سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر

شيخ اياز

صفحو : 11

ٻلي ۽ ٻليءَ چيو:

”اي پيغمبر! تون ڪيترو نه ساده لوح آهين. تو اهو ٿي سمجهيو ته اسان ٻيئي ڪائي راند ڪري رهيا آهيون.“

مرحوم اي. ڪي بروهيءَ کي ڏاڍو چڱو مزاح جو حس هوندو هو. اي. ڪي بروهيءَ وانگر مزاح جو حس ته شرف الدين ادا کي به هو، جو هاءِ ڪورٽ جو سٺو وڪيل هوندو هو.

سميع الله وڪيل کي به چڱو مزاح جو حس هوندو هو، جنهن سان شرط تي هو ڪُڪڙ ويڙهائيندو هو . سميع الله هڪ ڀيري پنهنجي زمين تي منهنجي دعوت ڪئي هئي ۽ ڪڪڙن جي ويڙهه ڏيکاري هئي. ٻه دوست جڏهن وڙهي هڪ ٻئي کي ڦٽي وجهندا آهن ۽ ٻيا چُرچ ڏيندڙ ڦوهارا هڻي، هنن کي اڀاريندا رهندا آهن، تڏهن مون کي اها ويڙهه ياد ايندي آهي. مان گهڻو ڪري ويڙهه ۾ موشو ڪري ويندو آهيان ۽ ماڻهو ان کي منهنجي ڪمزوري سمجهندا آهن.

شرف الدين تن ڏينهن ۾ جيئي سنڌ تحريڪ ۾ هوندو هو جڏهن مان ساهيوال جيل مان رِها ٿي ريل ۾ سکر آيو هوس ۽ سکر اسٽيشن تي سوين ماڻهو مڙيا ها. شرف الدين ادا جو انهيءَ ميڙ ۾ هو، مون کي ڪلهن تي کڻي انهيءَميڙ سان گڏ پراڻي سکر آيو هو ۽ مون کي منهنجي گهر جي ڏاڪڻ وٽ ڇڏي، ميڙ سان گڏ موٽي ويو هو. شرف الدين ادا، ڀُٽي جي ڳالهه برداشت نه ڪري سگهندو هو. هڪ ڀيري ڄاڻي واڻي هن منهنجي ڪتاب ”ڪَپر ٿو ڪُنَ ڪري“ کي ”ڪپر ٿو ڪِنُ ڪري“ چيو هو، ڇو ته مان ڀُٽي جي سڏ تي سکر سرڪٽ هائوس ۾ ويو هوس. اهو چئي وڏو  ٽهڪ ڏنو هيائين. ٽهڪ ۾ ڪا به بدنيتي ۽ طنز نه هئي. هو مونکي ”استاد“ ڪري سڏيندو هو، ڇو ته هو منهنجي شاگرد حبيب الله جو شاگرد هو. پر ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته هن جي طنز راڄسي چاقوءَ وانگر تيز هوندي هئي ۽ اُن جو چههُ ڪافي وقت ڪُرندو هيو.

مرحوم عبدالروف، مرحوم رحمان نقوي منهنجا مهاجر دوست هوندا ها، جن سان ون يونٽ جي معاملي تي ٽڪراءُ رهندو هو. حسن ميان، لياقت علي خان، اجلال حيدر زيديءَ وغيره جا نالا وٺندو هو ته اهي سندس اترپرديش ۾ دوست ها ۽ هو اتان جي مسلم ليگ جو پريزيڊنٽ هو ۽ قائداعظم کي اڳينءَ يو. پي جي عوام سان آشنا ڪرائڻ ۾ هن جو هٿ هيو. نواب وحيد احمد خان جو غيرسياسي ماڻهو هوندو هو، اهو چوندو هو ته الهه آباد ۾ موتي لال نهرو هن کان ٿوري پنڌ تي رهندو هو ۽ مُوّڪل موتي لال کي ائين ڳولي لهندا ها، جيئن کيس پراڻي سکر ۾ ڳولهي لهندا ها. سکر جا مهاجر ”پدرم سلطان بود“ (منهنجو پيءُ سلطان هو) نه چوندا ها پر ”پدرم ٽيپو سلطان بود“ چوندا ها. هرڪو ئي اتي وڏيون حويليون ۽ هزارين ايڪڙ جاگيرون ڇڏي آيو هو. ڪوئي نواب رامپور جو مائٽ هو، ڪوئي نواب ڀوپال جو. منهنجي مُوّڪل تي ايوب خان واري زمان ۾ مارشل لا ريگيوليشن هيٺ ملٽري ڪورٽ ۾ ڪيس ٿيو هو. هن ڪنهن ڇپيل ڪتاب تان سنگ مرمر جي محل جو فوٽو ڪڍي، سترنهين لکين جو ڪليم منظور ڪرايو هو. مون هن کان بيان اهو ڏياريو ته هاڻي هن کي خبر پئي آهي ته فوٽو واقعي جعلي آهي. اِهو ڪليم ته هن جي چاچي داخل ڪرايو هو، جڏهن هن جي عمر 5 سال هئي ۽ فوٽو به هن جي چاچي پيش ڪيو هو. سو اصل ڏوهاري اهو آهي. ملٽري ڪورٽ هن کي بري ڪري ڇڏيو.

جيڪب آباد جي سيٺ دوارڪا داس تي مارشل لا جي زماني ۾ ڪيس ٿيو ته هن پريزيڊنٽ ايوب کي گاريون ڏنيون آهن. اهڙو ٽيپ رڪارڊ ٿيل ڪئسيٽ هن جي ڪنهن دشمن جو ذات جو جمالي هو، شاهديءَ ۾ هن جي خلاف پيش ڪيو هو. ڪيس ڪوئي ڪرنل هلائي رهيو هو. مون ڪئسيٽ پيش ڪندڙ کان فقط ٽي سوال ڪيا:

”ڇا توکي خبر هئي ته دوراڪاس داس مارشل لا جو دشمن آهي؟“

”هائو“، هن جواب ڏنو.

”ڇا توکي خبر هئي ته هو مارشل لا جي خلاف ڳالهائيندو آهي ۽ پريزيڊنٽ ايوب کي گاريون ڏيندو آهي؟“

”ڇا تو ڄاڻي واڻي هن کي ٽيپ ڪرڻ کان اول هن سان مارشل جي خلاف ڳالهايو ۽ اُڪسايو ته جيئن هو مارشل لا کي گاريون ڏئي؟“

هن چيو: ”ها ائين صحيح آهي.“

”ائين صحيح آهي!“ پنجابي ڪرنل هن کي زور سان مٿي جي ڏنڊڪي هڻندي چيو:

”تو مارشل لا کي هٿ سان گاريون ڏياريون آهن. نِڪر ڪورٽ مان يڪدم نڪر. نه ته توکي ٿو هٿڪڙيون هڻايان. مان ملزم کي بري ٿو ڪيان پر فتويٰ جڏهن مٿان منظور ٿي ايندي، تڏهن اُن جو آخري اعلان ڪيو ويندو.“

مبين خان منهنجو جونيئر رهيو هو ۽ پوءِ هاءِ ڪورٽ جو سٺو وڪيل هوندو هو. ”خلافت معاويه ويزيد“ جي مصنف جو گهرو واقفڪار ۽ معتقد آهي ۽ ڪٽر سُني آهي. مرحوم مقصود حسن خان وڪيل وڏو ڦڏئي مڙس هو، پر مون سان دل هوندي هيس ۽ مرڻ کان اول اولاد کي وصيت ڪئي هيائين ته:

