سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر

شيخ اياز

صفحو : 16

”جو بات تجهه مين هي، تيري تصوير مين نهين“

14 جنوري 1964ع

صبح سان ئي ڪمرو ڇڏيوسين. راجن ڪار وٺڻ جو خيال ڏيکاريو ـــ اياز ۽ راجن ڪار ڏسڻ ۽ خريد ڪرڻ ويا. مان گيتا سان ڪمري ۾ ويٺو هيم ـــ هند ۽ سنڌ جي اديبن تي ڳالهايوسين ـــ لڇمڻ جي پرابليم تي گيتا روشني وڌي. ڪشن چند ڀاٽيا، بيدل جو مريد روهڙيءَ وارو ٻُڌي ملڻ آيو ـــ شام جو پريملاڻيءَ وٽ گڏجاڻي. مشاعرو هو آجيان ۾، دڳ تي گهٻراهٽ متعلق جوڪس (Jokes) . گيتا جي لاڙڪاڻي واري لهجي تي ٽوڪ ۽ چرچا ”مَشيءَ جو پُش اَشو آهي.“ اتي حشو خاندان، سرلا، حشو، مينا، بينا، گل، (۽) تيرت وسنت، اجواڻي، هريڪانت ۽ ڀاٽيا گيت ۽ راڻو ٻڌايو ـــ مهرواڻ مهتاڻيءَ تصويرون ڏنيون ـــ امرلال ساڌواڻي، سترام جا بيت ٻُڌي ويٺل ۽ اسان روئي پياسين ـــ رات جو دير تائين محفل هلي ۽ اسان جي آجيان ۾ تقريرون ٿيون ۽ بيت پڙهيا ويا.

15 جنوري 1964ع

منجهند تائين هوٽل ۾ رهي، منجهند جي ماني حشوءَ وٽ کائڻ وياسين ـــ سنڌ ۽ ملتان تي بحث. موٽي هوٽل تي آياسين ته ڪار به اچي وئي ـــ شام جو سترام جي گهر سبزي منڊي وياسين. سنڌي محلو ـــ تِرَموري، لال لوئي ۽ زنده پير جو ذڪر. سترام جو پٽ اشوڪ ـــ اُتان گهمندي راج جي دوست مهتاب سنگهه جي گهر وياسين جتي ماني هئي. ڏيڍ بجي باءِ روڊ روانا ٿياسين ــــ هوٽل تي سترام ، هيم، ڀاٽيا، شيام موڪلائڻ آيا. موڪلائڻ مهل وري ورهين جي جدائيءَ جو احساس. اُداسي ـــ اکيون آليون.

(نوٽ: ڀٽيءَ کان نه ڄاڻان اهو لکڻ ڇو وسري ويو آهي ته شيام ڀاڳيا، جو سنڌو سماج جو سيڪريٽري، اُن سجاد ظهير کي منهنجي اچڻ لاءِ ٻڌايو هو ۽ هو منهنجي هوٽل تي اچي ڪارڊ ڇڏي ويو هو، ڇو ته ان وقت اسان آگري ويا هياسين. اُن کان پوءِ جڏهن موٽي آياسين تڏهن شيام ڀاڳيا مون وٽ آيو ۽ چيائين ته سجاد ظهير مون سان ملڻ ٿو چاهي ۽ ڪالهه به آيو هو ۽ پنهنجو ڪارڊ ڇڏي ويو هو. مون اياز کي چيو: ”ائين مناسب نه آهي. آءٌ ٿو هُن وٽ هلان.“ پوءِ شيام ڀاڳيا ۽  ڀٽيءَ سان گڏجي هن جي ڀاءُ جي بنگلي تي ويو، جتي هو رهيو پيو هو. سجاد ظهير جو ڀاءُ نهرو ڪئبينيٽ ۾ شايد منسٽر هو. (بنگلي ۾ هڪ شاهي لان هئي، جنهن تي سجاد ظهير ۽ صفيه سجاد ظهير سان گڏ هندستان جو مشهور ڪيمونسٽ اديب مُلڪ راج آنند ويٺو هو. ان ملاقات جي باري ۾ مان ”جڳ مڙيو ئي سپنو“ ۾ اڳي لکي چڪو آهيان ـــ مصنف)

