سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر

شيخ اياز

صفحو : 3

        ڪڏهن ڪڏهن جين سنياسين پنهنجي سکيا، پنهنجي دين کان ٻاهر نيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پر انهن هندستان کان ٻاهر ڪو چڱو تاثر نه ڇڏيو آهي. جين ڌرم رڳو هندستان جو ڌرم رهيو آهي. ٻڌ ڌرم وانگر جين ڌرم ۾ به فرقه بنديون ٿيون آهن. ان جي ٻن ڌڙن کي ڌرمي ڪتاب الڳ الڳ آهن ۽ ماضيءَ ۾ ان جا پوئلڳ پاڻ  ۾ کهرا واد وواد ڪندا رهيا آهن، پر فرقه بنديءَ جا فلسفي جا جدا جدا نظريا پيش نه ڪيا آهن، خاص ڪري ٿرواد (Tharvada) ۽ مهاينا (Mahayana). ٻوڌي فلسفي ۾ جيترا اختلاف ٿيا آهن، اوترا جين ڌرم ۾ نه ٿيا آهن. جين ڌرم جي ٻنهي ڌڙن جي سکيا ساڳي آهي، جا ان ڳالهه جي ثابتي آهي ته ٻئي پراچين آهن ۽ مهاوير تائين پهچن ٿا ۽ انهن ۾ پويون تبديليون نهايت ٿوريون ۽ خسيس آيون آهن. وچولي دور جي جين فلسفين پنهنجي بچاوَ ۾ وڏي جدلياتي مهارت کان ڪم ورتو، پر ان جا بنيادي متا ساڳيا رهيا. ان باري ۾ ته اختلاف ۽ شڪ شبو آهي ته ٻڌ جي اصل تعليم ڪهڙي هئي، پر مهاوير جي جين فرقي لاءِ پيغام ۾ ڪوئي شڪ نه آهي.

ڪنهن وقت جين ڌرم کي مها ٻَلي راجائن جي هٿي هئي ۽ هندستان جي ڪجهه حصن جو ته رياستي ڌرم ئي اهو هو. انهيءَ جي اهميت وچئين دور جي هندو ڀڳتي تحريڪ گهٽائي ڇڏي، پر ٻُڌ ڌرم وانگر اُن ايشور وادي[1] يا آستڪيه واد سمجهوتو نه ڪيو ۽ پوءِ به اُهو پنهنجيءَ جنم ڀوميءَ ۾ بچي ويو. ٻڌ ڌرم جو دارومدار اڪيچار ڌن وارن مٺن تي هوندو هو، جيڪي مسلمانن ڪاهون ڪري تباهه ڪري ڇڏيا، پر جين ڌرم کي باضابطي سنساري ماڻهن جا ٽولا هوندا هئا، جي پنهنجي سنياسين جي شيوا ڪندا ها ۽ انهن جو پنهنجي ڌرم ۾ پڪو ويساهه هوندو هو. انهن سنساري ماڻهن جين ڌرم کي اڄ تائين جيئرو رکيو آهي. گهڻا جين گجرات ۽ راجسٿان ۾ آهن، جتي شِوَ تمبر فرقي جي گهڻائي آهي ۽ ميسور ۾ وري ڊگمبر فرقي جو صدر مڪان آهي.

فرقي بندي فقط ان اختلاف ڪري آهي ته جين سنياسي ڪپڙا پائ يا نه. چيو ويو آهي ته اها فرقه بندي ٽِيتن صدي ق. م ۾ ٿي، جڏهن مها ڪال[2] پيو هو ۽ ڪجهه سنياسي پنهنجي ڪُڪرمي سمئه2 کان ڀڄي دکن هليا ويا ها ۽ جڏهن موٽي آيا ته اتي پنهنجن ٻين ڌرم وارن کي پهراڻ پيل ڏٺائون. ٻئي فرقا اها ڳالهه مڃن ٿا ته هڪ سنياسيءَ جو آدرش ته اِهوئي آهي ته هو اگهاڙو رهي، پر سوتمبر (اڇو ڪپڙو پهريل)  چون ٿا ته پنهنجي دور جي بداخلاقيءَ سبب ننگائي چڱي نه آهي ۽ ڊگمبر (آڪاشُ پهريل) چون ٿا ته هڪ جين سنياسيءَ لاءِ بنهه ننگي پڻو ٺيڪ آهي. جيتوڻيڪ ڪجهه صدين کان  انهن به خلق ۾  پهراڻ پائڻ شروع ڪيا آهن. ڪجهه ٻين ڳالهين تي به ٻنهي فرقن جا  اختلاف آهن، پر انهن ۾ ڪائي بنيادي ڳالهه نه آهي.

        مهاوير ۽ ٻُڌ جي سمئه جا اهي ادياپڪ هئا جي درڍ – اچاري3 به ها، انهن جو مول مقصد جنم – مرن جي چڪر مان موڪش4 هو ۽ انهن تتوگيان5 جا يا ڌڪ گهٽ تتوگيان جي مانسڪ6 سکيا لاءِ عملائتا نياءَ شاستر7 ٺاهيا ها. اهڙا نظرياتي، اُهي اصول ۽ قدرت جا بنيادي قانون سيکارن ٿا، جي بحيرهءِ روم واري دنيا ۾ ساڳي وقت رائج هيا ۽ يوناني فلسفي ۾ اسان کي ڪافي هندستاني جوڙميل ملي ٿو. هيروڊوٽس جو اهو بنيادي نظريو هيو ته، ’شيون مستققل طغياني (وهڪ) ۾ آهن‘ پر هيروڊوٽس جي برعڪس ٻڌ ڌرم ان مان اهو نتيجو ڪڍيو ته، ’انسان آواگون (تناسخ) جي ڪري سارا دک ٿي سٺا ۽ سرشٽيءَ (ڪائنات) تي اُهو ٽِڪاءُ (پايداري) ٿي مڙهيو ويو، جو اُن ۾ ڪونه هو.‘ جين ڌرم ۽ ٻڌ ڌرم ذهني ۽ روحاني تعليم لاءِ هڪ تفصيلي نظام ٺاهيو هو، جيئن جنم جنم جي ڊگهي چڪر جو انت اچي وڃي.

جي ٻڌ ڌرم جون چوڻيون نفسياتي آهن ته جين ڌرم جون جسماني آهن. ڪنهن ڪنهن جين ڌرم جو اهو مول متو رهيو آهي ته ماڻهوءَ جي آتما جڙپدارٿ ۾ وچڙيل آهي. مڪتي تڏهن ملندي، جڏهن آتما جڙپدارٿ کان جدا ٿيندي ۽ تڏهن ئي ان کي اننت تائين آنند پراپت ٿيندو. اها ڳالهه هندو مڪتبهءِ فڪر سانکيه وانگر آهي. ممڪن آهي ته جين ڌرم ۽ سانکيه مت جو بنياد ساڳيو هو ۽ ٻنهي مادي سان جيئريءَ چرپر جي نسبت ڏيکاري هئي. جيتوڻيڪ جين ڌرم جي اڪثر متن ۾ اتي سوکيمتا[3] آهي، پر انهن سڀني تي جين ڌرم جي پراچين ورثي جو اثر ظاهر آهي. اهي هندي فلسفي جي ارتقا ۾ اهو دور واضح ڪن ٿا، جڏهن ڪا شيءِ نهري مادي کان الڳ سوچي به نه ٿي وئي ۽ هر شيءِ جنهن ۾ ڪجهه ترتيب هئي، ان کي زنده ٿي سمجهيو ويو. ان ڪري هڪ جين لاءِ آتما جا جيوُ سمجهي ٿي وئي، محدود هئي ۽ ان کي ڦيرائتي تور ۽ ماپ هئي. ٻيو ته پراچين ويچارن، جين ڌرم ۾ اهو ويساهه آندو هو ته، ’سڀني شين ۾ ساه آهي.‘   نه رڳو ديوتائون، دئيت، ماڻهو، ڍور ۽ جيت جڻيا ساه وارا ها، پر وڻ ٻوٽا، مٽي، پٿر ۽ هر شيءِ جا ڌرتيءَ مان اڀري ۽ اُسري هئي، نديون، نياڻ، سمنڊ، مينهن ڦڙيون، ڄِڀيون، ڀن ڀِن باهيون، بخار ۽ هوائون سڀني کي ساه هو. اِن طرح ساريءَ ڪائنات کي زندگي هئي. هوا جي هر جهوٽي ۾، مٽيءَ جي هر لپ ۾ آتمائون بندياڻيون هيون. جڏهن به تيلي ٻاري وڃي ٿي ته آگ ڀڙڪي اُٿي ٿي، جنهن جي آتما منش جو روپ ڌاري سگهي ٿي ۽ جڏهن تيلي وسامي وڃي ٿي ته اها وسري وڃي ٿي. (اهو سوچي مونکي پيٽراٽول (Peter  O’Tool)  جي ”لارينس آف عريبيا“ ۾ زندگيءَ جي تيليءَ سان تشبيهه ياد آئي. هُن هڪ تيلي ٻاري، اُن کي ڦوڪ ڏئي وسائي ڇڏيو هو. اِئين هئي انساني زندگي ۽ ان جو انت.

