مان ساهيوال جيل مان نڪتس ۽ سکر ۾ 1976ع تائين وڪالت ڪيم. وڪالت
۾ مون لاءِ نيم ــ ادبي مصروفيت هئي، اُن جي ذريعي
آئين ۽ قانون سان آشنائي ٿي ۽ مون ڏٺو ته ڪيئي آمر
اُن کي ائين استعمال ٿا ڪَن، جيئن ٻار جوئر جي
ڪاني تي لانگ ورائي اُن کي گهوڙي وانگر استعمال
ڪندا آهن. اڃا ڪائي ترميم پڙهي پوري نه ٿي ڪئي ته
ان جي ترميم ڪئي ٿي وئي. بيورڪرئٽ، خچر جي آچار
هيا ۽ گڏهه وانگر گوهي به ڪري رهيا ها. ان وچ ۾
بار روم ۾ ڪچهريون ٿينديون هيون، وڪيل وقت تي ڪيس
هلائي اچي اُتي ويهندا هيا ۽ چرٻٽو لائي ڏيندا
هُيا. ڪيئي سياستدان آيا، جن ۾ چوڌري محمد علي،
مودودي، جي. ايم. سيد، رسول بخش پليجو، آريسر، ڄام
ساقي، وسيم سجاد وغيره شامل آهن، سڀ پنهنجون
ٻولڙيون ٻولي ويا. سکر ڊسٽرڪٽ ۽ هاءِ ڪورٽ بار،
منهنجي وائيس چانسلر ٿيڻ کان اڳ ۽ پوءِ سياسي
آکاڙو رهي. پنهنجي جَت مان ته جان ڇٽي وئي هئي، پر
رَتيءَ جي رهاڻ اڃا هئي. اهو وقت مان بئنڪ ۾ ايل.
سي
(L.C)
کولي آمريڪا مان نوان ڪتاب گهرائيندو هوس. 13
ڊالرن جو ڪتاب هڪ ڊالر ۾ ايندو هو ۽ چئن ڪتابن تي
هڪ ڪتاب تحفي طور موڪليندا هيا. ان دور ۾ مون
بورجوا ادب ۾ ڪميونزم جي ترديد ڪندڙ
(Dissident)
ادب ڪافي پڙهيو، جڏهن منهنجا همعصر رڳو ماسڪو ۾
ڇپيل ڪتاب پڙهندا هئا، جي رُپئي سوا وڪامندا ها.
منهنجو ڊائريون به ڪيتريون آهن پر ساهيوال جيل کان
ٻاهر ڪا سلسليوار ڊائري نه رکي آهي.
اڪثر سيشن جج عذاب ها، نيم خوانده، قانون کانسواءِ دنيا جي هر
علم کان بي بهرا، ضدي، خودسَر، سطحي ۽ ڪوتاهه بين!
ٻيو ته ٺهيو پر ڪن جي جنسي بي راهه روي ته ساري
شهر ۾ مشهور هئي. هڪ جج جو مشهور
Homo Sexual
(ساڳي جنس سان عيش پرستيءَ جو قائل) هو، تنهن هڪ
ڀيري چيو:
”تون سنڌيءَ جو وڏو ماهر آهين. ڪو
Homo Sexual
جهڙو شريف لفظ سنڌي ۾ ڳولي ڏي. مون کي ته
چـُ..... چئي ماري وڌو اٿائون.“
هڪڙو وڪيل پنهنجي نوڪر کي پنهنجو ڪمر ڪش ڪوٺيندو هو. ٻيو پئسا
ڪمائي، وئڪيشن ۾ دنيا جا چڪر ڏيندو هو، جيئن هو
قحبائن ۾ گيشائن سان ملي سگهي. هڪ ڀيري هن مون کي
ٻڌايو هو ته:
”هو فرئنڪ فرٽ مان رستي تان ويو ٿي ته سامهون بالڪنيءَ ۾ بيٺل
هڪ قحبه هن کي اسڪرٽ مٿي ڪري انگ ڏيکاريا.“
مون هن کان صرف ايترو پڇيو :
”ڇا اُهي سنڌي عورت جي انگن کان مختلف هئا؟“
هڪ ڀيري خيرپور ۾ هڪ جج جي چيمبر ۾ ويٺو هوس. هو سکر ۾ به رهيو
هو ۽ منهنجو واقف هو. هن وٽ ٻه ٽي ٻيا وڪيل ٻه
ويٺا هئا. هن سارو وقت هم جنس پرستيءَ جي باري ۾
ڳالهيون ٿي ڪيون. مان پنهنجي ڊائريءَ ۾ ڪجهه لکي
رهيو هوس. هن رنج ٿي چيو:
”ڇاٿو لکين؟“
”معاهدو ٿو لکان.“ مون وراڻيو.
”ڪهڙو معاهدو؟“ هن پڇيو:
”اِهو ته بهشت ۾ تنهنجون حورون مون کي ملن، منهنجا غلمان توکي
ملن.“ مون چيو.
ان تي ويٺل وڪيل ڏاڍو کليا ۽ چيائون:
”اسان به سڀئي حورون توکي ڏنيون، پنهنجو هڪ ٻه غلمان اسان ڏي به
لاڙجانءِ.“
اهڙيءَ قوم سان منهنجو ڪم پيو هو، وڪالت جي پيشي ۾ به ! ٻه ٽي
ڊينڊا، ڊڻآ، ڊيمڻڪا جج هوندا هئا! ڪيڏو نه غرور
هوندو هو انهن کي! ڪورٽ جي ڪاريڊار ۾ ائين گهمندا
هئا ڄڻ بدڪ آنو لاهڻ لاءِ وڃي رهي آهي!
مان جڏهن کان بيمار ٿي ڪراچي آيو آهيان، ته اهڙي صحبت کان نجات
لاءِ خدا جو شڪر بجا آندو اٿم. ها، وڪالت ۾ منهنجا
ڪافي دوست مڙس ماڻهو هوندا هئا، حبيب الله، نظام
بلوچ، حنيف منگي، غني شيخ ۽ ڪجهه ٻيا جي عورت سان
عشق کي اهميت ڏيندا هئا ۽ قوم لوط کي حقارت سان
ڏسندا هئا. منهنجي وڪالت جي زندگي تمام وڏو داستان
آهي، جنهن ۾ ڪيتري ڪُت خلق آئي آهي! راشي، ڪامورا،
ڪم چور ۽ ڳنڍ- ڪپ وڪيل، ظالم ۽ جابر پوليس آفيسر،
منشي مڙي، ڪاموري ڪڙي جا پيڙيل اصيل، بگهڙن ۽ چيتن
جهڙا ڏوهاري، لونبڙن جهڙا ٺڳ، گهر جي گهاڻي ۾
جوٽيل عورتن جي سارو ڏينهن سخت پورهيو ڪرڻ جي
باوجود به مرد جي ٿُڪ لعنت ۾ هونديون هيون، چرس ۽
عورتن جا اڏا هلائيندڙ، قانون جا ڪيڙا،جعل ساز ۽
نؤسرباز جن جو مطالعو اي. آءِ.آر ۽ پي. ايل. ڊي ۽
ٻين لا رپورٽن کان سواءِ ڪجهه به نه هو ۽ پوري
اخبار به نه پڙهندا هئا ۽ اهي جي وڪالت کي سياست ۽
سياست کي دولت ۽ اقتدار جو ذريعو سمجهندا هئا،
اُنهن تي مان ڏهه ڪتاب لکي ٿو سگهان. هي ته ڪجهه
يادگيريون هيون جي هن سفرنامي ۾ ذهن جا دروازا
کولي بنا اجازت جي هليون آيون آهن.