16 جنوري 1964ع

صبح جو هڪ ڏيڍ بجي (رات جو) باءِ روڊ وايا آگره روانا ٿياسين. تاج کي اوندهه مان ظهور پذير ٿيندو ڏسڻ لاءِ ـــ رات جو انڌاري ۾ گم ٿيندو ۽ چانڊوڪيءَ ۾ اڳ ڏسي ويا هياسين. ڏيڍ سئو ميل فاصلو ـــ ليکراج چوڌري، ڪار جو دلال به بمبئي تائين گڏ هلڻو هو، پئسن وٺن لاءِ. گاڏي اُن پئي هلائي- پوڻين پنجين بجي (صبح جو) تاج جي ٻاهران پهتاسين ـــ ستين بجي گيٽ کلندو آهي. سج ستين بجي اڀري ٿو. اسان مين (Main)  گيٽ جي جهروڪن کان بيهي رهياسين. ٻاهران ڪنهن بي بي رابعه بصري جي مقبري تي (۾) هندو ڀڄن ۽ ڪيرتن ڳائي رهيا ها. انهن شاهه جو ڪلام به ڳايو. پوءِ خبر پئي ته اُهي اتان جا سنڌي هيا. جي لڏي اچي، اتي ڀڄن، ڪيرتن ۽ ڪافيون ڳائيندا ها، تاج کي اونده مان نروار ٿيندو ڏسي، آگري هوٽل آياسين. نيرن اُتي ڪئي سين ـــ گواليار لاءِ روانا ٿياسين جو 13 ميل پري هو ۽ چنبل گهاٽيءَ ٽپي، مدّيه پرديش ۾ داخل ٿياسين. اها گهاٽي ڊاڪن جو آماجگاهه آهي. چنبل ندي ٽپڻ تائين مزرو رهي ٿو. گواليار جو قلعو هڪ اوچي پهاڙ تي آهي، لوڌي خاندان جي ڏينهن ۾ ٺهيو. 1416ع ۾ هڪ درٻاري سردار مان سنگهه ٺهرايو، جنهن کي نَوَ راڻيون هيون. هن شهر جي آسپاس ۾ وڻ سنڌ وارا ها. شهر جي ٻاهران اُڃ لڳي. سبيل تي پاڻي ٻُڪ ۾ سڀني کي. اها ڪنهن ٺاڪر برهمڻ جي سبيل هُئي. اتي هڪ مرگهه نين گُجر، مستاني چال واريءَ جو ملڻ ـــ راءِ گائون ڳوٺ ۾ سانن جي ويڙهه ـــ قلعي ۾ هينئر ميوزم آهي. اورنگ زيب مراد کي اُتي هَوَن ڪنڊ ۾ قيد ڪري مارايو هيو. 1857ع ۾ سنڌ يا قلعو هٿ ڪيو ـــ ساس بهو مندر. قلعي جي چاڙهي خطرناڪ. وولگا هوٽل ۾ منجهند جي ماني. اڳتي روانگي ـــ ماهيا ۽ پاروَتي ندي ـــ هن علائقي ۾ شينهن جام آهن. سنجها تائين ڪو  ڊاڪ بنگلو نظر نه آيو.  رات جو شِوَ پوريءَ پڳاسين. نئون ضلعي هيڊڪواٽر هو، پر ڪو سٺو هوٽل ڪونه هو. هڪ هوٽل اسٽئنڊرڊ تي چانهه ويٺي پيتي سين ته بيرو سنڌي نڪري پيو. پنهنجي گهر رهڻ لاءِ زور ڀرڻ لڳو. سڄي شهر ۾ هڪ ئي سنڌي گهر ننڍو، هڪ ڪمري وارو. هڪ ڌرم شالا هئي. سا به گندِي. ڊاڪ بنگلو 16 ميل پري، وڃڻ مناسب نه ـــ هڪ زيرِتعمير هوٽل ”شِوَ پوري لاج“ ۾ رات باهه ٻارائي ڪاٽي سين. تلوڪ چند، پشاور جو هندو چوڪيدار.

17 جنوري 1964ع

صبح سويرو (مان ڏاڍو ساجهري لان ۾ ماڪَ ڀنل گلاب ڏسي رهيو هوس – مصنف) بيرو شام سندر گهران چانهه ٺهرائي کڻي آيو ۽ نيرن لاءِ گهر وٺي هليو- سندس ماءُ کي سنڌين ڏسڻ جي چاهنا- نيرن ڪرائي، پاپڙ ۽ پيڙا به ٻڌي ڏنائون- روانا ٿياسين ته رستي تي کجين جا وڻ گهڻا هئا- رستي سان فصل بجاءِ ڀاڄيون گهڻيون. ساوڌان گهاٽ ۾ لنچ کاڌي سين. هڪ ماڻهو هوٽل ٻاهران شڪار ڪيل ٻٽير ڪٽي رهيو هو. اُن کان درجن کن ٻٽير وٺي پڃراياسين- وَري اجين روانا ٿياسين. (نوٽ: اُجين هاءِ وي کان اندر اسي ميل پري هو – مصنف) سج لهڻ کان ڪجهه اڳ ۾ ماڊرن اُجين ۾ داخل ٿياسين. 4 لک آبادي –ڏهه سيڪڙو سنڌي- سنڌين جي ڪالوني، اسڪول ۽ اسپتالون-وڪرماجيت جي راڄڌاني پُراڻواُجين-ڪالي داس، راجه ڀرتري ۽ گور کناٿ گڦائون- گئريبو (؟؟) تي ڪڇي ڇوڪرو اسان کي به سنڌي سمجهڻ لڳو. اڳتي روانا ٿياسين. 1 بجي اِنڊرو پهتاسين. سٺو هوٽل ”وِڪرم لاج“ سنڌيءَ جو هو. ڪمرو خالي نه هو، پر سنڌي هئڻ ڪري مئنيجر پنهنجو ڪمرو خالي ڪري ڏنو.

18 جنوري 1964ع

صبح جو هوٽل ۾ ناشتي تي گيتا نالا عام شين جا ٻُڌايا. ٽاءِ (ڪنٺ- لنگوٽ : مصنف)، اسٽيشن (اگني رَٿ وشرام ڳڙهه –مصنف)، سنگل (آوَت جاوَت سُوچت-ينتر: مصنف) ليٽر باڪس (پَتر- گهسيڙو: مصنف)، ابو الڪلام آزاد، جوش مليح آبادي (هندي لفظ ياد نه آهن –مصنف) شاعرِ انقلاب (ڪوي اُلٽ پُلٽ: مصنف)، وڪيل (ڀاڙُو –مصنف)ايئر پورٽ (پَوَن رَٿ، وشرام ڳڙهه –مصنف) جا.

