سيڪشن؛شاعري

ڪتاب: ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر

 شيخ اياز

صفحو :1

ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر

جلد پهريون

شيخ اياز

 

ٻه اکر

هن ڪتاب ۾ چين ۽ ٻُڌ ڌرم جو ذڪر ڪندي ڪيئي سنسڪرت جا لفظ ڪم آندا ويا آهن، جيئن ان دؤرجي فضا ۽ فلسفي کي چڱيءَ طرح اُڀاري سگهجي. اهي لفظ اسان جي سنڌيءَ ۾ مستعمل نه آهن. ان ڪري فوٽ نوٽن ۾ انهن جا هم معنيٰ سنڌي، فارسي يا عربي  لفظ  ڏنا ويا آهن، جي اسان لاءِ اجنبي نه آهن.

هن ڪتاب ۾ ذڪر ڪيل هر شخص جو منهنجي زندگيءَ جي ريگزار ۾ مستقل نقشِ پا آهي. مون ڪنهن کي به دانستاََ نه رنجايو آهي، پر جيڪڏهن ڪائي لغزش قلم کي غير دانسته طور اچي وئي آهي ۽ ڪنهن کي رنج رسائيو اٿائين ته مان هن کان معافي طلب آهيان. هُن جي معروضي وجود جو عڪس جيئن منهنجي دل جي آئيني ۾ پيوآهي، ائين ئي مون هن جي عڪاسي ڪئي آهي.

هي ڪتاب سفرنامو به آهي ۽ منهنجي سرگذشت جو هڪ حصو به آهي ۽ جي عمر ايتري وٿي ڏني ته ان جا ٻيا حصا به لکي پورا ڪندس.

ان ڪتاب جي تڪميل ۾ روزاني ”برسات“ جي چيف ايڊيٽر شپ ۾ گذاريل ڪجهه مهينن کان پوءِ، مان اسپتال ۾ موت کي پٺ تي ڌڪي موٽي آيو آهيان، شايد الله کي مون کان ڪو ڪم وٺڻو هو. مون کي هاڻي يقين ٿي ويو آهي ته انسان جو ڄم ۽ موت لوح محفوظ ۾ لکيل آهي، جنهن ۾ ڪائي ردوبدل نه ٿي ٿئي. مون اسپتال مان نڪري شاعريءَ جا چار ٻيا ڪتاب لکيا آهن، جن کي ٽئنگور جي آخري ڪتاب ”مرتيو پنک“ “Wings of death” واري ڪيفيت آهي. انهن جي پيشِ لفظ ۾ ساري حقيقت لکڻ ٿو چاهيان، جا منهنجي آخري شاعريءَ جو محرڪ جذبو آهي. عالم الغيب ۾ ڪنهن جهاتي پاتي آهي! معلوم نه آهي ته قدرت ڪيترو وقت منهنجي لاءِ اڃا رکيو آهي ۽ ڪڏهن هلندڙ گهڙيال جون سُيون بيهجي وينديون

مان فلسفي نه آهيان، نه وري ڪوبه وڏو شاعر فلسفي هو. هن جي هر سٽ ۾ جابه گهرائي آهي، اُهاڪنهن به فلسفيءَ جي تحرير ۾ ورلي ملندي. مشهور فلسفي اوس پينسڪيءَ پنهنجي مشهور ڪتاب  In search of Mysterious ۾ چيو آهي ته ”روح جي ابديت لاءِ ڪافي جدوجهد جي ضرورت آهي ۽ ان کي بلور وانگر شفاف بڻائڻو (Crystallize) ڪرڻو پوي ٿو .“ اها چوڻي جيتوڻيڪ منهنجي مذهبي عقيدي سان ڪي قدر متضاد آهي، پر پوءِ به غور طلب آهي. مان هتي آرٽ جي مسلسل تخليق ۽ ان جي جدوجهد تي وڌيڪ لکڻ نه ٿو چاهيان، ڇوته ڪتاب ڪافي لنبو ٿي ويو آهي. آخر ۾ مان پنهنجي دوست جمال ابڙي جو احسان مند آهيان، جنهن ويهارو نشستون ڪري اُهي واقعا لکرايا, جي اسان جي سفر م پيش آيا هئا. مان پنهنجي دوست غلام ربانيءَ ۽ محمد ابراهيم جوئي جو به ٿورائتو آهيان، جن انهن ۾ اضافو ڪيو. مان قاضي منظر حيات جو به بيحد ٿورائتو آهيان، جنهن نهايت جانفشانيءَ سان منهنجو ساٿ ڏنو.

آخر ۾ مان جناب فيروز احمد جو ٿورائتو آهيان جنهن هن وقت تائين پنهنجي اِشاعت گهرمان منهنجا ٽيهه ڪتاب ڇپرايا.

1 ڊسمبر 1994                                شيخ اياز

 

 

 

ڪنهن چيو آهي ته انسان ذات احسان جو اظهار اڪثر نوازش وقت  ڪندي آهي. هاڻي جمال ابڙو سنڌ اسيمبليءَ جي سيڪريٽري شپ تي نوڪري پوري ڪري، گوشه نشين ٿي چڪو آهي ۽ مون کي هن مان توقع نه رهي آهي ته هو منهنجي ڪنهن سير سفر لاءِ انتظام ڪندو. مون هن کي فون تي چيو ته، ”مان ڪنهن ڀيرومل مهر چند تي نه ٿو ڇڏڻ چاهيان ته هو منهنجيءَ شاعريءَ جي ڇنڊڇاڻ ڪري لکي ته مون ڪهڙي ڳوٺ، شهر يا ديس جو سفر ڪيو آهي يا اُهي منظر، جي ڪنهن جاءِ جي نشاندهي ڪن ٿا، انهن کي مدنظر رکي قياس آرايون ڪري. ان ڪري بهتر ائين ٿيندو ته اُهو تون لک، ڇو ته يا تون مون سان سنڌ جي سير سفر ۾ اڪثر گڏ هئين ۽ ان جو عيني گواهه آهين يا جي مان ٻي ڪنهن سان گڏ ويو آهيان ته ان سفر لاءِ گهڻو ڪري انتظام تو ڪيو آهي.“ پر هن جواب ڏنو ته، ”مان باقي زندگي پنهنجو پوٽو ڏوهٽو ڪڇ ۾ کڻي، پنهنجي هالا واري پينگهي ۾ گذارڻ ٿو چاهيان، ان ڪري منهنجي ادب جي تخليق تي دل نه ٿي وري.“ مون کي اهو علم ته شروع کان هو ته جمال صوم صلوات جو پابند آهي ۽ ڪافي وقت مصلي تي گذاريندو آهي. هن جو نوراني چهرو، دراز ريش ۽ هٿ ۾ تسبيح ۽ ڳالهيون ٻڌي، اسلام جا حسن بصريءَ ۽ جنيد بغداديءَ جهڙا بزرگ ياد اچي ويندا آهن. جوانيءَ کان وٺي هو ٿور- ڳالهائو رهيو آهي. جيئن هن جون اکيون ٻئي کي ٽِڪ ٻڌي ڏسنديون آهن، ائين مون ٻئي ڪنهن جون نه ڏٺيون آهن. ها، قادر بخش نظاماڻيءَ جون اکيون به اهڙيون هيون جو مون کي ڀٽائيءَ جو استعارو ”اکين ۾ انبور“ ياد اچي ويندو هو. نظاماڻي، جو ٻيو سنڌي هو، جنهن مولانا عبيد الله سنڌيءَ کان پوءِ روس جو دورو ڪيو هو ۽ ڪتاب ”مياڻيءَ جي جنگ“ جو مصنف آهي. جڏهن ون- يونٽ خلاف تحريڪ ۾ مان سرگرميءَ سان حصو وٺي رهيو هوس، تڏهن هو روسي سفارتخاني ۾ ڪوئي ڊائريڪٽر هو. هن منهنجي ڪراچيءَ جي چائنيز هوٽل ”هانگ ڪانگ“ ۾ دعوت ڪئي هُئي ۽ اتي گهڻو وقت مون کي ٻڌو هئائين. ان وقت ائين لڳي رهيو هو ته هن کي رُڪ جون اکيون هيون ۽ هو منهنجي ويچار ڌارا جي هڪ ماهر جراح وانگر وڍ ڪٽ ڪري رهيو هو.