مسلسل سکر جي ذڪر سبب ياد مون کي اُهو به ٻڌائي پئي ته ان شهر ۾
مون محبتون به ايتريون ڪيون آهن، جو لارڊ بائرن جي
صف ۾ بيهي ٿو سگهان. بهرصورت هن عمر ۾ ان ڳالهه جي
تفصيل نه رڳو غير ضروري آهي، پر ندامت جو باعث به
آهي. مان ڪو جوش مليح آبادي نه آهيان،ته مون کي
”يادون کي بارات“ لکڻو آهي ۽ نه هن وانگر پنهنجيءَ
بيگم کان چوائڻو آهي:
”ماريو، ڪوڙ ٿو ڳالهائي.“
پر مان ايترو ضرور چوندس ته عورت ۾ مون کي آدرشي عورت جي تلاش
هوندي هئي، جا مون کي آخر تائين ملي نه سگهي. سڀ
عشق خود فريبي هئا، اها ٻي ڳالهه آهي ته اهي شراب
وانگر شاعريءَ لاءِ مهميز هئا. انهن جذبات کي اهڙي
جادوگريءَ ۾ ڀٽڪايو جو ڪنهن وقت ته مومل کي سومل
جي ٻک ۾ ڏسي به ڪرڀ نه آئي.
اياز، هاڻي وري پٺتي موٽ! پنهنجي اصل موضوع کان ڪيترو اڳي نڪري
آيو آهين! جمال ابڙي کان جدا ٿي ڪافي وقت ٿي ويو
آهي ۽ هن کي اسلام ڪوٽ ۾ سيٺ نهال وٽ ڇڏي آيو
آهين. ابراهيم جويو ۽ رشيد ڀٽي به انتظار ڪندا
هوندا . بهتر ٿيندو ته پٺتي موٽان. منهنجو من ڪيڏو
نه چنچل آهي! هڪ ورانگهه سان ضلعا، صُوبا، مُلڪ،
کَنڊ ٽپي ٿو وڃي. في الحال اُن تي روڪ رکي، وري
پٺتي وران انهيءَ چوياريءَ ڏانهن جا سيٺ نهال چند
جي اوطاق ۾ ڪچهري ڪري رهي آهي، ڪيڏي نه گرمجوشيءَ
۽ محبت آهي هن ۾، پنهنجپائيءَ کي به ڪا حد ٿيندي
آهي!
مٺي هاڻي ضلعو آهي، اُن وقت تعلقو هو ۽ اسلام ڪوٽ مٺيءَ ۾ مشهور
شهر هو. پهريون ان جو نالو ”اسلام ڳڙهه “ هو جو
ٽالپر دؤر ۾ رکيو ويو هو. ڳڙهه مان ڪوٽ ڇو ٿيو؟
اهو مان نه ٿو چئي سگهان . حيرت آهي ته انهيءَ
اسلام جي ڳڙهه يا ڪوٽ جو مُکي هڪ هندو هو! نهال
چند وَٽ ڪچهريءَ ۾ به لهاڻا هئا، جي پڙهيل ڳڙهيل
هئا! ٺَڪر، ڪولهي، مينگهواڙ ۽ ٻيون قومون به هيون.
پهريون اسان چانهه پيتي پوءِ ڪجهه راڳ ٻڌاسين .
انهن راڳن مارواڙي، ڪاٺياواڙي ۽ گجراتي سنگيت مان
جنم ورتو هو. اُتي ڳائڻ وڄائڻ وارا نهال چند جا
برخورداربه هُئا ۽ مڱڻهار به هئا. هڪڙي راڳيءَ ته
”گاڏيئڙو“ ائين ڳاتو، جو هن جي آواز مان بيل
گاڏيءَ جي هلڻ جو آواز پئي آيو. ٻئي ڪنهن پکيءَ جي
باري ۾ گيت ڳاتو ۽ هن کي مٺيءَ ٻوليءَ ٻولڻو ٿي
چيائين. شايد اهو پکي انساني روح جي علامت هو.
مائي ڀاڳيءَ جي سُر ۾ امر گيتن مان”نهين ماروي ري“
”کڙي نيم کي نيچي“ ”پکا پکن سامهان“ ”پوپٽيا“
ٻڌايا. مون ڀاڳيءَ جو ڪئسٽ به ٻڌو آهي. ائين ٿو
لڳي ته هن کي اونهو رڳو اهو آهي ته ٿر جا گيت
زندهه رهن. اسيمبليون ڪهڙا به قانون ٺاهن، ان سان
واسطو نه آهي. قانون عارضي آهي، گيت پاينده آهي.
هر آمر جو آخري آرامگاهه ڌرتيءَ جا ڪجهه فوٽ آهن.
شاعر جي والار ساري ڪائنات ۾ آهي. شيڪسپيئر ڪنهن
ڊرامي ۾ چيو آهي:
Not marble nor the gilded monuments
of princes shall out live the powerful rhyme.
ترجمو: نه سنگ مرمر نه شهزادن جون سونهري محل سرائون،
شاعر جي زوردار ترنم کان وڌيڪ پائيدار آهي.
هن شاعر کي مخاطب ٿي اهو به چيو آهي:
But thy etemal summer shall not fade.
(انت تائين تنهنجو اونهارو نه مُرجهائبو)
مٿين سٽ پڙهي اهو خيال ۾ رکيو وڃي ته انگلينڊ، جو شيڪسپيئر جو
وطن هو، اڪثر برفباريءَ هيٺ هوندو آهي ۽ سياري جو
وڻ ٽڻ ڇڻي ويندا آهن، رڳو اونهاري ۾ اُهي ڦٽي
پوندا آهن. اهو ڦيرو گهڻو ڪري اپريل ۾ ايندو آهي.
نهال چند جي اوطاق تي ڪنهن کي سُرندو هو، جنهن ڪجهه لوڙائو ۽
ڪجهه سانوڻ فقير جا بيت ٻڌايا، ڪنهن مصري شاهه جي
ڪافي ٻڌائي، هنن کي جانجهه، کڙتال ۽ دنبورا هئا.
ٻه ٽي مڱڻهار به هئا، جن کي دهل ۽ سارنگي به هئي.
ٻولي گهڻو ڪري ڍاٽڪي هئي. اسان کي ”راسوڙا“ به
ٻڌايائون ، جي شاديءَ رات ڳائيندا آهن.
پوءِ اڌ رات تائين ناچ هلندا رهيا. ناچ ۾ پيرن هٿن جي نرت هئي.
ڍول زور سان وڄي رهيو هو ۽ ڏهه پندرنهن ماڻهو نچي
رهيا هئا. ناچو اتان جا هاري هئا يا دڪاندار طبقي
جا ماڻهو هئا. انهن ۾ نٽڻيون ڪونه هيون . هنن اسان
کي ڏانڊين جي راند ڪري ڏيکاري. هرهڪ کي ڪاٺيءَ جو
”ڏانڊو“ هو. مان ڀانيان ٿو ته کين ٻاجهر جا سُڪل
ڪانا هئا. هو هٿن سان اشارا ڪندا، بدن موڙيندا،
گول دائري ۾ ڦرندا ويا ۽ ڏانڊيا هڪ ٻئي سان
ٽڪرائيندا رهيا. گهنگهور ڪڪر چمڪي رهيا هئا،
ڏانڊين جو ٽڙڪو ٿي پيو. اسان کي ٿر جو ناچ”کڳي“ به
ڏاڍو وڻيو. مٽڪو راند به ڏاڍي پسند آئي. هڪ ڍول ٿي
وڄايو ته ٻيو نچيو ٿي، هو جمالي وانگر ٿي لڳي.
پائو وڄايائون جو بين يا نٽ وانگر ٿي لڳو. لوڪ گيت
لکيئو، ڍاٽيئڙو ۽ مڻهيار به ڏاڍا وڻيا. نهال چند
ٻين لوڪ گيتن جوبه ذڪر ڪيو، ڪجليو ، ڀئييو ، هينڊا
مڻي، لِيالو ، پَڻهاري، جوڌاڻو ، مڱريو ، ڪونجل،
پڻهاري وغيره. رشيد ڀٽي اهو سڀ ڪجهه ڏسي ۽ ٻڌي
ايترو متاثر ٿي ويو جو چيائين ته:
”شل سڄي سنڌ ٿر هجي!“
ان تي سيٺ نهال چند يڪدم چيو:
”شل سڄو ٿر سنڌ هجي!“
جيتري قدر ياد ٿو اچي اسان کي ڏورو به ٻڌايائون، جو زالن جو
لوڪ گيت آهي.