ٻاهر واڪ (walk) لاءِ نڪتاسين ته عاليشان هوٽل جي گيٽ تي هڪ سادو سودو غريب واڻيو ڪيلن جو ٽوڪرو رکيون ويٺو هو، ڪرم چند نالو هوس، لاڙڪاڻي جو هو- ان ڪري اتي ويهڻ ڏنو هيائونس- گيان باغ جو نالو کنيم ته روئي ويٺو. زوريءَ ڪيلو کارايائين ۽ ٽوڪرو ئي اندر کڻي آيو ۽ زوريءَ سڀني کي ڪيلو کارايائين. (دراصل مان ۽ گيتا باک جو هوٽل جي گئلريءَ ۾ بيٺا هئاسين ته هيٺان ڪيلن وارو نظر آيو. گيتا چيو ته ”هي سنڌي آهي.“ مون هن کي چيو ته ”تون ڪيئن ٿي چئين ته هي سنڌي آهي؟“ هن جواب ڏنو: ”عجب آهي! تون سنڌ جو شاعر آهين، توکي ته نڪ نقشي مان سڃاڻي وٺڻ گهرجي ته فلاڻو سنڌي آهي. هل ته هيٺ هلي هن سان ڳالهايون.“ مان هن سان هيٺ لهي ويس ۽ گيتا ڪيلن واري کان پڇيو: ”تون سنڌي آهين؟“ هُن جو منهن ٽڙي پيو ۽ چيائين: اوهان سنڌ مان ٿا اچو؟ مصنف) سنڌي ۽ سنڌ لاءِ ٽڙيو پئي. ڪانگريس کي گاريون پئي ڏنائين جن ڀارت ماتا جي آسري سنڌ ڇڏائي هيس . انڊور ۾ سنڌي ڳچ ٿا رهن. سندن پنهنجا اسڪول آهن. شهر ۾ ڪانچ، مندر ۽ شيش محل ڏسڻ جهڙيون جايون آهن. شهر ۾ 24 جين ڌرم جا مندر آهن مارواڙي به رهن ٿا. شهر گهمي اڳتي روانگي- ڀريوگهاٽيءَ مان گذر- مري ۽ نٿيا گليءَ جا نظارا- ڪالي گهاٽ ڊاڪ بنگلي ۾ آرام لاءِ ترسياسين جو نريدا نديءَ تي آهي. روپ متي باز بهادر – اتان ڏهه ٻارنهن ميل پري مالوا- 5-7 ميل پري منگتي ۽ سنڌوا گهاٽي جا مڌيه پرديش ۽ مهاراشٽر جي بارڊر تي آهي. اسان جي منزل جل گائون (اجنتا) سفر ۾ ڪو هوٽل نظر نه آيو نه ڊاڪ بنگلو- سياست تي بحث- سنڌي پنجابي لوڪ گيت ڳاياسين پئي- رات جو هڪ بجي نيري پڳاسين، جتان جل گائون 14 ميل پري هو- ات ڊاڪ بنگلو- رات قيام – ماني ڪانه ملي- چانهه بسڪوٽ تي گذر- رات جو بنگلي جي اڱڻ ۾ تارن جو اڀياس نظارو (ان ۾ ڀٽي شريڪ ڪونه هو- مصنف)

19 جنوري 1964ع

صبح جو مارننگ واڪ ڪئي سين، جيستائين نيرن تيار ٿي. چوڌري ڊرائيور بيمار ٿي پيو. ماني نه کاڌائين، روانا ٿياسين. اجنتا تي بحث ڪندا آياسين. ڪنهن جي تخليق هئي؟ گهڻا ورهيه- 27 غارون منجهند جو ٻي بجي تائين گهمياسين (مون اجنتا تي تفصيلي نوٽ ورتا هئا-مصنف). اُتي ٽوئرسٽ هوٽل ۾ ماني کائي اڳتي روانا ٿياسين- رات جو اورنگ آباد جو شهر- مسلمان اڪثريت – بي بي رابعه جو مقبرو تاج جو نقل- پن چڪي- چار مينار- الورا جون گڦائون-حيدرآباد دکن کي چار ٽڪر ڪري مهاراشٽرا، اوڙيسا، مدراس ۽ ميسور ۾ ملايو ويو آهي. جل گائون ۽ اورنگ آباد ۾ تُرڪي ٽوپي نظر آئي. محبوبه جي قبر تي اورنگزيب جو مقبرو اڏائڻ- اردو هتي عام زبان- مارواڙي مٺائي مشهور- اڳتي هلي بيجاپور جي ڊاڪ بنگلي تي اچي رات ڪٽي سين- رستي تي چور باچو جي اَمر ڪهاڻي ٻڌائي- ڊاڪ بنگلي ۾ رات جو ٻاهر ڪچهري ڪئي سين- سيءُ گهٽ – اياز پنهنجو نڍپڻ ٻڌايو- گيتا ”جب تيري شهر سي گذرتا هون “ ”دونون جهان تيري محبت مين هار کي“  ”پريتم آن ملو“ ٻڌايو . هڪ بجي پڳاسين- ننڊ نه ڪئي سين.