        جين مت ۾ راهه تي پيل پٿر ڪنهن نه ڪنهن آتما جو بندي خانو آهي، جنهن ۾ اُها چُپ چاپ دک سهي رهي آهي ۽ ان پيڙا کان ڀڄي نه ٿي سگهي، جا ان کي لتاڙي رهي آهي ۽ اُها پيڙا ۾ رڙ ڪري نه ٿي سگهي. جنم وٺي آتما پنهنجي پراچين پوترتا[4] وڃائي ٿي ڇڏي ۽ جڙپدارٿ سان چُهٽي اُها وڌيڪ دک سهي ٿي ۽ اها پيڙا وڌندي ٿي وڃي، جيئن اها ڄمڻ مرڻ جي چڪر هيٺ ٿي اچي. ڄمڻ مرڻ جي بي انت چڪر ۾ ۽ پنرجنم ۾، آواگون ۾، آتما جو دک اَسهه ۽ اَکُٽ آهي.

        ”جيئن ڪوڙڪيءَ ۾ بيوس هرڻي جهپا پائي ٿي، تيئن مان اڙجي، جڪڙجي، سوگهو ٿي ماري مات ڪيو ويو آهيان.“

        ”هڪ مڇيءَ وانگر مان ڪُنڊيءَ ۾ يا ڄار ۾ اڻ – ڳڻت ڀيرا ڦاسي ويو آهيان، اڻ ڳڻت ڀيرا مونکي ماريو ويو آهي، ڇِليو ويو آهي، ٻيراڪيو ڪيو آهي ۽ پِتو، ڪليون ڪڍيون ويون آهن.“

(نوٽ: هي پڙهي مونکي شاهه حسين جي سٽ: ”مڇي وانگيان مئن پئي تڙڦان“ ياد ٿي اچي)

        ”هڪ پکيءَ وانگر، مون کي سيچاڻن[5] جهڙپ ڏيئي جهٽيو آهي، يا مان ڍٻيءَ 2 ۾ ڦاسايو ويو آهين يا لاسَ3 ۾ جهلجي ويو آهيان.“               

”وڻ وانگر مون کي ڪهاڙن ۽ واهولن سان واڍن اڻ ڳڻت ڀيرا وڍيو آهي، مون کي ڪيرايو ويو آهي، منهنجا ڇوڏا لاٿا ويا آهن، مون کي مُڇيو ويو آهي ۽ تختن ۾ چيريو ويو آهي .“                                  ”لوهارَ مون کي اڻ ڳڻت ڀيرا مُترڪن سان ڪُٽيو آهي ۽ چمٽن ۾ جهليو آهي. مون کي ڪُٽيو ويو آهي، ٺوڪيو ويو آهي، ٽُڪر ڪيو ويو آهي ۽ رواتيءَ سان رهڙيو ويو آهي.“                        ”مون هرجيون ۾ دُک سٺو آهي. اهڙي پيڙا جنهن کي پل لاءِ به وسرام نه مليو آهي.“    

 (اُتر ڌيان سُتر)

ائين ٿو لڳي ته ٻوڌين کان وڌيڪ جينين لاءِ هيءَ سرشٽي ساري پيڙا ۽ دُک آهي ۽ اُن جون سک جون ڪجهه گهڙيون جيوت جي ڏهڪاوَ مٽائڻ لاءِ ڪافي نه آهن. ”کوهه ۾ ماڻهو“ واري مشهور ڏند ڪٿا آهي ۽ اُها ٿورڙي ڦير گهير سان دنيا جي عظيم روسي اديب ٽالسٽاءِ تبديل ڪري ڏني آهي. اها آئون ڪيئي سال اڳ سچل سرمست واري ميلي ۾ تقرير ڪندي، ٽالسٽاءِ جي نالي سان منسوب ڪئي هئي:

”هڪ مسافر هڪ گهاٽي جهنگ مان وڇي رهيو هو، جڏهن هو هڪ مست هاٿيءَ جي آڏو اچي ويو، جنهن هن کي ڏسي پنهنجي سُونڍ مٿي ڪئي. جيئن مسافر ڀڄڻ جي ڪئي تيئن ٻئي پاسي کان هن جي سامهون هڪ ڏائڻ آئي، جنهن کي ننگي تلوار هٿ ۾ هُئي ۽ اُها هن جو رستو روڪي بيٺي. رستي تي ڊگهو وڻ هيو، جنهن ڏانهن هو انهيءَ اميد سان ڀڳوته اُن جي ڏارن تي هُن کي پناهه ملي ويندي، پر هن جو پير ڏار تان تِرڪي ويو. هن جي پناهه لاءِ هاڻي وڻ جي ٿُڙ ڀرسان هڪ جهونو کوهه رهيو، جنهن ۾ گاهه ۽ ٻوڙا هيا، انهيءَ ۾ هن ٽپو ڏنو، جيئن هُو ڪريو ته هن جو ڪجهه ٻُوڙن ۾ هٿ پئجي ويو، جي کوهه جي ڀت ۾ اُڀريا هئا ۽ کوهه جي تري ۽ مُنهن جي وچ تي هيا، جڏهن هن هيٺ ڏٺو ته هن کي پاڻي نظر نه آيو، پر اتي نانگ ڦڦڪاري رهيا هئا، انهن جي وچ ۾ هڪ اجگر هيو، جنهن ان لاءِ وات ڦاڙيو هوته جيئن ئي هو ڪِري تيئن هن کي جهٽي وٺي. جڏهن هُن مُنهن مٿي ڪيو ته هُن ٻه ڪوئا ڏٺا، جن مان هڪ ڪارو ۽ هڪ اڇو هو، جي ٻوڙن جي جڙ ڪاٽي رهيا ها. ان وچ ۾ جهنگلي هاٿي کوهه ڏانهن ڀڄندو آيو ۽ ان ڳالهه تي غصي ۾ اچي ته شڪار هن جي هٿان نڪري ويو هو، وڻ کي ٿونا هڻڻ شروع  ڪيائين. ڌوڻ سبب ماکيءَ جو هڪ مانارو ڪري پيو، جو وڻ جي ٽاريءَ ۾ لڙڪي رهيو هو ۽ انهيءَ مسافر جي مٿان اچي ڪريو، جو ايترو جوکائتو لڙڪي رهيو هو. ڇيڙيل ماکيءَ جون مکيون هُن جي مٿي کي ڀون ڀون ڪري وچڙي ويون ۽ ڏنگ هڻي سُجائي وڌائونس. ايتري ۾ ماکيءَ جو هڪ ڦڙو هن جي ڀِرنوَ تي اچي ڪريو ۽ ڄڻ هن جي مُنهن تي بانبڙا پائي لٿو ۽ سندس چپن تائين پهتو. اوچتو هن ۾ چاهنا پيدا ٿي ته هڪ ٻيو ماکيءَ جو ڦڙو به چکي ڏسان.“  