مون کي اسٽالن تي ايترو غصو آهي، جو جيڪڏهن هو جيئرو هجي ها ۽
منهنجي وَس ۾ هجي ها ته مان کيس ٻيرا ٻيرا ڪري
ڇڏيان ها، پر هو جارجيا جي هڪ موچيءَ جو پٽ،
جيستائين اقتدار ۾ آيو ۽ بي انتها ظلم ڪيائين،
تيستائين هن جي زندگي عوامي هئي ۽ خود زارشاهيءَ
جي جبر وتشدد جو نشانو هو. هن کي علم وادب جي
ايتري ڄاڻ نه هئي، پر هن کي لوڪ گيت ڏاڍا وڻندا
ها. لوڪ گيت شاعر جي اَنا کي مليا ميٽ ڪري ڇڏي ٿو.
اُن ۾ هن جو ڪوئي تخلص نه آهي، نالو نشان نه آهي.
هو عوام جي نفسيات جو حصو ٿي وڃي ٿو ۽ ان ڳالهه ۾
ئي ان جي عظمت آهي. لوڪ گيت مقامي روايت جو حصو
آهي ۽ اُهو عوام کي ورثي ۾ ملي ٿو. ان ۾ شائستگي
ايندي ٿي رهي ۽ خاص طور تي ديهات ۾ نسل درنسل رهي
ٿو ۽ اهي ديهاتي جي پڙهي نٿا سگهن ۽ نه اها ٻولي
سکي سگهن ٿا، جا هو ڳالهائن ٿا، اهي به لوڪ گيت
ڳائن ٿا. مغرب ۾ به هر قوم ۾ اڪيچار لوڪ گيت ملن
ٿا. لورڪا جي شاعريءَ کي جپسي لوڪ گيت اتساهيندا
ها. جپان جا گيشائن جا گيت ايترا ته پيارا آهن جو
انهن کي پڙهي روح لرزي وڃي ٿو. هندستاني مصنف
ديوندر سَتيارٿي هندستان جو ڳوٺ ڳوٺ گهمي اتان لوڪ
گيت ڪٺا ڪيا ها. دراصل لوڪ گيت جي ترتيب، ان کي
مخصوص ترنم يا بحر وزن ڏيڻ هڪ ادبي گناهه آهي،
جنهن جو آنءُ به مرتڪب ٿيو آهيان. اهو ته ائين آهي
جيئن ٿر جا گل ٻوٽا ڪراچيءَ جي پارڪ ۾ لڳايا وڃن،
اُهي گهڻو ڪري نه اُسرندا ۽ مرجهائجي ويندا. لوڪ
گيت ان گلن وانگر آهي، جن جو ٻج نه لڳايو ويندو
آهي ۽ جو ڌرتيءَ مان ازخود ڦٽندا آهن.
لوڪ گيت جي ابتدا هن ڪائنات جي ابتدا وانگر ابهام ۾ ويڙهيل
آهي. ڪي چون ٿا ته سارو فنِ لطيف لوڪ فن تي ٻڌل
آهي. رومن سلطنت جي زماني ۾ لوڪ گيت (ٻن ٻولن
وارا) هوندا ها ۽ اُهي مقبول به هوندا ها ۽ جن ۾
اها سنسڪرتي به هوندي هئي، جا شهر طبقي اڃا توڙ تي
نه پهچائي هئي.
W.J. Thomas 1848ع ۾ لفظ لوڪ ڪٿا
“folk lore”
ايجاد ڪيو. تيستائين لوڪ ادب کي پراچينتا
(Antiquities)
۾ شمار ڪيو ويندو هو. اهو لکيو نه ويندو هو. سيني
به سيني اُن جي ڪايا پلٽ ٿيندي رهندي هئي. هونءَ
ته اهو ويهينءَ صديءَ ۾ وادو داد ٿيندو رهيو ته
لوڪ ادب جي رچنا به ٿيندي آهي يا نه؟ ڇا ڪوئي چئي
سگهي ٿو ته ”هو جمالو“ ڪنهن ٺاهيو هو؟ اُن ۾
پيڙهيءَ پيڙهيءَ لفظ وڌايا ها، تان جو انگريزي
تهذيب جا لفظ ”جنهنجو پيٽ لمليٽ ٿي“ ان ۾ اچي ويا.
اهو لفظ لمليٽ ”ليمونيڊ“
(lemonade)
جو کارڙ ترجمو آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لوڪ
گيت، بيت، نڙ بيت ۽ ٻيو اڪيچار لوڪ ادب سنڌيءَ ۾
ڪٺو ڪيو آهي. تازو پاڪستان جي لوڪ ورثي جو
ڊائريڪٽر جنرل عڪسي مفتي مون وٽ آيو هو ۽ هُن
ٻڌايو ته هو لوڪ ورثي پاران پاڪستان جي لوڪ ادب
ڪٺي ڪرڻ جي ڪيتري ڪوشش ڪري رهيو آهي. پنجابي لوڪ
گيت، پوٺوهار جا لوڪ گيت، بلوچي ۽ بروهي لوڪ گيت ۽
پشتو ٽپا وغيره اردوءَ ۾ ڇپجي چُڪا آهن پر ان ڏس ۾
جيتري ڪوشش سنڌي ادبي بورڊ ڪئي آهي، پاڪستان جي
ڪنهن به اداري نه ڪئي آهي ۽ انهيءَ لاءِ جويو صاحب
جَس لهڻي.
انئگلو آمريڪي لوڪ گيت جي ساخت ڪمزرو آهي پر مغربي لوڪ گيت به
تيرنهينءَ صديءَ تائين پٺتي ٿا وڃن. چاسر
(Chaucer)،
شيڪسپيئر ۽ برنس تي لوڪ گيتن جو اثر آهي، جيئن
ڀٽائيءَ، سچل سرمست ۽ مون تي انهن لوڪ گيتن جو اثر
آهي. جيتوڻيڪ منهنجا آزاد نظم
free verse
جا جديد ترين نمونا آهن. ارڙهين صديءَ جي آخر ۾ جا
رومانوي تحريڪ شروع ٿي، لوڪ گيتن جا لفظ شاعريءَ
۾ڪم اچڻ لڳا، خاص طور انگلنڊ بشپ پَرسي
(Bishop Percy 1777-1811)
۽ جرمني ۾ جي. جِي وان هرڊر
(J.G.Von Herder 1744-1811) ڪم آندا. پر مغرب جا لوڪ گيت ۽ لوڪ سنگيت هندستان ۽ پاڪستان جي
لوڪ گيتن ۽ لوڪ سنگيت کي خاص ڪري سنڌ جي لوڪ گيتن
جي دَز کي به ڇُهي نه ٿا سگهن. اسپين جي رومانوي
داستانن
(Ballads)
۽ زنگي جنگين
(Moorish wars)
جي باري ۾ ڪجهه مجموعا شايع ٿيا آهن. اهي اُنهن
يهودين ڪَٺا ڪيا آهن، جن کي اسپين مان 1492ع ۾
جلاوطن ڪيو ويو هو ۽ پوءِ يونان ۾ رهندا ها،
جيستائين هو آمريڪا ڏانهن هجرت ڪري ويا.
صنعتي تهذيب اسانجي لوڪ گيتن کي نهايت نقصان رسايو آهي.
آڊيوڪئسيٽن، ريڊيو ۽ ٽي. ويءَ وسيع پيماني تي
بدذوقي ڦهلائي آهي. ڪجهه وقت اڳ پراڻا آئرلنڊ جا
بربط نواز
(Irish Harpers)
اڃا هيا ۽ اسڪاٽ لئنڊ ۾ اڄ به اسڪاٽ شرنايا
(Scot Pipers)
آهن. پر برٽشِ آمريڪن ڪوئلي ــ کاڻين جي مزدورن
(Coal miners)
جا گيت ۽ آمريڪا جا ريل رستي جا گيت
(Rail road songs)
ديهاتي تهذيب جي ستياناسي ڪري رهيا آهن. صنعتي سماج لوڪ ادب جو
دشمن آهي. يوگوسلاويا ۽ ناروي ۾ ڪجهه وقت اڳي
حڪومت لوڪ گيت ۽ لوڪ سنگيت کي همٿايو هو ۽ اٽليءَ
۽ اسپين جي باسڪ
(Bosque)
صوبي ۾ انهن لاءِ مدد ڏني وئي هئي. هنگريءَ، رومانيا ۽ بالڪن
رياستن جي لوڪ سنگيت به پُرڪشش آهي ۽ ان پنهنجي
اصليت برقرار رکي آهي.