هڪ ڀيري، جڏهن هو اسي ورهين جو ٿي چُڪو هو ۽ لنڊن ۾ هميشه لاءِ رهي پيو هو ۽ شايد اُتان جي شهريت به حاصل ڪئي هئائين، تڏهن هُو ڪرامويل هاسپيٽل لڳ منهنجي ڪرائي جي فليٽ ۾ آيو هو ۽ پيريءَ جي باوجود هُن جي اکين ۾ ڦُڙتي ۽ يڪ ٽڪائي ساڳي هئي. مون ڳالهيون ڪندي، هُن کان پڇيو، ”سائين، اوهان کي خدا اڃا به عمردراز ڏئي، پر جڏهن هينئر اوهان جي عمر جو آفتاب غروب ٿي رهيو آهي، اوهان جو خدا ۽ حيات بعد از ممات جي باري ۾ ڪهڙو خيال آهي؟ منهنجي سوال جي پس منظر ۾ ان ڳالهه جو احساس هيو ته قادر بخش ساري عمر اشتراڪي ٿي رهيو آهي ۽ سوڀي گيانچنداڻيءَ چواڻي بزنجي، مينگل ۽ خير بخش مريءَ کي صلاح مشورو هُو ئي ڏيندو هو. قادر بخش مون ڏانهن مُنهن ڦيري پهرين ته پڇيو، ”اهو سوال مناسب ۽ برمحل ڪيئن آهي؟“ (اسان ان وقت پاڪستان جي سياست تي بحث ڪري رهيا هُئاسين) پر پوءِ چيائين، ”توکي هڪ ڳالهه ٻڌايان ٿو . مان هاڻ ڪنهن ڪنهن وقت قبله رو ٿي نماز پڙهندو آهيان، ان ڪري نه ته مون کي جبين سائي جو شوق هوندو آهي، پر ان ڪري جو ائين ڪرڻ سان منهنجي دل کي تسڪين ملندي آهي“. لنڊن ۽ ساري مغرب جي اڄوڪيءَ ڀڄ ڊوڙ واريءَ حياتيءَ ۾ ۽ جنهن ذهني پيج وتاب مان نظاماڻي گذريو هو، ان کي مدِ نظر رکي، هُن جي اها تسڪين لاءِ طلب سمجهه ۾ اچي ٿي سگهي. پوءِ هن پنهنجي ڀائٽي ڊاڪٽر خير محمد نظاماڻيءَ کي هدايت ڪئي ته هو مون کي يرائيٽن گهمائي، جا لنڊن کان ستر ميل پري هُئي ۽ جنهن جو ذڪر مان پنهنجي ڪتاب ”اُڀر چنڊ، پس پرينءَ“ ۾ ڪري چُڪو آهيان .

ٻه مهينا اڳ جمال ابڙي فون ڪري چيو ته قادر بخش نظاماڻي ڪراچيءَ آيو آهي ۽ توهان سان ملڻ ٿو چاهي. مون جمال کان پڇيو ته نظاماڻيءَ جي طبيعت ڪيئن آهي. جواب ڏنائين ته اَسي ورهين کان مٿي ٿي ويو آهي. حيرت جي ڳالهه آهي ته مون کي چيائين ته، ”کيس ڪو مرشد ڳولي ڏيان .“ مون هن سان لنڊن ۾ گفتگو ياد ڪري ، ٽهڪ ڏنو. ٿوريءَ دير کان پوءِ قادر بخش مون کي فون ڪيو ۽ حال احوال ورتائين ۽ چيائين ته هو ٻن ٽن ڏينهن کان هتي آهي ۽ مون کي فون ڪري ڪنهن وقت مون وٽ ايندو. افسوس جو هو ڪو نه اچي سگهيو ۽ لنڊن موٽي ويو. مون کي ان وقت خيال آيو ته مغربي دنيا ۾ گُرو پوڄا (Guru Cult) ڦهلجي وئي آهي ۽ ڇاڪاڻ جو نظاماڻي مسلمان آهي، ان ڪري هُو مرشد لفظ ڪم ٿو آڻي . دنيا ۾ رام، ڪرشنا، وويڪ آنند، رمنا مهارشي ، چند مَئه آنند ، ستيه سائين بابا، رامنداس ۽ ڪرشنا مورتي  * مڪت آنند ۽ گرومائي ، اربندو ۽ ماتا، مهارشي مهيش يوگي ، برهم ڪماريون ، رجنيش وغيره جا پنٿ اِن ڪري ڦهلجي ويا آهن، جو مغرب ۾ انسان کي پنهنجيءَ انفراديت جو شدت سان احساس ٿيو آهي ۽ ان جو برملا اظهار ڪري رهيو آهي . هو فرد کي مستقل قدر سمجهڻ لڳو آهي ۽ ربطِ ملت کي نعري بازيءَ کان زياده اهميت نه ٿو ڏي . اهڙيءَ صديءَ ۾ جڏهن انسان ويروتار جنگين ، انقلابن ۽ بغاوتن جي گردباد ۾ رهيو آهي ، جڏهن فاشي اٽلي ۽ نازي جرمني جي يهود ڪُش مُهمن (Pograms) ۽ خاردار لوڙهن (Concentration Camps)، افسر شاهين ۽ آمر حڪومتن انسانيت کي پنهنجن آهني بوٽن هيٺان لتاڙيو آهي ، جڏهن اسان مان ڪيترن آش وٽز (Aushwitz)، فرانزڪافڪا (Franz Kafka)، آلبر ڪاميو(Albert Camus) ۽ زان پول سارتر (Jean Paul Sartre) جا بي معني تخيل مطالع ڪيا آهن ۽ ڏٺو آهي ته ڪيئن هو ڳالهه مان ڳالهوڙو ڪري رهيا آهن، جنهن کي نه منهن آهي نه سِرُ. جن اِسٽالن، لينن ۽ مارڪس جو موت ٻيهر ڏٺو آهي، اُنهن لاءِ هن صديءَ جي پوئين اَڌ ۾ گرو پوڄا يا مُرشد لاءِ عقيدت وري اهميت حاصل ڪري چُڪي آهي ، ڇوته اسان هاڻي پنهنجي لاءِ مزاحمتي گيتن، انقلابي تحريڪن ، منشيات يا جنس پرستيءَ مان اطمينان حاصل ڪري نه ٿا سگهون. اسان پنهنجي انفراديت مڃائڻ جي ضرورت محسوس ڪئي آهي ۽ پنهنجو قيمت قدر ڄاتو  آهي. گُرو يا مرشد اهائي ضرورت پوري ڪري رهيو آهي ۽ اسان ۾ يقين پيدا ڪري رهيو آهي ته انسان هستيءَ مطلق (Absolute) کان جدا نه آهي. اهو فلسفو ته انسان ۽ ڪائنات هڪ آهي، مغرب ڪافي حد تائين سمجهي چُڪو آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته هو فرد جون ضرورتون ۽ خواهشون پوريون ڪرڻ ۾ ۽ هن جي زندگيءَ کي بامعنيٰ بنائڻ ۾ چڱيءَ طرح ڪامياب نه ٿيو آهي ۽ هر گروءَ جي ڪڍ ٿو لڳي، پوءِ اهو ڪوڙو آهي يا سچو. ڇو ته هن بيوروڪريسيءَ ۽ ماديت پرستيءَ جي دنيا ۾ فقط گرو يا مُرشد ئي شخصيت کي تڪميل ۽ معنيٰ ڏئي سگهي ٿو.

