت آهي.

71.       زندگي؟

زندگي فاني ۽ هڪ خواب آهي.

72.      هر وقت وڻندڙ ڪتاب؟

هر وقت ڪوبه ڪتاب نه پڙهندي آهيان، وڻندڙ ڪتابن ۾ قرآن پاڪ ۽ لطيف سائينءَ جو رسالو آهي.

73.      دل کي ڇهندڙ فلم؟

هر سٺي فلم وڻندي آهي.

74.      پسنديده نيم تاريخي شخصيت؟

پنهون (سسئيءَ وارو پنهل).

75.      تاريخ جي پسنديده هستي؟

شهنشاهه بابر.

76.      سياست؟

سياست تڏهن سٺي لڳندي هئم جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو هو. ان کان علاوه سياست اها سٺي جنهن سان قوم جي حالت سڌري.

77.      وڻندڙ سياسي شخصيت؟

ذوالفقار علي ڀٽو.

78.      وڻندڙ مشروب؟

پاڻي.

79.      وڻندڙ اخبار؟

جنهن ڏينهن تي جن اخبارن ۾ سٺيون خبرون هونديون آهن، ان ڏينهن تي سڀ اخبارون وڻنديون آهن.

80.      وڻندڙ سيٽلائيٽ چينل؟

سڀئي چينل وڻندا آهن، پر انهن تي جڏهن ڪو بهترين پروگرام هوندو آهي.

81.       پسنديده اداڪار؟

انيل ڪپور.

82.      سواري جيڪا پسند هجي؟

اُها سواري جيڪا آسانيءَ سان منزل تي پهچائي.

83.      خواب جيڪو اڪثر ڏسندا هجو؟

سنڌ کي خوشحال ڏسڻ جو خواب.

84.      خواب جيڪو ساڀيان نه ماڻي سگهيو؟

سنڌي ماڻهو اڃا اُن مقام تي نه پهتا آهن، جيڪو منهنجو خواب آهي.

85.      مستقبل جي باري ۾ پلان؟

الله کي خبر،  انسان ويچارو پنهنجي وس ۾ ئي نه آهي.

86.      ناڪامي جيڪا اڃا تائين دل ۾ دُکندي هجي؟

ڪو تمام وڏو ڪارنامو يا ڪنهن وڏي پائي جو ڪم نه ڪري سگهي آهيان.

87.      خوشي جنهن جو انتظار هجي؟

ڪڏهن اسين سڀ گڏجي هڪڙي پليٽ فارم تي هونداسين.

88.      آزادي؟

اهڙي آزادي گهرجي، جيڪا ايمان کي خراب نه ڪري.

89.      ڇڙواڳي؟

ڇڙواڳي بدنصيبي آهي، لطيف سائين فرمائي ٿو ته:

”جيڪي هلنديون هيڪليون،

سي ٿينديون کاڄ مرن جو.“

مون اهڙي زندگي نه گذاري آهي.

90.      ڌرتيءَ سان پيار؟

ايمان جي حد تائين.

سڄڻ ۽ ساڻيهه، ڪنهن اڻاسيءَ وسري،

حيف تنين کي هوءِ، وطن جنين وساريو!

91.       زندگيءَ کان ڪا شڪايت؟

ڪابه شڪايت نه آهي، ڇاڪاڻ ته زندگي الله جي امانت آهي. جنهن حال ۾ رکيو اٿس شڪر گذار آهيان.

92.      انساني ڪردار جي سونهن؟

جنهن جي ڪردار مان انسانن کي راحت پهچي.

93.      انساني روين جو رنگ جيڪو روئاري؟

ڪو هڪ رويو؟ انسانن جا اهڙا اهڙا رويا آهن جو ماڻهو هر قدم تي روئي ٿو. سڀ کان وڏو رويو آهي. ناانصافي.

94.      پنهنجو پاڻ کان شڪايت؟

شڪايت ئي شڪايت آهي، ”اُهو ڪي ٻيو فهم، جنهن سان پسجي پرين کي“. ڪوبه انسانن جي ڀلائيءَ لاءِ وڏو ڪم نه ڪري سگهي آهيان.

95.      تقدير تي ويساهه؟

تقدير اٽل آهي، ان تي يقين اٿم،

توڙي هلين تڪڙو، توڙي کڻين وک،

لکئي منجهان لِک، ذرو ضايع نه ٿئي.

96.      زندگي جو ڪڙو سچ؟

اهو سچ ته زندگي بي بقا آهي.

97.      زندگيءَ جو اعتراف؟

زندگي هڪ اهڙو وقفو آهي، جنهن ۾ زادِ راهه گڏ ڪرڻو آهي.

98.      ٻئي جنم ۾ ڇا ٿيڻ چاهينديون؟

اسلام ۾ ٻيو جنم آهي ئي نه. ۽ الله جي ڪرم سان آئون مسلمان آهيان.

99.      ڪهڙين ڳالهين تي چڙ ايندي اٿوَ؟

جڏهن ڪو نصيحت نه وٺندو آهي.

100.  پيغام؟

منهنجو قوم کي اهو پيغام آهي ته ايمانداري، يڪجهتي ۽ هڪٻئي جو احساس ڪريو.

(سرتيون 2007ع)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org