سيڪشن:رسالا

ڪتاب: هڪ شخصيت 100 سوال جنوري/مارچ 2019ع

باب:

صفحو:4 

ديوارون ڪيتريون به اوچيون هجن، پر سورج کان اوچيون ناهن

ڊاڪٽر سحر امداد

 

1.            گهر ۾ سڏجندڙ نالو؟

سائين منهنجو مون کي ”جانان“ سڏيندو آهي ۽ ٻار ”امان“.

2.           ڄم جي تاريخ (سال ڀلي نه ٻڌايو؟)

20 جولاءِ.

3.           شهر جنهن ۾ پهريون ساهه کنيو؟

حيدرآباد سنڌ.

4.           شهر جو اڄ به پاڻ ڏانهن ڇڪي؟

اهي شهر تاراج ٿي چڪا!

5.           شهر جو دل جو شهر آهي؟

۽ دل جا رت سان ڀريل آهي!

6.           شهر جو دل کي نه آئڙيو هجي؟

ڪُوفو!

7.           زندگيءَ جو پهريون سُڏڪو جيڪو وسري

ئي نٿو؟

اهڙا انيڪ سڏڪا آهن.

8.           زندگيءَ جي پهرين مُرڪ؟

ماءُ جي هنج ۾، ممتا سان ڀريل اُن مهربان مُک ڏانهن نهاريندي.

9.           زندگيءَ جي پهرين مهرباني؟

ڄمڻ کان پوءِ پهرين رڙ!

10.       زندگيءَ جو پهريون قرب پهرين يادگيري؟

زندگيءَ جون ڪيتريون ئي يادگيريون نين يادن لاءِ جاءِ ڇڏي وينديون آهن.

11.        موسمن سان پيار جي پهرين يادگيري؟

مينن وسڻ کان پوءِ مٽيءَ جي خوشبو - جنم جنما تر کان منهنجي وجود جو حصو آهي.

12.       وڻندڙ موسم؟

پيار جي موسم (سهه سياري وسندي پاري)!

13.       ستن ڏينهن جي گول چڪر مان ڪو وڻندڙ ڏينهن؟

ڇو نه اهو سوال ئي گول ڪجي!

14.       ڏينهن جي اٺن پهرن مان وڻندڙ پهر؟

.........................

15.       فطرت جي خوبصورتيءَ جو وڻندڙ نظارو؟

فطرت جي خوبصورتي ۽ وڻندڙ نظارو ٻه جدا شيون آهن، انهن کي هڪڙي سٽ ۾ ڪيئن سمايان!

16.       ٻالڪپڻ جي ڪا ياد رهجي ويل ڏنگائي؟

رهجي ويل ڏنگائي ته ياد ناهي!

17.       ٻالڪپڻ جي ڪا محرومي جيڪا اڄ به دل تي چٽيل هجي؟

ڪابه نه.

18.       ٻالڪپڻ جي ڪا خواهش؟

اڃا به ”ٻالڪپڻ“ جي خواهش!

19.        ننڍپڻ جو ڪو انگل آرو؟

انگل آرو ته پاڻ ڄاڻون ئي ڪونه.

20.       جوانيءَ جو پهريون احساس؟

آءٌ ته ننڍي لاڪئون ئي پاڻ کي وڏو سمجهندي هئس، سو اهڙو ڪو احساس، چه معنيٰ دارد؟

21.       جوانيءَ جو پهريون خواب؟

آءٌ خواب ڏسندي ئي ناهيان. منهنجو هاضمو درست آهي.

22.      جوانيءَ جو ڪو خوبصورت پَل؟

”ڪو“ ڇو؟ ڪيئي پل آهن، اهي پَل پَل پَٽ جي ڏور جيان پئي لساريان!

23.      بار بار چپن تي ايندڙ ڪو گيت؟

مختلف مُوڊس، مختلف ڪيفيتن ۾ مختلف گيت.

24.      دل کي ڇهي ويندڙ ڪا سِٽ؟

ڪا سٽ؟! انيڪ سٽون آهن، ڪهڙي لکان؟!

