سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر

شيخ اياز

صفحو : 9

پهر کوئي فطرت قنديل لئي

صبحِ کاذب مين دهکني آيا

پهر کوئي گردنِ مينا په جهکا

پهر لبِ جام کسي ني چومي

پهر نهان خانه اصنام کهلا

پهر صنم زنده هوئي اور جهومي

 

پهر نگاه صنم افروز کوئي

سينه سنگ مين پيوسته هوئي

پهر کوئي تشنگيء صهبا ساز

ته ساغر مين چهنکتي پهونجي

 

پهر جڻاؤن مين گهڻائين جهومين [1]

پهر کوئي ميکده بردوش آيا

لبِ فردا په تبسم نکهرا

جب کوئي مستِ مئي دوش آيا

متلاطم هوئي وه تاريکي

جس کي گهرائي نه هوگي معلوم

ماه و انجم کي حروفِ زرين

جس کي هر موج په هونگي مرقوم

 

راهِ طــــلــــــــــــب مــــــــــــــــيـــــن [2]

طبل تمـــــنا گــــــونــــــج رها هـــــي

اهلِ سلاسل چنگ به لب رنجير بھ

پـــاهـــيـــــن ســـــــاري غـــــــرفهء زندان

واهــــيـــــن شــــــــور بـــــپــــا هـــــــي

 

ســـازِ نـــفــــس هر ضربِ صبا سي [3]

ولــــولـــــي خـــيــــــز آهــنــــگ صــــدا هي

ســيــــنه گــيـــتـــي شــــعـــله نــــــــوا هي

لو اَب ساري رشتهء هستي ٽوٽ چکي هين

اهـــــل ســــلاســـــل چهوٽ چکي هين

فرشِ زمين ســــــي عـــــــــرشِ برين تک

اک طرفه سيلابِ ضـــيـــــــــا هــــي

جس مين عــــــــالــــــــم گيا هـــــــــي

راهِ طــــــلـــــــــب مــــــــيــــــــــن

طـــبــــــلِ تـــمـــنـــــا گــــونــــــــج رها هي

هي نظم 1952ع کان اڳ لکيا ويا هئا جي رائيٽرس گلڊ جي رسالي ”هم قلم“ ۾ شايع ٿيا هئا ۽ مون کي انهن تي سال جي بهترين اردو نظمن لکڻ ڪري ”هم قلم“ ايوارڊ مليو هو.

مٿين نظم مان ظاهر آهي ته چاليهه  سال اڳ به مون ۾ تصوف سان لڳاءُ هو ۽ ڪائنات کي پنهنجيءَ منفرد نڪته نگاه سان ڏسندو هوس. هن نظم ۾ نه لفظ سچل جا آهن، نه ترنم هُن جو آهي، پر ان نظم لاءِ اُتساه مون کي سچل جي شاعريءَ ڏنو هو.

اها مشترڪه تهذيب جا اسان ٺاهي رهيا هياسون، اُن کي پوءِ ايوب خان وڏو ڇيهو رسايو، جيئن مان اڳتي هلي ذڪر ڪندس.

منهنجا ٻيا به جونيئر وڪيل نبيي بخش کوسو، جو هاڻي پاڪستان سرڪار ۾ جوائنٽ سيڪريٽري آهي ۽ عبدالمجيب پيرزادو جو هاڻي سنڌ هاءِ ڪورٽ جو مصروف وڪيل آهي، هئا. دراصل انهن سکر ۾ ”سنڌي شام“ ملهائي هئي، جنهن مون لاءِ وڌيڪ مصيبت ٻاري هئي. هونءَ ته سال 1963ع ۾ منهنجي ڪتاب ”ڀونري ڀري آڪاس“ ۽ سال 1964ع ۾ ”جي ڪاڪ ڪڪوري ڪاپڙي“ ۽ ”ڪلهي پاتم ڪينرو“ تي بندش پئجي چڪي هئي ۽ مان زيرِ عتاب هوس. مجيب پيرزادو حيدرآباد ۾ شاگرد تحريڪ جو سرگرم اڳواڻ هو ۽ غلام رباني آگري (هاڻي ميمبر فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن) ۽ نبي بخش کوسي جو دوست هو. انهن ليوڪس پارڪ ۾ سنڌي شام ملهائي. پهريون ڀيرو سکر شهر ۾ هڪ سنڌي جلسي ۾ ڇهه هزار ماڻهو ڪٺا ٿيا. ان وقت فصيح الدين وردگ سکر جو ڊپٽي ڪمشنر ۽ آغا علي حيدر سيشن جج ( جو پوءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس ٿيو ۽ انت شريعت بينچ تي جج هو، جڏهن رٽائر ڪيو هيائين) به موجود هئا. انهن ٻنهي جي ذاتي خوشامد لاءِ انهن کي ڪجهه وڪيلن دعوت نامو موڪليو ۽ هو پاڻ سان هڪ هاءِ ڪورٽ جو جج به وٺي آيا، جو انهن ڏينهن ۾ سکر آيل هو. منهنجو دوست مقصود احمد حميدي، جيڪو حيدرآباد دکن جو مهاجر هو، اردو ادب جو سٺو پارکو ۽ فيض احمد فيض ۽ الطاف گوهر جو دوست هو. جڏهن ته الطاف گوهر ان وقت صدر ايوب خان جو انفرميشن سيڪريٽري هو، اهي به انهيءَ شام ۾ ويٺا هئا. مقصود احمد حميدي جو سي. ايس. پي هو، اُن وقت سکر ميونسپالٽيءَ جو ائڊمنسٽريٽر هو ۽ ويجهڙائيءَ ۾ سنڌ جو ائڊيشنل چيف سيڪريٽري هو.

سنڌي شام جي ڪاروائي مجيب پيرزادي ٿي هلائي. حفيظ قريشي، حيدر بخش جتوئي، رسول بخش پليجو ۽ ٻيا اهم ماڻهو اسٽيج تي تقرير ڪري ويا ته فصيح دين وردگ جو هر سي. ايس. پي آفسر وانگر پنهنجي ضلعي کي جاگير سمجهندو هو، اٿي اسٽيج تي اوچتو آيو ۽ چيائين ته ”مونکي ٻه اکر چوڻا آهن.“ پوءِ هن چيو ته ”هتي ڪهڙو اصل سنڌي آهي. مان چوان ٿو ته شاهه لطيف جا وڏا به مهاجر هيا.“ اِن تي مجيب پيرزادي هن کي وچ ۾ ڪَٽي چيو: ”جي سڀ مهاجر شاهه لطيف جهڙا ٿين ته اسان کي قبول آهن.“

سنڌي قوم پرستيءَ جو اهڙو زبردست اظهار ڪڏهن به نه ٿيو هو. وردگ مون تي غصي هو ته جلسو مون ڪرايو آهي. مقصود احمد حميدي، جنهن کي منهنجن اردو منظوم ترجمن جي خبر هئي، ان مونکي چيو ته مان کين سچل سرمست ۽ سانگيءَ جا منظوم ترجما ٻڌايان. دراصل انهن ترجمن ۾ وسڪي منهنجي هئي ۽ سوڍا سچل ۽ ساميءَ جي هئي. پر ان جي باوجود هاءِ ڪورٽ جو مهاجر جج ٿڌو نه ٿيو ۽ هُن وڃي خيرپور جي ڪمشنر کي دانهن ڏني ته هي ساري آگ اياز جي لڳايل آهي. ٻئي يا ٽين ڏينهن تي مون کي ڪمشنر خيرپور گهرايو ۽ چيو ته اهو ”نارائڻ شيام وارو نظم“ پڙهي، اردوءَ ترجمو ڪري ٻڌاءِ!“ مون هن کي نظم پڙهي ترجمو ڪري ٻڌايو. هن پڇيو ته:

