سيڪشن:رسالا

ڪتاب: هڪ شخصيت 100 سوال جنوري/مارچ 2019ع

باب:

صفحو:5 

وهي گذري ٿي ته پاڻ سان بردباري ۽ Grace کڻي ٿي اچي

ڊاڪٽر فهميده حسين

 

1.             گهر ۾ سڏجندڙ نالو؟

فهمي.

2.              ڄم جي تاريخ (سال ڀلي نه ٻڌايو؟)

مون کي ڪو اعتراض ناهي سال ٻڌائڻ ۾ جولاءِ 1948ع.

3.            شهر جنهن ۾ پهريون ساهه کنيو؟

ٽنڊو ڄام.

4.            شهر جو اڄ به پاڻ ڏانهن ڇڪي؟

حيدرآباد.

5.            شهر جو دل جو شهر آهي؟

هاڻي ڪراچي.

6.            شهر جو دل کي نه آئڙيو هجي؟

ڪوبه نه.

7.            زندگيءَ جو پهريون سُڏڪو جيڪو وسري

ئي نٿو؟

امان جي وفات.

8.            زندگيءَ جي پهرين مُرڪ؟

انگريزي ادب ۾ ماسٽرس ۾ پوزيشن کڻڻ تي.

9.            زندگيءَ جي پهرين مهرباني؟

علمي ادبي خاندان ۾ پيدا ٿيڻ. بابا جو عالم فاضل ۽ اديب هئڻ.

10.        زندگيءَ جو پهريون قرب پهرين يادگيري؟

حسين سان ملاقات.

11.         موسمن سان پيار جي پهرين يادگيري؟

ڄام شوري ۾ شفٽ ٿيڻ کان پوءِ سڀني ڇوڪرين سان گڏ گرلس پوائنٽ مان لهي المنظر تي وڃي مزا ڪرڻ.

12.        وڻندڙ موسم؟

گرمين يا اونهاري جي شروعات.

13.        ستن ڏينهن جي گول چڪر مان ڪو وڻندڙ ڏينهن؟

آچر.

14.        ڏينهن جي اٺن پهرن مان وڻندڙ پهر؟

پرهه ڦٽي.

15.        فطرت جي خوبصورتيءَ جو وڻندڙ نظارو؟

پهريون دفعو ڪياماڙيءَ تان لانچ ۾ ويهي سمنڊ جو سير ڪرڻ.

16.        ٻالڪپڻ جي ڪا ياد رهجي ويل ڏنگائي؟

رسڻي هوندي هيس. رسڻ جي عادت ۾ ماني نه کائڻ، لنگهڻ ڪاٽڻ پوءِ امان جي دڙڪن کان پوءِ ماني کائڻ.

17.        ٻالڪپڻ جي ڪا محرومي جيڪا اڄ به دل تي چٽيل هجي؟

مون کي ميڊيڪل  ڪاليج وڃڻ جو شوق هو. مان وڃي نه سگهيس. ان ڳالهه جي مون کي ڪڏهن ڪڏهن حسرت ٿيندي آهي.

18.        ٻالڪپڻ جي ڪا خواهش؟

بلڪل ننڍي هوندي ڪا خواهش ٿي سگهي ٿي. باقي هر خواهش پوري ٿيندي هئي.

19.         ننڍپڻ جو ڪو انگل آرو؟

آءٌ رنگ جي سانوري هوندي هيس، ته پوءِ امان کي چوندي هيس ته تو جهڙو اڇو رنگ هجي.

20.        جوانيءَ جو پهريون احساس؟

ڪاليج ۾ پڙهڻ سان.

21.        جوانيءَ جو پهريون خواب؟

منهنجو خواب به اهو ئي ڊاڪٽر ٿيڻ هو.

22.       جوانيءَ جو ڪو خوبصورت پَل؟

جڏهن مون گورنمينٽ وومين ڪاليج ڪراچيءَ ۾ داخلا ورتي ته ان وقت اتي واحد سنڌي ڇوڪري پهرين سال ۾ هيس ۽ ڪاليج طرفان پروگرام ڪيو ويو جنهن ۾ سنڌي فينسي شو ۾ رول ڪرڻ لاءِ مس پوري ڪلاس کان پڇيو ته مان هڪدم اٿي بيٺس ته اهو ڪردار مان ڪنديس ۽ مون کي خوشي ٿي ته مان سنڌي سماج ۽ سنڌي ثقافت ۽ تهذيب جي عڪاسي ڪئي.

23.       بار بار چپن تي ايندڙ ڪو گيت؟

ٽڙي پوندا ٽارئين جڏهن ڳاڙها گل الوميان تڏهن ملنداسين.

24.       دل کي ڇهي ويندڙ ڪا سِٽ؟

سڄڻ ۽ ساڻيهه ڪنهن اڻاسي وسري

حيف تنين کي هوءِ، وطن جن وساريو.