”جيڪڏهن ڪنهن سان اوهان کي مشوري جي ضرورت پوي ته شيخ اياز سان ڪجو ڇو ته هن جهڙو سچو دوست مون کي نه مليو آهي.“

مولا بخش ابڙو ”تبليغي جماعت“جو رڪن هو ۽ مُلن سان گڏجي راءِ ونڊ ويندو هو ۽ ويلي تي چار آنا ڀريندو هو. هن جي چوڻ تي سندس جماعت جا ڪجهه ماڻهو مون وٽ آيا ها ۽ مون کي نماز پڙهڻ لاءِ چيو هيائون پر مون گوڏن جي سور سبب مجبوري ڏيکاري هئي، جا واقعي سچي مجبوري هئي. هنن مون کي چيو  هو ته ان حالت ۾ مان صندلي يا ڪرسي رکي پڙهي سگهان ٿو، پر مونکي ائين ڪرڻ مسجد ۾ مناسب نه لڳو هو ۽ مون هنن سان واعدو ڪيو هو ته گهر ۾ اوچي صندلي رکي نماز پڙهندس. منهنجي زال زرينا ته باقاعدگيءَ سان پنج ئي وقت نماز پڙهندي آهي ۽ جيڪڏهن هڪ ڀيرو نماز جو وقت گذري ويندو اٿس ته بي چئن ٿي ويندي آهي. جڏهن اسان بمبئي ۾ ٺاڪر چاولا جي گهر رهندا هياسين تڏهن به هوءَ پنج ئي وقت نماز پڙهندي هئي. هڪ ڀيري ٺاڪر جي ننهن سونيا هن کي سربسجود ڏسي حيران ٿي وئي ۽ هن کان پڇيائين:

”تون مٿو ڪنهن جي اڳيان ٿي جهڪائين؟ تنهنجي اڳيان ڪائي مورتي ته نه آهي!“

زرينا کيس چيو ته:

”اسان جنهن خدا جي پرستش ڪندا آهيون، ان کي ڪائي شبيهه نه هوندي آهي.“

ٺاڪر جي گهر ۾ ستيه سائين بابا ۽ ان جي اڳئين جنم سائين بابا شرڌيءَ واري جون تصويرون رکيون هونديون هيون. ممڪن آهي ته هو انهن جي اڳيان مٿو ٽيڪندا هيا.

هندستان جڏهن ٻئي ڀيري ويو هوس، تڏهن مون کي ڊي. ڪي. آزاد جو سنڌيءَ ۾ ستيه سائين بابا تي هڪ ڪتاب پارو چاولا ڏنو هو، جا خود ڀڳتي تحريڪ جي شاعره آهي ۽ جنهن جو ڪتاب ”آءٌ اڪيلي“ هتي پاڪستان ۾ ڇپيو آهي. مهاڳ منهنجو لکيل آهي. ڊي. ڪي. آزاد جي ڪتاب ۾ ستيه سائين بابا جون ڪيئي ڪرامتون ڏنل آهن، جنهن مان هڪ ڪرامت اِها هئي ته هو هوا مان ڀڀوتي (رک) ڪڍي ماڻهوءَ کي ڏيندو آهي. ڪرناٽڪ جي ڏکڻ ۾، تامل ناڊو جي سرحد ويجهو، بئنگلور کان ٽي ڪلاڪ ٽئڪسيءَ ۾ سفر تي هن جو ڳوٺ پُتا پارٿي آهي، جو آنڌاراپرديش جي سرحد تي آهي ۽ جنهن جي ڀرسان ستيه سائين بابا هڪ اسڪول ۽ يونيورسٽي ٺهرائي آهي ۽ پاڻ ڊزني لئنڊ (Disney land) جهڙي محل سرا ۾ رهندو آهي ۽ جتي ٻيون ڪيئي جايون ياترين لاءِ ٺهيل آهن. هو پاڻ کي وشنوءَ جو اوتار چوندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن پنهنجن لِموزينن (Limousines) ۾ بئنگلور ڏانهن، اڃا به وڏيءَ عمارت ۾ هليو ويندو آهي، جا سندس آهي. بئنگلور منهنجي بزرگ يا ڊاڪٽر مهڪريءَ جو اصل وطن آهي ۽ ان ڪري هو پاڻ کي بئنگلور مهڪري لکندو آهي.

پاڪستان ۾ اچي مون جان مچنر (John Mitchners) جو انگريزيءَ ۾ ڪتاب ”گرو“ خريد ڪيو، جنهن ۾ صفحي 51 تي سائين ستيه بابا جو فلسفو هيٺين ريت ڏنل آهي:

”خدا هر هنڌ آهي ۽ هر شيءِ ۾ آهي ۽ هو ئي ساري تخليق آهي. خدا کي ذات آهي به ۽ نه به آهي. هن جي ڪائي به صورت نه آهي، پوءِ به هن کي صورت آهي. هو تخليق ۾ اندر آهي ۽ ساڳي وقت ان کان نهايت دور آهي. باطني به آهي ۽ لامحدود به آهي. آتما جا انسان جي ماهيت (تت) آهي، اها خدا جي ماهيت آهي پر آتما خدا تي مدار رکي ٿي، خدا آتماتي مدار نٿو رکي. سمنڊ جي مٿاڇري تي لهرن جو پنهنجو وجود نه آهي، جي سمنڊ نه هجي ته انهن جو وجود نه رهي، پر سمنڊ پوءِ به رهندو جي لهرون ميٽجي به وينديون. لهر اهو چئي سگهي ٿي ته ”مان تنهنجي آهيان“ ڇاڪاڻ اها سمنڊ کان الڳ رهي نه ٿي سگهي، پر سمنڊ لهر کي نه ٿو چئي سگهي ته ”مان تنهنجو آهيان“، ڇو ته اهو لهرن کان سوا رهي سگهي ٿو. فرد لهر وانگر آهي ۽ خدا سمنڊ وانگر آهي، پر ٻنهي ۾ ناتو اٽوٽ آهي.“

جڏهن زرينا ستيه بابا جي باري ۾ سندري اٿم چنداڻيءَ کان پڇيو ته، هن کيس چيو:

”هو رڳو جادوگر آهي، ٻيو ڪجهه نه آهي.“

مون ڏٺو ته اڪثر سنڌي اديب هن جي مڃتا ڪن ٿا.

جڏهن مان ڊي. جي. سنڌ ڪاليج ۾ پڙهندو هوس ته پڙهيل ڳڙهيل هندو مسلمان ٿيا سافيڪل لاج ۾ ويندا هُيا ۽ مئڊم بليو ويٽڪسيءَ جا معتقد هوندا ها، جنهن پنهنجو ڪتاب خفيه نظريو (Secret Doctrine) لکيو هو. مرحوم اي. ڪي بروهي به اُتي ويندو هو ۽ تقريرون ڪندو هو. صوفي ڄيٺمل به ٿياسافٽ هو. دراصل ٿياسافٽ تحريڪ، ائني بيسنت جي شموليت ڪري قوم پرستيءَ کي اڀاري رهي هئي ۽ اُن ۾ گهڻو ڪري قوم پرست هوندا ها. اڃا تائين ڪراچيءَ ۾ ٿياسافيڪل لاج آهي. تازو نرگس هودٻائي جا منهنجي شاعريءَ جي مداح آهي ۽ مون کي ڳائيندي آهي، انهيءَ جي پيءُ، دولت مهتاڻي جي گهر ساميءَ تي منهنجي تقرير ٻڌي مون کي ٿياسافيڪل هال ۾ تقرير ڪرڻ لاءِ چيو. تقرير مونکي دل جي تڪليف ڏئي ٿي. دولت مهتاڻيءَ جي گهر به تقرير ڪندي مون Isodril 5mg جي گوري زبان هيٺان رکي هئي. ان ڪري مون نرگس جي پيءُ کي انڪار ڪيو.