هن ڪهاڻيءَ جو مول مقصد چٽو آهي. ان ۾ انهيءَ هر ڀَؤ ڏر جو مثال موجود آهي، جو مسافر کي پيش اچي ٿو. ان ۾ شڪ نه آهي ته مسافر آتما آهي ۽ هن جو جهنگ مان سفر سنسار مان سفر آهي.هاٿي موت جي علامت آهي. ڏائڻ ٻُڍاپو آهي. وڻ موڪش جي نشاني آهي، جنهن تي عام ماڻهو چڙهي نه ٿو سگهي. کوهه ماڻهوءَ جو جيون آهي،نانگ موهه آهي ۽ اجگر نرڳ آهي. ٻُوڙاماڻهوءَ جي حصي ۾ ڪجهه عرصو آهن ۽ ڪارو اڇو ڪوئو مهيني جو سُهائو ۽ اونداهو پک آهن. ماکيءَ جون مکيون بيماريءَ جي علامت آهن ۽ ماکي جيون جي ڀوڳ ولاس جي نشاني آهي. ماڻهو ماکيءَ ٻه ٽي ڦڙا چٽي سگهي يا نه، انت ڪوئا پنهنجو ڪم ڪري ويندا ۽ ماڻهو اجگر جي وات ۾ وڃي ڪرندو. ڇوته نرڳ اجگر هُن کي جلدي يا دير سان اوڪي ڪڍندو ۽ وري سنسار جي جهنگ ڏانهن موٽائيندو، جيئن هُو بار بار ساڳي ڀؤ ڏر مان گذري. هر ويچار، ٻول ڪاريه جڙپدارٿ کي هو نئين ريل ڇيل ڏئي ٿو ۽ پاڻيهي اوجل اَتماکي ڌنڌلائي ڇڏي ٿو. اَتما جڏهن پنهنجي ڇوڏي ۽ ڇِل کان آجي آهي تڏهن اُها ڄاڻڻهار آهي ۽ مغربي فلسفي ليبنز[6] جي اَڀيد اَڇيد وستو(Monad) وانگر هن سرِشٽيءَ جو اولڙو آهي.جا شيءِ اَتما کي ويڙهي وڃي ٿي، اُها عام قسم جو جڙپدارٿ  (مادو) نه آهي، پر اُهو سوکيم جڙپدارٿ آهي، جنهن کي جين ڌرم ۾ ڪَرم چيو وڃي ٿو.   

ڪرم جو جين مَتو پراچين ناستڪ واد مان ورتل آهي ۽ جو ڪجهه ٻئي ڌرم ۾ سرشٽيءَ جو اٽل نيم آهي، اُهو جين ڌرم ۾ جڙپدارٿ جهڙو سمجهيو وڃي ٿو. اَواگون جو چڪر پاڻيهي هلندڙ آهي ۽ ڪنهن به الوڪڪ[7] دست اندازيءَ جي ضرورت نه آهي. اَپ سوار2  ٿي، ويسريا ۽ ڪٺور ڪاريه3 کي، ڳري ڪَرَم جي ريل ڇيل ۾ اڙائين ٿا، جا ان ماڻهوءَ لاءِ  وڏي دُک جو ڪارڻ ٿئي ٿي،جو اُن ۾ ڦاسي وڃي ٿو. ڪَرم جو چڱي ڪاريه مان حاصل ٿئي ٿو، اهو جهٽ ۾ وِٽُرُجي وڃي ٿو ۽ ان جا گنڀير اثر نه آهن. ٻيو جا پيڙا پاڻ تي کنئي وڃي ٿي، اُها اڳيئي ڪٺي ٿيل ڪرم کي ٽيڙي پکيڙي يا دُف ڪري ڇڏي ٿي. موڪش پائڻ لاءِ اَتما کي هر جڙپدارٿ کان آجو ٿيڻ گهرجي ۽ ان کان پوءِ اها پنهنجي سوکميتا سبب سرشٽيءَ جي چوٽ تي رسي ٿي ۽ اُتي سدائين آنند ۾ رهي ٿي.        

مهاوير جهڙن مها پُرشن جي اَتما ته سرير ۾ رهي به اهڙي سوکميتا پائي سگهي ٿي. اُهي هڪ اَجڪائيءَ پاتل اَتما وارواَنند ۽ سروگيان4 پائن ٿا، پر پوءِ به ڪافي ڪَرم پاڇي رهجي وڃي ٿو. جڏهن اهو تپسيا ۽ اُپواس سان ٿڪجي چُور ٿئي ٿو، تڏهن انهيءَ جو ننگ ڌڙنگ اَتمائون، اَڪٿ شانتيءَ جي راجڌانيءَ ۾ پهچن ٿيون ۽ ديوتائن کي پٺتي ڇڏي وڃن ٿيون. مُڪتيءَ لاءِ ماڻهوءَ کي سخت تپسيا ڪرڻي پوي ٿي.   

جيڪڏهن ڪنهن ڪيڙي ماڪوڙي تي پير اچي وڃي ته اُن جو اَتما تي برو اثر ٿئي ٿو. ڪنهن کي جيترو به گهٽ ۾ گهٽ دُک رسائجي، اهو چڱو آهي.ايتريءَ حد تائين جو باهه ۽ پاڻيءَ سان برو ورتاءُ نه ڪجي. هڪ جين کي بنهه پاڇي خور ٿيڻ گهرجي. هن کي هاري ٿيڻ نه گهرجي، ڇوته هر ڏيڻ سان ڪيترن ئي ساهوارن کي دُک رسائي سگهجي ٿو. اهو بهتر آهي ته هو چانور به اُهي کائي جي ٻئي ڪنهن پوکيا هجن، ڇوته پوکي ڪندڙ تي ئي ٻوٽن، ڪيڙن، ماڪوڙن ۽ ڌرتيءَ کي کيڙڻ جو ٻوجهه پوندو. لوهر جي سندان تي لوهه کي پيڙا ملي ٿي. واڍو جڏهن ڪاٺ چيري ٿو ته اُهو ان کي پيڙا ڏئي ٿو. جين لاءِ سڀ کان وڌيڪ اجوکو پورهيو واپار آهي. هڪ عام جين ماڻهوءَ کان ارهنت[8] جي زندگي وڌيڪ ڏکي آهي. هن کي ڪنهن به رستي تي ٻهاريءَ کان سواءِ نه گهمڻ گهرجي، جيئن هو نرمائيءَ سان جيتن جڻين کي پري ڪري سگهي. هن کي اوندهه ۾ نه گهمڻ گهرجي،جيئن اڻ ڄاڻائيءَ ۾ ڪنهن کي چيٿاڙي نه ڇڏي. هن جي منهن تي ڪپڙو هجڻ گهرجي، جيئن ان مان هوا ڪَپڙ ڇاڻ ٿي وڃي ۽ جيتُ جڻيو هن جي وات ۾ نه هليو وڃي. پاڻي به ڇاڻي پيئڻ گهرجي، جيئن ڪنهن جيت کي چوٽ نه اچي. هن کي باهه نه ٻارڻ گهرجي ۽ نه وسائڻ گهرجي. هن جي وهنجڻ سهنجڻ تي بندش آهي، ڇو ته ائين ڪرڻ سان هُو نه رڳو پاڻيءَ کي، پر ان ۾ رهندڙ ساهوارن کي به دک رسائي ٿو. ڪنهن به مٺ2 ۾ بتيون ڪم نه آڻڻ گهرجن، ڇو ته آگ ۾ ڪجهه جيوَ آهن ۽ اُن تي پتنگا ۽ ٻيا جيوَ  اڏامي اچن ٿا. هن کي سارا اوندها پهر انتر ڌيان يا ننڊ ۾ گذارڻ گهرجن. جين مرن وِرت (موت تائين روزو) به رکي سگهن ٿا. ڪيئي سنياسي جڏهن پوڙها ٿيا ۽ انهن جي صحت جواب ڏئي بيٺي، تڏهن انهن آپگهات ڪيو هو. جين ڌرم جي اهڙي پڪي سيکت ئِي ان جي اڄ تائين بچي پوڻ جو ڪارڻ آهي.