Frenglist
جنهنجو ذڪر مان ”ڪتين ڪر موڙيا جڏهن“ جي ٻئي جلد ۾
ذڪر ڪيو آهي، اُن هنگريءَ جي جپسي سنگت کي مشهور
ڪيو، جيتوڻيڪ ان جو هنگريءَ جي لوڪ سنگيت سان
واسطو نه آهي.اهڙي طرح يوگوسلاويا ۾اها تحقيق ڪئي
وئي آهي ته هومر جا گيت ڪيئن ڳايا ويندا ها.
قديم تهذيب تي جديد تهذيب ڇائنجي ويندي ڇوته اُن ۾ ڪي خوبيون به
آهن. نئين جديد شاعري به ايتري ئي بي ساخته ٿي
سگهي ٿي، جيتري قديم شاعري. ان ۾ جا گهرائي ۽ نئين
دور جو شعور آهي، اُن جي تلاش قديم شاعريءَ ۾ عبث
آهي. شاعر کي فقط صنعتي تهذيب جي پراگندگي ۽
گندگيءَ کان پاسيرو رهڻ گهرجي. هتي دنيا جي سنگيت
۽ لوڪ سنگيت تي لکڻ جي گنجائش گهٽ آهي، جيتوڻيڪ
مون کي ان تي ڪافي مواد آهي. مان هتي رڳو اِهو ٿو
چوڻ چاهيان ته سنڌي لوڪ گيت کي دنيا جي لوڪ گيتن ۾
هڪ اوچو مقام آهي، جيئن آمريڪا جي نيگرو لوڪ گيت ۽
جاز کي اوچو مقام آهي، جنهن جو جڙون قديم آفريڪا ۾
آهن.
منهنجو قلم موضوع کان گهڻو اڳتي نڪري ٿو وڃي پر ان کي مان ڇا ٿو
ڪري سگهان!
جلوهء کاروان ما نيست به نالھء جرس
عشقِء تو راه مي بَردَ ذوقِ تو زاد مي دهد
ترجمو: اسان جو قافلو جو ڪجهه ڏسي ٿو، ان جو مدار سنک جي آواز
تي نه آهي،
تنهنجو عشق رستو ڏيکاري رهيو آهي، تولئه ذوق مانيءَ گرهه ٿي
رهيو آهي.
هاڻي مان ڪشتيءَ کي وري اوڀارو ٿو هلايان ۽ ماضيءَ ڏانهن پهچان
ٿو. اکيون کوليان ٿو ته اسلام ڪوٽ ۾ نهال چند جي
اوطاق ۾ ويٺو آهيان. اسان ته پنهنجو وسڪيءَ ڍڪ پي
رهيا آهيون پر ڀرسان آفيم جو دور هلي رهيو آهي.
مينگهواڙ، ٺَڪُر، برهمڻ، راجپوت، گرڙا، سارسُوت،
لهاڻا سڀ سڏ تي آيل آهن. انهن مان ڪن راجپوتن
آفيم، ڪپهه، کرل، ڇاڻڻ لاءِ لوهِي صافو پاڻيءَ سان
ڀريل چوفري وٽو آڻي رکيو آهي. کرل ۾ ٿورو آفيم وڌو
اٿائون ۽ هڪ لوهي ڪلي زمين ۾ کوڙي ڇڏي اٿائون ۽ ان
۾ ڪائي ڪَڙِي به قابو ڪئي اٿائون. هيٺان صافي آهي،
مٿان آفيم کي اوتن ٿا ۽ ان جو ڦڙو ڦڙو صافيءَ ۾
صفا ٿي وٽيءَ ۾ ٿو پوي، جنهن کي ”ڪَسونبو“ ٿا چون.
(مون اهو لفظ سياست سان تشبيهه ڏيڻ لاءِ ڪافي وقت
پوءِ ڪم آندو ۽ اُهو نظم جنهن ۾ اُهو لفظ استعمال
ٿيل آهي، منهنجي ڪنهن ڪتاب ۾ شايع ٿيو آهي.) پوءِ
ڪپهه جو پهو ڪسونبي مان ٻوڙي پنهنجي هٿ جي تريءَ ۾
ايترو ٿا وجهن جيترو ان ۾ ماپي ٿو سگهي، ان کي
اَمل به ٿا چون. پوءِ هڪ ئي ڳيت سان پي ٿا وڃن.
جيڪڏهن فرانس جا شاعر بودلئير ۽ رامبو، جي حشيش واپرائيندا ها،
هي منظر ڏِسن ها ته ٿر ۾ رهي پون ها ۽ انهن کان
پئرس جا عيش وسري وڃن ها. اَمل پيئڻ سان انسان انت
جو حصو ٿي وڃي ٿو. ساريءَ زندگيءَ جو ٿڪ ميٽجي وڃي
ٿو ۽ ائين ٿو لڳي ته انسان هد هد جا پَر پائي
اڏامي وڃي لال ليارن تي ويٺا آهن. ان وقت واهوندو
ٿڌي هوا ۾ تبديل ٿي چڪو هو، اڃا اتر جو واءُ نه
لڳو هو ۽ اڃا وَڻ- ڦوٽ جي موسم هئي.
سيٺ نهال چند، پاڻ برهمڻ يا مهيشوري هو، مون کي خبر نه آهي. پر
ايترو ياد ٿو اچي ته هو ويشنو هو، جيتوڻيڪ اسان
لاءِ ويشنو کاڌو نه ڪيو هيائين. کاڌي جا تفصيل
هاڻي ياد نه آهن. مون سيٺ نهال چند کان پڇيو ته:
”زال جي لاءِ ڇا وٺي وڃان؟“
هن چيو: ”گج، کهنبي جا روا، رڱيل اوڍڻيون، سٿڻ ۽ ريشمي گهگهن جا
ڪپڙا، ريشمي چُنيون، جن تي گونٽي جون تارون ۽ ڄاري
دار ماکِليون چڙهيل ۽ ستارا مڙهيل هجن. ڀرت سان
چُنيون، جي ماپ هجيوَ ته گونٽي جي تارن وارا
گاگهرا ۽ مُڪي جي ڀرت سان ڀريل جُهٻا وٺي وڃو.“
پوءِ هن ڀٽائيءَ جي بيت جون پويون ٻه سٽون پڙهيون:
”سکر ڀانيان سومرا، کٿي کان کنهنبن
جا ڏنم ڏاڏاڻن، سا لاهيندي لڄ مَران.“
اسان ڪچهري ڪري دير سان سُتاسين. صبح جو دير سان اٿياسين. رات
جو مون خواب ۾ ڏٺو ته مان ڪنهن رڻ مان وڃي رهيو
آهيان. واري تپي ٽامڻي هڻي وئي آهي، منهنجن پيرن ۾
ڦوڦينڊا ٿي پيا آهن ۽ مان انهن مان رت ڳاڙيندو ٿو
وڃان. روجَهه ۽ روجهڙيون مون تي ڪهل کائي مون کي
ڏسي رهيون آهن. اوچتو ڪڪر ڪارونڀار ڌوڪيندا ٿا
اچن، وڏ ڦڙو ايترو ٿو وسي جو تل تَرايون تار ٿي
وڃن ٿا ۽ مان پاڻي پِي نه ٿو ڍاپان. منهنجا
ڦوڦينڊا اوچتو لهي وڃن ٿا ۽ ڪائي روجهڙي مون کي
تڪي چوي ٿي:
”اهي تتل ڏينهڙا، اها اڃ، اِهي لڦون، اهو رڻ ۾ رولڙو تنهنجي
وجود جو حصو ٿي چڪو هو. تون هنن اوڙڪن لاءِ نه
آهين. تون پنهنجون گهڙيون اجايون وڃائي رهيو آهين.