”اهو نارائڻ شيام ڪير آهي؟“ ”هندستان ۾ هڪ سنڌي جو شاعر آهي.“ مون ڪنڌ ڌوڻ ڪري هائو ڪئي. هن چيو: ”تون وڃين سگهين ٿو، پر ڊي. آءِ. جي خيرپور سان ملندو وڃ.“ مان ڊي. آءِ. جي خيرپور سان مليس، جنهن جو نالو ياد نه آهي. ڊي. آءِ. جي مون کي اطلاع ڏنو ته: ”تنهنجي خلاف سي. آءِ. ڊيءَ جون خطرناڪ رپورٽن آهن.“ مون هن کي جواب ڏنو. ”تنهنجي سي. آءِ. ڊي ۾ ايس. پي جي عهدي تائين سڀ ادب  سان ناآشنا آهن. اهي منهنجي شاعري ڇا سمجهي سگهندا؟ اهي عوام ۾ منهنجي مقبوليت ڏسي گهٻرائجي ويا آهن. هونءَ به شاعر آمريت لاءِ وڏي ۾ وڏو خطرو ٿيندا آهن.“ ڊي. آءِ. جي چيو: ”تون واقعي خطرناڪ ماڻهو ٿو لڳ،ان تنهجي خلاف رپورٽ ڪندس.“ هو پنجابي هو. پوءِ ڪجهه سوچي چيائين: ”واقعي اهي مهاجر سي. آءِ. ڊي وارا سنڌي ٻوليءَ جون نزاڪتون ڪيئن سمجهي سگهندا هوندا؟“ پوءِ مونکي هيٺيون لطيفو ٻڌايائين:

”هڪ ڀيري لنڊن ۾ هڪ انگريز ۽ هڪ سک وڙهي پيا. انگريز هن کي خوب انگريزيءَ ۾ گاريون ڏنيون. سک به هُن کي انگريزي ۾ گاريون ڏنيون ۽ جڏهن انگريزيءَ ۾ گاريون ڏئي ٿڪو ته پوئين گار هن کي پنجابيءَ ۾ ڏنائين ”مور اوور (More over)  تيري پَئڻ نون (تنهنجي ڀيڻ کي).....“ انگريز وائڙو ٿي ويو ته هي ڇا ٿو چوي ۽ ائين جهيڙو ختم ٿي ويو. ها.... ها.... ها.....“ هُن ٽهڪ ڏيندي چيو.

”واقعي هي مُهاجر تنهنجي ٻوليءَ کي ڪيئن سمجهي سگهندا. تون وڃي سگهين ٿو، مان تنهنجي رپورٽ نه ڪندس.“

مونکي ڪيئي سال پوءِ اها ڳالهه ياد آئي هئي، جڏهن مان وائيس چانسلر هوس. ڪنهن سائنس جي پروفيسر اچي منهنجو مٿو کاڌو ۽ چيو ته ”انسان آدم جي نه پر باندر جي اولاد آهي.“ مون هن کي ڏاڍو سمجهايو ته هر انسان آدم جي اولاد ٿي نٿو سگهي. آدم جي اولاد ٿيڻ لاءِ نفس سان جهاد جي ضرورت آهي ۽ اهو انسان جي روحاني ارتقا جي حاصلات آهي. مان توسان ڪنهن حد تائين متفق آهيان ته اڪثريت باندر جي اولاد آهي، پر هڪ ڳالهه نه وسارجانءِ، انسان ذات ۾ ڪي اهڙا به انسان آهن، جي گڏهه جي اولاد آهن. مون جڏهن هن کي اهو لطيفو ٻُڌايو ته مون کي خيرپور جو مٿيون ڊي. آءِ. جي ياد آيو، جنهن کان اهو وسري ويو هو ته هن ملڪ لاءِ جدوجهد اتساهي ئي علامه اقبال جي شاعريءَ هئي ۽ هتي شاعري سياست کان زياده اهم آهي.

ڪيئي سال پوءِ مان 1970ع ۾ اوڀر پاڪستان ۾ شيخ مجيب جي گرفتاريءَ کانپوءِ، پهريائين سکر جيل ۾ ڇهه مهينا رکيو ويو هوس. ان وقت منهنجي زال زرينا ۽ منهنجي ڌيءَ روحيءَ جي ذهن کي ڪافي لوڏو آيو هو. مڪتي باهنيءَ سان جنگ اڃا هلي رهي هئي. مون هوم سيڪريٽري کي لکيو ته منهنجي نظربنديءَ جو مدو نه وڌايو وڃي. ان وقت غالباََ مقصود حميدي سنڌ جو هوم سيڪريٽري هو. منهنجو مدو ٽن مهينن لاءِ وڌايو ويو، ڇو وڌايو ويو ۽ ڪنهن وڌايو؟ اهو هاڻي ڪيئن چئجي؟ ٽي مهينا پورائي نه ٿيا ته پاڪستان ٽٽي ويو ۽ ممتاز علي ڀٽي، جيڪو ان وقت سنڌ جو گورنر مقرر ٿيو هو، تنهن  غالباََ ڀٽي صاحب جي چوڻ تي سپرنٽينڊنٽ جيل کي فون ڪيو ته: ”شيخ اياز کي يڪدم رها ڪيو وڃي ۽ رهائيءَ جا آرڊر جيل تي لکت ۾ پوءِ پهچندا.“

ٻاهر نڪري مونکي معلوم ٿيو ته سنڌ ڪلب ۾ حميدي صاحب جي ڀُٽي صاحب سان ڪجهه وقت اڳ تلخ گفتگو ٿي هئي ۽ ڀٽي صاحب گورنر کي چئي هن کي نوڪريءَ تان استعفا ڏياري هئي. اها خبر غلط به ٿي سگهي ٿي.