هندستان ۾ ٻيا گرو به ٿيا آهن: آنند، رام ڪرشن، رمنا مهارشي، رشي مهيڻ يوگي، رام داس، مُڪت آنند ۽ گرومائي، اربندو گهوش ۽ ماتا ميرا (جن جو جئسنگهاڻي ”سام“ اڪثر ذڪر ڪندو هو ۽ چوندو هو ته اربندو گهوش پنرجنم جا ڏٽا ڏئي ميرا کان پنهنجو مڙس ڇڏايو هو ۽ پانڊيچريءَ ۾ هن کي پنهنجي آشرم ۾ رهايو هيائين، جتي هو 1973ع ۾ گذاري ويو.) سنڌ ۾ دادا ليکراج پيدا ٿيو هو، جنهن جي اوم منڊليءَ حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ جي هندو سماج ۾ مهي ولوڙ وجهي ڇڏي هئي ۽ هن کان برهما ڪماريون متاثر آهن، جن جو مرڪز اَبو پهاڙ تي آهي. ويجهڙائي ۾ وڏو گرو رجنيش ٿيو آهي، جنهن انگريزيءَ ۾ ڪيئي ڪتاب لکيا آهن. دنيا ڀٽائي چواڻيءَ ”درسن ڌارئون ڌار“ وارو معاملو ٿي لڳي.

اهڙيءَ طرح مون برصغير ۾ اسلام مشائخ به پڙهيا آهن ۽ انهن جي طريقن جي باري ۾ پڙهيو آهي. داتا گنج بخش هجويري، فرقه سلطانيه، امير خسرو دهلوي، حضرت خواجا معين الدين چشتي اجميري، شيخ العالم فريد شڪر گنج، سلطان المشائخ خواجا نظام الدين اوليا، سهروردي سلسلو، شيخ بهاءُ الدين ذڪريا ملتاني، شيخ رڪن الدين ملتاني، مخدوم جهانيان جهان گشت سهروردي، حضرت مظهر ولي ٽِرچنا پُلي، حضرت سيد گيسو دراز، حضرت چراغ دهلوي، شيخ محمد غوث گُوالياري، مهدوي تحريڪ، قادريه سلسلو، چشتيه صابريه، نواب مرتضيٰ خان، شيخ فريد، حضرت خواجا باقي الله، حضرت مجدد الف ثاني، شيخ عبدالحق محدث دهلوي، شيخ ميان مير لاهوري، سرمد، امام الهند شاهه ولي الله وغيره (دور اڪبريءَ ۾ مون کي اهو پڙهي کل آئي ته اڪبر عمرڪوٽ ۾ پيدا ٿيو هو، ابوالفضل ۽ فيضي سيوهڻ ۾ پيدا ٿيا ها ۽ شيخ مبارڪ جا پٽ ها، جو منهنجو نالو آهي.) انهن جي باري ۾ الڳ ڪتاب آهن ۽ اڪرام الله جي اسلامي هند جي مذهبي ۽ روحاني تاريخ جي ٽن جلدن: ”آبِ ڪوثر“، ”موجِ ڪوثر“ ۽ ”رودِ ڪوثر“ ۾ به اُنهن جو تفصيلي بيان آهي.

هڪ قادياني وڪيل جو انڪم ٽئڪس ايڪسپرٽ هو ۽ جنهن تي اُن وقت حملو ڪيو ويو هو، جڏهن قاديانن خلاف پاڪستان ۾ فساد ٿيا (نالو ذهن تي نٿو چڙهي) مونکي قاديانين جا ڪتاب پڙهڻ لاءِ ڏيندو هو. مون کي اڳيئي غلام محمد قاديانيءَ ۽ علامه اقبال جي ردوقد جي باري ۾ معلوم هو ۽ اها به ڄاڻ هئي ته غلام محمد پيش گوئي ڪئي هئي ته فلاڻي شاده شده عورت هن جي منڪوحه ٿيندي ۽ ان جي باري ۾ مقدمي بازي به ٿي هئي پر اُن عورت کي پنهنجي مڙس کان عدالت طلاق نه ڏياري هئي. (پورو ياد نٿو اچي)

سکر ۾ هوٽل ڪيفِ ايران وارو بهائي هو ۽ هن بهاءُ الدين ۽ قراه العين طاهره تي مونکي ڪجهه ڪتاب ڏنا ها، جي مون مطالع ڪيا ها. اهي سڀ خمينيءَ جي اچڻ سان پوءِ ايران ۾ ختم ڪيا ويا.

سير سفر جون ڳالهيون ڪندي ۽ ماضيءَ جا ورق ورائيندي جڏهن سکر جي ساروڻين ۾ واسطيدار وڪيلن، ججن ۽ ڪورٽن جو ذڪر نڪتو آهي ته چاهيان ٿو ته ذهن تي زور ڏيندي وڪالت جا ڪجهه ياد تي تري ايندڙ واقعا ۽ تجربا پنهنجي پڙهندڙن وٽ پهچائيندو هلان ته بهتر ٿيندو.

ڪيس ته مون هزارين هلايا آهن ۽ نوانوي فيصد ڪيس ڇُٽي ويا آهن. پيسي جي ڏيتيءَ ليتي، مسواڙ گروي، وڪري تي ڦڏي، ڪاپي رائيٽ ۽ ٽريڊ مارڪ، ٻئي جي نالي ۾ خريد وفروخت جا بنامي (Benami) ڪيس وغيره مون کي بور ڪندا هئا. اصل بورن جو طاهر سيف الدين بڻائي وجهندا ها. سو وڪالت کان مون کي نفرت هوندي هئي. پراڻا منشي چوندا ها ته:

”سِوِل آهي ڪِول، پئي هلندي.“

اهو ناهي ته سِول قانون مونکي نه ايندو هو، پر پيسن تي ڇيڇاڙ ۽ ڇتڪُتائيءَ جا ڪيس، ڏيوالي پڻي ۽ ڏينهن جي ڏِيئي ٻارڻ جا ڪيس، جاءِ جي وِري ۽ ورهاڱي جا ڪيس، ٻِيڙي مارڪا ۽ تماڪو مارڪا جي ٽريڊ مارڪ تي معرڪا مونکي اُگرا لڳندا ها. مان اِهي ڪيس به ڪڏهن ڪڏهن کڻندو هوس، پر گهڻو ڪري فوجداري ڪيس کڻندو هوس. قتل هڪ نجات جو ذريعو هوندو آهي. قاتل ننڊ ته چڱي ڪري سگهندو آهي! دشمن کي غارت ڪري هو بي فڪرو ٿي لت ڏئي ته سمهندو آهي. هڪ خائن يا راشي ڪاموري يا ڏيوالي وانگر هن جي ننڊ ڦٽل نه هوندي آهي. قتلِ، زن، زمين يا زر تي ٿيندا آهن. زن تي قتل عام آهي.