اڳئين ڀيري جڏهن مان بمبئي ويو هوس ته مشهور سنڌي ليکڪ نند جويريي مونکي ڪجهه جين مندر ڏيکارڻ چاهيا ها، پر مونکي جين ڌرم جي باري ۾ ڪافي معلومات هئي ۽ گوڏن ۾ به ڏاڍو سور هيو، ان ڪري مان هُن جي آڇ مان فائدو وٺي نه سگهيس. ٻاهران جين ڌرم، هندو ڌرم کي ڪجهه اپنايو آهي. هاڻي جين ڌرم وارا هندو ديوتائن جي پوڄا پاٽ ڪن ٿا ۽ برهمڻ کي مرڻي پرڻي جي رسمن لاءِ گهرائڻ ٿا. پر جين ڌرم هڪ الڳ ڌرم  آهي، جنهن جي وڌيڪ تفصيل ۾ مان هتي وڃڻ نٿو چاهيان. جين ڌرم آستڪ واد سان ڪو ٺاهه نه ڪيو آهي ۽ اُهو اڃا سداچار[9] ۽ اتمڪ اُنتي2 جو ڌرم آهي. جين ڌرم وارن سِرشٽيءَ جي باري ۾ پنهنجي سوچ ڏني آهي. جا دلچسپيءَ کان خالي نه آهي. ان ۾ مول ڳالهه اِها آهي ته ڪنهن به رِٿ يا ٺهراءَ جو سچ ان نڪتهءِ نظر سان نسبتي آهي، جنهن مان اهو نڪتو آهن. هن سرشتيءَ جي رٿا ۽ جوار ڀاٽا3 سرو ڀومڪ4 نڪتهءِ نظر کان هن کي پنهنجيءَ نجات لاءِ ڪوشش جي آزادي آهي. (اشتراڪي دهريا به ساڳي ڳالهه ٿا ڪن. مُنهنجي پنهنجي خيال ۾ انسان پنهنجي اعمال ۾ آزاد نه آهي ۽ هن لاءِ خدا هر ڳالهه مهد کان لحد تائين طئي ڪري ڇڏي آهي. هو فقط اداڪار آهي، جنهن جا قول ۽ عمل اڳ ئي لوحِ محفوظ ۾ آهن ۽ مان علامه اقبال سان ان ڳالهه تي متفق نه آهيان ته ”نگاهه مرد مومن سي بدل جاتي هين تقديرين“ تقدير اڻ ٽر آهي، اَمُڙ آهي، ان کي ڪوئي دڳ ڪُدڳِ لائي نه ٿو سگهي، ڇو ته ان جي ڪاتبِ اها واضح طور لکي آهي ۽ اُن ۾ ڦيرگهير جي گنجائش نه ڇڏي آهي. ماڻهو وس به اهو ڪندو، جو هن جي تقدير ۾ هوندو) جين ڌرم موجب اختيار ۽ جبر ٻئي نسبتي طور سچا آهن ۽ فقط اُهو روح جنهن کي پوري نجات ملي وڃي ٿي ۽ جو ساري زمان ۽ مڪان کي شعور جي دائري ۾ آڻي نظر وجهي ٿو، اهوئي سڄو ۽ مطلق سچ ڄاڻي سگهي ٿو. فلسفي ۾ جبر ۽ اختيار جي مسئلي تي صدين کان وٺي اڄ تائين اختلاف آهن.

        جڏهن مان ”شاه، سچل، سامي ڪانفرنس“ لاءِ بمبئي ويو هوس، تڏهن مان ان ديس جا گوناگون پهلو ڇنڊي ڇاڻي ڏٺا ها. اُتي مونکي معلوم ٿيو هو ته اڃا تائين ڀارت ۾ ويهه لک جين آهن ۽ اهي ٻه هزار سال زنده رهيا آهن ۽ ٻن فرقن، سوتمبرن ۽ ڊگمبرن ۾ ورهايل آهن. پر انهن ۾ ٽيون فرقو به شامل ٿي ويو آهي، جنهن کي سٿانڪ واسي چيو وڃي ٿو ۽ سترهين صديءَ ۾ سوتمبر فرقي مان گجرات ۾ پيدا ٿيو هو. اهو فرقو ديويون، ديوتا بلڪل رد ڪري ٿو ۽ هندو ڌرم جي اثر سان ٽڪر کائي ٿو. مهاتما گانڌيءَ پنهنجي اهنسا جو متو جين ڌرم تان ورتو هو. هُو ڪاٺياوڙ ۾ ڄايو هو، جتي جين ڌرم ڪافي مضبوط آهي. هو جين سنياسين کان ڪافي متاثر ٿيو هو، جن سان جوانيءَ ۾ مليو هو. هو خاص ڪري اڳئين صديءَ جي هڪ جين سنياسي رائچمند ڀائيءَ جا ڳُڻ ڳائيندو هو ۽ پنهنجي آتم ڪهاڻيءَ ۾ هن جو نهايت عقيدت سان ذڪر ڪيو اٿائين.

        مون البرٽ شوائيٽرز جي زندگيءَ ۾ ڪٿي پڙهيو ته هُن پنهنجو ”زندگيءَ جي احترام، (Reverance for life)  جو متو به جين ڌرم جي اثر هيٺ اختيار ڪيو هيو. اها ٻي ڳالهه هئي ته تيستائين اهڙي فقري جي تلاش ۾ رهيو هو، جو هن کي زندگيءَ جو راز سمجهائي سگهي، جيسيتائين هن پاڻيءَ ۾ دريائي گينڊن جو ڌڻ ڏٺو هو، پر اها ڳالهه جين مذهب جي مطالعي کان پوءِ هن جي تحت الشعور ۾ ڇُپي وئي هئي ۽ اوچتو مٿي ذڪر ڪيل واقعي مهل هن جي شعور ۾ آئي هئي.

        جنهن وقت مان جمال، ابراهيم ۽ رشيد سان پاري نگر ۽ ويرا واهه ويو  هوس، ان وقت منهنجي جين ڌرم جي ڄاڻ ايتري گهڻي به نه هئي. هينئر مون چاهيو ٿي ته جين ڌرم سان گڏوگڏ ٻڌ ڌرم تي به لکان، ڇو ته هائڪوءَ کي زين مت [10] جو بنياد آهي ۽ مون سنڌيءَ ۾ ڪيئي هائڪو لکيا آهن، پر مان ٻُڌ ڌرم جو ذڪر پنهنجي ٽئڪسلا جي سفر وقت ڪندس، هتي ڪندس ته پڙهندڙ کي فلسفي جون موشگافيون ٿڪائي وجهنديون. دراصل ٻُڌ مت مون کي ڪازان زاڪس کان به وڌيڪ متاثر ڪيو آهي. مون هن جي آتم ڪهاڻي پڙهي سوچيو هو ته هو ٻوڌي ڇو نه ٿيو؟ شايد يسوع ۽ سينٽ فرانسز آف اسيسيءَ جي پيڙا هن کي ايترو متاثر ڪيو هو، جو هن کان ٻُڌ مت جون ساريون تپسيائون وِسري ويون هيون. رجنيش جي به ڪيترن ئي آڊيو ڪئسيٽن ۾ ٻُڌ ۽ مهاوير جو ذڪر نهايت عقيدت سان ڪيو ويو آهي، جي مان سُمهڻ کان اڳ ٻڌندو آهيان ته مون تي ”ويليم فائيو“ جو اثر ڪندا آهن. هاڻي مان پيرائتو ٿر جو سفر ٿو لکان.

ڪنهن ڪتاب ۾ مون سر رچرڊ اسٽيل جو قول پڙهيو هو؛

”چئوڦيٿي گاڏي[11] اسان کي اڻ ڄاڻائيءَ سان ان طرح کِچ ڪري سٿِيو هو، جو اسان کي پاڻ ۾ ڪائي واقفيت ٿي نظر آئي.“

اهو قول مونکي تڏهن ياد آيو، جڏهن مڇر مار کاتي (Malaria Eradication Department) واري ڊاڪٽر وڳڻ جون ٻه گاڏيون، جي کاتي کي ڪئناڊا مان امداد ۾ مليون هيون، ٿر جي سفر لاءِ اسان جي بِلي رکيون ويون. ڊاڪٽر وڳڻ، جمال جو دوست هو ۽ پنهنجي کاتي جي ڪم ڪار لاءِ، پنهنجي عملي کي انهن گاڏين ۾ ساري ٿر موڪليندو هو. اهي گاڏيون نهايت ئي مضبوط هيون ۽ وارياسي ۾ سفر لاءِ ٺاهيون ويون هيون. عدالتن کي جون ۽ جولاءِ ۾ وئڪيشن هوندي هئي ۽ مان گهڻو ڪري سنڌ جا سفر ڪندو رهندو هوس. ناتال ۾ به عدالتون بند هونديون هيون ته ٻاهر نڪري ويندو هوس. 1963ع ۾ مان ۽ رشيد ڀٽي هندستان جو ڪافي دورو ڪيو هو، جنهنجي جي باري پوءِ لکندس، ڇو ته پهريائين مان جمال سان گڏ ڪيل سفر جي باري ۾ لکڻ ٿو چاهيان.