سچ ته برکا ڪويتا جو ڪارڻ نه ٿيندي آهي، ترشنا ان
جو ڪارڻ بڻبي آهي.“
مان ڇرڪ بري اٿان ٿو ۽ ڏسان ٿو ته سج اُڀري چڪو آهي.
ٻئي ڏينهن ياد آيو ته اتان ڪجهه وٺڻو به آهي. خير، ان وقت ٿر جي
لباس جو ايترو رواج اتر ۾ نه هو ۽ نه چانديءَ جا
زيور ئي شهري عورتون پائينديون هيون. ٿر جا زيور
يا رائدار بوليءَ جو رواج نڪري چڪو هو. اسان جڏهن
ننڍا هوندا هياسين ته شڪاپور ۾ پوڙهين عورتن جا نڪ
نٿن ڪري ڇڄي پوندا ها ۽ ساڳيءَ طرح پاپڙين ۾ ڳورا
جهومر جن کي ٿر ۾ جهونٻر به چئبو آهي ۽ ڏُرگهلا
پائي ڪنن جون پاپڙيون ڇڄي پونديون هيون. ان ڪري
اهو رواج هاڻي اسان ۾ نه هو. مون رستي تان هُن
لاءِ سونو ڇلو ورتو، باقي مهانگين دهرين، گينين
جي ڪَٺمالن ۽ سونن هارن لاءِ ان وقت مونکي پيسا به
ڪونه ها، پوءِ جڏهن مان وائيس چانسلرهوس ته منهنجو
دوست مرحوم حيدرشاهه ميرپور خاص جو سيشن جج ٿي
آيو هو. هُو منهنجو ڪلاس فيلو ۽ دوست هيو، جڏهن
شڪاپور ۾ سب جج هوندو هو ۽ پوءِ سکر ۾ ايڊشنل سيشن
جج ٿي آيو، تڏهن مونسان گڏ ناو ونوش به ڪندو هو ۽
ڪچهريون به ڪندو هو. هن عالمي مذهبن جو ڪافي گهرو
مطالعو ڪيو هو ۽ چين جي ڪفيوشنزم، تائو ازم ۽ ٻڌ
ازم، جپان جي شنٽوازم تائين هن کي معلومات هئي.
ڪڏهن اسان جي پيغمبرمحمد صلي الله عليه وسلم تي
بحث ڪندو هو، ڪڏهن حضرت علي ڪرم الله وجهه تي. هن
به مون کي حضرت عليءَ جو ڪتاب ”نهج البلاغه“ ڏنو
هيو، جن مان هن جا ڪجهه قول، جي منهنجي دل ۾ کُپي
ويا ها، مون اتاري ڇڏيا ها، سي هيٺ ڏيان ٿو:
1. دنيا وارا اهڙن سوارن وانگر آهن، جيڪي سُتل آهن، پر سفر انهن
جو جاري آهي.
2. سڀ معاملا تقدير جي اڳيان سرنِگون آهن، ان حد تائين جو ڪڏهن
تدبير موت جو ڪارڻ ٿئي ٿي.
3. انسان جو هر ساهه هڪ قدم آهي جو هن کي موت طرف ڌڪي رهيو آهي.
4. پوڙهي جي راءِ مونکي جوان همٿ جي راءِ کان وڌيڪ پسند آهي.
5. دل به ائين ٿڪجي ٿي پوي، جيئن بدن ٿڪجي ٿو پوي، ان ڪري ان
لاءِ لطيف حڪيمانه نڪته سازيءَ جو مطالعو ڪندو
رهه!
ٻيا به ڪيئي اقوال آهن، جي مون وٽ درج آهن پر مون انهن مان فقط
اهي چونڊيا آهن، جي حسبِ حال آهن. مان ڀانيان ٿو
حضرت عليءَ جا خطبا اسلامي دنيا جو پهريون نثري
نظم آهن ۽ چوڻين
(Aphorisms)
۾ هو پنهنجو مثال پاڻ هو.
مرحوم حيدرشاهه ۽ مرحوم اسد الله شاهه حسيني، جو مون وٽ
يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر هو، ٻئي مخدوم طالب الموليٰ
مرحوم جا وڏا معتقد هوندا ها ۽ مخدوم صاحب هنن کي
پاڻ سان گڏ انگلنڊ به وٺي ويو هو. مرحوم حيدرشاهه
مون ڏانهن نه رڳو ٻه مور ۽ هڪ السيشن ڪُتو ٿر مان
تحفي طور موڪليو هو پر ٿري برٿ جا ڪجهه اعليٰ ترين
نمونا به موڪليا هيا. مان هن جو ٿورو به نه لاهي
سگهيو هو ته هُن رٽائر ٿيڻ کانپوءِ حيدرآباد ۾
وڪالت شروع ڪئي هئي ۽ ڪجهه وقت بعد گذاري ويو هو.
هُن وٽ هڪ ڀيري مان سندس گهر ويو هوس، جو شايد ٻه
ماڙ تي هو، جتي هن منهنجي خاطر تواضع ڪئي هئي. اهي
سڀ دوست گذاري ويا آهن ۽ انهن کي ياد ڪري مونکي
مير درد جو شعر ٿو ياد اچي!
درد کــچهه معلــــوم هــــــي يھ لوگ سب،
کس طرف سي آئي تهي کيدهر چلي گئي.
ڪيتري نه خوشي ٿي هئي مونکي ڪراچيءَ ۾ پنهنجي گهر نهال چند کي
ڏسي! مٺيءَ جي ڊپٽي ڪمشنر جناب عبدالقادر منگيءَ
جڏهن ٿر تي سيمينار ڪرايو هو ۽ مان بيماريءَ سبب
ٿر جي سفر جو اهل نه هيس، تڏهن هن پروگرام
پروڊيوسر ۽ شاعر نصير مرزا کي منهنجو پيغام ٽيپ
ڪرڻ لاءِ موڪليو هو، جو مون هن کي ٽيپ ڪرايو هو.
نصير مرزا سان اڳيئي منهنجا دوستيءَ وارا تعلقات
ها ۽ مون تي هڪ خاڪو به لکي چڪو آهي. ان پيغام ۾
مون سيٺ نهال چند جو ذڪر خاص طور تي ڪيو هو. جو
هُن به ٻين سان گڏ ٻڌو هو. جڏهن هو ڪراچيءَ ۾ مقيم
هو ۽ پنهنجي پٽ سان ملڻ آيو هو، تڏهن مون وٽ به
آيو هو. هُو پيرسن ٿي ويو هو پر هن جي دل اڃا نِم
جي تازي چَهي وانگر هئي ۽ اڳي وانگر مجلس جو مور
ٿي لڳو.
جنهن رات جو ذڪر مون مٿي اڌ ۾ ڇڏيو آهي، اسان اُها رات نهال چند
جي اسلام ڪوٽ واريءَ اوطاق ۾ گذاري. ناشتو ڪري
گاڏين ۾ نڪتاسون. جمال ابڙين جي چوڻ تي ويرا واهه
وٽ ڊاٻو ڪيوسون. اها ڳالهه مون کي جمال ياد ڏياري،
پر مان ڀانيان ٿو ته جمال ڀُلو آهي. مون ساڳي
ڳالهه ابراهيم کان به پڇي پر هن کي به پوري طرح
ياد نه پئي آيو. دراصل اسان جهانگري جي ڳوٺ کان
ڦِري آيا هياسين، جو ذري گهٽ ڪارونجهر جي پٻ وٽ
آهي. رڻ مان چار ميل وڃي، پارڪر پهتا هئاسين. رڻ
ڪڇ ۾ واري مٿاهين هئي باقي پارڪر ۾ وارياسي نه پر
ڪڪرائين هئي. ٻه پَهريءَ مهل رڻ ۾ ڄڻ سمنڊ ڇوليون
ٿي هنيون ۽ سراب زندگيءَ جي تِرمِرائيندڙ تشبيهه
وانگر ٿي نظر آيو. اهو ساڳيو منظر مون ڀاڳ ناڙيءَ
۾ ڪنهن ڪيس سان ڪار ۾ ويندي بيل پٽ ۾ ڏٺو هو. هرڻ
ائين پئي لڳا ڄڻ ڍڳن کان به وڏا ها ۽ اُٺ نمن جي
وڻن وانگر ٿي لڳا. اڳتي ڪارونجهر ڏانهن وڌياسين ته
روهه روح ۾ لوهه جي ڪِليءَ وانگر کُپي ويو.