مون هڪ ڪيس هلايو جنهن ۾ پُٽُ جنهن ڇوڪريءَ سان عشق ڪندو هو، اُن سان هن جي پوڙهي پيءُ چوٿين زال ڪري شادي ڪئي. پٽ کي ايترو غصو آيو جو جڏهن هن جو پيءُ مسجد ۾ نماز پڙهي رهيو هو، هُن کيس گولي هڻي ماريو. ڪورٽ ته هن کي ڇڏيو پر ازلي عدالت هن کي سزا ڏني ۽ شايد هن کي نانگ ڏنگي ماريو. مون وٽ ڪيئي ڪاري ڪاريءَ جا ڪيس ايندا ها. هڪ ڪيس ياد ٿو اچي.ڀاءُ ڀيڻ کي ڪارو ڪري جهنگ ۾ وٺي ويو ۽ هن کي پٽڪي سان ٻڌي ويهاريائين. پوءِ ڪوڏر سان هن لاءِ کڏ کنيائين هن ڏاڍو ٻاڏايو ته:

”ادا! مان بي گناهه آهيان.“ پر هن جي هڪ به نه ٻڌائين. هن کي گِهلي کڏ ۾ وڌائين ۽ ڪُهاڙيءَ سان منڍي لاهي، هن کي ساڳيءَ کوٽيل مٽيءَ سان پوري ڇڏيائين. پوليس کيس مار موچڙا ڪري ڏوهه جي باس ڪرائي.

جيڪب آباد جي هڪ وڏيري جي ٽين زال مون وٽ آئي. هن مونکي في ته ڏني، پر پنهنجي خوبصورت ۽ جوان ٻانهي به مون کي رات لاءِ ڏيڻ واسطي تيار هئي. مون پوئينءَ في کان انڪار ڪيو ۽ ايف. آءِ. آر ڏيکارڻ لاءِ چيو، جنهن ۾ درج ٿيل هو ته هن ٻن پوليس وارن جي مدد سان پنهنجي چوٿينءَ زال جو خون ڪيو آهي. هڪ پوليس واري پنهنجي باس ڏئي چيو هو ته وڏيري جي چوٿين زال پنهنجي ڊرائيور سان جيڪب آباد مان ڪوئٽا ڀڄي وئي، جتان جيڪب آباد پوليس کيس گرفتار ڪري آئي. جڏهن جهنگ مان پوليس وارا هن کي گرفتار ڪري ڳوٺ وٺي وڃي رهيا ها تڏهن هن کي وڻ سان ٻڌائون. پوءِ هڪ پوليس واري بندوق سڌي ڪئي ته اُن ڪاريءَ ٻروچياڻيءَ چيو:

”ادا پوليس وارا! مون کي ڇو ٿا ماريو. منهنجو مڙس ڪراڙو هو ۽ مون کي هن سان زوريءَ شادي ڪرائي هيائون. جڏهن مان ڊرائيور سان ڀڄي وئي هيس تڏهن به مان ڪُنواري ئي هيس.“

پر هنن کيس ٻڌو اَڻ ٻڌو ڪري بندوق هڻي ماري وڌو. پوءِ مٽيءَ تان رت مِٽائي هن جو لاش پوري ڇڏيائون.

ڪنهن کي پرائي ڌيءُ تي اک هوندي هئي ته هن جي ڀاءُ سان پنهنجي ڀيڻ ڪاري ڪري ماريندو هو ۽ عيوضي ۾ محبوبه جو سڱ گهرندو هو. ڪڏهن زمين جي دنگ، پاڻيءَ جي واري، آواندن جي ڀڃ ڊاهه، پَراون ڍورن جي فصل کي ڀيل ڪرڻ، گهوڙيءَ ڏاند، ٻڪريءَ جي چوريءَ ڪرڻ سبب خون ٿي پوندا ها. ڪنهن جي پڳَ ڌِڪي سبب ڪِري پوندي هئي ته ڪُهاڙيون سر لڻي ڇڏينديون هيون. ڪنهن جي ڏاڙهيءَ يا مڇ ۾ هٿ پئجي ويندو هو ته رتوڇاڻ ٿي ويندي هئي. ڪيترا نه خون ٿيندا ها اتر سنڌ ۾! ماڻهوءَ جي موت لاءِ هُن جو زنا جو شڪ ڪافي هو، واتان ويڻي ڪوئي ورجاءُ، جڪ يا جوجڪڙيءَ سان ورتاءُ، ان لاءِ ڪافي هو ته لٺيون هلن ۽ مٿا ڦاٽن.

انهن ڪيسن کان سوا چوري ۽ ڌاڙي جا ڪيس هوندا هيا. ڪي چوريون ۽ ڌاڙا ماڻهو بک کان ڇتا ٿي هڻندا ها، ڪي مڙسيءَ جي ڏيکاءُ لاءِ هڻندا ها، ڪي وڏيري جي چُرچ تي هڻندا ها ۽ ڪي انهيءَ ڪري هڻندا ها ته هنن کي ڌاڙن کان سوا ننڊ نه ايندي هئي. مون هڪ چور کان پڇيو ته: ”توکي ڪافي ٻني آهي، ڇو اُها ڀاءُ کي ڏئي پاڻ چوريءَ تي ڀاڙيو اَٿئي؟“

هن جواب ڏنو: ”وڪيل صاحب! توکي ڪهڙي خبر ته پوئين پهر جڏهن چنڊ اڃا آسمان ۾ هوندو آهي ۽ اسان لوڙهي جو ڳلو ٽپندا آهيون ۽ ڀاڳئي کي جاڳ ٿيندي آهي ۽ هو اکيون مهٽيندو گهر کان ٻاهر نڪرندو آهي، تڏهن هن کي مُنهن واري ڇا پڙڪ ٺڪاءُ ڪرڻ ۾ ڪيڏو نه مزو ايندو آهي!“

توکي ڪهڙي خبر ته اسان جڏهن مينهِن چوري ڪري، اُن کي درياه مان ٻي پار نيندا آهيون، تڏهن اُن جي پڇ کي چنبڙي، ان سان گڏ ترندا ويندا آهيون ۽ جڏهن مينهن ٽٻي ڏيندي آهي ۽ اسان هن کي گردن ۾ سوئو هڻندا آهيون ۽ ان تي هوءَ ٻاهر ايندي آهي، تڏهن ڪيڏو نه مزو ايندو آهي! چانڊوڪي رات ۾ ڪڏهن مينهن جي پڇ کي جهلي درياه جي ٻي پار وڃي ڏس ته توکان شاعري وسري ويندي.

چوري ۽ ڌاڙو مُڙسيءَ جي ڳالهه آهي. ڪڏهن تو ڌاڙيلن سان بندوق بازي نه ڪري ڏٺي آهي. گولين جا زوڪاٽ ائين ٿيندا آهن ڄڻ سانوڻي وڄ ڪڙڪي رهي آهي. رن جو چور ڀاڙيو ضرور ٿيندو آهي، پر پرائيءَ رن سان جوئر جي ڪانن ۾ رات گذارڻ جو مزو آهي، اهو ڪنهن ريشمي اڳٺ واريءَ کان پڇ!ڪاريون ته دعا گهرنديون آهن، ”يا خدا اسانکي کٽ جو نه، ڪهاڙيءَ جو موت مارجانءِ.“

مال ملڪيت تي جهيڙو سو ته ماڻهوءَ مان وڃڻو ئي ناهي. جي هڏو يا ڍونڍ هڪڙوئي هوندو آهي ته اُتي ڪتا ضرور هڪٻئي تي گُرکندا ۽ باهوڙيندا آهن. هڪ ٻئي جون چَڪين ٻوٽيون کائيندا آهن. ڪُتي کي اڃا ڍؤ ته ٿيندو آهي پر ماڻهوءَ کي ڍؤ نه ٿيندو آهي ۽ نه ٿيڻو آهي. لالچ اها گرهڻ آهي جا هر چڱي اُهڃاڻ کي ڳڙڪائي ويندي آهي.