25.       ڏک جي اظهار جو طريقو؟

خاموش لڙڪ.

26.       خوشيءَ جي اظهار جو طريقو؟

چپن تي مُرڪ.

27.       اڀرندڙ سج ۽ لهندڙ سج جي پويان ڏينهن رات جي راند ۾ پسند جو ويلو؟

پرهه ڦٽي.

28.       اڪيلائيءَ جو احساس؟

مون کي اڪيلائيءَ جو احساس نه ٿيندو آهي جو ڪتاب هر وقت جو ساٿي ٿي ويندو آهي.

29.       تاريڪيءَ جو احساس؟

اوندهه کان ڪانه ڊڄندي آهيان.

30.       گذرندڙ وهيءَ لاءِ ڪا ميار؟

بلڪل نه. وهي گذري ٿي ته پاڻ سان بردباري ۽ Grace کڻي ٿي اچي.

31.        خالي رستن جا احساس؟

...

32.       قد کان اُڀيون ديوارون؟

مون ڪونه ڏٺيون.

33.       دوستي؟

دوستي تمام محدود ماڻهن سان ڪئي آهي هر دور ۾ هڪ دوست آهي.

34.       هٿ ڇڏائي ويندڙ دوستن کان شڪايت؟

ڪابه اهڙي نه رهي جيڪا هٿ ڇڏائي وڃي.

35.       دوستن تي ڪا ميار؟

نه، ڪابه نه.

36.       پيار؟

ڌرتيءَ سان، ڌرتيءَ جي ماڻهن سان، پنهنجي ٻوليءَ سان.

37.       عشق؟

محبت جي انتها.

38.       پيار جو بي اختيار اظهار؟

بس هڪڙي چمي.

39.       پيار جڏهن عذاب آڻي ته؟

عذاب مليو ئي نه.

40.       پيار جو اظهار نه ڪري سگهجي؟

آءٌ اظهار ڪندي ڪونه آهيان ۽اظهار ڪرڻ جي ضرورت ئي نه پئي. پيار جو اظهار لفظن جو محتاج ڪونه هوندو آهي.

41.        ڪلاکيتر ۾ پير کوڙڻ جو پهريون سهارو؟

علمي ادبي خاندان جو فرد هئڻ ڪري هر وقت رهنمائي حاصل هئڻ.

42.       پهرين مڃتا؟

باقاعدگيءَ سان مون کي جيڪا مڃتا ملي اها D.J. Collage جي سالياني مئگزين م ٻه سال لاڳيتو ڪهاڻيون ڇپجڻ تي مون کي پهريون ايوارڊ مليو.

43.       ڏکي لڳندڙ تنقيد؟

ذاتي هجي ته.

44.       فن جي اظهار جي پهرين صنف؟

ڪهاڻي.

45.       فني زندگيءَ جي ابتدا؟

ننڍپڻ ۾ ٻارن جي رسالي ۾ آکاڻي ڇپي.

46.       سڃاڻپ جو حوالو؟

علم و ادب.

47.       سڀ کان وڏو نقاد؟

مون کي درست ڪرڻ لاءِ منهنجو بابا سائين تنقيد ڪري درست ڪندو هو.

48.       تعريف جيڪا دل خوش ڪري؟

سُٺي ماءُ هئڻ ۽ ٻارن جي سٺي تربيت ڪرڻ تي جيڪا تعريف ڪئي وڃي ٿي اها دل خوش ڪندي آهي.

49.       پسنديده شاعر؟

شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه ۽ شيخ اياز.

50.       پسنديده نثر نگار؟

ادا سراج.

51.        راڳي جنهن جو راڳ دل ڇهي وٺي؟

علڻ فقير.

52.       وجود جي سڀ کان وڏي ٽيڪ؟

حسين.

53.       خوشبوئن جي دنيا ۾ وڻندڙ خوشبو؟

ڀنل مٽيءَ جي خوشبو.

54.       ڪهڙي موسم جو رنگ وجود تي وڌيڪ چڙهندو آهي؟

گلن جي موسم جو.

55.       اکيون ٺاريندڙ رنگ جيڪو دل کي پسند اچي؟

هلڪو گلابي.

56.       ڪائنات جي سڀ کان خوبصورت تخليق؟

اولاد.

57.       چڙ اچي ته ڪيئن لهي؟

خاموشي اختيار ڪرڻ.

58.       انساني خوبي جيڪا پهرين نظر ۾ محسوس ڪريو؟

نيڪ نيتي.

59.       دل تي بار ٿي پوندڙ انساني خاميون؟

ڪوڙ ۽ منافقي.

60.       پنهنجي دل جي ڪمزوري؟

اولاد کان دوري.

61.        پيڙا جو ڪو پل؟

جڏهن منهنجو ننڍي ۾ ننڍو ٻار پڙهائيءَ لاءِ مون کان ڌار پئي ٿيو ته زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو مان سڏڪا ڀري رني هئس.