1976ع ۾ يا 1977ع ۾ جڏهن مان وائيس چانسلر هوس، مان سنڌ هاءِ ڪورٽ جي وڪيل ايم. ايم پيرزادي سان ڪراچيءَ جم خاني ۾ ويو هوس. پيرزادو صاحب سکر ۾ منهنجو جونيئر رهي چُڪو هو ۽ رهندو ئي منهنجي آفيس ۾ هو. هونءَ ته هو شاگرديءَ واري زماني کان وٺي منهنجو دوست هو. مان جڏهن ڪراچي ۾ وڪالت ڪندو هوس ۽ حشوءَ جي فلئٽ ۾ رهندو هوس، تڏهن شام جو مان ۽ پيرزادو اٺ ڏهه بيئر جون بوتلون پي، صدر ۾ ڏيڍ ٻه سير دُنبي جو تريل گوشت کائي، هومر جا ٻه ڪردار لڳندا هياسين، جن جو ناوو نوش عقل و هوش تي اثر انداز نه ٿيندو هو. هن ڀيري اسان جڏهن ڪراچي جم خاني ۾ گهڙياسين ته مون ڏٺو مقصود احمد حميدي، جناب حاڪم علي زرداريءَ سان گڏ ويٺو هو ۽ ڳالهائي رهيو هو. زرداري صاحب ٻه ٽي ڀيرا مون وٽ سنڌي يونيورسٽيءَ ۾ ڪم ڪار سان آيو هو. مان ۽ پيرزادو وڃي ٻيءَ ميز تي ويٺاسين. ٿوريءَ دير کانپوءِ حميدي صاحب اٿي آيو ۽ اچي مون کي چيائين:

”مونکي سڃاڻو نه ٿا“

مون ڪنڌ ڌوڻي هائو ڪئي ته هو ڪرسيءَ تي ويهي رهيو  ۽ چيائين:

”مان ڪجهه وقت روزگار جي سلسلي ۾ وچ اوڀر هليو ويو هوس. ڀُٽي صاحب کي منهنجي باري ۾ ڪا غلط فهمي ٿي هئي ۽ هن مونکي نوڪريءَ مان ڪڍائي ڇڏيو هو.“ اهو چوندي اداس بڻجي ويو.

مون کيس چيو: ”زرداري صاحب سان به منهنجي عليڪ سليڪ آهي. مون دراصل دخل در معقولات ڏيڻ نه ٿي چاهيو ۽ ان ڪري اسان الڳ ميز تي اچي ويٺاسين. اوهان جي ميز تي ٿا هلون. مون کي ائين بُرو ٿو لڳي ته زرداري صاحب کي نه کيڪاريان.“

پوءِ مان ايم. ايم پيرزادي کان اجازت وٺي، هن سان گڏجي ويس. حميدي صاحب کي پوءِ ٻيهر نوڪري ملي هئي. جڏهن مان وائيس چانسلر هوس، سندس بيگم اسان وٽ ڄامشوري هڪ ٻه ڀيرا مهمان ٿي هئي. تازو بيگم راشدي (ممتاز راشدي) منهنجي گهر آئي هئي. جنهن ٻڌايو ته حميدي صاحب جي بيگم گذاري وئي. مون کي ڏاڍو ڏک ٿيو. هوءَ هڪ نهايت نيڪ عورت هئي. مان به ذري گهٽ صاحبِ فراش آهيان، هُن ڏانهن تعزيت لاءِ به نه وڃي نه سگهيو آهيان. هاڻي ٻڌو اٿم ته کيس اسلام آباد ٽرانسفر ڪيو ويو آهي. هونءَ مان حميديءَ جي گهر ڪراچيءَ ويندو هوس ۽ ڪڏهن ڪڏهن هن وٽ ماني کائيندو هوس.

هڪ ڀيري منجهند جو هُن وٽ ويس ته هن چيو ته ماني کائي، پوءِ وڃ. هو تازو هندستان مان موٽيو هو ۽ اتان جا تاثرات ٻُڌائي رهيو هو. الائجي ڪيئن شعر وشاعري جي ڳالهه تي مون هن کي پنهنجو اردو نظم:

دور کيلاش سي

چاند هيمنت کا

ميري من کو هميشه بلاتا رها.......

ٻڌايو ته هن بيگم صاحبه کي سڏي چيو: ”هي اردو نظم به ٻُڌ. مون اهڙو اردو نظم اڄ تائين نه ٻڌو آهي.“

حميدي صاحب کي ادب لاءِ ڏاڍو چڱو ذوق آهي. مون کي هن جي تحسين پسند آئي ۽ مون هن جي فرمائش تي هن کي نظم ٻيهر ٻڌايو.

سکر ۾ ڪيئي سيشن جج ۽ هاءِ ڪورٽ جا جج منهنجا واقفڪار رهيا آهن. ڪي ته دوست به رهيا آهن. علي نواز ٻڍاڻي جڏهن سکر ۾ سول جج هوندو هو ۽ پوءِ هاءِ ڪورٽ ۾ جج ٿي ويو، تڏهن اُنهي وٽ ڪنهن ڪنهن وقت مان چيمبر ۾ هليو ويندو هوس. هو طبيعتاََ فلاسفر هو ۽ ڪائنات جي رموز ۽ اسرار تي گفتگو هن جو مرغوب موضوع هو. هن وقت خبر نه آهي ته هو رٽائر ٿي ويو آهي يا ڪنهن نوڪريءَ ۾ آهي! اسان فلسفي جي موضوعن تي ڊگها بحث ڪندا هئاسين ۽ ٻنهي کان وسري ويو هوندو ته اسان جون ڪي ڪاروباري مصروفيتون به آهن.

تاج محمد ابڙو، جمال ابڙي جو گهرو دوست ۽ شايد مائٽ به هو. هو ڪامريڊ ماڻهو هو ۽ ڪامريڊ جتوئي، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ۽ سوڀي گيانچنداڻيءَ  جو دوست هو. منهنجي به هن سان ڪافي گهرائپ هوندي هئي.هو لاڙڪاڻي ۾ وڪالت ڪندو هو ۽ جڏهن مان لاڙڪاڻي ويو هوس ته هُن فراخدليءَ سان ٻه ٽي ڀيرا منهنجي ماني ڪئي هئي. مانيءَ تي جمال صاحب جو وڏو ڀاءُ شمس الدين ابڙو به آيو هو، جو ڪجهه سال پوءِ گذاري، جمال صاحب کي ڏاڍي غم ۾ ڇڏي ويو. هاڻي ته جمال صاحب جو ننڍو ڀاءُ ڪمال ابڙو به گذاري چڪو آهي، جنهن جو ذڪرمان حيدرآباد جي سلسليوار احوال ۾ ڪندس. في الحال مون تاج محمد ابڙي جي ڳالهه ٿي ڪئي. جڏهن ڀٽو صاحب چيف مارشل لا ائڊمنسٽريٽر ٿي آيو، تڏهن تاج محمد کي ائڊيشنل سيشن جج ڪيو هئائين ۽ هن جي پهريون تقرر سکر ۾ ٿيو هو. هو اڳي ئي مون سان گهايل مايل هوندو هو. تن ڏينهن ۾ مون وٽ ٻه موٽرون هونديو هيون، ٽوياٽا ڪارونا ۽ ٽويوٽا ڪرولا. تقرريءَ کان ڏهه پندرنهن ڏينهن پوءِ هُن لاڙڪاڻي وڃڻ لاءِ مون کان هڪ ڏينهن  لاءِ ڪار گهري. تن ڏينهن ۾ اڪثر جج وڪيل جي ڪار تي پنهنجو حق سمجهندا هئا، جيتوڻيڪ مون کان ڪار گهُرندي ڪنهن کي ورلي همت ٿيندي هئي. مون خوشيءَ سان تاج محمد کي پنهنجي ٽويوٽا ڪرونا ڏني. فقط اُن ڪري جو هُو مون لاءِ ”ڪامريڊ تاجو“ هو ۽ ان ڪري نه ته هو سکر جو ائڊيشنل سيشن جج هو. هن ٽي چار ڏينهن لاڙڪاڻي بنا اطلاع جي ڪار روڪي ڇڏي ۽ جڏهن موٽي آيو ته ڪار کي وڏو چِٻُ هو. مون ڊرائيور کي چيو ته ڪار ڌوئاري ڪارخاني ۾ ٺهرائڻ لاءِ ڏئي اچي. پندرنهن ڏينهن کان پوءِ هن مون کي وري لاڙڪاڻي لاءِ ڪار گهري. مون کيس چيو ته: ”ڪرولا ۾ ڪجهه خرابي آهي ۽ اُن جي ٺيڪ ٿيڻ ۾ ٻه ٽي ڏينهن لڳندا، باقي ڪارونا تي آئون پاڻ ڪورٽن ۾ ويندس.“