20 جنوري 1964ع

ٻه ڪلاڪ ٿڪ ڀڃي 3 بجي (رات) وري روانگي- ناسڪ کان اوري ڦاٽڪ بند- اڌ ڪلاڪ انتظار- شيوا جي مرهٽي-افضل خان- اورنگزيب تي ڳالهه ٻولهه. ”پيپل گائون“ ۾ چانهه پيتي سين- ساڍي ستين بجي ناسڪ پڄڻ- رام سيتا-پانڊو- سيتاهرن- رامچندر مندر-اگناپور ۾ ماني-مرهٽڪي هيڊ ۽ کٽائي گهڻي – نه وَڻي- دڳ ۾ ايڪسيدنٽ – سائيڪل سوار ڇوڪرو ڪار هيٺان ايندي بچي ويو- اوچتو بريڪ ڪري- گيتا جو روئڻ – چوڌريءَ سان جهڳڙو- پنجابي ذهنيت- رات جو ماني بزار جي هڪ هوٽل ۾ کاڌيسين. (ڀٽيءَ کان وسري ويو ناسڪ ۾ گوداوري نديءَ تي باک جو سير- گهاٽي پپل هيٺان پتل جي گهاگهرين سان خوبصورت ناريون، ناسڪ بازار مان خريداري، ناسڪ چُر مان ٻئي پاسي وڃڻ، وغيره-مصنف)

21 جنوري 1964ع

صبح جو نيرن ڪري شهر گهمڻ – شهر جي جاگرافي سمجهه کان ٻاهر- جئوير، راجن ۽ موهن جي آفيسن ۾ وياسين. کاڌي ڀنڊار وڃڻ ۽ خريداري- سڀ شيون آڏاڻي جون اُڻيل هيون. اخبار ”ڊان“ ملي وئي. (بمبئيءَ جي انهيءَ چڪر ۾ مان ڀٽيءَ سان گڏ نه هوس- مصنف). موهني (ارجن شاد جي شريمتي) آل انڊيا ريڊيو تي هلي –موٽندي جڳت آڏواڻي گهر لاٿو-گيتا جي گهر موهنيءَ، راڻي ۾ ”بادل ڙي بادل ڙي، منهنجا نيڻ نٿا بَس ڪن“ ڳايو-هن جي ڀيڻ ارجن جي ساليءَ سُڌا ”جنهن جي ماءُ ڏني مون کي لولي“ ڳايو- جوتي ڪلش ڇلڪي(؟) بتيون وسائي ڳاتائين-اُتي نند جويري کي هري موٽواڻي وٺي آيو. ٻڌايائين ته اڄ طارق اشرف جي شادي هئي-مذهب ۽ ڪلچرتي شادين جي نسبت سان بحث (غالباََ ڀٽيءَ گفتگوءَ لاءِ بار بار بحث لفظ ڪم آندو آهي-ش. ا) رات جو جوهوءَ وياسين. راجوءَ کي ڌنڌي ۾ نقصان ٿيو هو. موڊ خراب، گيتا ۽ راج جو جهيڙو، گيتا چادر کڻي هلي وئي- پنهنجو ۽ اياز جو جهڳڙو ٿي پيو(ڀٽي زندهه هجي ها ته هن کان پڇان ها ته ڇاتي جهڳڙو ٿيو هو؟ دراصل ڪوئي جهڳڙو ڪونه هو. ڀٽيءَ خريداريءَ لاءِ ڪافي پئسا ٿي گهريا. مون هن کي ٿورا ڏنا ڇوته مون ڪافي ڪتاب ورتا هئا ۽ مون وٽ پئسا بچيا ئي ايترا هئا. جيستائين هئا تيستائين مون ڀٽيءَ کي ڪڏهن انڪار نه ڪيو هو. ان ڳالهه ۾ نوبت جهڳڙيب تائين به ڪونه پهتي هئي، ٻيو جهڳڙو هو مون کي ياد نه ٿو اچي-مصنف)

22جنوري1964ع

صبح جو راجو شهر هليو ويو، نيرن ڪئي سين ته موٽيو. راج سان شهر جو چڪر- جئوير ۽ راج جي آفيس-سندس دوست ٽنڊن چوڌري-مَرِين ڊرائيور-ايراني هوٽل تي چانهه –بمبئي يونيورسٽي- موهن جي آفيس ، بس جي سواري-قطار-چڪر اياز بور ٿيو-موٽي آياسين-مالهي ۽ جڳت آيا-لکمي چندر گٽار ٽيپ رڪارڊر آندو- اياز شعر رڪارڊ ڪرايو.