62.       معاف نه ڪرڻ جوڳي انساني خطا؟

بي وفائي.

63.       ڪٽنبي زندگي؟

تمام خوبصورت.

64.       نفرت؟

منافق ماڻهن سان.

65.       اهو انسان جنهن سان نفرت ختم نه ڪري سگهجي؟

...

66.       عقل ۽ جذبي ۾ ڪير وڌيڪ ڀاري آهي؟

عقل.

67.       عقيدو؟

انسانيت، انسان جي چڱائي ۽ ڀلائيءَ ۾ عقيدو آهي.

68.       عبادت؟

انسان جي خدمت.

69.       وقت؟

قيمتي آهي.

70.       موت؟

اڻٽر.

71.        زندگي؟

خوبصورت آهي.

72.       هر وقت وڻندڙ ڪتاب؟

شاهه جو رسالو.

73.       دل کي ڇهندڙ فلم؟

خدا ڪي لئي.

74.       پسنديده نيم تاريخي شخصيت؟

مارئي.

75.       تاريخ جي پسنديده هستي؟

دولهه دريا خان.

76.       سياست؟

منهنجي ڏانءَ جي شيءِ ناهي.

77.       وڻندڙ سياسي شخصيت؟

شهيد بينظير ڀٽو.

78.       وڻندڙ مشروب؟

ٿاڌل.

79.       وڻندڙ اخبار؟

Dawn.

80.       وڻندڙ سيٽلائيٽ چينل؟

هم ٽي وي.

81.        پسنديده اداڪار؟

دليپ ڪمار، شبانا اعظمي.

82.       سواري جيڪا پسند هجي؟

هوائي جهاز.

83.       خواب جيڪو اڪثر ڏسندا هجو؟

منهنجا سڀئي ٻار پنهنجن ٻارن سوڌا مون سان گڏ پنهنجي گهر ۾ آهن.

84.       خواب جيڪو ساڀيان نه ماڻي سگهيو؟

اهو جيڪو ڊاڪٽر ٿيڻ وارو.

85.       مستقبل جي باري ۾ پلان؟

پنهنجا رهجي ويل ناول ۽ ٻيا اڌ ۾ پيل تخليقي ۽ تحقيقي ڪم پورا ڪريان.

86.       ناڪامي جيڪا اڃا تائين دل ۾ دُکندي هجي؟

سنڌ آسودي ٿئي.

87.       خوشي جنهن جو انتظار هجي؟

سنڌي ٻولي کي پنهنجو جائز مقام ملي.

88.       آزادي؟

هر ڪنهن جو بنيادي انساني حق آهي.

89.       ڇڙواڳي؟

ناقابلِ قبول.

90.       ڌرتيءَ سان پيار؟

حد کان وڌيڪ ماءُ جيترو.

91.        زندگيءَ کان ڪا شڪايت؟

ڪابه نه.

92.       انساني ڪردار جي سونهن؟

نيڪ نيتي ۽ سچائي.

93.       انساني روين جو رنگ جيڪو روئاري؟

غريب جو احساس نه ڪرڻ.

94.       پنهنجو پاڻ کان شڪايت؟

پنهنجو پاڻ کان اها شڪايت اٿم ته جلد ئي ڀروسو ڪري ويهندي آهيان ماڻهن تي.

95.       تقدير تي ويساهه؟

تدبير تي ويساهه آهي.

96.       زندگي جو ڪڙو سچ؟

ڪو وقت اچي ٿو جو پهرين ڀائرن ڀيڻن کان جدا ٿي، مائٽاڻو ڀريل گهر خالي ٿئي ٿو ۽ پوءِ وري پيريءَ ۾ پنهنجو گهر خالي ٿئي ٿو ۽ هر ڀاتي پکي بڻجي وڃي پنهنجو ڌار آکيرو جوڙي ٿو اهو سچ آهي پر ڏاڍو ڪڙو آهي.

97.       زندگيءَ جو اعتراف؟

محنت سان سڀ ڪجهه حاصل ڪري سگهجي ٿو ڇو ته ميرٽ ڪڏهن به ناڪام نه ويندي آهي. ميرٽ ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ مڃتا حاصل ڪندي آهي.

98.       ٻئي جنم ۾ ڇا ٿيڻ چاهينديون؟

ٻئي جنم ۾ يقين ڪونه اٿم.

99.       ڪهڙين ڳالهين تي چڙ ايندي اٿوَ؟

جيڪڏهن ڪير پنهنجي ذميداري پوري نه ڪري ته چڙ ايندي اٿم.

100.    پيغام؟

پنهنجو هر ڪم نيڪ نيتي ۽ خلوص سان ڪجي. سفارش، شارٽ ڪٽ ۽ بي ايمانيءَ سان ڪابه شيءِ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪجي جو پڇاڙيءَ ۾ ان مان ڪجهه هڙ حاصل ٿيڻو ناهي.

(سرتيون 2012ع)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org