مان جڏهن کان جمال ابڙي کي سڃاڻان، تڏهن کان اڳ ئي هن کي سجده ريزيءَ جو شوق هو ۽ باقاعدي نماز پڙهندو هو. مون ڪڏهن هن ۾ خطابت يا وعظ جو شوق نه ڏٺو هو ۽  هو اڳ وانگر اڃا تائين پنهنجي مذهبيت ٻي ڪنهن تي نه مڙهيندو آهي. مان ڀانيان ٿو اها ڳالهه هن کي مرحوم والد علي خان ابڙي کان ورثي ۾ ملي آهي. هُو ”لکم دينکم ولي دين“ (تُنهنجو دين تو تائين، منهنجو دين مون تائين) جو قائل آهي ۽ ڪنهن تي به پنهنجا عقيدا يا نظريا مسلط نه ڪندو آهي.

بيماريءَ واري عرصي سميت هنن چئن سالن ۾، جي مون ڪراچي ۾ گذاريا آهن، مان سارو وقت تصنيف ۽ تاليف ۾  مصروف رهيو آهيان. جمال مون کي ٻه ڀيرا ابراهيم حيدريءَ جناب شفيع محمد ڄاموٽ، چيئرمين ڊسٽرڪٽ ڪائونسل وٽ وٺي هليو هو، ڇو ته اتي مون کي ميربحرن سان ملي، ”سُر سامونڊيءَ“ جي باري ۾ مواد وٺڻو هو، جيڪو مان پنهنجي جديد ”سُر سامونڊيءَ“ ۾ به ڪم آڻي سگهان ۽ شاهه لطيف تي جيڪو ناول ”آنءُ تمر فقير“ جي نالي سان لکي رهيو آهيان، ان ۾ به استعمال ڪري سگهان. پهرين ڀيري ته ڄاموٽ صاحب اسان جي سامونڊي کاڌي تي پُرتڪلف دعوت ڪئي هئي ۽ ٻئي دفعي توڙي رمضان شريف جو مهينو هو، هُن اسان کي چپو چورو  (Snacks) ڪرايو هو. مون ميربحرن سان ڪچهري ڪري، ڪافي نوٽ ورتا ها، جن ۾ ڄاموٽ صاحب ۽ جمال نهايت دلچسپي سان بهرو ورتو هو.

ٻئي ڀيري هُو پنهنجي پير مرشد الحاج حافظ صاحبزاده پير سيد اختر حسين وٽ وٺي هليو، جو نهايت حليم طبيعت ۽ مروت جو صاحب هو ۽ ٻن ٽن ڏينهن لاءِ پنهنجي اصل وطن علي پور سيدان، ضلعي سيال ڪوٽ مان ڪراچيءَ آيل هو. هُن مون کي پنهنجي ڏاڏي اعليٰ حضرت حاجي حافظ پير سيد جماعت شاهه صاحب تي پنهنجو اُردوءَ ۾ لکيل ڪتاب ”سير امير ملت“ تحفي طور ڏنو. ان ڪتاب جي شروعات ۾ صفحي 32 جي شروعات ۾ نقش بندي سلسلي جي باري ۾ هيٺينءَ ريت لکيل آهي:

”واضح هجي ته طريقت جا تمام سلسلا حق تي ٻڌل آهن ۽ انهن مان ڪنهن تي به نڪته چيني روا نه آهي. منزل مقصود سڀني جي هڪ آهي. حضرت مجدد الف ثاني رحمت الله عليھ خود مختلف سلسلن ۾ بيعت ڪندا هئا. البت اوهان جو پسنديده طريقو نقش بندي هو. انهيءَ فرمايو هو ته ”نقش بندي سلسلو سڀني سلسلن کان اعلي ۽ ارفع آهي. ان جي ابتدا ٻين جي انتها آهي.“ وڌيڪ امام رباني، مجدد الف ثاني قدس سره العزيز فرمايو آهي ته، ”نقش بندي طريقي جو مهڙ حضرت صديق اڪبر رضي الله عنھ آهي، جو انبياءَ ڪرام بعد تحقيقي طرح تمام بني آدم تي افضل آهي.“ انهيءَ لحاظ کان هن سلسلي جي بزرگوارن جي تحرير ۾ آيو آهي، ”اسان جي نسبت سڀني نسبتن کان وڌيڪ آهي. نسبت مان هنن جي مراد حضور  آگاهي آهي، جا سڀني آگاهين کان اوچي آهي.“ ........ سلطان الاولياءَ خواجه خواجگان حضرت خواجه بهاءُ الدين نقشبنديءَ کان پڇيو ويو ته، ”اوهان جي طريقي جو بنياد ڪهڙيءَ ڳالهه  تي آهي؟“ ته پاڻ فرمايائون، ”اوهان الله کي ڏاڍو ياد ڪيو. انجمن ۾ خلوت، ظاهر خلق سان، باطن حق سبحان وتعالي سان.“

جيستائين منهنجو سوال آهي ته مان نقش بندي يا ٻئي ڪنهن سلسلي سان وابسته نه آهيان، انگريز ناول نگار ۽ مفڪر سمرسيٽ مام پنهنجي آخري ڪتاب “Summing up” ۾ چيو آهي ته، مونکي جي ڪنهن فلسفي ۾ اعتبار ڪرڻو آهي ته ان جو بنياد مونکي ئي رکڻو آهي ۽ پوءِ هن اهي سڀ فلسفا ڏنا آهن جي هن پڙهيا آهن ۽ اهو به واضح ڪيو آهي ته انهن فلسفن هن تي ڪيترو اثر ڇڏيو آهي. مان ڪنهن سلسلي جي باري ۾ ته اها دعويٰ ڪري نه ٿو سگهان، پر ان باري ۾ رهي معيريءَ جو هيٺيون شعر ضرور لکڻ چاهيان ٿو؛

نھ بھ شاخ گل نھ برسرو سمن پيچيده ام،
شاخهء تاکم بھ گردِ خويشتن پيچيده ام.