23جنوري1964ع

صبح جو نيرن تي ڳالهيون ڪندي روئي ويٺس(افسوس ڀٽي زنده نه آهي جو هُن کان پڇان ها ته ڇو رُنين؟ هن جو جواب جيڪر ڪيئي ڳالهيون سلجهائي سگهي ها! مصنف) منجهند تائين گهر رهياسين. گيتاڪڙهي، ڀاڄيون ۽ چانور تيار ڪيا. شام جو ريڊيو ڪلب پارٽي-کيمچند، راهي، مايا،جئوير، راجن ٽنڊڻ، وِوِد ڀارتي، ورو شرما، هري پنڪج، گوپ گولاڻي، واسديو نرمل، پوپٽي هيراننداڻي، شاد، موهني، سُڌا، اُتان  هئنگنگ گارڊن-ڪملا نهرو پاڪ- شاد سان گروپ فوٽو-شاد وٽ سُڌا جو ”يون حسرتون ني داغ محبت کي دهوليا“ ۽ ”جوتي  کلش چهلکي“ ڳائڻ-گيتا ننڊ ڪري پئي ۽ کونگهرا هڻڻ لڳي. (فقط ننڊ واري ڳالهه صحيح آهي. باقي ڀٽيءَ جو وڌاءُ آهي. ڀٽيءَ کي غصو گهڻو هوندو هو- مصنف) شام جو ڪيرت جي گهر گڏجاڻي-گُنو، مايا، راهي، ايشور چندر، لوڪناٿ جيٽلي، هري نند، پنڪج هري، جئوير، آنچل، گوپ گولاڻي، لعل، ڪويتا. سندري، اُتم، ڪِشور، سڳن، ايم ڪمل، واسديونرمل، -5 بجي تائين ڳالهه ٻولهه ڪئي. سيڪس (Sex) تي بحث- سماج، اديب، جنسيات، سڳن جا لطيفاـــ اُتم تي دوستن جو حملو(زباني) ڇهين بجي گهر اچي سامان ٻڌڻ لڳاسين ـــ سڀاڻي روانگي آهي.

26جنوري1964ع

موڪلاڻيءَ جي گڏجاڻي ڪيرت جي گهر ٿي- صبح جو شيو (Shave)، سنان ڪري واشنگ تان ڪپڙا کڻي آيم- گنو ۽ موهن گهر آيا- اياز ۽ موهن جو ادب، ترقي پسند ادب ۽ اُتم تي ڇتو بحث-ڪتاب ڪجهه کنياسين، ڪجهه اُتي بند ڪري رکياسين. پاڻيءَ واري جهاز يا ريل رستي موڪلڻ لاءِ. گيتا هَر هَر چانهه پياريندي رهي-مان نند جويريءَ سان ٿاڻي تي رپورٽ روانگيءَ جي ڪرائڻ ويم. شام جو ڪيرت وٽان گهڻا دوست گڏجي ايئر پورٽ تي آيا ـــ جئوير، گوبند پنجابي، سڳن، سنتو واسواڻي، گيتا، واسديو نرمل، جڳت، ديوي، ارجن موٽواڻي، موهن (شايد سُندريءَ مونکي هڪ ڏينهن اول چيو هو ته سڀاڻي مان ايئرپورٽ تي نه ايندس. مصنف). اندر لائونج ۾ وڃنڻ لاءِ انتظار پئي ڪيوسين ته هڪ سنڌي هندوءَ جو اچڻ، جو نالا پڙهي سنڌي سمجهي ملڻ آيو هو ۽ بسڪٽ جو دٻو کڻي آيو هو. مون کيس ٻڌايو ته شيخ مبارڪ (منهنجو پاسپورٽ ۾ نالو ـــ مصنف) به سنڌي آهي ته اُن سان مليو ـــ هن جو اهو روز جو معمول اهي ته ڪراچيءَ ويندڙ مسافرن جي لسٽ پڙهندو آهي ۽ جيڪو سنڌي لڳندو اٿس اُن کي سوکڙي ڏيندو آهي.

سُڪل ڳوڙها وَري جاري ٿي ويا ــــ رُئندڙ اکين ۽ ڳرن پيرن سان جهاز تي چڙهياسين. جهاز مٿي چڙهيو ته ايئرهوسٽس کي وسڪيءَ جو چيوسين. اڌ ڪلاڪ ۾ پئنٽ پوري ڪري ننڊ ۾ هليا وياسين ۽ ڪراچيءَ ايئرپورٽ تي هوسٽس جاڳايو ـــ سڀ مسافر لهي ويا رڳو اسان ٻه وڃي بچياسين. (ڀٽي مون کان اڳ جاڳيو هو. هن کي مون کي جڳائڻ ۾ دير ٿي ـــ ٽي ڀيرا ته هن وارن کان ڇڪي ڪنڌ مٿي ڪيو، پر وَري اُهو جهڪي ويو. هُن وٺي رڙيون ڪيون ۽ ايئر هوسٽس مونکي مُنهن تي پاڻيءَ جا ڇنڊا هيان. دراصل مهيني کان انهيءَ سفر ۾ مون فقط هڪ رات جيتري ننڊ ڪئي هئي. مصنف)

ڀٽي جا اکر ڏاڍا خراب آهن ۽ مون مشڪل سان اُنهن کي پڙهيو آهي. جيڪي لفظ مونکي سمجهه ۾ نه آيا آهن. اُنهن کانپوءِ مون (؟) نشاني ڏني آهي ۽ جيڪڏهن ڪجهه وضاحت طلب آهي، انهيءَ جڳهه تي مختصر نوٽ شامل ڪيو آهي ــــ مان هن سفر تي هڪ نهايت خوبصورت سفرنامو يا ناول لکي سگهان ها، جو پاسترناڪ جي ناول ”ڊاڪٽر زواگو“ کان زياده زوردار ثابت ٿئي ها پر حالتن جي ستم ظريفيءَ مونکي ائين ڪرڻ نه ڏنو. مان ڊائري به ڀٽي وانگر نه لکان ها. هن فقط پنهنجي پسند جون ڳالهيون لکيون آهن. مونکي ڊائري وفات کان ٻه ٽي مهينا اڳ ڏني هيائي، جا مون هينئر پهريون ڀيرو پڙهي آهي.