پُٺيءَ ڄڃ نه ڄل منجهه تماشي نه پوين،

گهوٽ ڪري تون پاڻ کي، ڪر هنگاما هل!

(سچل سرمست)

25.      ڏک جي اظهار جو طريقو؟

”شاهه جو رسالو“ جيڪو ڏک کي طاقت ۾ بدلائڻ جو درس ڏي ٿو.

26.      خوشيءَ جي اظهار جو طريقو؟

بي ساخته ٽهڪ.

27.      اڀرندڙ سج ۽ لهندڙ سج جي پويان ڏينهن رات جي راند ۾ پسند جو ويلو؟

هي سوال ته پهرين به اچي چڪو آهي يا اهو ويلو شاهه ڪريم وارو ”ويلو“ آهي ته:

”پنندي، پرينءَ سين، ويلا ڪندي وت!“

28.      اڪيلائيءَ جو احساس؟

ان لاءِ امداد حسينيءَ جي هيءَ سٽ ئي بهترين جواب آهي ته:

”اڪيلي اڪيلي ۾ دنيا اسين!“

29.      تاريڪيءَ جو احساس؟

روشنيءَ جي پياس کي وڌائيندي آهي!

30.      گذرندڙ وهيءَ لاءِ ڪا ميار؟

ميارون مُنجڻ پنهنجي مزاج ۾ ئي ناهي! هونئن هر وهيءَ کي پنهنجو حسن آهي.

31.       خالي رستن جا احساس؟

”خالي رستن“ کان پڇي ٻڌائيندس!

32.      قد کان اُڀيون ديوارون؟

ديوارون ڪيتريون به اوچيون هجن، پر سورج کان اوچيون ناهن!

33.      دوستي؟

هڪ پر فريب لفظ آهي!

34.      هٿ ڇڏائي ويندڙ دوستن کان شڪايت؟

اهڙا ڪي دوست ڪڏهن هئا ئي نه.

35.      دوستن تي ڪا ميار؟

اسان ته ڪڏهن دشمنن کي ئي ميار نه ڏني!

36.      پيار؟

پيار ئي هڪ لفظ آهي پهريون ۽ آخري،

هونئن سڻڻ چاهين ته آهن لفظ بي معنيٰ سوين!

(امداد حسيني)

37.      عشق؟

عشق نه آهي راند جو کيڏنس ٿا ڳڀرو

سسي نيزي پاند، اڇل ته اڌ ٿئي!

(شاهه)

38.      پيار جو بي اختيار اظهار؟

پيار جو اظهار سکڻن لفظن ۾ ڪري ئي نٿو سگهجي.

39.      پيار جڏهن عذاب آڻي ته؟

پيار ۽ واسنا جو جو فرق چٽو ٿئي ٿو!

40.      پيار جو اظهار نه ڪري سگهجي؟

پيار اظهار جو محتاج ناهي.

41.       ڪلاکيتر ۾ پير کوڙڻ جو پهريون سهارو؟

پير کوڙڻ جو سهاري سان ڪهڙو واسطو؟ سو به ڪلاکيتر ۾!

42.      پهرين مڃتا؟

مڃتا اڃا ملڻي آهي.

43.      ڏکي لڳندڙ تنقيد؟

تنقيد! اها ڪهڙي وٿر آهي؟

44.      فن جي اظهار جي پهرين صنف؟

سڀ کان پهرين مٽي، پوءِ رنگ ۽ پوءِ لفظ.

45.      فني زندگيءَ جي ابتدا؟

اسان سنڌين جي زندگيءَ ۾ ڪو Fun آهي به سهي! اسين ته ڌارين جا به ڪُٺل آهيون، ته پنهنجن جا به!

46.      سڃاڻپ جو حوالو؟

”اسين پنج هزار ساله سُڌريل تهذيب جا اڻ سُڌريل وارث آهيون!

47.      سڀ کان وڏو نقاد؟

جنهن وٽ گهڻو نقد هجي!