هن سمجهيو ته مان کيس ڄاڻي واڻي انڪار ٿو ڪريان. بهر صورت جڏهن لاڙڪاڻي مان موٽي آيو ته مان هن جي چيمبر ۾ ويس ته هن تڙي ڏئي چيو :

”منهنجي چيمبر ۾ اچين ته اطلاع ڏئي ايندو ڪر.“

مون به غصي ۾ چيو :

”تاج محمد صاحب! تون يقين ڪر ته مان نه رڳو چيمبر ۾ بنا اطلاع جي نه ايندس، پر اطلاع سان به نه ايندس ۽ تنهنجي ڪورٽ ۾ نئون ڪيس به نه کڻندس ۽ جيڪي تو وٽ پراڻا ڪيس آهن، اُهي به ڪوشش ڪري منهنجو جونيئر تو وٽ هلائيندو يا ٻئي ڪنهن وڪيل کي سُپرد ڪندس.“

ڪجهه مهينن کان پوءِ جمال ابڙي مون کي فون ڪيو ته هو سکر آيو آهي. هو غالباََ اُن وقت سنڌ پراونشل اسيمبليءَ جو سيڪريٽري هو. مون هن کان پڇيو:

ڪٿان ٿو ڳالهائين؟

جواب ڏنائين ته:  ”تاج محمد جي بنگلي تي لٿل آهيان.“

مون کيس چيو ته: ”رات جي ماني تاج محمد سوڌو مون وٽ کائجانءِ.“

رات جو مون وٽ تاج محمد سان گڏجي پراڻي سکر آيو. هن کي خبر نه هئي ته تاج محمد ۽ منهنجي وچ ۾ ڪائي به رنجش آهي. تاج محمد جڏهن ٽي پيگ پيتا ته وڃي آسمان تي پهتو ۽ ڀُٽي سان پنهنجي دوستيءَ جون ڳالهيون شروع ڪري ڏنائين. (مان ڀانيان ٿو ته اُهي ڪنهن حد تائين سچيون هيون ۽ ڪجهه وڌايل هيون.) رات جو اٽڪل هڪ بجي هو مون وٽان کِل خوشيءَ سان ويا. ڪجهه مهينن کان پوءِ مون ٻڌو ته تاج محمد جي ٽرانسفر ٿي آهي. هن جي پٽيوالي مون کي اچي چيو ته: ”تاج محمد اوهان کي سڏي ٿو.“

مون کي دل ۾ آيو ته انڪار ڪيان پر مون هن جي پٽيوالي کي ڪجهه چئي، هُن جي توهين ڪرڻ نه ٿي چاهي ۽ هن وٽ چيمبر ۾ هليو ويس. هو اٿي بيٺو ۽ مون سان هٿ ملائي چيائين:

”اياز! تون مون سان ناراض آهين.“

مون کيس چيو: ”هائو“

ان تي چيائين: ”مان ٽرانسفر ٿيو آهيان ۽ توسان ڪجهه وضاحت ڪرڻ ٿو چاهيان. جڏهن ڀٽو وزير اعظم ٿيو ته لاڙڪاڻي ۾ مون کي چيائين ”تاجو، مان تنهنجي لاءِ ڇاڪيان؟ مان ساري عُمر اي . پي . پي ٿي رهيو هوس، سو هن کي يڪدم چيم ته: مون کي ائڊيشنل سيشن جج ڪَر، جي هن کي چوان ها ته هاءِ ڪورٽ جو جج ڪر ته اهو به ڪري ها.“ ڀٽي مون کي چيو ته، ”تاجو، تون هفتي ۾ ائڊيشنل جج ٿيندين.“ پوءِ جڏهن مان سکر ۾ ائڊيشنل سيشن جج ٿي آيس ۽ ڏٺم ته قلم جي هڪ صحيح سان ماڻهوءَ کي ڦاسي ڏئي ٿو سگهان تڏهن مان ٽرڙو ٿي پيس. معاف ڪجانءِ جو مان توسان به ٽرڙائپ سان پيش آيو هوس.“

مون سندس ڪلهي تي هٿ رکي چيو : ”تاجو، وڌيڪ ڪجهه نه چئجانءِ! اهو ڪافي آهي، تون منهنجي لاءِ ساڳيو ڪامريڊ تاجو آهين، مون کي ڪابه غلط فهمي نه آهي.“

تاج محمد پوءِ خيرپور ۾ سيشن جج مقرر ٿيو ۽ غالباََ ٺٽي ۾ سيشن جج هو ته هن رٽائر ڪيو ۽ پوءِ جلد ئي گذاري ويو.  انا لله وانا الھ راجعون

هن جهڙا صاف گو ۽ صاف دل انسان مون ٿورا ڏٺا آهن.

جڏهن جمال ابڙي جي ڳالهه نڪتي هئي ته مان هُن سان وري ٿر جي سفر تي اسلام ڪوٽ موٽان ها، پر سکر ۽ خيرپور جو احوال رهيل آهي. ان ڪري اهو به ٿورو گهڻو لکندو هلان. زندگي هونءَ به مسلسل سفر آهي ۽ وقت جي گهوڙي جي واڳ منهنجي هٿ ۾ آهي، جيڏانهن وڻي ان کي ڦيرايان. هونءَ ته مون کي شڪارپور، ڳڙهي ياسين ۽ جيڪب آباد جي سفر جي باري ۾ به ڪجهه لکڻو آهي پر اهو پوءِ موقعي ۽ مناسبت جي احوال سان لکندس. مون ۾ غالب واري ڪيفيت نه آهي ته:

هي رو مين رخشِ عمر، کهان ديکهئي تهمي

نا هاتهه باگ پر هي نه پاهي رکاب مين

(عمر جو گهڙو ڊوڙائي رهيو آهيان، ڏسجي ته ڪٿي ٿو رڪجي،  نه هٿ واڳ تي آهي نه پير رڪاب ۾)

منهنجو ته هٿ به اُن جي واڳ ۾ آهي ۽ پير به ان جي رڪاب ۾ آهن. جيڏانهن وڻي ان کي موڙي ٿو سگهان پر في الحال سکر ۽ خيرپور وٽ اُن جون واڳون ڇڪي، وري نظر ڊوڙايان ٿو.

ڪجهه وقت اڳ پاڪستان جو ڊفينس سيڪريٽري سليم عباس جيلاني به سکر ۾ سيشن جج هو، جو مقصود احمد حميديءَ جو گهرو دوست هوندو هو، ٻئي سي. ايس. پي هئا. هڪ ڀيرو ته هو حميدي صاحب سان گڏ منهنجي گهر آيو ۽ گڏجي ماني کاڌي هئيسين. ان کان پوءِ هو عدليا ڇڏي، انتطاميه ۾ هليو ويو. هو نهايت فهميدو ۽ سمجهدار انسان آهي، پر مان هن سان دوستيءَ جي دعويٰ نه ٿو ڪري سگهان. ان کان پوءِ هڪ ڀيرو مون سان ڪراچيءَ ۾ مليو، جڏهن هو  ڪي. اي. ايس. سيءَ جو چيئرمين هو ۽ مون کي پاڻ وٽ اچڻ جي دعوت ڏنائين، پر مون کي ٿوريءَ دير ۾ حيدرآباد موٽڻو هو ۽ هن ڏانهن وڃي نه سگهيس . بعد ۾ هن سان ڪا ملاقات ٿي نه سگهي.