ترجمو: (نه مان گلن جي ٽاريءَ ۽ نه سرو جي وڻ ۾ ويڙهيل آهيان، ڊاک جي ول آهيان ۽ پنهنجي چوڌاري ويڙهيل آهيان.)

پر خواجه بهاءُ الدين جي مٿئين قول وانگر، غالب جو هيٺيون شعر منهنجي اندر جو آئينو آهي:

هي آدمي بجائي خود اک محشرِ خيال
هم انجمن ښڶضێجڌ هين خلوت هي کيون نھ هو.

ترجمو: (ماڻهو پنهنجي جاءِ تي خيال جو هڪ محشر آهي، اسان ان کي انجمن سمجهون ٿا، پوءِ اهو خلوت ئي ڇو نه هجي.)

مون موٽندي رستي تي سوچيو ته ان ۾ شڪ نه آهي ته تصوف تي اوڀر ايشيا ۽ مصر جي راهبانا رياضت ۽ سريت (Mysticism)  جو اثر هو. ان جي فڪر تي عيسائي، غناسطي (Gnostic)  ۽ ٻوڌي روايتن جو به اثر هيو. پر اُن جي پٺيان اها قرآني آيت به هُئي ته، ”الله انسان کي رگِ گردن کان ويجهو آهي“ ۽ ”جو به مون کي ياد ڪري ٿو، مان اُن کي ياد ڪريان ٿو.“ مان ڀانيان ٿو ته الحسين بن منصور الحاج، اناالحق جو نعرو 922ع ۾ هنيو، جنهن ساري عالم اسلام کي لوڏي وڌو. ان ڪري جنيد بغداريءَ چيو هو ته، ”اهو صوفي نه آهي، جو قرآن ۽ سنت جو پابند نه آهي“ ۽ ان ڪري ئي غزاليءَ ان فلسفي تي ڪاري وار ڪيا ها ۽ ساڳي وقت علم ۽ دانش کي به ناڪافي سمجهو هو. جيتوڻيڪ هن صوفي طريقي کي الله تائين رسائيءَ جو ذريعو سمجهيو ٿي، پر هر مُبتدي صوفيءَ کي ان خطري کان آگاهه ڪيو هو جو هُن لاءِ وجدان ۾ هو، ۽ هن کي چتايو هئائين ته هُن لاءِ شريعت جي پيروي ئي هُن کي محفوظ ۽ بي خطر رکي سگهي ٿي. مون ڄاتو ٿي ته سياسي اقتدار جڏهن عرب ۽ ايرانيءَ کان ترڪ ۽ بربر* جي هٿ آيو، تڏهن انهن اسلام ۾ پنهنجون مذهبي روايتون ڄاڻي واڻي خلط ملط ڪر ي ڇڏيون هيون. پهريان صوفي مسجد جي ”زاوئي“ ۾ رهندا ها ۽ پنهنجن مريدن کي پنهنجي طريقي جي تعليم ڏيندا ها، پوءِ ڪيئي ”سلسلا“ پيدا ٿيا. غزاليءَ کان اڳ ئي مذهب جي طور طريقي ۾ اضافا ڪيا ويا ها ۽ بار بار ”ذڪر“ کي انساني نفسيات تي اثر انداز ڪيو ويو هو ۽ ان کي ابدي حقيقت تائين رسائيءَ لاءِ ڪارائتو سمجهو ويو هو، جيئن جديد هندستان ۾ گُرو ويدانيت کي سمجهن ٿا. ڪيئي زاويا ۽ خانقاهه وجود ۾ آيا، جي هاڻي نالي ماتر وڃي رهيا آهن. ائين ته اُن وقت سئو کن طريقا ها، پر هيٺان زياده ڦهليل ها.

بغداد واري عبدالقادر جيلانيءَ جو قادريه سلسلو، جو لڳ ڀڳ 1166ع ۾  وجود ۾ آيو، پوءِ احمد الرفائيءَ جو رفائي طريقو، پوءِ مراڪش جي ابو الحسن الشا دهلي جو طريقو جو اُتر آفريڪا، مصر ۽ عرب ۾ مقبول ٿيو، پوءِ بغداد جي عمرالسهرورديءَ جو سهروردي طريقو، پوءِ ايران ۽ هندستان ۾ بهاءُالدين نقشبند جو نقش بندي طريقو ۽ تُرڪيءَ ۾ مولانا جلال الدين ”روميءَ“ جو مولوي طريقو. هونءَ ته اهڙا هڪ سئو طريقا ها، پر حاجي بقرش جو بقرشي طريقو، جنهن سان سلطنت عثمانيه جا جان نثار وابستا هيا، ڪافي مشهور هو. تصوف جو اهو نظريو وحدت الوجود جو نظريقو هو، جنهن تي مجدد الف ثانيءَ جو وحدت الشهود جو نظريقو حاوي ٿي نه سگهيو. ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ ٻئي نظريا ائين موجود آهن، جو هڪ ٻئي کان ڌار نظر نه ٿا اچن. صوفي ”سماع“ تي زور ڏيندا ها ۽ پوئين گهڙيءَ به ڀٽائيءَ جي خلوت ۾ ساز ٿي هليا، پر ”سماع“  جي اهميت تي اهل الله متفق نه هيا. شيخ پنهنجا مدرسا هلائيندا ها. شيخ ته مان به آهيان ۽ منهنجي شاعريءَ جا سنڌ ۽ هند ۾ ايترا مريد آهن، جيترا روميءَ جا قونيه ۾ به نه ها، پر مان پنهنجي زاوئي ۾ تنها آهيان، مُرشد به پاڻ آهيان ته مريد به پاڻ آهيان. مان ڄاڻان ٿو ته وحدت الوجود ويدانيت جي قريب آهي، جنهن ۾ ساري زندگيءَ جي روحاني وحدت تي زور ڏنو ويو آهي. ائين صحيح آهي ته تصوف جو بنياد نؤ فلاطوني وحدت جي تصور سان ملي ٿو ۽ ان کي پوءِ اسماعيلين پنهنجي آفاقي شعور لاءِ اپنايو ۽ ڄڻ ته مُسلمه اسلام کان ان جبر وتشدد جو پلئه ورتو هو، جو هنن جي چوڻ مطابق، هنن تي ڪيو ويو هو. بهر صورت اهي ڳالهيون تصوف جي اهميت کي گهٽائن نه ٿيون، مون جڏهن هسپانوي عرب سريت پسند (Mystic) ابن العربيءَ جي ڪتاب ”فصوص الحڪم“ جو پهريون باب ”عقائد شيخ اڪبر“ پڙهيو ته وٺجي ويس. هن جي نگاهه ڪائنات ۾ نشتر وانگر پيهي ويئي هئي ۽ هن ۾ مون کي مغربي فلسفيءَ اوس پينسڪيءَ جي گهرائي ملي هئي. (اوس پينسڪيءَ جو وڌيڪ ذڪر مان اڳتي هلي ڪندس.) ها، مون کي هڪ ڳالهه کٽڪي رهي هئي جا ”شاهه جي رسالي“ جي مهاڳ ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ ”المجاز قنطره الحقيقت“ (مجاز حقيقت جي پُل آهي) جي حوالي سان  ڀٽائيءَ جي عشق مجازيءَ جي باري ۾ ڪئي آهي. مون گهر اچي پنهنجي لائبريريءَ ۾ ڪتاب”تصوف ۽ سلوڪ“ ڏٺو، جو مون ڪيئي سال اڳي ورتو هو ۽ جنهن تصوف ۽ اسلام ۾ تضاد مٽائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ان ۾ هيٺين ڪهاڻي لکي وئي آهي؛