ڪارونجهر جون چوٽيون هزار پندرهن سئو فوٽ اُتاهيون
ٿي لڳيون. مون پوءِ ڪٿي لکيو هو:
”اي چنڊ! مان توکي ڪيئن پڄان؟ چنڊ چيو: ”ڪارونجهر جي چوٽيءَ تان
ڇلانگ لڳاءِ، مان هيٺ چشمي ۾ ملندس.“
مون مان يوناني شاعر ڪازان زاڪس ٻولي رهيو هو، جو مان سکر جيل ۾
پڙهندو هوس. مون هن جا سڀ ڪتاب پڙهي پورا ڪيا ها ۽
اُن وقت سائپرس ۽ سنڌ ۾ فرق نظر نه ايندو هو ۽ جي.
ايم. سيد مون کي آرچ بشپ مڪاريوس
(Arch bishop Makarios) وانگر نظر ايندو هو. نگر سڄو نمن ۽ ٻين وڻن سان ڇانيل
هو. نمون اُتي تَروٽ صاحب نالي انگريز پوکايون
هيون. جيتري انهيءَ انگريز لاءِ ماڻهن کي عزت هئي،
اوتري تاريخ ۾ ڪنهن لاءِ نه هئي. پال گوگين مصور
جي ٿري اوڏڻيون ڏسي ها ته هن کان ڀونوچ سمنڊ
واريون پالينيزين خون
(Polynesian blood)
واريون ڇوڪريون ۽ انهن جو سخت ۽ سوٽ، ٽامڻيون هنيل
ڇاتيون وسري وڃن ها. اهو چشمو جنهن ۾ مون چنڊ جو
منظر تصور ڪيو هو، اُن کي انچلشور وانگر پوتر
سمجهندا آهن. انچلشِور نگر پارڪر جي اُتر الهندي
طرف ڀوڏيسر جبل وٽ آهي ۽ ان کي مهاديو جو اَستان
به سمجهيو ويندو آهي.
ڀوڏيسر وٽ تلاءُ آهي، جو چون ٿا ته ڀوڏي سوڍي ڇهين صديءَ ۾
کڻايو هو. ٿوري پنڌ تي ڏونگري ڳوٺ وٽ نريا سر جو
تلاءُ آهي. گهرٽياڙي ڳوٺ وٽ پاڻيسر جا تلاءَ آهن
جتي ٻارهوئي پاڻي رهندو آهي. گڊڙي چارڻ ۾ راڻاسر
جو تلاءُ آهي. خدا جڏهن ڪارونجهر خلقيو هو تڏهن ڄڻ
هن کي مصور جي ڀرپور اُڪاس هئي. مان جي مصور هجان
ها ته ڏينهن جو ڪئنواس، ڏونگريءَ، ڏيڻيءَ، چُوڙيئي
۽ راڻيپور جي ٽڪرين تي رکان ها جي پارڪر ۾ آهن ۽
اُنهن جي پٿر پٿر کي چٽيان ها. مان گواليار جو
قلعو ڏسڻ ويو هوس. خاص ڪري اُها جاءِ جتي اورنگزيب
پنهنجي ڀاءُ مراد کي بند رکيو هو ۽ هن کي روز آفيم
جو روڙو کائڻ لاءِ ڏيندو هو ۽ جتي مراد کي بند
رکيو هيائون، اُتي هڪ ننڍو گلکڙو ٺهيل هو، جنهن
مان ماڻهو ٻاهر مُنڍي ڪڍي ته ٻاهران بيٺل پهريدار
اها تلوار جي هڪ ڌڪ سان ڪپي وجهي. اسان اُن ڳلکڙي
مان اندر ويا هياسين. اندر هڪ ننڍي ڪوٺي هئي ۽ اُن
کان ويهارو فٽ هيٺ هَوَن ڪُنڊ هو، جنهن ۾ يارنهن
ئي مهينا آگ جلندي هئي. جڏهن حملو ٿيندو هو، تڏهن
راڻيون، راجڪماريون ۽ انهن جون ٻانهيون انهيءَ
ٻلکڙي مان اندر هليون وينديون هيون ۽ ٻه ڄڻيون
تلوار کڻي اندران پهرو ڏينديون هيون، جئين حملي
آور اندر اچڻ جي ڪن ته انهن جا سر ڌڙ کان ڌار ڪيا
وڃن. ڪوٺيءَ کي سامهون لوهي سيخون ڏنل هيون جتان
سارو ميدانِ جنگ نظر ٿي آيو. جڏهن راڻين ۽
راجڪمارين کي غنيم جي فتح نظر ايندي هئي ته هو
هَوَن ڪنڊ ۾ آگ تيز ڪري ڇڏينديون هيون ۽ هڪ هڪ ٿِي
مٿان آگ ۾ ٽپو ڏينديون هيون ۽ جلي ڀسم ٿي وينديون
هيون.
پارڪر ۾ ڪُنڊ ڪُن کي ٿي چيائون ۽ اُتي هڪڙو ”مرگهي ڪُنڊ“ هيو.
”مرگهي ڪُنڊ“ هرڻيءَ جي ڪُن کي ٿي چيائون، جنهن ۾
ڪنهن هرڻيءَ هرڻ جي ڪڍ ٽپو ڏنو هو ۽ هن جا هڏا به
مُڪت ٿي ويا ها. ڇا نه پياري ڪهاڻي آهي! اِها جاءِ
ساڙ دري وٽ آهي جو ڪارونجهر ۾ هندن جو آستان آهي.
”مرگهي ڪنڊ“ جي ٻنهي پاسي ٻه ڏيرا ٺهرايل آهن جي
اڄ تائين قائم آهن ۽ جن ۾ شوَ ۽ پاريتيءَ جون
مورتيون ٺهيل آهن، اُتي شِوَ راتڙيءَ جو ميلو
لڳندو آهي، جنهن ۾ ڪيئي اوسي پاسي کان ايندا ها.
الک وار، نانِي، ڀيم گوڏا، چندن گڊ، پنراج گڊ،
جهرڻو، ٻاين جو ٻسيڻو جو نئين ڪاسبي کان ٻه ميل
پري آهي، گئو مکي جا ساڙ دڙي کان ٻه ميل پري آهي،
جهرڻو ۽ ڀومرو ۽ ٻيون جايون هيون، جي مون خود ته
نه ڏٺيون پر جن جي باري ۾ مون کي ٻڌايو ويو.
نگر پارڪر وڏي رومانوي جاءِ هئي. ڏينهن جو بازار ۾ وياسين.
پارڪر جي ٻولي کي ”پارڪري“ ٿي چيائون جا گجراتيءَ
سان ملي جلي ٿي. ٿر ۾ ڍاٽڪي ڳالهائن ٿا، پر سما ۽
ٻروچ سنڌي ڳالهائن ٿا جيتوڻيڪ هُو ڍاٽڪي به
ڳالهائي وڃن ٿا. اسان ريسٽ هائوس ۾ ترسيا هياسون،
جتي گهڻو ڪري مختيارڪار اچي رهندو هو. گهنگهور
گهٽائون ڇانيل هيون ۽ بوندون برسي رهيون هيون.