ٻئي اصيل کي هڪ ڀيري چيو هئم:  ”اڃا پندرنهن ڏينهن اڳ ضامن تي ڇڏايو اَٿي مانءِ، وري ٻئي ڪيس ۾ قبل از گرفتاريءَ ضامن لاءِ آيو آهين.“

”وڪيل صاحب! مڙسن تان جهُڙ جهيڙا نه لهندا آهن.“ هن جواب ڏنوهو.  ”توکي ٻي في ٿا ڏيون، الهه توهار ڪر.“

”ڪيس وڙهڻ“ وڪالت جو محاورو هو. هڪ ڀيري ديوان پرمانند، جو هڪ وڪيل هو ۽ ڳڙهي ياسين جو رهندڙ هو، تنهن ڳالهه ڪئي:

”شڪارپور ۾ ڳڙهي ياسين بس ۾ ڪي اصيل تنهنجي تقرير جي ساراهه ٿي ڪندا ويا. انهن مان هڪ چيو:”سرڪاري وڪيل جو آواز ڏاڍو سنهو هو ۽ تنهنجي وڪيل جو گرجندڙ“.هڪ مسافر ٻئي کي چيو:”يار مان انگريزي ته نه ڄاڻان، پر جڏهن سرڪاري وڪيل تقرير ٿي ڪئي ته هن ڪئي پئي”ڪِيٽ، پِيٽ، ڪيٽ پيٽ“ باقي اسان جو وڪيل واهه جو هو. هن تقرير پئي ڪئي ته ڄڻ ڪيائين پئي”کاٽِ پاٽِ، کاٽ پاٽِ.“

مون انهيءَ مسافر کان پڇيوته ”بچاءَ جو وڪيل ڪيو اَٿو؟“ موٽ ۾ تنهنجو نالو ٻڌايائين.

مان شڪي ٿي ويس. ڇا قدرت منهنجي عمر ائين ٿي ضايع ڪرڻ ٿي گهري! کاٽ پاٽ ۽ ڪَنڌڪاٽ جي چڪر ۾؟ مان جڏهن ٽيون درجو انگريزي پڙهندو هوس ته مون کي اثر صهبائي جو هڪ شعر ياد هوندو هو، جو پوءِ ڌيان جي ڪنهن چور خاني ۾ ڇُپي ويو هو. اوچتو اهو شعر ٻاهر نڪري آيو، جو ڪجهه هيئن هو:

کيا بنانا تهامصور کو بنا کيا آخر،

اپني بگڙي هوئي تصوير په خندان هو مين.

ترجمو: مصور کي ڇا بڻائڻو هو ۽ آخر ڇا بڻيو،

پنهنجيءَ بگڙيل تصوير تي مان حيران آهيان.

علي عباس ڪافي وقت لاءِ خيرپور جو ڊي. پي. پي هو ۽ مون هن خلاف ڪافي ڪيس هلايا هئا، جي گهڻو ڪري مون کٽيا هئا. علي عباس شيعو هو ۽ هن ”نهج البلاغه“ جي مون لاءِ ڪاپي گهرائي هئي، جيڪا پوءِ ڪوئي شيعو دوست کڻي ويو هو ته ڪونه موٽائي هيائين. جڏهن خيرپور ۽ سکر جي وچ تي ٺيڙهي ڳوٺ ۾ شيعه سني فساد ٿيا ته منهجيءَ زال زرينه جو سڳو چاچو مظهر علي شيخ خيرپور جو ڊپٽي ڪمشنر هو، پر هو ڪوئي اثرائتو قدم نه کڻي سگهيو ۽ اٽڪل ٽي سئو شيعا ماريا ويا. ٺيڙهي ۾ سُني فرقي جو اَڏو هو ۽ اتي ٻن شيعن جا گهر هئا، جتي عَلم لهرائيندو هو. واقعي واري محرم جي مهيني ۾ شيعن الائي ڇو خيرپور مان جلوس ڪڍيو هو ۽ ٺيڙهيءَ ۾ به سُني ڪهاڙيون تکيون ڪَيون ويٺا ها ۽ وَٺ وَٺ ٿي وئي هئي. اٽڪل ٽي سئو شيعا بي گناهه ماريا ويا ها ۽ ڄڻ ٻيو ڪربلا جو واقعو ٿيو هو.

اهي شيعا سني فساد اسان وٽ مهاجرن جي اچڻ کان اڳ نه ٿنيدا ها. اردوءَ جي مير اَنيس ۽ دبير جي طرز تي ثابت علي شاهه جا مرثيا چيا ويندا ها پر اِهي ڦڪا، بي چسا ۽ الوڻا هوندا ها ۽ اردو مرثئي جي دز کي به نه ڇهندا ها. سنڌي سني به ڪارا ڪپڙا ڪري محرم ۾ شريڪ ٿيندا ها ۽ جيتوڻيڪ اُهي پاڻ کي زنجيرن سان سِٽ ڪُٽ نه ڪندا ها، تڏهن به هانوَ تي هٿ هڻي هاءِ هاءِ ڪندا ها. روهڙيءَ ۾ محرم زور شور سان ملهايو ويندو هو ۽ ڪيترائي سني به رؤنشي ڪاڻ، ڪارا ڪپڙا پائي اُتي ويندا ها. اها ٻي ڳالهه آهي ته شيعا سني راهه ويندي نوڪ جهونڪ ڪندا ها. مون کي روهڙيءَ واري قاضي پريل وڪيل (جو به منهنجو دوست هو) ٻڌايو هو ته شيعا وڏيون مڇيون رکندا آهن ۽ سُني ننڍيون رکندا آهن. روهڙيءَ جي ڪنهن به گهٽيءَ ۾ جڏهن ڪوئي سُني شيعي جي پاسي کان لگهندو ته هن کي ٽونڪ سان چوندو آهي ”هئه مُڇڙو (او وڏين مُڇن وارا!) ته شيعو کيس جواب ۾ ٽونڪ سان چوندو آهي ”هئه ڪَٽڙو!“ يعني او ڪٽيل مُڇن وارا.“

لکنئو ۾ ائين نه ٿيندو هو. اُتي ماه محرم ۾ چاقو ڇري ضرور هلندي هئي. باقي محرم کي ادبي ماحول به هوندو هو. انيس ۽ دبير جي شاعري مجلسن کي گرمائيندي هئي. ٻيو ته ٺهيو پر جوش مليح آبادي، جنهن جي ڪفريا ايمان تي ماڻهو متّفق نه هوندا ها ۽ اڪثر هُن کي دهريو چوندا ها، محرم ۾ پنهنجو طويل نظم ”حسين اور انقلاب“ پڙهندو هو جو ٻڌي سامعين هاءِ هاءِ ڪندا ها ۽ ڳوڙها ڳاڙيندا ها. امام حسين کي جوش سامراج دشمني جي علامت بڻائي ڇڏيو هو. ڊاڪٽر عاليا امام، جا به منهنجي دوست آهي ۽ پاڻ به اهلِ شيعه آهي. مون کي شيعن جي باري ۾ اکٽ لطيفا ٻُڌائيندي هئي، جي مونکي ياد نه رهيا آهن. هندستان جا اڪثر دانشور ۽ شاعر شيعا هوندا ها. جوش مليح آبادي، سجاد ظهير، اسرالحق، مجاز، سبطِ حسن وغيره سڀ شيعا ها. ان جي برعڪس سنڌ جا اڪثر دانشور ۽ شاعر سُني ٿيا آهن.