هڪ شخص ڪنهن عورت جي پٺيان لڳو. اُن عورت هُن کان پڇيو ته، ”تون منهنجي ڪڍ ڇو ٿو اچين؟“ ان تي هن جواب ڏنو: ”توتي عاشق ٿي پيو آهيان.“ اهو ٻُڌي اُن عورت کيس چيو: ”پٺيان منهنجي ڀيڻ اچي رهي آهي، جا مونکان به وڌيڪ خوبصورت آهي.“ ان تي اهو هوس ناڪ شخص پٺتي موٽڻ لڳو ته ان عورت هن کي طعنو هنيو:

”اي مرد! جي تون منهنجو عاشق هئين ته ٻيءَ تي نگاهه ڇو وڌيءِ؟“

اها ڪهاڻي لکي ”تصوف ۽ سلوڪ“ جي مصنف لکيو آهي ته ”عشق مجازيءَ  جي حقيقت ذرا ڪَن کولي ٻُڌي وڃي، ڇوته تصوف کي بدنام ڪرڻ وارن ڪيترن ئي جاهلن پنهنجي هَوَس رانيءَ تي پردو وجهڻ لاءِ ان کي استعمال ڪيو آهي. حديث ۾ آهي ته جيڪڏهن ڪو شخص ڪنهن تي بي اختيار  عاشق ٿي پوي ته پوءِ عفيف (عفت وارو) ٿئي ۽ ان عشق کي پوشيده رکي، پوءِ جي مرندو ته شهيد ٿي مَرندو. جاميءَ جو هڪ شعر آهي:

وَلي بايد که بر صورت نماني

وَزين پُل زودُ  خود را بگذارني

ترجمو:  (هائو ، ٿيڻ ائين گهرجي ته ڪنهن جيءَ صورت تي اٽڪي نه بيهين ۽ هِن پُلِ تان لنگهي وڃين.)

مان اهو شعر پڙهي سوچ ۾ ٻڏي ويس، اهڙو عشق ته مون فقط ويجهڙائيءَ ۾ ڪيو آهي، جنهن ۾ ڪنهن جي حسن ۽ جوانيءَ لاءِ رحم منهنجي جذبات تي غالب رهيو ، نه ته مون تي ساري زندگي ڀٽائيءَ چوڻيءَ ”مون کي ماءُ! مجاز، پيچاري جيئن پڃو“ جهڙي ڪيفيت رهي آهي. مون ڪئسانووا واري زندگي گذاري آهي ۽ پنهنجي جواني بلزاڪ، آلبرٽو موريوِيا ۽ هينري مِلر وانگر لهو ولعب ۾ ڪاٽي آهي . ائين چئجي ته  مان ”بهترين بو الهوَس“ رهيو آهيان ته غلط نه ٿيندو. اهو منهنجو ئي شعر ته آهي.

ڪنهن ڪاريءَ چڳ  تي رات کُٽي، ڪنهن ڳاڙهي ڳل تي باک ڦُٽي،

ائن وقت ڪٽيو ، ائين عُمر لٽي ، سڀ سانگ سجايو آ پيارا!

ڇا ڪَلا  جي ڪاليءَ کي لهو لهان سيج ڻندي آهي.

يا خدا مون کي عشق مجازيءَ شاعري ته اڪيچار ڏني آهي، پر منهنجي دل آئيني وانگر ڀور ڀور ڪري ڇڏي آهي. ڇا، اهو آئينو تنهنجي عڪس جي قابل آهي؟

تصوف پوءِ ڪيئن جمال الدين افغانيءَ کان وٺي سرسيد تائين، هڪ غرد و غبار ۾ ڍڪجي ويو ، اهو هڪ الڳ داستان آهي ، جنهن لاءِ  هتي گنجائش نه آهي. اسلام ۽ تصوف تي مان پوءِ ڪنهن موزون جاءِ تي لکندس.

پير صاحب وٽان جڏهن موٽي رهيا هُئاسين ، جڏهن جمال ڪُجهه چـٻي چٿي ڳالهايو  ۽ هُن جي ڳالهين ۾ منهنجيءَ گهريءَ دلچسپيءَ جي باوجود، پنهنجي علمِ سابقه (Prc Congition of events)  جي باري ۾ ڪجهه ڳالهيون اِشارتاََ ڪيون ۽ وري خاموشيءَ جي سمنڊ ۾  ٻڏي ويو ، ڄڻ منهنجي لاءِ هُن جي غوراب ۾ جاءِ نه هُئي ۽ مون کي ساحل تي پاڻ پار تري وڃڻو هو. هڪ ڳالهه جا جمال جي مون کان وسري نه ٿي، اها هن جي لطف و عنايت (Grace) آهي ، جيتري منهنجي دوست يوسف شاهين ۾ آهي ، جنهن ۾ به شائستگي ۽ نرم مزاجي پنهنجو مٽ پاڻ هئي .