اسان ريسٽ هائوس جي اَڳر ۾ حافظ ۽ خيام وارو شغل
ڪري رهيا هياسون. ابراهيم جو اڃا تائين هڪ مارڪسسٽ
آهي، اهو هميشھ انهيءَ ماحول ۾ ”همھ اوست“ واري
ڪيفيت ۾ اچي ويندو آهي ۽ انسان ۽ ڪائنات ۾ اِڪائي
جو احساس هُن تي ڇائنجي ويندو آهي. جُهڙالو آڪاس،
ڪڪرن ۾ چنڊ، بنگلي جي اوچن وڻڻ مان رستي تي ڦڪيءَ
چانڊوڪيءَ جو ڦهلاءُ ۽ انسان ۽ قدرت جي وچ ۾ هم
آهنگي، ڪيتري نه دل آويز هئي. اسان ڪافي پي ويا
هياسين ته اوچتو ڪوئي هندو وڪيل اچي نڪتو، جنهن
چيو ته:
”مان هتي وڪالت ڪندو آهيان ۽ مير محمد بخش جو دوست آهيان. مير
صاحب چاهي ٿو ته صبح جو اوهان هن سان گڏ ناشتو
ڪيو. ناشتي ۾ اوهان کي ٿر جا کاڌا کارائيندو.“
ميرمحمد بخش، جمال جو دوست هو ۽ ربانيءَ ۽ ابراهيم وٽ سنڌي ادبي
بورڊ ۾ ويندو هو. ربانيءَ مونکي اڳ ۾ ئي چئي ڇڏيو
هُو ته هُو ٿر ڏانهن نڪتو آهي ۽ اوهان سان ڪٿي نه
ڪٿي ضرور ملندو. ابراهيم جي دماغ تي ان ڳالهه
طبقاتي جوش طاري ڪري ڇڏيو. مون ۽ جمال ته وڪيل
صاحب سان ”هائو“ ڪئي پر ابراهيم غصي ۾ چيو ته:
”جي مير صاحب جو گهر ويجهو هيو ته پاڻ ڇو نه آيو؟ ڇا ان ۾
پنهنجي گهٽتائي ٿي سمجهيائين جو توکي موڪليائين.
وڃي چئينس ته اسان نه اينداسين ناشتي تي.“
وڪيل صاحب ڳاڙهو ٿي ويو. مون هن کي ٿڌي ڪرڻ لاءِ وسڪي آڇي. هُو
اسڪاچ وِسڪيءَ جا ٻه پيگ پي موٽي ويو. مان ۽ جمال
چُپ ۾ اچي وياسين ۽ ڪجهه وقت کان پوءِ ڳالهه
لنوائڻ لاءِ جمال چيو:
”اياز! هتي هڪ ڳوٺ جو نالو ”هڙيامار“ آهي. هُڙيو پکي هونءَ ته
ڪڙو پاڻي پي سگهندو آهي، پر انهيءَ ڳوٺ ۾ پيتائين
ته مَري ويو.“
اسان جڏهن هڪ پيگ وڌيڪ پيتوسين ته جمال ٻڌايو:
”جڏهن ٻڪرار کنوڻ کِجندي آهي، تڏهن واسينگ نانگ جي ٻِرَ کان
ٻاهر ويٺو هوندو آهي ته کنوڻ جو کجڪو ڏسي ٻِرَ ۾
موٽي ويندو آهي. اڃا هن جو پڇ ٻاهر هوندو آهي ته
مينهن پوندو آهي. کنوڻ اتر کان کِوندي آهي.“
پر ابراهيم جو طبقاتي غصو جيئن پوءَ تيئن تيز ٿيندو ويو. اوچتو
رشيد ڀٽيءَ پنهنجو اُڀ ڦاڙ ٽهڪ ڏنو، جنهن ماسڪو
تائين پهچي، لينن جي شيشي واري قبر ٽڙڪائي وڌي
هوندي. آسمان ۾ کنوڻ کجي ۽ جوابي ٽهڪ آيو ۽ ڄڻ
ڪنهن مون کي ڪَن ۾ چيو: ”هي جوڀن ڏينهن وڄ جي
وَراڪي جيترو جٽاءُ ڪن ٿا.“
وَري جمال ڳالهه ڦيرائي چيو: ”سومرا سَر جون سومريون ۽ مِٺيءَ
جون سوناريون ۽ برهمڻيون ڏاڍيون سهڻيون ٿين ٿيون.“
ايتري ۾ کنوڻ کجي ته ڄڻ انهن جون ساٽيون، گجريون ۽ جهانجهرا وڄڻ
لڳا ۽ وڄ جا چمڪا اُنهن جا مُگر، ڏُرگلا ۽ بورلا
(گول ٽڪا) ٿي ويا. ڇَڪو نه پيو ته جمال ٻيهر ڍارو
اُڇليو:
”اياز! هتي کير ڏهندڙ کي ڏوجهارو ٿا چَون. ڪيتري نه شاهوڪار آهي
اسان جي ٻولي.“
ابراهيم جو اوچتو اسانجي گفتگوءَ ڏانهن ڌيان وَيو. پوءِ ته جمال
دل ۾ ”پنءُ ڇَڪا“ چئي، چيو:
”ٻاجهري پوکبي آهي ته ٻه ٽي ڏينهن اُڳندي، اُڀرندي آهي. پهريون
هڪ ئي سلو اُڀرندو آهي، پوءِ گوڏي جيڏي ٿيندي ته
گُڏ ڪڍندا آهن. جڏهن پورو ڪانو ٿيندي آهي، تڏهن ان
۾ کيرو پيدا ٿيندو آهي. ٿورو ان پوندو آهي ته ان
کي ”آڀون“ چوندا آهن. پوءِ پڪو سنگ لڻندا آهن.“
اتي ابراهيم جو پرولتاري ڌيان ڇڪيو ۽ ڌرتيءَ سان سندس نظرياتي
وابستگي کيس ڇڪي وٺي آئي ۽ هن جي ڪاوڙ لهي وئي.
مون جمال کان پڇيو:
”جمال! جُهٻو ڇاتيءَ تائين انگيءَ کي چئبو آهي يا نه؟“
جمال هائو ڪئي ته رشيد ٽهڪ ڏئي کنوڻ کي چيڙايو ۽ چيو:
”شايد جُهٻڻ لفظ جهٻي مان نڪتو آهي.“
ايتري ۾ هڪ ڀٽ اچي نڪتو، جو ٽي بجي رات تائين اسان کي لوڪ
ڪهاڻيون،. سورٺا ۽ دوها ٻڌائيندو رهيو. هن راءُ
لاکي مهراڻي، ڍولي ماروئل، بوبنا جراڙ، سوندري
پرمار ۽ ماندل راڻي جون دوهيڙن ۾ڪهاڻيون ٻڌايون.
انهن کانسواءِ هن ڪجهه بيت ڪارونجهر جي باري ۾
ٻڌايا، جي منهنجي ذهن تي پٿر جي لڪير وانگر کوٽجي
ويا. شعر ها، مصوري هئي!
ڪارونجهر جي ڪورَ، مَرئين ته ميلئين نهين،
ماٿي ٽهو نڪي مور، ڏونگر لاگي ڏيپتو.
(ڪارونجهر جي ڪور مرندين ته به نه ڇڏيندين،
اُن جي مٿي تي مور آواز ڪري رهيو آهي ته
ڏونگر ڏيئي وانگر لڳي رهيو آهي.)
ڪور پهاڙ جي اُنهيءَ مٿينءَ لڪير (چوٽيءَ جي ڪناري) کي چوندا
آهن، جا ڌنڌ مان ڏيکاري ڏيندي آهي. مون ساري
زندگيءَ ۾ ڪنهن به ٻوليءَ جي شاعريءَ ۾ اهڙو
خوبصورت شعر نه پڙهيو آهي!
سنڌ امان! تنهنجي پوتي ڪيترن موتين سان ڀريل آهي!
ان سلسلي ۾ هن ٻيو بيت ٻُڌايو:
ڪارونجهر جي ڪور، روُڙِي لاڳي رليا مڻي
ماٿي ٽهونڪي مور، ڏونگر لاڳي ڏيپتو،
روڙِي سهڻيءَ کي، رليامڻي رمڻيڪ کي، ٽهونڪي ٻولي کي ۽ ڏيپتو ديپ
کي چوندا آهن. اها ٻولي شايد سنڌيءَ گجراتيءَ جي
کارڙ آهي.
ڪارونجهر جي ڀرسان ٻه سانوڻي نديون ڌوپا ۽ ڀٽياڻي وهنديون آهن.
ڌوپا، نگر پارڪر جي ڏکڻ طرف ۽ ڀٽياڻي اُتر طرف
وهندي آهي. انهن ندين تي به بيت ٻُڌايائين:
ڌوپا ويڇي ڌار ڀٽياڻي ڏوجهي ڀلي،
پاڻيءَ تڻون نهه پار، اَرڙاٽا ڪَر اوتري.