مون ڳالهه ٿي ڪئي ٺيڙهيءَ جي فساد ۽ ڊي. پي. پي خيرپور علي عباس جي هُن سان جڏهن ڪنهن شيعي ليڊر مشورو ڪيو ته ”ڪيس ۾ ڪهڙو وڪيل ڪجي؟“

ته يڪدم چيائين: ”شيخ اياز“

جنهن تي ڪنهن اعتراض وٺندي چيو ته: ”هو سني آهي!“

”هو سعني به آهي، شيعو به آهي.“ کين علي عباس چيو.

”هن مون کان ”نهج البلاغه“ خريد ڪيو هو. اهو ٿي سگهي ٿو ته هو نه شيعو آهي، نه سُني آهي باقي مان اوهانکي ايتري خاطري ٿو ڏيان ته هن کان وڌيڪ ديانتداريءَ ۽ قابليت سان اوهانجو ڪيس ٻيو ڪوبه وڪيل نه هلائي سگهندو.“

نتيجو اهو ٿيو ته شيعن مونکي وڪيل ڪيو. نه رڳو اهو پر جڏهن ٺيڙهي مدرسي جو مدارالهمام قتل ٿي ويو ۽ ڪيس ۾ ٻه شيعا چالان ٿيا، تڏهن به جوبدارن مون کي وڪيل ڪيو.

منهنجو هڪ دوست، جنهن کي ٺڙي ٺڪاوَ جو اڃا تائين شوق آهي، اهو عوامي ادب جي تخليق لاءِ هڪ پان ٻيڙيءَ واري سان به دوستي رکندو هو. هڪ ڀيري پان ٻيڙيءَ وارو وٽس ويو ۽ چيائينس:

”پنج سئو روپيا ميڙيا اٿم. ٻڌاءِ ته اهي ڪيئن خرچ ڪيان.“ (تن ڏينهن ۾ پنج سئو رپيا گهڻي رقم هوندي هئي.)

”ٻي شادي ڪر. ٽي چئين سوين ۾ نوجوان ڇوڪري ملي وينديءِ.“

منهنجي دوست کيس چيو.

”اُون هون! مان هڪ مان ئي بيزار آهيان.“ پان ٻيڙي واري چيو.

”ڏاندن جي گوءِ تي شرط رک.“ منهنجي دوست کيس ٻي صلاح ڏني.

”هنن منهنجو ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي جو انهن کي سهڪائي ماريان.“ پان ٻيڙي واري چيو.

”ڀلا ڪو دشمن اَٿي؟“ منهنجي دوست هن کان پڇيو.

”ها، فلاڻي سان پراڻي دشمني آهي.“ پان ٻيڙيءَ واري چيو.

”ته پوءِ شيخ اياز کي وڪيل ڪَر، دشمن تي ڪيس ڪَر ۽ اياز کي اِهي پئسا فيءَ ۾ ڏي.“

منهنجي دوست کيس آخري صلاح ڏني.

”صلاح ته سُٺي آهي، پر جي ڪيس هارايان ته....“

منهنجي دوست کيس چيو ته:

”پوءِ مان ضامن آهيان. توکي في مان ڀري ڏيندس.“

پان ٻيڙيءَ وارو مون وٽ منهنجي دوست جي چٺي کڻي آيو، جنهن ۾ ساري گفتگو درج هئي. مون جڏهن چٺي پڙهي تڏهن ٽهڪ ڏئي هن کي چيم:

”بابا، جيئي شاهه تي نذرانو ڏئي اچ. هو ٻئي جهان ۾ تنهنجي وڪالت ڪندو.“

”اها صلاح ته سڀ کان سٺي آهي.“ پان ٻيڙيءَ واري چيو ۽ سڌو جيئي شاهه ڏانهن پنڌ ڀيڙيائين.

ان کان اڳ ۾ جڏهن مان ڪراچيءَ ۾ وڪالت ڪندو هوس، تڏهن پهريون ته مرحوم جمال صديقي ۽ عبدالحي قريشيءَ جو ڀائيوار هوندو هوس. هو ٻئي منهنجا ڪلاس فيلو به رهيا ها. (عبدالحي قريشي پوءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جج جي عهدي تان ڪجهه سال اڳ رٽائر ڪيو.) اسان وٽ هڪ طلاق جو ڪيس آيو. (طلاق جا ڪيس مان آخر تائين کڻندو هوس توڙي اُهي سِوِل ڪيس هوندا ها، ڇو ته اُنهن ۾ ٻاهر رک رکاوَ واري گهرو تعلقات ۾ اندر جو تَناءُ ۽ کنچاوٽ هوندي هئي، اها ڏسي مون کي مزو ايندو هو.) انهيءَ ڪيس ۾ مرحوم جمال جو خيال هو ته اسان دعويٰ ۾ اهو سبب ڏيکاريون ته ڇوڪريءَ جي شاديءَ کي ٽي سال ٿيا آهن پر اڃا ڪنواري آهي هن جي مڙس ۾ ڪائي خامي آهي. هاڻي هوءَ ارڙهين ورهين جي ٿي آهي ۽ قانون موجب طلاق گهري سگهي ٿي. ان لاءِ ڇوڪريءَ جي ڪنوارپ جي ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ جي ضرورت آهي. هن مونکي چيو ته سول اسپتال جي ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ مسٽر ڀمڀاڻيءَ جا توسان تعلقات آهن ۽ هن کي ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ وٺي ڏي. (هو ماڌوءَ جو مائٽ هو، جو مون سان گڏ ساڳي فلئٽ ۾ رهندو هو، جڏهن حشوءَ کي جلاوطن ڪيو هيائون.)

ڇوڪريءَ سان گڏ هُن جي ماءُ به ويٺي هئي.

مون جڏهن ڇوڪريءَ کان پڇيو ته: ”تون اڃا ڪنواري آهين؟“

تڏهن هن جي ماءُ رڙ ڪري چيو:

”ڇو ڪُنواري آهي. جوانن جهڙي جوان آهي!“

مون کان کل نڪري وئي. جمال ڇوڪري کي چيو ته، هوءَ مون سان رڪشا ۾ وڃي ته هن کي آنءُ ڪلاڪ اندر سرٽيفڪيٽ وٺي ڏيندم. رڪشا ۾ فقط ٻه ماڻهو پوئين سيٽ تي ويهي ٿي سگهيا. جڏهن هوءَ ۽ مان رڪشا ۾ ويٺاسين،تڏهن رڪشا واري پٺيان پلاسٽڪ جا پردا لاهي ڇڏيا. مون کان کِل نه ٿي بيٺي ۽ مون هن کي ٽهڪ ڏئي چيو:

”تون ڪنواري آهين يا جوانن جهڙي جوان آهين.“

هن منهنجي ٻانهه ۾ ٻانهن وجهي چيو:

”اهڙي جوانن جهڙي جوان آهيان، جهڙو تون آهين.“

هوءَ قداور، سانوري سلوڻي صورت واري سترنهن ارڙهن ورهين جي ڇوڪري هئي. مشڪل سان مون هن جي ٻانهن ڳچيءَ مان ڪڍي.