48.      تعريف جيڪا دل خوش ڪري؟

اڃا ته انتظار ۾ آهيان!

49.      پسنديده شاعر؟

شاهه ڪريم، شاهه لطيف، امداد حسيني ۽ ٽئگور.

50.      پسنديده نثر نگار؟

خليل جبران، ترگنيف، وليم سرويان، تيرٿ وسنت، لعل چند امر ڏنو مل، مرزا قليچ بيگ ۽ سانول.

51.       راڳي جنهن جو راڳ دل ڇهي وٺي؟

هيمنت ڪمار، گيتا دت، استاد جمن، ماريا ڪيري.

52.      وجود جي سڀ کان وڏي ٽيڪ؟

سچ جي سگهه!

53.      خوشبوئن جي دنيا ۾ وڻندڙ خوشبو؟

رات جي راڻي، وائيٽ ڊائمنڊ.

54.      ڪهڙي موسم جو رنگ وجود تي وڌيڪ چڙهندو آهي؟

ڪڏهن سرءُ، ڪڏهن بهار.

55.       اکيون ٺاريندڙ رنگ جيڪو دل کي پسند اچي؟

اکيون ٺاريندڙ رنگ ٻيا، دل پسند اڃا ڪي ٻيا.

56.      ڪائنات جي سڀ کان خوبصورت تخليق؟

ٻار.

57.      چڙ اچي ته ڪيئن لهي؟

چپ - گهري چپ سان.

58.      انساني خوبي جيڪا پهرين نظر ۾ محسوس ڪريو؟

چهري تي مڻيا- soberness.

59.      دل تي بار ٿي پوندڙ انساني خاميون؟

هلڪڙائپ، ٽرڙائپ ۽ ڪڌائپ.

60.      پنهنجي دل جي ڪمزوري؟

اڃا ته دل ڏاڍي آهي.

61.       پيڙا جو ڪو پل؟

پيڙا جو هر پل،

ڏيندو آهي،

نئون نڪور ٻل!

62.      معاف نه ڪرڻ جوڳي انساني خطا؟

دوکو - فرد سان توڙي قوم سان!

63.      ڪٽنبي زندگي؟

اُس ۾ ڇانو وانگر آهي.

64.      نفرت؟

هي زندگي محبت ڪرڻ لاءِ ئي ٿوري آهي! 

65.      اهو انسان جنهن سان نفرت ختم نه ڪري سگهجي؟

نفرت ختم ڪرڻ لاءِ نفرت جو پيدا ٿيڻ ضروري آهي. مون وٽ نفرت جو جنم ئي ناهي ٿيو!

66.      عقل ۽ جذبي ۾ ڪير وڌيڪ ڀاري آهي؟

عقل.

67.      عقيدو؟

ڪو به عقيدو جو انسان جو اندر اجاري، دليون ڌوئي، روح جو ڪثافتون لاهي، ماڻهپو سيکاري!

68.      عبادت؟

”سي ستا مَر سُونهن، ننڊ عبادت جن جي!“

(شاهه لطيف)

69.      وقت؟

وقت به آهي ميت جيان،

روڪڻ چاهيان روڪي ڪونه سگهان!

70.      موت؟

مرڻا اڳي جي مئا، سي مري ٿين نه مات!

71.       زندگي؟

هوندا سي حيات، جيئڻا اڳي جي جيئا!

72.      هر وقت وڻندڙ ڪتاب؟

شاهه جو رسالو، هوا جي سامهون.

73.      دل کي ڇهندڙ فلم؟

جيڪا ڳچيءَ ۾ نه پوي!

74.      پسنديده نيم تاريخي شخصيت؟

راءِ ڏياچ.

75.      تاريخ جي پسنديده هستي؟

گوتم ٻڌ.

76.      سياست؟

ڪنهن جي؟! ڪٿي؟!...!!

77.      وڻندڙ سياسي شخصيت؟

!... نيلسن منڊيلا.