مونکي  ياد ٿي آيو ته جڏهن مان ننڍو هوندو هوس ته زرينا جي پيءُ خان صاحب حسين بخش سان گڏجي، پنهنجي زمين تي ويندو هوس. منهنجي پيءُ جو انتقال ٿيو هو، جڏهن مان پهرين درجي انگريزيءَ جو امتحان ڏنو هو. هن جي انتقال کان پوءِ خان صاحب حسين بخش، جو  رٽائرڊ ڊپٽي ڪليڪٽر هوندو هو (ان زماني ۾ گهڻو ڪري ڪليڪٽر انگريز هوندا ها) ۽ منهنجي پيءُ جو سوٽيءَ سوٽ به هيو، اسان جي سنڀار رکندو هو ۽ منهنجي پيءُ کان ورثي ۾ آيل ٻنيءَ جو زميندار جي حيثيت ۾ خيال رکندو هو،، بٽئي کڻندو هو ۽ ان مان اُپت جو حساب ڪتاب رکي، اسان کي ماهوار خرچ ڏيندو هو. هو جڏهن اسان جي ٻنيءَ تي هلندو هو ته شڪاپور ۾ لکيدر تان هڪ ڇڪڙو ڀاڙي تي وٺندو هو، جنهن ۾ پنهنجي نوڪري واري دور جو ڪوئي ايراني قالين وڇائيندو هو، ڀرسان پاڻيءَ جي گهگهي ۽ بلغاري حقو رکندو هو ۽ طول وهاڻي تي ٽيڪ ڏئي، هو مون سان ۽ ڪنهن نوڪر سان گڏجي اِن ڇڪڙي تي هلندو هو،  جو ٻه ڏاند ڪاهيندا ها. اسان جي پاڙي ۾ هڪ ٻه موٽر هئي ۽ جي خان صاحب چاهي ها ته هو اُها به هٿ ڪري سگهي ها، پر شڪاپور کان ٻه ڪوهه پري لوڊا ديهه ڏانهن ويندڙ کڙ ٻڙ رستو، جتي اسان جي زمين هئي، ڪار جي سفر لاءِ سازگار نه هو. مان ان ديهه جي باري ۾ پنهنجي ڪتاب ”جڳ مڙيوووئي سپنو“ ۾ احوال لکيو آهي، جڏهن ڪجهه سال پوءِ اتي پنهنجي ڪمدار سان ويو هوس. ڇڪڙي ۾ جا سوڙهه سڪوڙ هوندي هئي، سو مونکي اهي مڇر مار کاتي جون گاڏيون ڏسي ۽ رستي ويندڙ لاريون ڏسي، جن کي ٿر ۾ کيکڙا يا ڊيزرٽ ڪوچ چيو ويندو آهي، رچرڊ اسٽيل جو قول ياد آيو هو. (جو اڳي مٿي بيان ٿي چڪو آهي)

هڪ گاڏيءَ ۾ مان جمال، ابراهيم، رشيد، هڪ چانگ ڇوڪرو جو غالبا کاتي ۾ ملازم نه هو ۽ ٻيو هڪ کاتي جو آفيسر گڏ هو، جنهن اسان سان صاف سنڌي ڳالهائي پئي، پر پوءِ معلوم ٿيو ته هو ته هُو پراڻو سيٽلر هو ۽ سنڌي ٿي ويو هو. اها خبر اسان کي تڏهن پئي جڏهن سفر پورو ڪري ميرپورخاص موٽي آياسين. کاتي جا ٻه مزدور طبقي مان ملازم به ساڻ هيا. گاڏيءَ جا هڪ شاهي وئن هئي، هونءَ تڪليفده نه هئي. ٻيءَ گاڏيءَ ۾ اسان صاف پاڻيءَ جا ڊرم (ٿر ۾ گهڻو ڪري پلر جو پاڻي هو، جنهن ۾ اڪيچار جراثيم هيا) پئٽرول جا ڪيئي گئلن ۽ کاڌي پيتي جون شيون کنيون. پهريون اسان مِٺيءَ آياسين، جو عبدالقادر جوڻيجو جو ڳوٺ آهي، پر هو منهنجو گهڻو وقت پوءِ واقف ٿيو، جڏهن مون سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر جي حيثيت ۾ کيس سنڌ الاجيءَ ۾ ثميره زرين سان گڏ ملازمت ڏني.

مون ديوان حافظ ۾ڪٿي پڙهيو هو:

سفر دراز نھ بھ اش بچشمِ طالبِ دوست

بھ پائي خارِ معيلان حرير مي آيد.

        ترجمو: (دوست جي طالب جي اکين ۾ سفر ڊگهو نه آهي،

ٻاٻري ڪنڊ به پٽ وانگر لڳي رهي آ)

        چوڻ جو مقصد اهو  هو ته حيدرآباد کان مٺي تائين مسافري ائين گذري وئي ڄڻ رستو پٽ جو ٺهيل هو. جمال ته گهڻو ڪري سانت جي سائيڪي ۾ گم هوندو آهي. ابراهيم به رڳو منهجي ۽ رشيد جي گفتگوءَ کي ماٺ ڪري ٻڌي رهيو هو. سڊني سمٿ هڪ هنڌ چيو آهي: ”اڪثر آدمي چوڦيٿي گاڏيءَ ۾ ڳالهائيندا آهن، مان اڪثر ڳالهائيندو آهيان.“[12] مان ۽ رشيد ڀٽي به سانده هندستان جي سفر جي باري ۾ ڳالهائيندا رهياسين. دراصل مون کي هي سفرنامو ۽ هندستان جو سفرنامو گهڻو اڳي لکڻ گهربو هو، پر ڪيترو وقت ته حالتون اهڙيون هيون جو لکڻ جي همت نه پئي ٿي. هينئر جڏهن عمر اچي ستر ورهين تي پهتي آهي ته سفرنامي جي قلمبنديءَ جو خيال آيو آهي.

        هونءَ ته مون ٿر جي سفر جي باري ۾ ”لامون تنهن وڻ سنديون“ ۾ ڪجهه  لکيو آهي جو ”روح رهاڻ“ ۾ حميد سنڌيءَ ڇپيو هو، جو هاڻ خيرپور ۾ شاه لطيف يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر آهي. حميد سنڌيءَ جي رسالي ”روح رهاڻ“ ئي ون يونٽ خلاف صحيح معنيٰ ۾ تحريڪ ڀڙڪائي هئي. ان ۾ بسنت هال حيدرآباد ۾ ٿيل جلسن جا احوال، منهنجون صدارتي تقريرون ۽ ٿر بابت منهنجا ٽي ڳٽڪا ”هي گيت اڃايل مورن جا،“ ”جل جل مشعل جل جل“ ۽ ”رُت آئي ڳاڙهن ٻيرن جي“ شايع ڪري ۽ سنڌي قوميت جو کُلم کُلا پرچار ڪري، هُن حڪومت جون وايون بتال ڪري ڇڏيون هيون. ”رُوح رهاڻ“ جي  ڪنهن ٻئي پرچي ۾ ”لامون تَنهن وڻ سنديون“ به شايع ٿيو هيو، جو فيروز احمد ميمڻ منهنجي ڪتاب ”خط، تقريرون ۽ انٽرويو“ ڀاڱي ۾ شامل ڪيو آهي، پر ان ۾ ٿر جي سفر جو پورو احوال نه آهي.        

منهنجي شاعري ٻُڌي مُلان مڇرجي ۽ نيم اديب بانورجي پيا. افسر شاهيءَ کان ڇتي ڪتي جي گگ وهڻ لڳي هئي ۽ سرڪار جا جاسوسي کاتا وهلور وچڻ لڳا هئا. ڄڻ پورو پاڳل خانو اٿلجي پيو هو. مان پنهنجي مخالفن کي ڏسي، رڳو صائب جو هيٺيون شعر دهرائيندو هوس:

مخور صائب فريب از عمامهء  زاهد،

که در گنبذ زبي مغزي صدا بسيار مي پيچد.

ترجمو: (اي صائب زاهد جي وڏيءَ پڳ کان ڌوڪو نه کاءُ، ڇوته بي مغزيءَ سبب گنبذ ۾ آواز ڏاڍو وچڙي ويندو آهي.)

پر انهيءَ تي تفصيل سان اڳتي هلي لکندس. صائب جو هڪ ٻيو فارسي شعر آهي:

سفيد گشتن مُو ترجمان اين سخن است،

که سَر بر اَرَز جوابِ گران سفيده دَميد.

ترجمو: ”وارن جو اڇو ٿيڻ ان ڳالهه کي چتائي ٿو،

ته گهريءَ ننڊ مان اکيون پٽ، اڇي باک ڦٽي وئي آهي.