سکر ۾ جڏهن مون وڪالت جي شروعات ڪئي ته مون کي طلاق جي ڪيس ۾ هڪ اپيل ملي. منهنجي سنڌي مُوڪل هيٺين ڪورٽ ۾ ڪيس هارايو هو ۽ پنهنجي وڪيل مان مطمئن نه هئي. هن ۾ بلا جي خوبصورتي هئي ۽ گهڙيءَ ۾ پيئڻ نانگ وانگر منهنجون اکيون جهانورائي ڇڏيون هيائين. هن پنهنجي حقيقت ٻڌائي چيو ته:

”وڪيل صاحب! مان آهيان غريب پر جيڪا في چوندين، مان توکي پٽي سٽي ڏينديس.“ هن ٿڌو ساهه ڀري چيو:

”في؟“ مون هن کي گهوريندي چيو.

”نه، هي ڪيس مان في سبيل الله کڻندس.“

هوءَ کلي ۽ هن جي کل ائين هئي، ڄڻ ڪوئي ٻُڪ ۾ چانديءَ جا رپيا کڙڪائي رهيو هو.

ٻئي ڀيري هڪ مئجسٽريٽ وٽ ڪنهن پرڻيل زال مڙس جي خلاف خرچ لاءِ ڪيس وڌو.

منهنجي ڦوهه جواني هئي ۽ ان وقت هيٺين ڪورٽن ۾ ڪجهه ڪيس به کڻندو هوس. مون جڏهن عرضدار جي زال کي شاهديءَ واري پڃري ۾ ڏٺو ته چنڊ جو ٽڪرو ٿي لڳي. هن شاهديءَ جي وچ ۾ مئجسٽريٽ کي چيو:

”سائين!مان هن کي ٻانهون ٿي ٻڌان، مون کي گهر وٺي هلي، مون کي خرچ نه گهرجي.“

مئجسٽريٽ عرضدار کي ڏسي چيو:  ههڙيءَ جوان زال کي گهر ڇو نٿو وٺي وڃين؟“

اِن تي عرضدار چيو: ”هن کان اڳي منهنجي ٻي زال آهي. مان هن جوئي خرچ ڀري نٿو سگهان. مان هن کي هتي ڪورٽ ۾ ئي طلاق ٿو ڏيان.“

اِن تي شاهدن جي پڃري مان نڪري ڇوڪري هن جي پيرن تي اچي ڪِري ۽ چيائينس: ”مونکي طلاق نه ڏي، مان رُکي سُکيءَ تي گذر ڪندس.“

هن جي مڙس جواب ۾ مئجسٽريٽ کي چيو: ”صاحب! هيءَ هتي ايڏي معصوم ٿي لڳي. گهر ۾ ٻليءَ وانگر رانڀوٽا پائيندي آهي.“

مئجسٽريٽ ڪيس ملتوي ڪري ڇڏيو.

مون تي خود هڪ ڪيس الف 123 پ. پ. ڪ هيٺ ٿيو هو، جو پاڪستان خلاف بغاوت سبب ڪيو ويندو آهي ۽ جو مون کان اڳ رڳو خان عبدالغفار خان تي ٿيو هو. ان وقت سکر جي ايس. پي ۽ ڊپٽي ڪمشنر ميٽنگ ۾ فيصلو ڪيو هو ته هي وٺ ۾  نٿو اچي ۽ هن کي ڪائي سيکت ڏني وڃي. پوليس مون تي بغاوت جي ايف. آءِ. آر لکي جاچ شروع ڪئي هئي. هڪ سنڌي سي. آءِ. ڊي وارو جنهن جي جيئي سنڌ تحريڪ سان دلچسپي هئي ۽ جو  پنهنجي بالا عملدارن سان سخت ناراض هو ڇو، ته اهي سڀ غير سنڌي هيا، تنهن مونکي آفيس ۾ اچي ٻڌايو ته:

”سازش سٽي وئي آهي ته اوهان کي هٿ ڪڙيون هَڻي ساري سکر شهر ۾ پيرين پنڌ گهمايو وڃي، جيئن ماڻهو اوهان مان بدظن ٿين ۽ تنهنجي وڪالت ختم ٿي وڃي.“

ان وقت نورخان اولهه پاڪستان جو گورنر هيو، جنهن سان سائين جي. ايم. سيد جو ڪافي رستو هيو ۽ مونکي پتو پيو هو ته سائين هن وٽ لاهور وڃڻ وارو آهي. سي. آءِ. ڊيءَ واري کي رخصت ڪري مون چيو ته:

”فڪر نه ڪر، مان معاملي کي سنڀالي وٺندس، تون مون کي خبر ڏجانءِ ته هو مونکي گرفتار ڪڏهن ٿا ڪن.“

هو ويو ته مون هيٺيون پارسيءَ جو شعر جهونگاريو:

به جرمِ عشق توام ميکُشند و غوغا ايست،

تونيز برلبِ بام آکھ خوش تماشا ايست.

ترجمو: تنهنجي عشق جي ڏوهه ۾ آهيان، مون کي ٻيرا ٻيرا ٿا ڪن ۽ غوغاءُ آهي،

تون به پنهنجي ڪوٺي تان ڏس، چڱيرڙو تماشو آهي.

مون سائين جي. ايم. سيد کان پڇيو هو ته سن ۾ هوندو، جي مان ٻي ڏينهن تي اچان.

هن چيو ته: ”ڀلي هلي آءُ.“

مون تن ڏينهن ۾ نئين ٽويوٽا ڪرونا ڪار ورتي هئي. مان ڪار ۾ دادو ڪئنال تان اڍائي سَوَ ميل سفر ڪري سَن پهتس. رستي تي ٻنهي پاسي ڪافي نم، سرنهن ۽ ڪنڊيءَ جا وڻ هيا ۽ ڇانورڙي ۾ بند تي ڳيرا گهگو گُهو ڪري رهيا ها، ڪبوتر ۽ ڪانوَ اڏامي رهيا ها ۽ ڪجهه موسمي پکي پاڻيءَ تي تري رهيا ها. ڪڏهن ڪوڪڙا ٽن جا ولر هوا ۾ ڦيراٽيون ڏئي ڪنهن وڻ تي وڳر ڪري ٿي ويٺا. مون سوچيو:

پکيءَ کي ڪار جي ضرورت نه آهي. هو هڪ وڻ کان ٻئي وڻ تائين اُڏاري ڏئي وڃي ٿو. ارتقا ۾ انسان وڃايو گهڻو آهي، پاتو ٿورو آهي.