سکر ۾ سمندر خان منهنجو جونيئر هو. هو عمر ۾ مون کان وڏو هو. هن جون ڳالهيون گل محمد شيخ مون سان ڪندو هو جو مون سان گڏ روپ ولاس هاسٽل ۾ رهندو هو ۽ پوءِ ٺٽي جو ڊپٽي ڪمشنر ٿي رٽائر ٿيو هو. هو سنڌ جي سنڌباد جهازيءَ ۽ مشهور مصنف انجنيئر الطاف شيخ جو پيءُ آهي. (اميد ته هو بقيد حيات هوندو) ٻئي خاڪسار هوندا هئا ۽ ان ڪري هڪ ٻئي جا دوست هوندا هئا. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ (سنڌي لينگويج اٿارٽيءَ جو اڳوڻو چيئرمين۽ لوڪ ادب جو ماهر) به هن جو دوست هوندو هو، ڇوته انهيءَ کي به جمال ابڙي وانگر خاڪسار تحريڪ جو پس منظر آهي ۽ مون کي ياد اچي ٿو ته جڏهن هو ٻه ڀيرا سکر آيو هو ته سمندر خان جي اوطاق تي لٿو هو. سمندر خان اوچتو دل جي دؤري سبب گذاري ويو. هو مختيارڪار هو پر پوءِ پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي وڪالت شروع ڪئي هئائين ۽ ڪجهه وقت ٽريننگ لاءِ مون سان رهيو. هن کي فقط اها عادت هوندي هئي ته هر ڳالهه تي کلندو هو. هن لاءِ مشهور هو ته ڪنهنجي تڏي تي ويو ته ٽهڪ ڏئي چيائين:

”ها..... ها..... ها...... ويچارو مري ويو!“

مان ڀانيان ٿو، اها ڳالهه ڪوڙي هئي، ڇوته هو هڪ خداترس انسان هو ۽ صوم وصلوات جو پابند هو، پر مون سان هڪ ڀيري ساڳي تعدي ڪيائين، مان 1965ع واري جنگ دوران سکر جيل ۾ ٽي مهينا نظربند هيس. اها منهنجي خلاف سازش رٿي وئي هئي ۽ اُهي سازش رٿڻ وارايا منهنجي آڏو اچڻ وارا ان وقت يا ان کان ڪجهه وقت پوءِ، ازخود نيست ونابود ٿي ويا. رشيد ڀٽيءَ وٽ اهڙن ٻه سئو ماڻهن جي لسٽ هوندي هئي، جن کي موت ناري واهه جي واڳوءَ وانگر ڳڙڪائي ورتو ۽ جي اُها ڪوئي پڙهي ها ته مون کي صاحبِ ڪرامت سمجهي ها. مون ڳالهه ٿي ڪئي1965ع ۾ سکر جيل مان ڇُٽي اچڻ جي. ان جو ڪي قدر احوال مون ”ساهيوال جيل جي ڊائري“ ۾ ڏنو آهي ۽ باقي مناسب وقت تي ڏيندس. هتي رڳو مرحوم سمندر خان جي باري ۾ ٿو لکان!

مان ٽانگي تي ليوڪس پارڪ وٽان وڃي رهيو هوس (غالباََ منهنجو ڊرائيور بيمار هو) ۽ سمندر خان ليوڪس پارڪ وٽان پنڌ اچي رهيو هو. مون کي ٽانگي تي ڏسي وڏو ٽهڪ ڏنائين ۽ پڇيائين:

”ها... ها... ها...جيل مان ڇُٽي آئين؟“

مون هن جو ٽهڪ ٻڌي ٽهڪ ڏنو ۽ کيس جواب ۾ چيو:

”ها... ها... ها... سمندر خان تنهنجي دُعا سان ڇُٽي آيس، وار ئي وِنگو نه ٿيو.“

سمندر خان وري ٽهڪ ڏنو، جو ڄڻ سنڌ جي تاريخ تي ٺٺوليءَ وانگر هو. 

مرحوم سمندر خان ڪنهن وقت پاڻ تي به ٽهڪ ڏيندو هو. هڪ دفعي هن مون کي ٻڌايو ته هو لاهور مان ريل ۾ فرسٽ ڪلاس ۾ اچي رهيو هو. هن جي ڀرسان هڪ شخص ويٺو هو، جو شڪل صورت ۾ سنڌي ٿي لڳو. سمندر خان هن کان نالو پڇيو. هن جواب ڏنو”دريا خان“ هو، دريا خان کوسو هو، جو اسيمبليءَ جو ميمبر هو. دريا خان موٽ ۾ سمندر خان کان نالو پڇيو. هن چيو”سمندر خان.“ دريا خان ان تي ڪاوڙجي ويو ۽ هن سمجهيو ته هُن جو همسفر هن تي ٽؤنڪ ڪري رهيو آهي. سمندر خان ٽهڪ ڏئي مون کي ٻڌايو:

”ها... ها... ها... مون کي هن کي مطمئن ڪرڻ ۾ ڪلاڪ لڳوته واقعي منهنجو نالو ”سمندر خان“ آهي.“

سمندر خان منهنجو پاڙيسري هو ۽ هن جو پٽ مقصود مغل منهنجو جونيئر هو. هُو به کلڻو ۽ رلڻو ملڻو آهي. هو صادق ڀٽيءَ سان گڏ منهنجو تيستائين جونيئر هو جيستائين مون سکر ڇڏيو. هن پنهنجي فرشتا صفت ماءُ جي ڏاڍي خدمت ڪئي هئي جا وفات کان اول ساندهه پنج سال فالج ۾ مبتلا هُئي. هڪ کٽ تي سُتي پئي هوندي هئي. ماءُ جي پيرن هيٺان هڪ بهشت نه، ست بهشت آهن. بيمار ماءُ جي خدمت کان ڪوئي به ثواب وڏو ٿي نه ٿو سگهي. مان هن وقت تائين ان ڪري زنده آهيان جو مون کي ماءُ جون دعائون آهن. ماءُ جي دعا هر بديءَ خلاف ديوار هوندي آهي. اها غيب جي هر يلغار کي روڪي سگهندي آهي. ساڳيءَ طرح هن جي پِٽ لوحِ محفوظ تي ليڪ هوندي آهي. ان کي ڪوبه مٽائي نه سگهندو آهي. پر مون ماءُ جي ٿوري خدمت ڪئي هئي، جي اڃا وڌيڪ ڪيان ها ته ”سئو سالن جي عمر تائين پنهنجي گهر ۾ ”عزرائيل جي داخلا ممنوع آهي.“ جو بورڊ در جي ٻاهران هڻي سگهان ها.