هڪ ڀيري مان سال  1965ع ۾ پاڪ ڀارت جنگ کان اڳ ۾ ڪراچي وڃي رهيو هوس ته ابراهيم جويو ڪوٽڙيءَ جي اسٽيشن تي مون سان ملڻ آيو هو ، ان دور ۾ سنڌ جا رجعت پسند ۽ ترقي پسند پاڻ ۾ گٿم گُٿا (ليٽ پيٽ) هُيا. اردوءَ جا رجعت پسند ۽ ترقي پسند به ڪانوَ کي لُڙ ۾ مزو جي مثال ، اِنهيءَ جهيڙي ۾ جُنبي ويا هئا ۽ ککر ۾ کڙا هڻي رهيا هئا . سکر جي رياست عليءَ نالي هڪ مهاجر وڪيل منهنجي خلاف سکر جي ڪنهن اخبار ۾ وڏو  مضمون لکيو هو ، جنهن ۾ مون تي اردو ، اسلام ۽ پاڪستان سان دشمنيءَ جا الزام هنيا ويا هئا. مون کي اهو مضمون پڙهي ۽ سکر جو واءُ سواءُ جاچي ، اهو محسوس ٿيو ته منهنجي خلاف ڪا سازش ٿي رهي آهي، جا عنقريب پنهنجيءَ منتها تي پهچندي  ۽ ممڪن آهي ته مون کي نظر بند ڪيو وڃي. مون ڪوٽڙيءَ جي اسٽيشن تي جڏهن ابراهيم جوئي جي اڳيان پنهنجي انديشي جو اظهار ڪيو، تڏهن هُن ڏند ڪَرٽي، مون کي تڙي ڏئي چيو، ”اهي سڀ انديشا بي بنياد آهن، توکي ڪجهه به نه ٿيندو. اها ڳالهه وساري ڇڏ!“ مون هُن کي رڳو اهو چيو ته، ”منهنجي خلاف حيدرآباد ۾ به باهه ٻري رهي آهي، پاڪستان رائيٽرس گلڊ جنهن ”ڀؤنر ڀري آڪاس“ تي سال جي بهترين ڪتاب هجڻ لاءِ انعام ڏنو آهي، ان کي به نانگ سنگهي ويو آهي.“ هن وري خار کائي چيو، ”کڏ ۾ پوي رائيٽرس گلڊ! اُن مان تون ڪهڙي همدرديءَ جي اميد ٿو رکين ۽ ان ۾ توکان سواءِ، ٻيا سڀ اردوءَ وارا ۽ بنگالي آهن.“ مون کي تـڙيءَ چپ ته ڪرائي ڇڏيو، پر جوئي جي جواب مطمئن نه ڪيو ۽ منهنجي من تي آئيندي جا اونداها پاڇاوان پوڻ لڳا. ڪراچيءَ ۾ سراج ٻئي يا ٽئين ڏينهن چيو ته، ”اياز! مون کي ته ائين لڳي ته پاڪ ڀارت جنگ اچي رهي آهي.“ ”اهو ڪيئن ٿو چئين؟“ مون هن کان پڇيو.  هُن جواب ڏنو، ”تو شايد اڄوڪيون اخبارون نه پڙهيون آهن. لاهور تي هندستان جا هوائي جهاز ڏٺا ويا آهن. (ممڪن آهي ته هُن چيو هو ته لاهور تي هندستاني هوائي جهازن بم اُڇلايا آهن) مان ڀانيان ٿو ته پاڪستان به جوابي ڪاروائي ڪندو.“

سراج مُنهنجي نهايت ذهين دوستن مان رهيو آهي ۽ جڏهن هلال پاڪستان جو ايڊيٽر هو ته هو هڪ ڪامياب صحافي هو ۽ هن جي تحرير کي پنهنجي انفراديت هُئي. (هو بيورو ڪرئٽ به ڪامياب هو ۽ هن وقت انڪم ٽئڪس جو برک وڪيل آهي.) مٿين ڳالهه ٻڌي منهنجي هيانوَ ۾ چڪُ پيو ۽ ٻه ڏينهن اڳ وارا خدشا مبهم انداز ۾ اُڀري آيا، پر مون کي ابراهيم جي تڙي ياد آئي ۽ مون پنهنجي انديشي کي وهم گُمان سمجهي رفع دفع ڪري ڇڏيو. چوٿين ڏينهن مان سکر موٽي ويس. رات جو جم خانا ڪلب ۾ ڪوٺي تي بيئر پي رهيا هياسين ۽ مون سان گڏ ٽي چار دوست ويٺا ها. واءُ ۾  ڪائي هُرکُر هُري رهي هئي، اڳين گپ شپ، ڏند ٺڙڪو ۽ چرڙاٽ ڪونه ها. بامعني خاموشي ڇانيل هُئي. جنهن کي هڪ پُراسرار زير سطح رَوَ هئي. مون کي ابراهيم سان ڪوٽڙي اسٽيشن تي ڪيل گفتگو ياد آئي ۽ من تي بي چئنيءَ ۽ بي ڪئتائيءَ جو چت ورت ڇائنجي ويو. مُنهنجو منهن سوراٽيل ۽ وار ڪانڊاريل ڏسي، هڪ دوست کان رهيو نه ٿيو ۽ چيائين، ”اياز! تنهنجي خلاف سُس پُس ٿي رهي آهي، جنهن ۾ اڳ چتاءُ به آهي. مون کي ٿوري سُڻس پئي آهي. بهتر ٿيندو جي تون ڊپٽي ڪمشنر سان ملين.“

مان ڀانيان ته مُنهنجي تقدير پنهنجي منطقي نتيجي ڏانهن تيزيءَ سان وڃي رهي هئي ۽ مان اُن جا قدم ٻُڌي رهيو هوس. اوچتو مون سوچيو ته ”سکر جا تعصبي مهاجر آفيسر ۽ وڪيل ۽ انهن جا خوشامندڙيا، چيلهه ڀڳل، کڏن کوٽ، ساڙ سڙيا سنڌي آفيسر ۽ وڪيل،  جي منهنجي وڪالت ۾ ڪاميابي ۽ سنڌ دوستيءَ جو برملا اظهار برداشت نه ڪري سگهندا ها ۽ رشيد ڀٽيءَ جي اها ڳالهه ته ”مان شاه لطيف کان پوءِ  سنڌ جو وڏي ۾ وڏو شاعر آهيان ۽ ڪو وقت ايندو جو ٽئگور کي به پٺتي ڇڏي ويندس.“ هُنن ۾ ڪان وانگر ڪکندي هئي، سي سڀ ڪنهن سازش ۾ شريڪ آهن.“ مون بيئر جو گلاس پورو ڪري، بيئر جون ٻه ٻيون بوتلون گهرايون ۽ ”هُرچه بادا بادِ“ چئي پي ويس ۽ بنا اُلڪي جي ڪار ۾ گهر هليو ويس. ٻي ڏينهن تي  مون کي گرفتار ڪيائون. جي هُو  گرفتار ڪري، مون کي ٽي مهينا سکر جيل ۾ نه رکن ها، ته منهنجي شاعري انهيءَ توڙ تي نه پهچي ها جتي هاڻي پهتي آهي. منهنجي خيال ۾ انسان جي تقدير هڪ زنجير وانگر آهي، جنهنجو ڪڙو ڪڙي سان جڙيو پيو آهي. ان کي ڇڪ سان ڪوئي ڇني نه سگهيو آهي.

هاڻي جمال ابڙي جي ڳالهه تي اچان ٿو، جنهنجو تفصيل سان ذڪر مون ”ساهيوال جيل جي ڊائري“ ۾ ڪيو آهي. ان کان اڳ ۾ هڪ انگريزي پهاڪو ته *  ”ڪنهن به پراڻي دوست کان بهتر آئينو نه آهي.“ لکڻ چاهيان ٿو. انسان ان آئيني ۾ پنهنجون بُرايون ۽ چڱايون ڏسي سگهي ٿو. ايمرسن جو قول به ياد اچي رهيو آهي ته، ”دوستي هڪ هيکليءَ ساعت جي آزمودي تي گهڙيل ڪهاڻي آهي.“ مان ڀانيان ٿو ته گهٽ ۾ گهٽ جمال ته ان معاملي ۾ نيارو ۽ اوچو ماڻهو آهي. مان ساهيوال جيل ۾ نظربنديءَ واري ڳالهه ڪجهه تفصيل سان ورجايان ٿو. مان سال 1968ع  ۾ ڪراچيءَ مان موٽي، فاران هوٽل ۾ ماني کائي، ربانيءَ کي فون ڪيو ته هن يڪدم پڇيو، ”تو ريڊيو ٻُڌو؟“ مون جواب ڏنو ته ”نه.“ ان تي هن چيو، ”ادبي بورڊ ۾ يڪدم هليو آءُ! هوٽل ۾ ڪمرو بُڪ نه ڪرائجانءِ. سامان سوڌو هيڏانهن هليو آ!“ مان بورڊ ۾ پهتس ته ڪوئي آدمي ربانيءَ کان موڪلائي هليو ويو. پوءِ ربانيءَ ٻُڌايو ته پرواني ڀٽيءَ عبرت مان فون ڪيو آهي ته، ”تيرنهن ڄڻن جي ڪئبينٽ ٺهي آهي، جن مان هڪ تون به آهين.“ مون هن کي چيو ته، ”ڇا مطلب؟“ ان تي هن جواب ڏنو ته، ”ايوب خان ذوالفقار علي ڀٽي، ولي خان، تنهنجي ۽ ٻين ڏهن ماڻهن جي گرفتاريءَ لاءِ ڪٺو وارنٽ جاري ڪيو آهي.“