هاڻي اچي وري خيال ورايو آهي ته متان ڪنهن مهل ننڊ مان اک ئي نه کُلي، اِن ڪري پنهنجيءَ زندگيءَ جي باري ۾ جيترو ٿي سگهي. لکي وٺان، ڇوته اُهائي شيءِ ته انسان جي پنهنجي آهي ۽ ٻيا سماجي رشتا ناتا فروعي آهن. اجتماعيت ماڻهوءَ سان گڏ مرقد ۾ ته نه ٿي وڃي! انفراديت ئي ته فرد جي جين (Gens) جو حصو آهي، جو هن سان گڏ ٻي پيڙهيءَ ۾ منتقل ٿئي ٿو.                            سفر ۾ مان ميل، آدمشماريون، گهر گهاٽ، ريتون رسمون وغيره گهٽ ڏٺيون آهن. سفر مون لاءِ هميشه سفر در سفرجي ڪيفيت رکندو آهي. هڪ ٻيو فارسيءَ جو شعر سُجهي ٿو اچي. اردو ۽ فارسيءَ شاعري تي ايتريءَ مهارت ۽ ان جي گهري مطالعي جو باوجود مون اڳي اردو ۽ فارسي شعرن جو پنهنجي نثر ۾ حوالو گهٽ ڏنو آهي. هاڻي سمجهه ۾ اچي ٿو ته مولانا آزاد پنهنجي ”غبار خاطر“ ۽ ٻين ڪتابن ۾ ايترن فارسي شعرن جا حوالا ڇو ڏنا هئا. فارسي شعر خوبصورت آهن، موزون آهن ۽ اُنهن کي صدين جو پس منظر آهي. انهن ۾ انهيءَ اسلامي فضا جي عڪاسي آهي، جا ڪنهن وقت ايران، تبريز، سمر قند، تاشقند، بخارا وغيره ۾ هئي. اُهو شعر جو مون کي ياد ٿو اچي، نه ڄاڻان ته ڪنهنجو آهي،پر اُهو هيٺينءَ ريت آهي:

سفر آن نيست که از مصر به بغداد رَوِي،

از رهِ جان سوئي جانان سفرِ مردان است.

 ترجمو: (سفر اهو نه آهي ته مصر کان بغداد وڃين،

جان جي رستي تان جو سفر ڄانان (پرينءِ) ڏانهن وڃي ٿو،

 اهوئي مردن جو سفر آهي)

سو مان ۽ رشيد ڀٽي ڳالهيون ڪندا ٿي آياسين، ”اياز! تو بمبئيءَ کان موٽندي پي. آءِ. اي جي جهاز م ايتري وسڪي پيتي، جو تنهنجو ڪنڌ جهُڪي وڃي گوڏن ۾ لڳو. مون توکي وارن کان وٺي مٿي ڪيو، پر وري تنهنجو ڪنڌ گوڏن ۾ وڃي لڳو. مون کي ڀؤ  ٿيو ته ڪٿي مري ته نه ويو آهين ۽ مون وٺي رڙيون ڪيون. ايئر هوسٽيس ڀڄندي آهي ۽ تنهنجي دل تي هٿ رکي چيائين:

”هي رڳو نشي ۾ آهي ۽ هن کي گهري ننڊ اچي وئي آهي.“

”ڀَٽي! تون اهو نه سوچ مان پٺتي ڇا ڇڏي آيو آهيان. مون جڏهن اُڏامندي هوائي جهاز مان هٿ ٿي هلايو ته چاهيم ٿي ته جهاز مان هيٺ ٽپو ڏيان! جيئن ايئر هوسٽيس وسڪيءَ جو گلاس ٿي ڏنو، تيئن يادگيريون اُڀري ٿي آيون ۽ مون کي گلاس ۾ ڇڪي ٿي ويون، جو هڪ درياه وانگر ڦهلندو ٿي ويو.“ مون هڪ ساهيءَ ۾ جواب ڏنو.       

مٺيءَ ڏانهن وئن ۾ ابراهيم، جيڪو اسان جي ويجهو ويٺو هو، اُهو اسان کي ڪجهه ٻڌي رهيو هو پر گهڻو آواز وڻن جي شور ۾ ٻُڏي ٿي ويو.

هوءَ فتح پور سِڪريءَ تي شام ياد اٿئي، جڏهن اسان ان جاءِ تان اُتي جتي بيجو باورا ۽ تانسين مظاهرو ڪندا ها، جوڌٻائيءَ جي محل مان ڦري اچي ويٺاسين، جتان سکر واري جي.پي منگهارام جو بسڪوٽن جو ڪارخانو نظراچي رهيو هو.“ رشيد ڀٽيءَ چيو.   

”هائو“ مون جواب ڏنو.

رشيد تنهن تي چيو: ”اُن وقت شام ٿي رهي هُئي. سج داراشڪوه جي منڍيءَ وانگر ڪپجي هيٺ ڪريو هو ۽ مون گيتا کي چيو ته ڪوئي راڳ ٻُڌاءِ ته هن هڪ فلمي گيت نهايت مٺي سر سان ڳاتو هو.“ مون ٿڌو ساهه ڀريو جو وئن جي آواز ۾ ٻڌڻ ۾ نه آيو. وقت ۾ نديءَ واري لس ليٽ آهي ۽ هر واقعو اُن ۾ لڙهي وڃي ٿو. رشيد اُن وقت ڏاڍو ڳؤرو هوندو هو ۽ هن تي ”راجا ڏاهر جو هاٿي“ نالو پئجي چُڪو هو. رباني کيس چيڙائيندي چوندو هو

اياز! هي انڌو هاٿي اٿيئي، نيٺ مارائيندءِ!“  

ربانيءَ کي سفر ۾ ڏاڍو ياد ڪري رهيا هئاسون. هن جي خوش طبعي، دوستي، اُجهل آجيان! مان وڪالت ۾ ڪافي ڪمائيندو هوس، پر جي پنجاهه رپيا خرچ ڪندو هوس ته هو پنج رپيا ضرور خرچ ڪندو هو پوءِ توڙي کيس کيسي ۾ هوندائي پنج رپيا ها. بيحد خود دار، حساس ۽ سياماب صفت دوست، جنهن سان رنجيدگيءَ جي باوجود به مان هن کي وساري نه سگهيو آهيان ۽ جڏهن مون ڪيئي سال پوءِ ”ساهيوال جيل جي ڊائري“ لکي هئي، تڏهن هن کي ساڳي پيار سان ياد ڪيو هو، جو مون کي هُن لاءِ ان وقت هو، جڏهن اسان وئن ۾ ٿر ڏانهن وڃي رهيا هئاسين. وقت ان دوستيءَ کي وڌيڪ مستحڪم ڪيو هو. مون کي ياد آهي ته جڏهن مان جناح اسپتال ۾ ساري رات ڦٿڪي رهيو هوس ۽ ڪنهن اَڻ – ڄاتي ڪارڻ سبب مون کي مُنهن مان گينڊيون رَت اچي رهي هئي، تڏهن رباني ساري رات منهنجي مٿي کان ويٺو هو ۽ هُن کي ڀَؤ هيو ته مان مري ويندس. انسان ماضيءَ جون چڱايون ڏسي، ڪنهن دوست جون لغزشون وساري ڇونه ڇڏن! هن ڀيري مون کي جا چار ڀيرا هارٽ اٽئڪ ٿي، اُن جو ڪارڻ به رباني ئي هيو. شعوري غير شعوري طور هن کان اهڙي حرڪت سرزرد ٿي جا مون کي خيال ۾ به نه هئي ۽ اها هڪ فون ڪال تي مون وٽ هڪ پٿر وانگر پهتي ۽ دل جو آئينو ڀور ڀور ڪري وڌائين. اُها مذاق ۾ هئي، ايذارساني جي جذبي سان هئي يا ابروباد ۾ پرواز سبب هئي جو هن کي موجوده آسوديءَ نوڪري ڏنو آهي، مان چئي نه ٿو سگهان. نه مان ان ڳالهه جي تفصيل ۾ وڃي ٿو سگهان. ان کان ڪافي وقت پوءِ جڏهن ڪراچيءَ ۾ منهنجي گهر آيو هو ته مون کي هن گهايل اکين سان ڏسي ميار ڏني هئي. بهر صورت ربانيءَ جي ڳالهه وچ ۾ اچي وئي آهي. مون ميرپور خاص مان مٺيءَ ڏانهن ويندي، رشيد سان هندستان جي سفر جي باري ۾ گفتگو ٿي ڪئي. رشيد وري يادگيرين جي درياه ۾ ٽٻڙڪاکائي رهيو هو. هو ڏوئل پکيءَ وانگر ٿي لڳو، جنهن کي ڏوئيءَ جيڏي چهنب هوندي آهي ۽ جا پاڻيءَ ۾ گهُت ڏئي، چڱي وڏي مڇي ڦاسائي ايندي آهي.