صادق ڀٽي به هڪ خوش گفتگار انسان آهي. هن جي والد سڪندر ڀٽيءَ سان منهنجي نياز مندي رهي آهي، جنهن جي عمر هاڻي پنجاسي ورهين کان وڌيڪ آهي. اهو به اسان جي جيم خانه ڪلب جو ميمبر هوندو  هو پر ٽينس راند کيڏي گهر هليو ويندو هو ۽ شراب کي هٿ نه لائيندو هو. هو پروفيسر مسرت مرزا (مصوره) جي مرحوم والد مرزا فضل حسين صاحب  جو گهرو دوست هو ۽ اڪثر ان جي صحبت ۾ نظر ايندو هو. مرحوم مرزا صاحب جا پير پاڳاري سان گهرا تعلق هوندا هئا ۽ هو هن باري ۾ اڪثر مون سان ذڪرڪندو هو. جڏهن به مان خيرپور ڪيس هلائڻ ويندو هوس ته منهنجي ڪار صادق ڀٽي هلائيندو هو. هن جو ڀيڻويو آرميءَ ۾ ڪرنل هوندو هو ۽ اسان سياست ۾ آرميءَ جي ڪردار تي بحث ڪندا ويندا هياسين.

مان دراصل ڪيترن ئي سالن کان خيرپور ۾ ڪجهه ڪيس کڻندو هوس، ڇوته سکر کان خيرپور تائين خوبصورت رستو ٻنهي پاسن کان کجورين جي باغن سان جهنجهيل هوندو هو، جن ۾ جهمڪن وانگر ڏوڪن جا ڇڳا لڙڪنداهئا. باغن ۾ ڪجهه انبن جا وڻ به هوندا هئا. کجين جي وچ ۾ لوسڻ ۽ برسيم لهرائيندو هو ۽ ساوڪ اکين کي ٿڌاڻ پهچائيندي هئي. هونءَ ته جڏهن جهَولا لڳندا هئا، ڏنگ ڏوڪا ۽ انب پچندا هئا تڏهن واءُ لونءَ کي لهسائيندي هئي ۽ مُنهن تپي ٽامڻي هڻي ويندو هو. پوءِ به مان ڪار جو ايئر ڪنڊيشنر نه هلائيندو هوس ۽ انهيءَ ڪوسي هوا جو لطف وٺندو هوس جا ننڍي هوندي منهنجي روح ۾ سمايل آهي. سکر کان خيرپور تائين ڪار ۾ سفر مون کي نئين زندگي ڏئي ڇڏيندو هو. منهنجي وائيس چانسلر ٿيڻ کان پوءِ خيرپور ۾ اڳ کنيل ڪيس جناب غوث علي شاهه هلائي پورا ڪيا، جو گذريل گورنمينٽ ۾ ڊفينس منسٽر (وزير دفاع) هو ۽ ٻئي ڀيري منهنجي بيماريءَ کان پوءِ سکر هاءِ ڪورٽ جي مشهور وڪيل اسلم جعفري هلائي پورا ڪيا، جنهن لاءِ مان ٻنهي جو بيحد ٿورائتو آهيان.

ڪڏهن ڪڏهن مان ڪيس هلائي تنوير عباسيءَ ۽ سندس بيگم قمر عباسيءَ جو سلام ڀري ايندو هوس. هنن سان منهنجا تعلقات ٿڌا ٿي ويا هئا، ان ۾ سراسر منهنجو قصور آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته تنوير کي ادبي دنيا ۾ منهنجي پذيرائي پسند نه ايندي آهي. پر تنوير جو مرحوم ڀاءُ الطاف عباسي منهنجو ۽ نعيم دريشاڻي جو گهرو دوست هو ۽ هنن سان منهنجون ڪيئي راتيون گڏ گذريون هيون. هو جڏهن گذاري ويو ته مان تنوير وٽ فاتحه لاءِ نه ويس ۽ رڳو هن جي ڀاءُ عبدالبني عباسيءَ وٽ فاتحه لاءِ ويس، جو اُن وقت حيدرآباد ۾ ايس. اي هو ۽ ان کي ڪافي سمجهيم ڇوته مرحوم الطاف جي گهر واري به هُن وٽ رهيل هئي.

تنوير جي زال قمر عباسيءَ جي والده گذاري وئي ته ڪيتري وقت کان پوءِ مان هن جي گهر فاتحه لاءِ ويس، سو به جڏهن خيرپور ڪئمپس جي انسپيڪشن لاءِ ويو هوس. اُن وقت شايد شهيد ڀُٽي کي ڦاسي اچي چُڪي هئي. قمر مون سان گهر ۾ ايترو سختيءَ سان ڳالهايو، (اُن ۾ هوءَ ڪنهن حد تائين حق بجانب به هئي) جو مان ان کان پوءِ ڪيئي سال نه ويس ۽ پهريون ڀيرو تڏهن ويس، جڏهن نوڪريءَ جي خاتمي کان پوءِ منهنجو نئون ڪتاب ڇپيو هو، جنهن جي ڪاپي تحفي طور کڻي مان تنوير کي پهچائي هئي.

خيرپور ۾ ڪيس مان ان ڪري به کڻندو هوس جو مون کي سکر وانگر خيرپور جي هاري طبقي سان واسطو پوندو هو. اُتر سنڌ جا هاري مون کي سنڌ جي بي گهر هاريءَ وانگر لڳندا هئا ۽ سکر، خيرپور، ٺري ميرواهه، شڪارپور، ڳڙهي ياسين، جيڪب آباد، ميرپور ماٿيلي، اُٻاوڙي ۽ انهن جي پسگردائيءَ جي ڳوٺن جا ڪيترائي ڪيس گهٽ فيءَ تي کڻندو هوس ڇوته اتان جا ماڻهو نه رڳو مظلوم هئا، پراُنهن سان ڪچهريون ڪري مون کي نه رڳو ڳوٺاڻي جيون جي باري ۾ پتو پوندو هو، پر سنڌيءَ جا سوين لفظ ڌيان تي اينداهئا، جي پرمانند ميوارام جي ڊڪشنريءَ ۾ به ڪونه هئا. جنهن جي مون وٽ هڪ پراڻي ڪاپي هئي. منهنجو خيال هو ته صحيح معنيٰ ۾ جي انسان ڏسڻو هجي، جنهن ۾ ماڻهپو آهي، مريادا آهي، پر آپي پڻو ڪونه آهي، شهر جي دغا ۽ فريب جي ماحول کان دوري آهي، ويساهه آهي، خدا ۽ تقدير تي مڪمل ڀروسو آهي ۽ جو رضا تي راضي آهي ته اهو سنڌي هاري آهي.

ائين آهي ته هن ۾ ساٿ ساٿ دهشتگرديءَ جو عنصر به آهي. هر وڏيري جا ظلم، سماج جي رسم و رواج جا ظلم، ڪاموري ڪَڙي جا ظلم، ٻيلي کاتي ۽ آبپاشيءَ وارن جا ظلم ۽ ٻيا طرح طرح جا ظلم ڏسي اندر ۾ چور چور ٿي پيو آهي ۽ پوءِ جڏهن هن کي بندوق ملي وڃي ته پاڻي جي واري تي، آواندن جي رکواليءَ تي، ٻنيءَ جي ڪَڙئي سان کؤنس تي، ڪوڙي اَنا جي تسلي لاءِ ڀيڻ، ماءُ، سئوٽ جي چادر چؤديواري لاءِ، پاڻ جهڙي مظلوم ڀاءُ جي سيني ۾ گولي هڻي ٿو يا گهر جي ڀاتيءَ جي رت ۾ هٿ رڱي ٿو ۽ پوءِ   جڏهن هن جو روح پٿر ٿي وڃي ٿو ته هُو ڪلاشنڪوف کڻي ٿو، ڌاڙا هڻي ٿو، ماڻهو اغوا ۽ قتل ڪري ٿو.