وڌيڪ ڇا لکان؟ هڪ شعر ٿو ياد اچي جو مون ننڍي هوندي پڙهيو هو:

اکنون کرا دماغ که پرسد ز باغبان

بلبل چه گفت، گل چه شنيدو صباچه کرد.

ترجمو: هاڻي ڪنهن کي ايترو مٿو آهي جو باغبان کان پڇي ته بلبل ڇا چيو، گل ڇا ٻُڌو ۽ پرهه جي هير ڇا ڪيو! (مصنف)


 

 

 

ضميمو ٻيو

عوامي ادبي انجمن جو پڌرنامو

 

(نوٽ: هي هڪ ڪميونسٽ پڌرنامو آهي، جنهن سان هاڻي مون کي اتفاق نه آهي.)

 

اڄڪلهه اسان جو سماج وڏين آزمائشن منجهان گذري رهيو آهي. پاڪستان کي وجود ۾ آئي ويهه ورهيه ٿي چڪا آهن، پر اسان جي سماجي زندگيءَ جو رخ اڃا قائم ٿي نه سگهيو آهي ۽ نه اڳتي وڌڻ جون اسان جي اڳيان ڪي راهون ئي واضح ٿي سگهيون آهن. ماڻهن کي پنهنجي قسمت جي فيصلي ڪرڻ جو اختيار نصيب نه ٿيو آهي. زبان ۽ قلم تي قسم قسم جون پابنديون لڳل آهن ۽ ان سبب چوڌاري بي چيني ۽ مايوسي پکڙيل آهي، ادب ۽ فن جو سرجڻهار طبقو، جنهن جو فرضِ عوام جي رهنمائي ڪرڻ هو، پاڻ ئي ذهني مونجهارن ۾ ورتل آهي ۽ ان ۾ ڪي اهڙا لاڙا اڀري رهيا آهن جيڪي ادب ۽ سماج ٻنهي لاءِ هاڃيڪار آهن. ڪي قلم جا صاحب زندگيءَ کي ئي اجايو ۽ بي مقصد سمجهڻ لڳا آهن. ڪي اديب پنهنجي تجربي، مشاهدي ۽ مطالعي جي باري ۾ سائنسي نقطه نظر اختيار ڪرڻ بدران توهم پرستيءَ کي اُڀاري رهيا آهن. ڪي قدامت پرستيءَ ۽ انڌيءَتقليد جو پرچار ڪن ٿا ۽ تنقيد، اجتهاد ۽ نون تجربن کان پري ڀڄن ٿا. ڪي صاحب هئيت جي تجريدي تجربن ۾ رُڌل آهن ۽ نئين تخليق جي ماهيت ۽ معنويت کي ڪابه اهميت نٿا ڏين. ڪي اديب شديد داخليت ۽ فراريت جو شڪار آهن. مطلب ته هنن اديبن جون لکتون، انساني زندگيءَ جي مسئلن جي احساس کان خالي ٿينديون وڃن ٿيون.

اسين هي سمجهون ٿا ته اديب، دانشور ۽ فنڪار سماج جي ضمير جو آواز ۽ سماج جا حساس ۽ باشعور عنصر ٿين ٿا. اسان جو هيءُ ويساهه آهي ته پنهنجي تخليق وسيلي، پنهنجي سماج ۽ عام انساني سماج جي بهتريءَ ۽ ترقيءَ ۾ مدد ڏيڻ، اسان جو هڪ سماجي ۽ اخلاقي فرض آهي. اسين ان ڳالهه جو شعوري احساس رکون ٿا ته اديب پڻ ٻين شهر واسين وانگر، اجتماعي زندگيءَ جو هڪ فعال حصو ٿين ٿا. پنهنجي فرض جو هي احساس اسان جي انهيءَ ادبي نقطه نظر جو نتيجو آهي ته سمورو ادب حقيقت ۾ سماجي زندگيءَ جي ئي پيداوار ٿئي ٿو ۽ ٻيو ته هر صحيح ۽ صحتمند ادب اجتماعي زندگيءَ جي رڳو عڪاسي ئي نٿو ڪري بلڪه ان جو معمار ۽ رهنما پڻ هوندو آهي. زندگيءَ جي تنقيد ڪرڻ ان جو حق آهي ۽ سائنسي ۽ عقلي بنيادن تي ان جي تبديليءَ ۾ مدد ڏيڻ ان جو فرض ٿئي ٿو.

اِهو نقطه نگاهه اسان کي هي به سيکاري ٿو ته، اُها سماجي حقيقت جنهن کي سمجهڻ ۽ ٻين کي سمجهائڻ ۽ جنهن کي بدلائڻ ۾ ٻين سان گڏجي حصو وٺڻ اديب جو اخلاقي فرض آهي. اُها حقيقت پنهنجي سِر هڪ ئي شيءِ آهي ۽ ان کي معيشت، سياست ۽ تهذيب جي الڳ الڳ خانن ۾ورهائي نٿو سگهجي. انهيءَ ڪري، فن جي تقاضائن کي پورو ڪندي، زندگيءَ جي معاشي، سياسي ۽ تهذيبي پاسن جي عڪاسي ۽ تنقيد ڪرڻ ئي هڪ سچي ۽ صحيح اديب جو ڪم آهي.