”اياز! آگري جي اُها رات ياد اٿئي.“هن چيو. ”جڏهن تو پنهنجي دوست سترام کي به دليءَ مان کنيو هو ۽ تون، مان، سترام ۽ راج وسڪيءَ جون پوريون ٻه بوتلون پيتيون هيون ۽ تو ٻي بجي رات تائين شاعري ٻڌائي هُئي ۽ گيتا ٿڪجي پنهنجي ڪمري ۾ وڃي سُمهي پئي هئي ۽ تون ساري رات شاعري ٻڌائيندو رهيو هئين، جيستائين اسان سڀ مدهوش ٿي وياسين.“

مون جواب ڏنو، ”رشيد! سقراط ساري رات پيئندو هو، هن جا هم پيالا شاگرد ڪِري پوندا ها ۽ هو صبح جو وهنجي سهنجي هوا خوريءَ لاءِ نڪري ويندو هو.“ انهن ڏينهن ۾ ته مون سان غالب واري ويڌن هئي:

ميء سي غرض نشاط هي کس روسياه کو،

اک گونھ بي خودي مجهي دن رات چاهئي.

جيتوڻيڪ مان هونءَ پيئڻ ۾ محتاط رهيو آهيان ۽ ڪڏهن به وت کا ن وڌيڪ نه پيتو اٿم. جڏهن مان لنڊن کان دبئيءَ ويو هوس تڏهن ته پيئڻ صفا ڇڏي ڏنو هئم. محفل گرم هئي، موتي پرڪاش ۽ روپا منهنجو ۽ نارائڻ شام جو ڪلام ٻُڌائي رهيا ها. شراب جو دور جاري هو، پر فضا ۾ ايڏيءَ مدهوشيءَ جي باوجود مون چُڪي نه چکي هئي. ٻئي ڏينهن تي شارجا ۾ مرزا قليچ بيگ جي ڪنهن مائٽ (نالو ياد نه پيو اچي) وٽ دعوت هئي، جو اُتي پاڪستان سرڪار جو ڪسٽم جي محڪمي ۾ ملازم هو. اُتي روپا جي مڙس موهن ۽ ڪلا پرڪاش ضد ڪيو ته مان کين پنهنجو ڪلام ٻڌايان. مون هنن کي چيو ته:

”ون يونٽ ٽوڙ تحريڪ وقت مان هر روز پنهنجو ڪلام سنڌي ۾ پڙهندو هوس، پر پوءِ مون اهو پڙهڻ ڇڏي ڏنو آهي ۽ ايترو تيزيءَ سان لکيو آهي جو مون کي هڪ سِٽ به ياد نه رهي آهي. هُنن مونکي پنهنجو ڪتاب ”بڙ جي ڇانو اڳي کان گهاٽي“ ڏئي چيو ته: ”هن مان ٻڌاءِ“ جڏهن مون کين ٻه سِٽون ٻُڌايون ته ڪلام روڪي موتيءَ کي چيم: ”مون کي هڪ بيئر جو گلاس ڏئي، پاڻيءَ تي شاعري مون کان نه ٿي ٿئي.“ هو بيئر جو گلاس ڀري آيو ۽ مون کين ڪيئي شعر ٻڌايا.

پر هندستان ۾ ته منهنجي رات وسڪيءَ کانسواءِ نه گذرندي هئي. ڀٽيءَ انهيءَ صبح کي ياد ڪيو، جڏهن اسان اونده ۾ تاج محل تي پهتا هياسين، ڇو ته مون ڏسڻ ٿي چاهيو ته سوجهري ۾ اچي، تاجُ ڪيئن ٿو لڳي. اها ويل ازل جي ويل هئي، جڏهن ڪائنات تخليق ٿي هئي. مان راج ۽ گيتا پوئين سيٽ تي ويٺا هياسين ۽ ڀٽي ۽ سترام ڪار جي اڳئين سيٽ تي. تاج جو شاهي دروازو اڃا بند هو. ڀرسان ڪنهن مندر مان ڪِيرتن اچي رهيا هيا. جڏهن جهونجهڪڙو هٽيو ۽ سوجهرو ڦهليو تڏهن اِئين لڳو ته سج تاج جي گنبذ مان اُڀري رهيو هو. تاج محل جو دروازو کليو ته اسان اندر وياسين ۽ دنيا جي خوبصورت ترين تعمير اسان جي سامهون هُئي. اتي سرڪاري فوٽوگرافر اسان جا فوٽو ڪڍيا جي منهنجي البم ۾ شامل آهن ۽ ڪجهه ڇپجي چُڪا آهن.

ٿر ۾ برسات وسي رهي هئي ۽ چوڌاري ساواڻِ هئي. واريءَ جون ڀِٽون ائين لڳي رهيون هيون ڄڻ ڪوئي ايراني قالين ڇنڊي رهيو هو. اُفق تي سج ڪڏهن ڪڏهن ڪڪرن مان ليئا پائيندي نارنگيءَ وانگر نظر اچي رهيو هو. مان ساري منظر کي تجريدي آرٽ وانگر ٿو پيش ڪيان ۽ وڻ، ٻوٽا، گل ۽ وليون ائين نه ٿو اظهاريان، جيئن مون ٿر جي مصوري ڪندي اظهاريا آهن. مان سوچان ٿو ته چڱو جو مون هندستان ۽ ان کان پوءِ ٿر جي سفر جي باري ۾  يڪدم نه لکيو ۽ هاڻي هر شيءِ ماني  (Manet) جي تصوريت پسند نقشن  (Impressionistic Paintings) وانگر نظر اچي رهي آهي. مون کي اُهي سفرناما نه وڻندا آهن، جي ٽوئرسٽ بيورو (محڪمهءِ سياحت) جي پوسٽر يا ڪتابچي وانگر لڳندا آهن. سفر ته اُهو آهي جو اندر ۾ ٽُٻي ڏئي، ڪڏهن هِن پار پهچي ڪڏهن هُن پار. مونکي لنڊن ۽ لينن گراڊ ۾ ٻه پارڪ ياد اچي رهيا آهن. جتي منهنجو روح هندستان جي شاهراه تان ويندي، يوپيءَ جي جهنگلن سان وحدت الوجود واري محويت محسوس ڪئي.

وئن ۾ ڀٽي چئي رهيو هو:

”اياز! هو اُجين واري رات ۾ به عجيب وغريب ڪيفيت هئي.“

منهنجي اکين اڳيان سارو منظر ڦري ويو. راج، دِليءَ ۾ پئسا گهرائي نئين ڪار ورتي هئي ڇو ته ان ۾ هن کي ڪجهه فائدو پيو ٿي. هو مون سان گڏ ته هوائي جهاز ۾ دليءَ هليو هو، پر موٽڻ وقت ڪار جي ذريعي اچڻ ٿي چاهيائين. اسان چنبل گهاٽيءَ، سرسوتي نديءَ وغيره وٽان ٿيندا، ٻي بجي رات جو ڪار روڪي ريسٽ هائوس ۾ تازي ماني تيار ڪرائي کاڌي هئي ۽ ڪجهه وقت لاءِ جهپ لائي وري سفر جاري رکيو هو ۽ جڏهن انهيءَ موڙ تي پهتا هياسين جتان شاهراهِ عام بمبئي ڏانهن ٿي وئي ۽ هڪ رستو ڦٽي، اُجين ڏانهن ٿي ويو، تڏهن راج کان گيتا پڇيو هو:

”هتان اُجين ڪيترو پري آهي؟ اسان به ته ڪاليداس جو مندر نه ڏٺو آهي.“

راج جواب ڏنو؛

”اُجين ته اسي ميل اندر آهي پر ڪَويءَ کي ڪاليداس جي مندر ڏيکارڻ کان سواءِ بمبئي موٽي وڃڻ به ٺيڪ نه آهي. مان به اهو مندر ڏسڻ چاهيان ٿو.“

پوءِ ته اسان اُجين ڏانهن مُڙياسين ۽ پهرين رابعه دُراني جي سنگ مرمر جو مقبرو ڏٺو هيوسين. هوءَ اورنگزيب جي زال هئي ۽ اورنگزيب هن تي ماٽيلي ماءُ ممتاز محل جهڙو مقبرو ٺهرايو هو، پر هن کي شاهجهان جهڙو ذوقِ تعمير ڪونه هو ۽ ان مقبري جو تاج محل سان ڪوئي مقابلو   ڪونه هو.