مون کي انهن هارين جي زندگين جا قصا ڪهاڻيون وڻنديون هيون، مان انهن سان ڪافي وقت رهاڻيون ڪندو هوس. هنن کان ٻهراڙيءَ جي زندگيءَ جي باري ۾ ۽ اتان جي وڻن ٽڻن، ڍنڍن ڍورن، پکين پسن، مڙسن زالن، اُنهن جي چڱاين مَٺاين،ڏکن سکن، رسمن ريتن جي باري ۾ پڇندو هوس. چيخوف شهر ۾ ڊاڪٽري ڪندو هو پر هن کي ٻهراڙيءَ جي ماڻهوءَ جي پوري خبر هئي، ڇوته هن جا مريض ٻهراڙيءَ جا هونداهئا. پاڪستان ۾ اردوءَ جو شاعربنياديءَ طرح شهري آهي ۽ هن جو ٻهراڙيءَ جي ماڻهوءَ سان ڪوبه واسطو نه آهي. مون پنهنجي موَڪلن سان ڪچهريون ڪري تترن جي شڪار جي طريقن ۽ ڪارن، ڀورن، ايراني تترن جي عادتن جي معلومات حاصل ڪئي، ڍٻيءَ جي شڪار جي باري ۾ تفصيل به ورتا، بگهڙن ۽ هرڻن کي ڦاسائڻ جا طريقا ڄاتا. هرڻن جي شڪار کي شڪاريءَ جي اکين سان ڏٺو. پلن جي ڀَن جي شڪار ۾ به شريڪ رهيو آهيان. 

پراڻي سکر ۾ اسان وٽ ڪوئي مهاجر شڪاري هو، جيڪو پکين مارڻ واري بندوق ۽ ڇرا کڻي ساري پراڻي سکر جا چڪر ڏيندو هو ۽ جڏهن به ڪوئي ڪبوتر ڏسندو هو، تڏهن ان تي فير ڪري ان کي ماري ڇڏيندو هو. مهاجر ڇوڪرا جن کي بندوق نه هوندي هئي، اهي منهنجا سارا ڪبوتر گليل سان ماري ويا. جي منهنجي گهر جي چوٿين ماڙيءَ تي ويٺا هوندا هئا. ائين جڏهن مهاجر نوان نوان آيا هئا، تڏهن انهن ڪراچيءَ جي ٿياسافيڪل هال ۽ ٻين جگهن تي سارا ڪبوتر ماري کاڌا هئا، ڇوته اهي حلال هوندا هئا. سنڌ ۾ ڪبوتر کي سيد سمجهندا آهن ۽ هن کي مارڻ بُرو لڳندو آهي. مون نه رڳو ٽرافلگر اسڪوائر لنڊن ۾ پر ٻين ڪيترن جگهن تي ڪئي ماڻهو ڏٺا آهن، جي ڪبوترن کي ڍير سارو چوڳو وجهندا آهن ۽ انهن کي مارڻ جو تصور به نه ڪندا آهن. مان ڀانيان ٿو ته چيني بنيادي طرح بي رحم قوم آهي. مائوءَ جڏهن ڏٺو ته جهرڪين جي وِٺين سان بيجنگ جي ڀتين جو رنگ خراب ٿي رهيو آهي ته هن حڪم ڏنو ته بيجنگ ۾ ساريون جهرڪيون ماريون وڃن. نتيجو اهو نڪتو ته ڳاڙها ڳڀرو جهرڪين جي ڪاهي ڪڍ پيا ۽ بيجنگ ۾ هڪ جهرڪي به نه ڇڏيائون. اسان جي رسول اڪرم صه کان هڪ روايت منسوب آهي ته هن وٽ هڪ ماڻهو غاليچو کڻي آيو ۽ چيائين:

“يارسول خدا! مان هڪ جهنگ مان وڃي رهيو هوس ته ننڍڙن پکيئڙن جا آواز ٻڌم. مون انهن کي غاليچي ۾ ويڙهيو. ايتري ۾ هنن جي ماءُ پرڙا ڦڙڪائيندي آئي، مون هن جي ٻچن کي غاليچي ۾ وري ويڙهيو ۽ اهي توهان لاءِآندا اٿم.“

رسولِ خدافرمايو ته:  ”انهن کي هيٺ ڌرتيءَ تي رک.“

انهيءَ ماڻهو جڏهن ائين ڪيو، تڏهن انهن پکيئڙن جي ماءُ انهن وٽ اچي پهتي. ان تي رسولِ ڪريم صلي الله وسلم چيو:  ”توکي ٻچن لاءِ ماءُ جي پيار تي تعجب نه ٿو ٿئي! مون کي خداءِ ذوالجلال جو قسم آهي ته خدا پنهنجي مخلوق سان اِنهيءَ ماءُ کان به وڌيڪ پيار ڪري ٿو. انهن پکيئڙن کي اُتي موٽائي رکي آءُ، جتان تو اها کنيا آهن ۽ انهن کي انهن جي ماءُ سان رهڻ ڏي.“

گهڻا ماڻهو  اِها روايت هانوَ سان هنڊائي سگهيا آهن؟

اسان جي گهر جي بالڪونيءَ ۾ ڪبوتري ڪک ڪٺا ڪري، انهن تي آنا لاهيندي آهي ۽ اهي اتي پيل صندليءَ جي هيٺان رکي، انهن تي آرو ڪندي آهي. جيستائين اُها آنا ڦوڙي، ٻچا وڏا نه ڪندي آهي، تيستائين منهنجي زال زرينا ڪنهن ٻار کي بالڪنيءَ ۾ وڃڻ نه ڏيندي آهي. هوءَ ٻن ٽن پاٽن ۾ پاڻي ۽ چوڳو به وجهي رکندي آهي، جنهن تي ڍير سارا پکي اچي مڙندا آهن. مان ڀانيان ٿو ته انسانيت جي بهترين نشاني پکين سان پيار آهي. مون مِرن جي شڪار جي باري ۾ تفصيل معلوم ڪيا آهن ۽ نهايت غور سان ڏٺو آهي ته انسان ڪيتريءَ حد تائين اشرف المخلوقات نه آهي.

مان هتي هڪ غير معمولي سنڌي ڪسان سان پوري ڪچهري لکان ٿو جيئن پڙهندڙ اندازو لڳائي سگهن ته منهنجو ڪهڙن ماڻهن سان ڪم پوندو هو! وڪالت جي پيشي ۾ رهي به منهنجي ڪيفيت اُها هئي، جا غالب هيٺئين شعر ۾ اظهاري آهي:

گو مين رها رهينِ هائي روزگار،

ليکن تري خيال سي غافل نهين رها.

ترجمو: جيتوڻيڪ مان زماني جي ڏاکڙن ۾ جڪڙيل هوس.  تڏهن به تنهنجي خيال کان غافل نه هوس.