مون کي ڪوئي لوڏو نه آيو ۽ نه منهن ون ون ٿيو. مون هن کي ڌيرج سان جواب ڏنو ته، ”رباني! منهنجو خيال آهي ته رات تو وٽ گذاري، صبح سان سکر هليو وڃان. مون توڏانهن ايندي مير رسول بخش کي جلوس سان گڏ ڏٺو. شايد هُن کي به گرفتار ڪيو اٿائون.“

ربانيءَ جواب ڏنو، ”هي ماڻهو جو هاڻي بورڊ جي آفيس ۾ ويٺو هو، اهو توکي سڃاڻي. هُو ساري شهر ۾ هلائي ڇڏيندو ته تون هتي آهين، ممڪن آهي ته توکي پوليس هتان گرفتار ڪري وڃي!“ (مون کي گرفتاريءَ لاءِ پيش ڪرڻو هو.) ربانيءَ وڌيڪ چيو، ”اسان جمال رند وٽ ٿا هلون. انهيءَ جي جاءِ پري آهي ۽ گهڻو ڪري صبح تائين پوليس کي تنهنجو پتو نه پوندو.“ ممڪن آهي ته ربانيءَ اها ڳالهه پنهنجو بار لاهڻ لاءِ چئي هجي. مون وانگر هن جو ڪوئي خاص سهارو ڪونه هو ۽ هُن جا ڪافي گهر ڀاتي هيا جن جي نظرداري هُو  ڪندو هو. هن جو وڏو ڀاءُ جو جسٽس انعام الله جي پني عاقل واري زمين تي مئنيجر هو، لواحقين تي ايتري توجھ نه ڏيندو هو  جيتريءَ جا هو مستحق ها.

جڏهن اسان جمال رند وٽ وياسون، تڏهن هن چانهن پياري چيو ته، هُن جو گهر ننڍو  آهي ۽ ان ۾ رهائش جي گنجائش نه آهي ۽ بهتر ٿيندو ته جمال ابڙي وٽ هلون. اسان جمال وٽ لطيف آباد وياسين ۽ جڏهن هُن کي ساري ڳالهه ٻڌائي سين، تڏهن هُن يڪدم چيو، ”جڏهن کان مون هيءَ جاءِ ٺهرائي آهي، تڏهن کان ان جي گيسٽ روم کي تالو ڏئي ڇڏيو اٿم. مُنهنجو اڳ ئي ارادو هو ته تون پهريون شخص هوندين جو هتي مهمان  ٿي رهندين.“ مون هن جي فولادي اکين ۾ ڏٺو ۽ منهنجون اکيون جُهڪي ويون. وڌيڪ احوال مون ”ساهيوال جيل جي ڊائري“ ۾ ڏنو آهي. ان وقت جمال هڪ جج هو ۽ جي پوليس مون کي هن جي جاءِ تان گرفتار ڪري ها ته ممڪن آهي ته هن جي نوڪري هلي وڃي ها. پر هن ان ڳالهه تي فلڪ نه آندي.

شيڪسپئر پنهنجي ڊرامي ”جوليس سيزر“ ۾ چيو آهي:

”ماڻهو ڪنهن وقت پنهنجيءَ تقدير جا مالڪ آهن،

ڏوهه، پيارا بروٽُس، ستارن جو نه آهي،

پر اسان جو آهي،

ڇو ته اسان انهن جا ڇاڙتا آهيون.“

مان وائيس چانسلر هوس، تڏهن جمال يونيورسٽي سنڊيڪيٽ جو  ميمبر هو. ميٽنگ کان پوءِ مان، رباني، جمال، سراج ۽ * نثار ميمڻ گڏجي ماني کائيندا هياسين. سراج ۽ نثار ميمڻ به سنڊيڪٽ جا ميمبر هيا. ان وقت مون کي شُبو به نه هو ته ستارا جمال کي نهنڊ به ڏئي سگهندا، ڇو ته هن جي گفتار ۽ ڪردار ۾ مون کي اوڻائي نظر نه ايندي هئي. اوچتو هن جي تقدير پلٽو کاڌو. هونءَ ته هن جي زال کي پراڻي انجائنا هئي، پر 26 مارچ 1991ع تي جڏهن هُن تي انجائنا جو حملو ٿيو، تڏهن هوءَ ڪارڊيو وئسڪيولر انسٽيٽيوٽ تائين نه پُڄي سگهي ۽ رستي تي گُذاري وئي. جمال جي هُن سان ايتري محبت هئي، جو هُن مان ڍاپي نه ڍاپندو هو. هُن جي ڪيفيت فارسيءَ جي هيٺين شعر واري هئي؛

حيف در چشم زدن صحبتِ يار آخر شد،

روئي گل سير نھ ديديم وبهار آخر شد.

ترجمو: (حيف جو اک ٻوٽ ۾ يار جي صحبت ختم ٿي وئي.

گُل جي صورت ڍوَ تي ئي نه ڏٺي هئي، جو بهار ويندو رهيو)

جمال کي هُن مان چار پُٽ، ٻه ڌيئرون هيون، پر جمال هُن کي ائين ڀائيندو هو  ڄڻ هُن سان هڪ ڏينهن اڳ نڪاح ڪيو هيائين. مان سئمويل بٽلر سان متفق آهيان. هو عشق ۽ خودڪشيءَ کان انڪار نه ٿو ڪري. هو رڳو چوي ٿو ته:

”مرد بدطينت عورتن جي موت تي خودڪشي ڪندا آهن ۽ نرم دل ۽ لائق عورتن جي موت تي پاڻ نه ماريندا آهن“.

مان ڀانيان ٿو ته اِها ڳالهه بٽلر سترهين صديءَ ۾ ڪئي هئي، جا بلڪل صحيح آهي. نيڪ طينت عورتن جي موت کان پوءِ انهن جي يادگيري  زندگيءَ کي تازگي بخشيندي آهي ۽ اُن شيءِ سان پيار وڌائيندي آهي، جنهن سان مرهيات جو پيار هوندو هو . زال جي موت کان پوءِ جمال جي پنهنجي اولاد سان شفقت اڳي کان به وڌي وئي آهي، ڇو ته هن جي زال جو پنهنجي اولاد ۾ ساهه هوندو هو. مان جمال جي وڌيڪ ڪردار نگاري اڳتي هلي ڪندس. دراصل جڏهن ڪلچر ڊپارٽمينٽ وارن جمال سان شام ملهائي هئي ، تڏهن مون تقرير ڪندي چيو هو ته مان جمال جي زندگيءَ تي لکندس. هن ڪتاب لکڻ کان اڳ مون جمال سان ويهارو بيٺڪون ڪري ، هُن کان هُن جي زندگيءَ جي باري م تفصيل ورتو ۽ ڪيتريون ئي گهڙيون ياد ڪيون جي اسان گڏ گذاريون هيون ، پر مون کي والٽيئر جو هڪ قول ياد ٿو اچي:

The Secret of being a bore is to say everything.