ٻه پهريءَ مهل سائين جي. ايم. سيد وٽ پهتم. هو اوطاق ۾ موجود هو ۽ وڏيءَ شفقت سان ڀاڪر پاتائين. هُن پهريون سوال پڇيو:

”هيءَ ڪار هاڻي وتي اٿئي ڇا؟“

مون چيو: ”اڳين شِوَرليٽ اڃا وِڪي ناهي، پر اُها سن جي ڊگهي سفر جي قابل نه هئي.“

ان کان پوءِ سائينءَ جي سامهون کٽ تي ويٺس. پاڻ ماني نه کاڌي هيائون، جا يڪدم اچي وئي. سيد جو دسترخوان ڪشادو آهي. مومن مليرائي نالي هڪ شاعر به موجود هو. جنهن سان سائين چرچا ڳهٻا ڪري دل وندرائيندو هو. هُو جي. ايم. سيد جو ملان دوپيازو هو. مانيءَ کانپوءِ مون جي. ايم. سيد کي چيو ته:

”اوهان سان خلوت ۾ ڳالهائڻو آهي.“

هن مومن کي چيو ته ڪجهه پري پيل ڪرسين تي وڃي ويهي. ان وقت مان جي. ايم. سيد جي جيئي سنڌ تحريڪ جو ساڄو هٿ هوس ۽ هن مون سان هڪ ٻه ڀيرا ان ڳالهه جو اظهار ڪيو هو ته کائنس پوءِ مان جيئي سنڌ تحريڪ جي سرواڻي سنڀاليان. پر مون هن کي روڪي چيو هو:

”خدا اوهان کي سئو ورهين کان مٿي حياتي ڏيندو ۽ تيستائين جيئي سنڌ تحريڪ پنهنجي منزل مقصود تي رسي ويندي.“

مون هن کي مٿين سازش جي باري ۾ ٻڌائي چيو:

”سائين! مونکي گرفتاريءَ يا ڪيس جو ڀَوءُ نه آهي. مان خود قانون ڄاڻان ۽ اهو به ڄاڻان ٿو ته سکر جا احمق پوليس وارا مون تي ڪهڙو مضبوط ڪيس ٺاهي سگهندا. ان جي مونکي ڪائي پرواهه نه آهي. پر هيءَ جيڪا سازش رٿي وئي آهي، اها منهنجي وڪالت کي ختم ڪرڻ لاءِ آهي. اوهان ڄاڻو ٿا ته مان جيڪي جيئي سنڌ تحريڪ لاءِ ڀڄ ڊوڙ ۾ خرچ ڪيان ٿو، ان لاءِ پيسو وڪالت جي ذريعي ٿو ڪمايان. اوهان نورخان.......“

يڪدم هن مونکي ڪَٽي چيو:

”مان پرينهن نورخان سان ملڻ لاهور ويندس. چڱو جو تو اِها مون کي ڳالهه ڪئي. تون فڪر نه ڪر. مان هن کي چوندس ته ايس. پي کي فون ڪري ۽ توتي ڪيس چالان نه ڪيو وڃي.“

مون رات جي. ايم. سيد وٽ گذاري. ماتليءَ وارو رئيس ڪريم بخش نظاماڻي به اچي نڪتو، جو سائينءَ جو وڏو معتقد هو. هن پهرين سنڌي فلم ٺاهي هئي ۽ اُن ۾ هيرو جو رول به ڪيو هيائين. هن پوءِ پنهنجي ڊگهي آتم ڪهاڻي ”ڪيئي ڪتاب“ جي نالي سان لکي جا ابراهيم جوئي جي اتساهه ڏيڻ تي ڇپرائي وئي. جڏهن مان وائيس چانسلر هوس، (ان جي نئين ايڊيشن نيوفيلڊس پاران فيروز احمد ميمڻ تازو ڇپرائي آهي.) جنهن ۾ ڪنهن مرحوم رئيس کي برغلائي منهنجي خلاف ڪجهه لکرايو هو، جو بلڪل صحيح ڪونه هو. (بدفطرت ۽ شيطان صفت انسان ممڻ مچائڻ ۾ خوش ٿيندا آهن پر مان وَس پڄندي کين وٿي نه ڏيندو آهيان.) ڪريم بخش نظاماڻيءَ سان مون اها رات ناوونوش ۾ گذاري ۽ هو دف تي واري سان ايڏي زور سان ڌڪ هڻي رهيو هو، جو منڇر تان سڀ آڙيون سائبيريا اُڏامي ويون هونديون. هن سان ٻيون ڪيتريون ڪچهريون به ڪيون هيون، جن جي باري ۾ پوءِ لکندس.

اُن رات مون کي جي. ايم. سيد چيو: ”هي خط دادوءَ ۾ الڻ خان لغاريءَ کي ڏيندو وڃجانءِ.“

مون دادوءَ ۾ الڻ خان کي سيد جو خط ڏنو، جو هن يڪدم پڙهيو ۽ ٻه پهريءَجي مانيءَ ۾ رڌل آڙيون ۽ نان کارايا. هفتي کن کان پوءِ مان ٻيهر سکر مان جي. ايم. سيد وَٽ موٽي آيس. هُن پهريون سوال ته اِهو پڇيو:

”الڻ خان کي منهنجو خط ڏنو هُيئه؟“

”هائو“

”هن توکي ماني کارائي.“

”هائو“

”ماني چڱي هئي؟“

”هائو“

سائينءَ تي ڄڻ بهشت جي هير جو جهلڪو لڳو ۽ ڄڻ ڪوثر يا تسنيم جي ڪناري تي ڪنهن گل وانگر ٻهڪڻ لڳو. هاڻي مون بنا ڪنهن تمهيد جي هُن کان پڇيو:

”سائين اوهان نورخان سان مليا هُيئهُ؟“

”هائو“

”اوهان هُن سان منهنجي باري ۾ ڳالهايو هو.“

”مان هن وٽ چوويهه ڳالهيون کڻي ويو هوس. اڃا يارنهين ڪيم ته مانيءَ جو وقت ٿي ويو. هن چيو هَلُ ته هلون، ماني کائون باقي مسئلا ٻي ڀيري حل ڪنداسين.“

”انهن يارنهين ڳالهين ۾ منهنجي به ڳالهه هئي؟“

”نه، تنهنجي ڳالهه اڃا هُن سان ڪرڻي هئي.“

ايتري ۾ ماني اچي وئي. روزيءَ کي ڪيئن ٿو ٺڪرائي سگهجي! هيءَ سنڌ آهي. هتي ڌرتي ماتا چوڻ وارا بيوقوف آهن. روٽي ماتا حقيقت آهي. مون ٻه چار گرهه زهرمار ڪري کاڌا ۽ سائينءَ کان موڪلايو.

”ايتري ۾ وڃين به ٿو!“

”پٺتي منهنجي زال ۽ ٻار اَڪيلا آهن. معلوم نه آهي ته سرڪار ڪهڙو قدم کڻي.“

هو مونکي پنهنجيءَ ڪار تائين ڇڏڻ آيو ۽ ”في امان الله“ چئي، ڀاڪر پائي موڪلايائين. مان ڪار ۾ چڙهي سکر روانو ٿيس، مون کي ايتري ذهني ڪوفت ٿي جو جيڪڏهن ڪوئي ڇاتيءَ ۾ ڇُرو هڻي ها ته نه ٿئي ها. پر سن جي سائينءَ کي مون ميارَ نه ڏني. رستي تي خدا اوچتو گهٽائون مٿان آسمان تي سائبان وانگر لڳائي ڇڏيون ۽ سکر تائين نه اُس نڪتي، نه بونداباري ٿي. قدرت جو هٿ سارو وقت منهنجي مٿي تي هو. مون مرڪي مٿي ڏٺو. مون کي يقين ٿي ويو ته دنيا جا حاڪمِ وقت جي رڳو هڏا ٿِي وڃڻا آهن، منهنجو ڇا بگاڙي سگهندا؟ مان آمريءَ کان وڌيڪ اَمر آهيان! ڀلي سيد مُنهنجي ٻانهن مان هٿ ڪڍي وٺي، مون کي لهر لوڏو نه آهي. مان ته خود سمنڊ آهيان، مون لاءِ لهرن ۽ لوڏن جي ڪهڙي حقيقت آهي! باقي احوال ”ساهيوال جيل جي ڊائري“ ۾ آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org