الهوڌايو انڍڙ، ميل انڍڙ ، تعلقي پني عاقل جو ويٺل هو، سعدپور ۽ صالحاڻي ٻيلي جي دنگ تي هن جو گهر هو. هن جي سڄي خاندان کي 35 ايڪڙ زمين هئي جا ديهه سعدپور، صالحاڻي ۽ هنڱورجا ٻيلي ۾ ٻين جي زمين سان گڏ سرڪار پنهنجي مقصد لاءِ کنئي هئي. مون انهيءَ زبردستي قبضي خلاف سڀني جي هاءِ ڪورٽ ۾ رٽ پٽيشن داخل ڪئي هئي، جنهن ۾ تر جا ڪيئي هاري عرضدار هئا.

الهوڌائي انڍڙ جي عمر سٺ سالن کان مٿي هئي ۽ اتر جي هر سنڌي هاريءَ وانگر هو مٿي تي سنڌي ٽوپي، بدن تي سادو چولو، گوڏ ۽ پيرن ۾ چمپل پائيندو هو.

مرحوم عبدالقادر انڍڙ هاري ليڊر هوندو هو ۽ انهيءَ کان الهوڌائي ٻڌو هو ته اِهي ٻيلا انگريزن1884ع ۾ رکايا هئا. اُنهن ۾ ڪَنڊا، لَوا، کبڙ، ڦاڙهه، ڪانڊيرا، اڪ وغيره ٿيندا هئا. صدر ايوب جي زماني ۾ اهي ٻيلا ڪٽيا ويا هئا ۽ اُتي زمينون ٺاهيون ويون هيون، جي رٽائر ٿيل فوجين ۽ ٻين سرڪاري آفيسرن کي الاٽ ڪيون ويون هيون. مارشل لا ريگيوليشن 115هيٺ ڀٽي صاحب انهن زمينن مان هر هاريءَ کي سورنهن ايڪڙ ڏنا هئا، پر دراصل ڪامورن اُنهن سورنهن ايڪڙن جو قبضو کين نه ڏنو هو. الهوڌائي ۽ هن جي هاري دوستن جا انهن ٻيلن ۾ گهر هئا. (مون ته هي نوٽ ڪهاڻيءَ لاءِ ورتا هئا پر ڪهاڻي لکڻ کانسواءِ اهي اکر به اکر ٿو ڏيان ۽ جيڪڏهن انهن ۾ هن سفرنامي سان تسلسل نه ملي ته ان ڳالهه کي نظر انداز ڪيو وڃي. مان اهو ڏيکارڻ ٿو چاهيان ته سنڌ مان مون کي شاعريءَ لاءِ مواد ڪيئن مليو آهي.)

انهن ٻيلن ۾ پالتو جانورته اُٺ، ٻڪريون، رڍون ۽ مينهون هونديون هيون. ڪجهه ڳئون به هونديو هيون ۽ جهنگلي جانور بگهڙ، گدڙ، سهڙ، سوئر، ڄانگها، ڦاڙها، سيڙهه، لونبڙ، کٿور ٻلو (ان جي جسم ۾ خوشبو ٿيندي آهي ۽ جتان لنگهي ويندو آهي ته اتان ڪافي وقت اها نه ويندي آهي) ٿين. ٻيلن ۾ پکي، ڳيرا، ڪٻريون، ڪانوَ، باز، سرڻيون، (جي ڪنڊيءَ يا لئيءَ تي آکيرا ٺاهينديون هيون .) ڪاري ڪڻڇي، هيڙها، ڍانڍيئڙا، ڀُوريون، تتر، (بگڙا، ڪارڙا ۽ ٻاٽيرا) چٻرا، مَتاءُ پکي، هدهد، ٽيٽيهر، ڇاپاڪي پکي هوندا آهن. پکين جو عادتون ٻڌائيندي هُن چيو ته: 

”چٻرو وڻ جي پور يا ڏرڙ ۾ آکيرو ٺاهيندو آهي، جيڪڏهن ماڻهو هن کي اکيون ڦوٽاري ڏسندو آهي ته هو به موٽ ۾ ماڻهوءَ کي اکيون ڦوٽاري ڏسندو. ماڻهو هن کي شوڪي ڏسندو آهي ته هُو به موٽ ۾ ماڻهوءَ کي شوڪي ڏسندو آهي ۽ جي ماڻهو هن جا ويچارا ڪڍندو آهي، ته هو به ماڻهوءَ جا ويچارا ڪڍندو آهي. ٽيٽيهر لاءِ عام ماڻهو چوندا آهن ته اها ٽنگون مٿي ڪري سمهندي آهي ته جيئن آسمان مٿانئس ڪِري نه پوي. هَرَ ڪاهيل زمين ۾ ڦوڙن يا ڀينڊن ۾ جاءِ ٺاهي، آنا لاهيندي آهي ۽ ٻچن کي ڪُڪِڙين وانگر چڳائيندي آهي.“

هن جي پوئين عادت ڏسي، هن کي ڪميونسٽ پکي نه ٿو چوان، نه ته پهريون ٻه عادتون هن جي اشتراڪي فطرت جي نشاندهي ڪن ٿيون.

”ڇاپاڪي رات جو ماڻهوءَ جي اڳيان اچي ويهندي آهي. رنگ مٽيءَ وانگر ميرو ٿيندو اٿس. ماڻهو سولو ايندس ته شُو ڪري اڏامي ويندي.


 


[1]         وري جـــٽـــائــــــن ۾ گهــــٽـــائــــــون جهــــومــــي

جـــــڏهـــــــن مڌ شالائون ڪُلهن تي کڻي آيون

سڀاڻي جــــــــي چـــــپن تي مرڪ ٽڙي پئي

جڏهن ڪوئي ڪالهوڪي مڌ جي کيپ ۾ الوٽ آيو

انــــهـــــيءَ اونـــــــــده ۾ ويــــــــــر اَلـــــــــــڙ آئـــــــي

جنهن جي اونهائيءَ جو پتو پئجي نه سگهندو،

چــــنــــــــڊ تـــــــــارن جـــــــــــا ســـــونـــــهــــــري اکر

جـــنــهـــــن جـــــي لـــهـــو لـــهــــو تــــي لــکــيــا ويندا

 

[2]         طلب جي راهه ۾ ساهه

تمنا طبلي وانگر وڄي رهي آهي

قيد- ڪڙين ۾ رهندڙن جي چپن تي چنگ ۽ پيرن تي زنجير آهن

۽ قيد جون ساريون کڙڪيون کليل آهن

هُل ٿي ويو آهي.

 

[3]      ساهه جو ساز پوءِ جي هيو جي هر چوٽ سان

هڪ ولولي وارو مڌر ميلاپ آهي

ڌرتيءَ جي ڇاتيءَ مان ڄڀيون نڪري رهيون آهن

تمنا طبلي وانگر وڄي رهي آهي

ڏسو، هاڻي هستيءَ سان سڀ ناتا ٽٽي چڪا آهن

۽ قيدي آزد ٿي چڪا آهن

زمين جي فرش کان اتاهي عرش تائين

هڪ عجيب روشنيءَ جي لس ليٽ آهي

جنهن ۾ سنسار ٻُڏي ويو آهي

طلب جي راهه ۾

تمنا طبلي وانگر وڄي رهي آهي

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org