هيءُ ڪم جيڪو اسان پاڪستاني اديبن کي اڄ پورو ڪرڻو آهي، اڳي ماضيءَ ۾ پڻ اسان جي ملڪ جي اديبن ۽ فنڪارن اهو سرانجام ڏنو هو ۽ انهن کان اسان کي ادب ۽ فنونِ لطيفه جو هڪ وڏو ۽ بي بها خزانو ورثي ۾ مليو آهي. اردوءَ ۾ ۽ قومي ٻولين ۾ عظيم ادبي سرمايو موجود آهي. اسين پاڻ کي ان جو محافظ ۽ امين سمجهون ٿا، پر اکيون ٻوٽي، ماضيءَ جي ساراهه جا ڍڪ ڀرڻ بدران، اسين انهن بزرگن جي فني تخليقن ۽ فڪري لاڙن جي تنقيدي ڇنڊڇاڻ ڪريون ٿا ۽ انهن جي انسان دوستيءَ، حق گوئيءَ، سچائيءَ، انصاف پسنديءَ، صلح جوئي ۽ زندگيءَ مان لطف اندوز ٿيڻ جي جمالياتي قدرن کي پنهنجو اثاثو بڻايون ٿا.

گذريل ويجهي دور ۾ اسان جي اديبن ۽ فنڪارن جمهوريت جي ترقيءَ  ۽ فڪر ۽ خيال جي آزاديءَ جي جدوجهد ۾ جيڪي عظيم خدمتون بجا آنديون آهن، انهن کي پڻ پنهنجي قلم جي وسيلي انهيءَ ساڳيءَ خدمت جي بجا آڻڻ لاءِ،اسان پنهنجي ملڪ جي شهري آزادين جي بحالي ضروري سمجهون ٿا ۽ چاهيون ٿا ته اخبارن، رسالن ۽ ڪتابن جي اشاعت تان هر طرح جون نامناسب پابنديون هٽايون وڃن.

اسان جو هيءُ عقيدو آهي ته شهري آزادين جي بحاليءَ جو سٺو مسئلو اديب ۽ عوام ٻنهي جو گڏيل مسئلو آهي. جڏهن عوام انهيءَ ۾ آزاد هوندا آهن ته پنهنجي تجربي جي روشنيءَ ۾ آزاديءَ سان پنهنجي اجتماعي ترقيءَ جو رستو ڳولي لهن ۽ آزاديءَ سان ان رستي تي هلي سگهن، تڏهن سماج ۾ اهي تخليقي صلاحيتن ۾ جاڳرتا ايندي آهي ۽ جن جي فنڪارانه ترجمانيءَ سان اسان جو  ادبي ڪاوشون، فني تخليق جي صورت وٺنديون آهن. اُن سان گڏوگڏ جيڪڏهن اديبن کي به پنهنجي ضمير ۽ فڪر پٽاندر لکڻ ۽ ڳالهائڻ جي ڀرپور آزادي هجي ته ان حالت ۾ اسين پهنجي سماجي زندگيءَ جي صحيح ترجماني ڪري سگهون ٿا ۽ پنهنجي ادبي تخليق جي مدد سان هِن زندگيءَ جي سڌارڻ ۽ سينگارڻ ۽ حصو وٺي سگهون ٿا.

اسان جي خيال موجب، انهيءَ جمهوري آزاديءَ ۾ قومن جي ترقيءَ جو مسئلو پڻ شامل آهي. اسين چاهيون ٿا ته اسان جي ملڪ ۾ جيڪو مختلف قومن جو وطن آهي، اهي حالتون پيداڪيون وڃن، جن ۾ سڀ قومون، انهن جون ٻوليون ۽ تهذيبون ڪنهن به هڪ قوم جي اثر ۽ دٻاءَ کان آزاد رهي خودمختيارانه ترقي ڪري سگهن. اسين سڀ اديب، سڀني قومن لاءِ هڪجهڙي اندروني خودمختياري ۽ انهن جي ٻولين لاءِ تعليم، دفتر ۽ ملازمتن جي چٽاڀيٽيءَ جي ٻوليءَ جي بنجڻ جو حق چاهيون ٿا ان لاءِ هي ضروري آهي ته اسان جي اڳين غيرملڪي آقائن جي پرڏيهي زبان، انگريزيءَ کي اسان جي درسگاهن ۽ دفترن مان ڪڍيو وڃي ۽ اردو کان اولهه پاڪستان جي مختلف علائقن جي وچ ڳانڍاپي جي ٻوليءَ جو ڪم ورتو وڃي.

اسان جي خيال ۾ پاڪستان جون سڀ قومون هڪجهڙن حقن جون مالڪ آهن ۽ سڀ شهري، بنا ڪنهن نسل، رنگ ۽ مذهب جي ويڇي جي، هڪ ٻئي جي برابر آهن ۽ پاڪستان جي هر علائقي جي رهواسين کي سماجي، معاشي ۽ تهذيبي ترقيءَ جو پورو پورو حق آهي.