ترجمو: هڪ ”بور“ ٿيڻ جو راز اهو آهي ته جيڪي به اچي ، چئي ڏجي.

هي باب اِهو چئي ختم ٿو ڪيان ته جمال جي عُمر لڳ ڀڳ ستر سال اچي ٿي آهي ، هو دنيا کان ڪنارا ڪش ٿي چُڪو آهي ۽ هر اڳئين دوست سان گرم جوشيءَ سان ملاقات جي باوجود ، پنهنجي خاندان سان سارو وقت گذاريندو آهي . هن جي سنڌ ۾ ٿيندڙ چڱي ادبي تخليق ۾ دلچسپي اڃا برقرار آهي، پر پنهنجي ادبي تخليق جو خيال پلي ڇڏيو اٿائين . ڪهڙيون ڳالهيون هُن جي تنهائيءَ کي والارن ٿيون ، اِهو مان نه ٿو چئي سگهان . جيستائين منهنجو سوال آهي ته مان گذريل چئن سالن کان ڏينهن رات لکي پڙهي رهيو آهيان . موت کان بلڪل بي خوف ٿي چُڪو آهيان ۽ ان جي پرواهه نه آهي ته ڪڏهن ٿو قلم اوچتو هٿ مان ڪِري پوي ۽ سٽ اڌ ۾ رهجي وڃي . ان تي مون کي ڪنفيوشس جي هڪ ڳالهه ياد اچي رهي آهي ، جنهن جو ذڪر بي محل نه ٿيندو . هڪ مريد” سي ڪِنگ“ ڪنفيوشس کان پچيو ، ”مُئي ماڻهوءَ کي شعور ٿيندو آهي؟“ ان تي ڪنفيوشس هن کي جواب ڏنو ، ”تيستائين ترسين ڇو نه ٿو جيستائين تون نه مرين . پوءِ پاڻ ئي توکي جواب ملي ويندو.“ مون کي انسان جي باري ۾ شيڪسپيئر جي ڊرامي ”جيئن توکي وڻي“ (As you like it) مان هيٺيون سٽون به ياد اچي رهيون آهن:

”پوري دنيا رنگ منچ (اسٽيج) آهي

۽ سڀئي ماڻهو ان تي ويس ڌاري آهن

انهن کي اندر اچڻ ۽ ٻاهر وڃڻ لاءِ لنگهه آهن .

اهو لکي شيڪسپيئر زندگيءَ جا ست دور ڏنا آهن، جن مان ، مان ۽ جمال پنج ڇهه ته ڪاٽي چُڪا آهيون . مون کي شما (شمع) جا لفظ ياد اچي رهيا آهن جي هُن ٿڌو ساهه ڀري چيا هئا ، ”حيرت آهي ، ڪيئن ٿو اُڀري ، ڪيئن ٿو لهي!“ شمع ڪير هُئي؟ منهنجي زندگيءَ ۾ ڪيئن آئي هئي ۽ ان جو تفصيل هاڻي اجايو آهي . بس ، ڪائي ڇولي هُئي جا درياه جو حصو ٿي چڪي آهي . انار ڪليءَ وانگر هن جون ڪجهه يادگيريون نيپئر روڊ جي ديوارن ۾ پوريل آهن، پر هاڻي ڪيرٿو  آثارِ قديمه جي کوٽ کوٽان ڪري!

*ايڇ .آءِ  مينڪن چيو آهي ته ، ”تاريخ نويس هڪ ڪامياب ناول نگار آهي.“ مان هن سان بلڪل مُتفق آهيان . مان * جي . اي . پرائوڊ سان به اتفاق ٿو ڪريان ته ”هڪ تاريخ نويس جو پهريون فرض اهو آهي، ته هو پنهنجين همدردين تي چوڪسي رکي،“ پر مان ته پهرين شاعر آهيان ۽ پوءِ تاريخ نويس آهيان . منهنجي لاءِ ائين ڪرڻ ناممڪن آهي . تاريخ ڇاآهي؟ اُها ته آئينو آهي، جنهن ۾ انسان ذات جا ڏوهه ، مورکايون ، اياڻايون ، شامتون ۽ نڀاڳ چِٽا نظر اچن ٿا ، پر اُن جو مطالعو فلسفي جَڙ آهي ۽ اُها اهڙا ماضيءَ جا مثال مهيا ڪري ٿي جي مستقبل جي رهنمائي ڪري سگهن ٿا. تاريخ پاڻ کي دُهرائي نه ٿي، پر جي اسان انسان ذات جون اڳي ڪيل حماقتون نه دهرايون ، ته به وڏي  ڳالهه آهي . دراصل هي تاريخ تي ڪتاب نه آهي، پر اُن ۾ تاريخ جون جهلڪيون آهن. هيءَ ته منهنجي اُتم ڪهاڻيءَ جو حصو آهي .


* هندستان جي جديد گرن جا نالا جن مان ڪي مري چڪا آهن، انهن جو  هندستان جي جديد سياست تي ڪافي اثر آهي ۽ انهن مان ڪي ٺڳ ثابت ٿي چڪا آهن ۽ ٻين جي سچائيءَ جي باري ۾ خاطريءَ سان چئي نٿو سگهجي. گرو پوڄا هندستان ۾ ٿياسافي تحريڪ شروع ڪئي، جنهن جي سرواڻ روس جي مئڊم بلئوبٽڪسي ۽ هن جي پوئلڳ ڊاڪٽر ائني بيسنت هئي.

* بر بر؛ قديم زماني ۾ هڪ عربي قبيلي کي ”بر بر“ چوندا ها، جو نيل درياهه جي ٻنهي پاسي آباد هو. شايد اردو لفظ ”بربريت“ انهيءَ لفظ مان ٺاهيو ويو آهي.

* There is no better looking glass than and old firend

* نوٽ: نثار ميمڻ جنهن جو ذڪر مون ”ساهيوال جي ڊائري“ ۾ تفصيل سان ڪيو آهي آءِ بي ايم  I.B.M)) جو سائوٿ ايشيا لاءِ چيف هو. جڏهن پرائيم منسٽر معين قريشيءَ هن کي عبوري مرڪزي حڪومت ۾ وزير اطلاعات نشريات ڪري کنيو هو. هينئر هو وري آءِ بي ايم ۾ ساڳي عهدي تي آهي.

*   ايڇ. آءِ مينڪن H.I Menken (1880 ع کان 1926ع تائين)

* جي. اي . پرائوڊ J.A. Proude (1818 ع کان 1894 ع تائين )

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org