ويڇي يعني وهي ٿي، ڏوجهي معنيءِ ٻي، تڻون معنيٰ جو ۽ اَرڙاٽا
گجگوڙ
کي چوندا آهن. پارڪري ۾ نه کي نهه چوندا آهن.
جڏهن گهٽائون زور سان گجيون ته اسان کي ڀٽ اڪبر جي زماني جي گنگ
ڪَويءَ جي گيت جي هڪ سٽ ٻڌائي.
گهنگهور ٽڪور ۾ مور ڇپي نهين
تري ڇپي تهين باگ اُٺايا.
مونکي موسيقار شاهد ڀٽو ”راجسٿاني ادب جي تاريخ“
(History of Rajisthani-literature)
تحفي طور ڏئي ويو هو. اهو ڪتاب هيرا لال مهيشوَرِي
جو لکيل آهي. مون ان ۾ گاٿا ۽ ڪوتائون سڀ پڙهيون ۽
فطرت تي شاعري به پڙهي. انهن ۾ هڪ سٽ به اهڙي
موهڻي نه هئي جا ڪارونجهر تي ڏنل لوڪ بيتن سان
ڀيٽي سگهجي.
ڪراچيءَ ۾ هيءَ جمال سان ٿر جي باري ۾ منهنجي اٽڪل ويهين ڪچهري
هئي. جمال هاڻي چڱيءَ ڪيفيت ۾ هيو، هن چيو:
”اياز! جڏهن مِٺيءَکان نڪتاسين ۽ لونڍار ڳوٺ وٽ پهتاسين ته ياد
اَٿي گُڏ ڪندي ڀيل ۽ ڪولهي ڳائي رهيا ها. اُنهن کي
ڪنن ۾ چانديءَ جا گوکرو پيا ها ۽ ڳائن پيا:
آڙنگيو آڀي مان
(اُتر مان بجليون چمڪن ٿيون) آڙنگ گرميءَ يا ٻُٽ کي چوندا آهن.
مون کيس چيو ته:
”مون هنن جو سڄو همرچو نوٽ بُڪ ۾ لکي ڇڏيو آهي.“
وڌيڪ ساڻس مخاطب ٿيندي چيم:
”جمال، اسان ٻوليءَ جي لحاظ کان ڪيترا نه خوش نصيب آهيون.
اُتراڌي، وچولي، لاڙي ۽ ٿريءَ ۾ ڪيڏا نه لفظ آهن!
ڪيڏي نه رنگارنگ تهذيب آهي اسان جي! ڪن زالن کي
جُهٻو يا ڪنچوئو پيو هو، جنهن کي برٿ نه هو ۽ ڪِن
کي برٿ ڀريل گج ها. پولڪن سان ڪن جي پٺ نه ڍڪيل
هئي ۽ انهن تي ٽونر پيل جُتيون ڪهڙيون نه چڱيون ٿي
لڳيون! ڄڻ انسان نه ها وڻ ها جي برسات ۾ ٽڙي پيا
ها.“
مون جمال کي ٻڌايو ته جڏهن هنن اسان کي مُڙي ٿي ڏٺو ته مون کي
پارسيءَ جو هي شعر ياد آيو:
آهو زتو آمو خت بھ هنگام دويدن
رَم کردن و اِستادن و واپس نگريدن
ترجمو: هرڻ ڀڄڻ وقت توکان سکيو آهي،
ٽپ ڏئي ڀڃڻ، بيهڻ ۽ پٺتي ڏسڻ.
اُن تي جمال پڇيو:
”واهه، اهو ڪنهن جو شعر آهي؟“
مون جواب ڏنو:
”ڪمال اسماعيل جو، تو شايد نالو نه ٻڌو هجي. نالو ڀاڻين جهڙو
اٿس.“
۽ پوءِ مون جمال کي چيو ته:
”هي اسان جو ديس اولهه پاڪستان جي نقشي ۾ نه اچڻ گهرجي! ايوب
خان ڪير ٿيندو آهي اُن کي ون يونٽ ۾ سمائڻ وارو؟“
مون اسلام ڪوٽ ڏانهن ايندي رستي ۾ چَونئرا ڏٺا هيا، جن ۾ جڏهن
رات جو ڏيئا ٻرندا هوندا ته سَنڌيا جو سمو نظر
ايندو هوندو. سَنڌيا هونءَ ته سانجهيءَ کي چوندا
آهن، پر انهن ڏيئن جي قطار کي به چوندا آهن، جي
بنارس ۾ شام جو گنگا تي لوڙهيندا آهن.
اُتي نگرپارڪر جو مشهور جوتشي پنڊت ڏيو جي اسان وٽ آيو هو، جنهن
منهنجي ۽ جمال جي ڄم جي تاريخ ورتي ۽ اسان جا هٿ
ڏٺا ۽ پوءِ چيائين ته اوهانکي خط ذريعي اوهان جي
باري ۾ لکي موڪليندس. مونکي لکي موڪليائين ته:
”ٿوري عرصي لاءِ اوهان کي تڪليف ۾آڻيندا پر پوءِ اوهان جو نانءُ
ناموس ايترو وڌي ويندو، جنهن جو اوهان حصو به نه
ڏٺو آهي.“
مونکي ٻئي سال 1965ع ۾ جيل ۾ وڌائون ۽ پوءِ جيڪي ڪجهه ٿيو آهي،
اهو پڙهندڙن جي اڳيان آهي. اهڙي طرح جمال، پنڊت
ڏيو جي خط سانڀي رکيو هو، جنهن جي فوٽو ڪاپي مونکي
ڏني اٿائين ۽ جمال جو چوڻ آهي ته ان ۾ ڪيل اڳڪٿيون
سچيون نڪتيون آهن ۽ ڪيل هدايتن تي عمل مان فائدو
ٿيو آهي. منهنجي هڪ ٻي جوتشيءَ سان به هڪ ڀيرو اڳ
ملاقات ٿي هئي. ان به جيڪو چيو هو سو سچو نڪتو هو.
مان سنڌ مدرسي کان ڪجهه قدمن تي ”آگي قدم پريس“ ۾
ويٺو هوس، جا ڪامريڊ احمد جي هئي جو مون ۽ جوئي
سان گڏ ايم. اين. راءِ جي ريڊيڪل ڊيموڪريٽڪ
پارٽيءَ جو ميمبر هو. اڄ ڏينهن تائين جويو ڪراچيءَ
ايندو آهي ته هن وٽ ضرور ويندو آهي. هن پارٽيءَ جا
رسالا ۽ اخبارون پوٿين وانگر سانڀيا آهن ۽ وس پڄيس
ته اهي پوتڙين ۾ ويڙهي رکي. مان ريڊيڪل ڊيموڪريٽڪ
پارٽيءَ تي پوءِ لکندس جڏهن ڪجهه پوءِ ڪراچيءَ جي
زندگيءَ جي باري ۾ لکندس. في الحال اڳئين جوتشيءَ
سان ملاقات جي باري ۾ ٿو لکان. اهو 1949ع جو سال
هو مان ڪامريڊ احمد جي پريس تي ويٺو هوس ته هڪ
جوتشي آيو. هن چيو ته کيس بک لڳي هئي، تنهنڪري
کيس هڪ رپيو گهرجي، پر هو اسان کان بيک نه وٺندو،
پر اسان جو هٿ ڏسي اسان کي پنهنجي تقدير ٻڌائيندو.
مون هُن کي ائين تفريحاََ هٿ ڏيکاريو، جيئن کيس هڪ
رپئي ڏيڻ لاءِ سبب پيدا ٿي سگهي. هن ڪجهه وقت هٿ
ڏسي چيو:
”اوهان هڪ هفتي ۾ ڪراچي ڇڏي ويندا.“
مون هن کان پڇيو: ”ڪيترن ڏينهن لاءِ.“
هن جواب ڏنو ”ڪيئي سالن لاءِ، ڪافي وقت کانپوءِ موٽي ايندا،
پرگهٻرايو نه اوهان جو مستقبل هاڻي کان گهڻو چڱو
ٿيندو.“ |