اسان جي عوام جي مادي خوشحاليءَ ۽ تهذيبي ترقيءَ لاءِ، جوئي انهن جمهوري ۽ شهري آزادين جو مقصد آهي، اسين هي ضرور ٿا سمجهون ته چالو تعليمي نظام کي، جيڪو غيرملڪي آقائن پنهنجي سامراجي مقصدن لاءِ  اسان تي مڙهيو  هو، ملڪ جي سماجي تقاضائن سان هم آهنگ ڪيو وڃي ۽ سائنسي ۽ عقلي بنيادن تي ان کي نئين سر ترتيب ڏني وڃي. تعليم کي عام ۽ سهانگو ڪيو وڃي ۽ درسگاهن جو معيار بلند ڪيو وڃي، مگر اسين هي محسوس ڪريون ٿا ته اسان جي سماجي ۽ تهذيبي ترقيءَ ۾ ملڪ جي اندروني حالت ۽ عالمي سامراج جي اتحاد سخت رڪاوٽون پيدا ڪري رکيون آهن. عالمي سامراج جي اڳراين جن جو سڀ کان وڏو مرڪز ۽ سهارو آمريڪي سامراج ايشيا، آفريقا ۽ لاطيني آمريڪا ۾ زوريءَ مداخلت ڪري، آزاديءَ ۽ جمهوريت جي قدرن کي جنهن طرح پامال ڪيو آهي، اهو سڀني جي اڳيان پڌرو آهي ۽ خود اسان جي آزاديءَ، معيشت، معاشرت، اخلاق ۽ تهذيب فڪر جي رنگ ڍنگ تي آمريڪي سامراج جي ڳانڍاپي سبب جيڪي هاڃيڪار اثر پئجي رهيا آهن. اُهي روز اسين ڏسي رهيا آهيون ۽ ان اسان جي ملڪ جي جاگيرداريءَ جي باقيات کي جيڪو ڀَرُ ۽ سهارو ڏنو آهي جنهن جي اثر هيٺ اسان جي معيشت، سياست، تهذيب ۽ ادب ۾ جيڪي سماج دشمن ۽ غيرصحتمند لاڙا اڀرن ٿا، انهن کي اسين هر روز محسوس ڪريون ٿا. انهيءَ ڪري اسين پنهنجو هيءُ فرض سمجهون ٿا ته پنهنجي لکتن وسيلي سامراجي قوتن جو مقابلو ڪريون ۽ انهن جي اثر هيٺ اسان جي سياست، سماج ۽ ادب ۾ جي انسانيت دشمن ڳالهيون اڀرن ٿيون، انهن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪريون، ۽ عالمي سامراج جي امن شڪن ڪارواين جي مخالفت ڪريون.

اسان جو ويساهه آهي ته انسان جي بقا ۽ ترقيءَ جو آڌار عالمي امن تي آهي، علم ۽ ادب، فڪر ۽ فن جا ٻوٽا، جنگ جو زهريلي ماحول ۾ ميوو نه ٿا جهلي سگهن، اسان جي راءِ، دنيا جا سڀئي اختلافي مسئلا پوءِ اهي سياسي ۽ معاشي هجن يا انساني ۽ تهذيبي، هڪٻئي سان ڳالهين ٻولين وسيلي حل ٿي سگهن ٿا. قومن ۽ ملڪن کي هڪٻئي خلاف نفرت ۽ جنگ لاءِ اڀارڻ وارن کي اسين امن جو دشمن سمجهون ٿا. انهيءَ ڪري اسين انسان کي انسان جي ويجهو آڻڻ ۽ ملڪن جي وچ ۾ سمجهوتي ۽ دوستيءَ وڌائڻ جي سڀني ڪوشش جو آڌارڀاءُ ڪريون ٿا، بشرطيڪ اهي آزاديءَ. جمهوريت ۽ قومن جي خوداراديت جي اصولن تي بيٺل هجن.

اسان اديبن جو مسلڪ صحتمند ۽ زنده ادب تخليق ڪرڻ آهي. اهڙو ادب جو دل جي گهراين مان نڪري فن جي جمالياتي معيار تي پورو ثابت ٿئي. اهڙو ادب جو حسن ۽ محبت جي نغمگيءَ، عشق ۽ يقين جي سوز، حق ۽ صداقت جي خلوص سان ڀريل هجي. اهڙو ادب جو زندگيءَ جي حقيقتن جي آرسي ۽ انهن جو نقاد هجي ۽ جيڪو ماڻهن کي جاڳائي ۽ اڳتي وڌائي. کين آٿت ڏئي ۽خوش ڪري.

پر اسين هي چڱيءَ طرح ڄاڻون ٿا ته اهڙي انسانيت دوست ادب جي تخليق لاءِ سازگار حالات پيدا ڪرڻ جي جدوجهد اديبن جي الڳ الڳ ۽ اڪيلين ڪوشش سان ڪامياب نٿي ٿي سگهي، ڇاڪاڻ ته انسانيت دشمن قوتون منظم ۽ متحد آهن ۽ پنهنجي سرپرستي ۽ اديبن جون تنظيمون قائم ڪري، انهن کي پنهنجي زور ۽ زر سان گمراهه ڪن ٿيون، تنهنڪري اسان اديبن کي منظم ۽ متحد ٿي ڪري، انهن جي خلاف جدوجهد ڪرڻ پوندي، تان ته اديب ۽ ادب کي انهن جي هاڃيڪار اثرن کان بچايو وڃي. انهيءَ مقصد واسطي اسين پنهنجي ادبي تنظيم، ”عوامي ادبي انجمن“ جو بنياد رکون ٿا. هيءَ اسان جي ملڪ جي سڀني ٻولين جي ادبي انجمن آهي، جيڪي انسان دوست ۽ صحتمند ادب جي تخليق کي پنهنجو فرض سمجهن ٿا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org