78.      وڻندڙ مشروب؟

صاف، شفاف، ٿڌو پاڻي!

79.      وڻندڙ اخبار؟

ڊان، ڪاوش.

80.      وڻندڙ سيٽلائيٽ چينل؟

Animal Planet, National Geographic ۽ سنڌي ٻوليءَ جا چينل Sindhtv, KTntv.

81.       پسنديده اداڪاره؟

اداڪار ڇو نه؟

82.      سواري جيڪا پسند هجي؟

شه سواري!

83.      خواب جيڪو اڪثر ڏسندا هجو؟

جاڳندي اکين جا، يا بند اکين جا؟

84.      خواب جيڪو ساڀيان نه ماڻي سگهيو؟

انسان جي آجپي جو خواب!

85.      مستقبل جي باري ۾ پلان؟

پهرين حال کي ته ٺاهيون، جيڪو بدحال آهي! (جنهن کي اخبارون ”هه“ هرڻي سان لکنديون آهن!)

86.      ناڪامي جيڪا اڃا تائين دل ۾ دُکندي هجي؟

... ان ڪري ان جو جواب منهنجي مرڻ جي ٽيهن سالن کان پوءِ پڌرو ڪجو.

87.      خوشي جنهن جو انتظار هجي؟

سنڌ سڪار ۽ عالم آباد ٿيڻ جي!

88.      آزادي؟

”آزادي آئي، پر ماڳ نه موٽي مارئي!“

(عبدالڪريم گدائي)

89.      ڇڙواڳي؟

هاڃيڪار!

90.      ڌرتيءَ سان پيار؟

ڌرتي منهنجو ديس،

مگر مان سنڌڙي

جندڙي لايان وو!

(شيخ اياز)

91.       زندگيءَ کان ڪا شڪايت؟

”زندگي تنهنجي ڪري ڇا ڇا نٿو ڪرڻو پوي!

(نياز همايوني)

92.      انساني ڪردار جي سونهن؟

”گگهه اونداهي رات جو سينو

وڄ جو چمڪو ٿي چيريندس!“

(تنوير عباسي)

93.      انساني روين جو رنگ جيڪو روئاري؟

ڪُوڙا ڪُوڙَ ئي ڪندا، ان تي روئڻ ڇا جو!

94.      پنهنجو پاڻ کان شڪايت؟

شڪايت يا شڪايتون!

95.      تقدير تي ويساهه؟

آءٌ تدبير ۾ ويساهه رکان ٿي.

96.      زندگي جو ڪڙو سچ؟

خود زندگي!

97.      زندگيءَ جو اعتراف؟

”هاڻ پيڙهين جي پراڻي ڌن مٽايو ٿا اسين،

اڄ نوان نغما، نون سازن تي ڳايون ٿا اسين!“

(هري دلگير)

98.      ٻئي جنم ۾ ڇا ٿيڻ چاهينديون؟

آءٌ سحر ئي ٿيڻ چاهينديس (سانول جي)!

99.      ڪهڙين ڳالهين تي چڙ ايندي اٿوَ؟

واهيات شاعري، لڳڙي ليک ۽ بي معنيٰ لفاظيءَ تي. ٽيڳر، لٻاڙ، لاڦ ۽ شوبازيءَ تي.

100.  پيغام؟

اعليٰ مقصد رکو ۽ ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ لڳاتار جدوجهد ڪريو. سچ جو ساٿ ڏيو، ڪُوڙي تي ڦِٽڪار وجهو. محنت ڪريو ۽ دنيا سان مُقابلو ڪريو. قبيلائي ويڙهه ۽ ڪاروڪاريءَ جو خاتمو آڻيو. پُٽن توڙي ڌيئرن کي پڙهايو. استاد پڙهائي، شاگرد پڙهي ۽ مائٽ انهن تي چوڪسي رکي. رڳو ان ريت ئي سنڌ جو سماج هڪ سٺي، بااخلاق ۽ باعلم ٽهيءَ جي حوالي ٿي سگهي ٿو.

(سرتيون 2007ع)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org