مون کي دارا شڪوه جي پورچوگيز ڊاڪٽر ”منوچيءَ“ جا اورنگزيب جي زندگيءَ تي لکيل چار حصا ياد آيا. ڪيئن ڍاڍر ۾ جيوڻ خان ٻروچ وٽ دارا پناهه ورتي هئي، ڇو ته هن جو جيوڻ خان تي احسان هيو ۽ هن جيوڻ خان جي موت جي سزا معاف ڪرائي هئي. ڪيئن احسان فراموش جيوڻ خان هن کي رات جو خوب شراب پيئاريو هيو ۽ مدهوشيءَ جي حالت ۾ گرفتار ڪري، دهلي وٺي ويو هو ۽ اورنگزيب جي اڳيان پيش ڪري انعام اڪرام ورتا هيائين، ڪيئن جڏهن دارا دليءَ جي گهٽين ۾ هاٿيءَ تي هٿ ڪَڙين ۾ ويٺل هو ته هڪ فقير سئن هنئي هُئي، ”دارا اڳي ته خيرات ۾ هيرا جواهر ڏيندو هئين، هاڻي ته توکي ڪجهه به نه آهي.“

ڪيئن دارا پنهنجي بدن  تان قيمتي شال لاهي، فقير ڏانهن مٿي ڪئي هئي، ڪيئن اورنگزيب جي حڪم تي دارا کي ذبح ڪري هُن جي مُنڍي وٽس پيش ڪئي وئي ۽ اورنگزيب تلوار سان مُنڍي مٿي ڪري چيو، “هي سِرُ هيو جنهن هندستان تي حڪومت ڪرڻ ٿي چاهي!“

۽ پوءِ حڪم ڪيو هيائين ته اِهو سِر رومال ۾ هن جي پيءُ شاهجهان کي پيش ڪيو وڃي، جو تاج محل جي سامهون ٻئي محل ۾ گرفتار هو ۽ جتي هن جي ڌيءُ جهان آرا بيگم هن سان گڏ خدمت لاءِ رهي پئي هئي. پهريون ته شاهجهان ڏاڍو خوش ٿيو هو، سوچيو هيائين ته هن جي پُٽ جي دل ۾ ڦيرو آيو آهي ۽ کيس تحفو موڪليو اٿائين، جڏهن رومال هٽائي دارا جو سِرُ ڏٺو هيائين، تڏهن  بانورجي پيو هو ۽ ڏاڙهيءَ جا اڌ وارَ پٽي ڪڍيا هيائين. اهو هيو انهيءَ شخص جو ڪردار جو قرآن جا نقل ڪري گذران ڪندو هو. جهان آرا بيگم جو هڪ مشهور فارسي شعر هو جو لاشعور جي تري ۾ پهچي ويو آهي ۽ انتهائي غوطه زنيءَ جي باوجود هَٿ نٿو اچي. ها، ڪنهن نامعلوم شاعر جو هڪ شعر الائي ڇو ياد اچي رهيو آهي:

انقلابي کھ نھ گُنجد بھ ضمير افلاک

بينم وهيچ ندانم کھ چرا مي بينم.

ترجمو: (انقلاب جو افلاڪ جي ضمير ۾ نٿو ماپي،

اهو ڏسي رهيو آهيان ۽ نه ٿو  ڄاڻان ته ڇو ٿو ڏسان!)

ائين ٿو لڳي ته دارا جو سر اُنهيءَ رومال ۾ ٽپا ڏئي رهيو آهي ۽ ڌڙ کي ڳولي رهيو آهي. مون کي غالب جو غير مطبوعه شعر به ياد جي تري ۾ پيهي ويو آهي ۽ انتهائي غوطه زنيءَ جي باوجود هٿ نه ٿو اچي. ها، ڪنهن نامعلوم شاعر جو هڪ شعر الائجي ڇو ياد اچي رهيو آهي جو مونکي پنهنجي جهوني دوست مقصود احمد حميديءَ ٻڌايو هو، جو ڪجهه وقت اڳ سنڌ جو انڊيشنل چيف سيڪريٽر هو؛

قفس مين روزنِ ديوار و زخمِ در نهين ليکن،

صدائي طائرانِ آشيان گم کرده آتي هي.

ترجمو؛ قفس جي ديوار ۾ نه دريون آهن ۽ نه در زخم وانگر کليل آهي، باقي آکيري مان گم ڪيل پکيئڙن جو پڙلاءُ اچي رهيو آهي.)

اوهان جي معلومات لاءِ لکان ٿو ته جڏهن مان آگري ۾ شاهجهان جي اُنهيءَ محل ۾ ويو هوس جتي هو قيد هو ۽ جتي هر ديوار ۾ هزارين ننڍا شيشا لڳل ها، جن ۾ تاج نظر اچي رهيو هو، تڏهن مون شاهجهان جي اُنهيءَ تخت تي ليٽي، فوٽو ڪڍرايو هو، جتان هو تاج کي ڏسندو هو. اُهو فوٽو اڃا مون وٽ آهي.

وري موٽان ٿو ويجهي ماضيءَ ڏانهن رابعه دُرانيءَ جي مقبري، ۽ پَن – چڪيءَ کي ڏسي، اسان ڪاليداس جي مَندر ۾ وياسين. ڪالي داس جو سنسڪرت جو مهاڪوي هو. شڪتتلا،، وڪرم اُروشي، ميگهه دوت، رُگهو ونش ۽ ٻين ڪوتائن جو مصنف هيو ۽ جنهن جا ترجما پڙهي سارو مغرب مرعوب ٿي ويو هو. مَندر ۾ خاص ڳالهه نه هئي. اُتي لنگم پوڄا ٿي رهي هئي ۽ هندو  استريون شِوَ جي لنگم تي کير هاري رهيو هيون. مان هندو ڌرم ۽ اسلام تي پوءِ لکندس. ها رگ ويد جو سنڌ جي ڌرتيءَ تي رچيو ويو هو، نهايت پياري ڪويتا آهي. جڏهن ڪاليداس جو نالو ايندو آهي، مونکي پنهنجو پيارو دوست ڊاڪٽر مهڪري ياد ايندو آهي، جنهن سان هڪ ڀيري ڪاليداس تي بحث ڪري رهيو هوس ته هن چيو هو:

”اياز! پاڻ ته گوري داس آهيون، پنهنجو ڪاليداس سان ڇا؟“ هن جو وڌيڪ ذڪر سنڌ يونيورسٽيءَ جي پس منظر ۾ ڪندس.


[1]     ايشور واد: وحدانيت

[2]    مهاڪال: وڏو قحط

2   ڪُڪرمي: خراب، ڪمبخت

3   درڍ: آچاري: دين تي پڪا      

4   موڪش: نجات

5   تتوگيان: فلسفو      

6   مانسڪ: نفسياتي

7   نياءَ شاستر: نظام، ربط ضبط، سٽاءُ

[3]     اتي سوکيمتا: گهري موشگافي يا نڪته پردازي

 

[4]    پِراچين پوترتا- قديم پاڪيزگي                

[5]    سيچاڻا: باز

2   ڍَٻي: پاڻيءَ جي پکي  ڦاسائڻ جو هڪ طريقو           

3   لاَس: پکيءَ ڦاسائڻ لاءِ ڪائي لِڳ لِڳدار چيز.

 

[6]    ليبنز (Leibniz)،1716ع کان 1946ع تائين، جرمن فلسفي ۽ رياضي دان.

 

[7]    الوڪڪ: ڪَرامتي، خدائي

2   اَپ سوار ٿي: خود غرض

3   ڪاريه: ڪم، عمل.

4   سَروگيان: همه داني                             

[8]    ارهنت: جين ساڌو

2     مٺ: خانقاه

[9]    سداچار: اخلاق

2   اتمڪ اُنتي: روحاني بهتري

3   جوار ڀاٽا: مدو جزر، وير الڙُ

4     سروڀومڪ: ڪائنات جو، آفاقي

 

[10]   زين مت: جپان ۾ ٻُڌ ڌرم جو نانءُ آهي.

 

[11]    ”The Coach Jumbled us insensibly into some sort of familiarity”

Sir Richard Steelo (1672 to 1739)

 

[12]   “Most people talk in stage coaches; I always Talk”

Sydney smith (1771 – 1845)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org