سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر

شيخ اياز

صفحو : 2

*هئولاڪ ايلس ڪٿي چيو آهي ته ، ”هر ڪلاڪار پنهنجي اُتم ڪهاڻي لکندو آهي“ آرٽ هڪ حاسد داشته ته آهي، پر جي ڀٽائي هن دور ۾ پيدا ٿئي ها ته هُو شايد ڪنهن روزنامي يا ماهنامي جو ايڊيٽر هُجي ها. دنيا ۾ گهڻ- ڪُنڊيون شخصيتون ٿيون آهن . فلارنس جو لوينا رڊو ڊاوَنچي نه رڳو دنيا جي عظيم ترين تصوير”مونا ليزا“ جو خالق هو، پر صنم تراش ، شاعر ، انجنيئر، مڪئنڪ ، عِلم بدن ۽ بحري حياتيءَ  جو ماهر به هو . هن پهريون انسان ذات کي هوا ۾ اُڏامڻ جو تصور ڏنو . اهڙي طرح امير خسرو نه رڳو فارسيءَ جو عظيم شاعر هو ، پر اردو شاعريءَ جو باني به هو . جنهن جهڙيون ڪَهه مُڪرنيون ۽ غزل جون پياريون سٽون اڃان تائين ڪنهن نه لکيون آهن . هو سپاهي به هو ته ستار جو ۽ ڪلاسيڪي راڳ ۾ خيال جو موجد به هو. منهنجي ته مصوريءَ، صنم تراشيءَ ۽ ٻئي آرٽ ۽ علم جي اظهار جو ذريعو فقط شعر ۽ ادب آهي . اڳي سفر نه ڪندو هوس ته گهر کائڻ ايندو هو . هاڻي پيري آئي آهي ته ساري ڪائنات کڻي پنهنجي ڪمري ۾ سميٽي اَٿم . اتي ئي مون دوستن سان ڪچهريون ڪيون ۽ ساڻن گڏ ڪيل سير ۽ سفر تي نوٽ ورتا. في الحال پهري ڀاڱي ۾ مان ٿر جو سفر ڏيان ٿو. ان کي سفر در سفر جي ڪيفيت آهي ، جا مون کان زمان ۽ مڪان جون سرحدون ٽپائي وڃي ٿي .

مان هن وقت جي درياه ۾ ٽُٻي ڏئي ، ويرا واهه مان مٿي ٿو اُڀران ۽ مون کي گوڙيءَ جا کنڊر ٿا نظر اچن .

”پاري ننگر ، هاڻوڪي ننگر پارڪر جي شهر کان 14 ميل ۽ ويراهه واهه کان اوڀر طرف ٻه ميل آهي . ان وقت (عيسوي ٻي صديءَ ۾) جين ڌرم وارن جو راڄ هو . جينن جا ڪيترائي مَندر اڄ تائين به پارڪر ۾ آهن . تازو ميرپور خاص ۾، ڪاهوءَ جي دڙي جي کوٽائيءَ مان به جين مندر لڌا ويا آهن ۽ ڪي جين مندر حيدرآباد ضلعي جي لاڙ واري ڀاڱي ۾ به لڌا ويا آهن . هن مان معلوم ٿئي ٿو ته اِنهيءَ ٽُڪر ۾ اڳي جين ڌرم جو زور هو. پاري ننگر جا پراڻا کنڊر ويرا واهه جي ڀرسان آهن ، جتي پارڪر ۽ ٿر جي زمين اچي گڏجي ٿي ۽ ٻئي پاسي ڪڇ جو رڻ زمين ۾ اندر گهڙي آيو آهي ۽ اتي ميل کن پري قديم جاين تي پٿرن ۽ سِرن جا ڍير چئن ميلن ۾ نظر اچن ٿا، جي پنهنجيءَ اصلوڪيءَ صورت ۾ ڪونه آهن ، پر جيئن باهه ۾ سڙيل لوهه ٽُڪر ڏسبا آهن ، اُن مان معلوم ٿئي ٿو ته هن شهر ۾ اڳي لوهه جا وڏا ڪي ڪارخانا هُيا. سڙيل ۽ کاڻل لوهه جا ٽُڪر سڄي پٽ ۾ پکڙيا پيا آهن . هتي جهاز ۽ ٻيڙيون ٺهنديون هُيون ، هتي پٿر جي بُتن ۽ مورتين جا بيشمار مندر هُيا، جن مان پنجاهه کن بُت ، پٿر تي تمام سُهڻي نموني اُڪريل ، هن وقت به ويرا واهه جي ڳوٺ ۾ رکيل آهن . جڏهن ويرا واهه جو ڳوٺ ٻڌو ، تڏهن ماڻهن باقي بچيل بُت چونڊي آڻي ، اتي جي مندر ۾ رکيا. هڪ ماڻهوَ جي قد جيترو پٿر جو بُت ، جو سڄو ڪارو ٿي ويو آهي، سو اڃا تائين پاري ننگر جي ويجهو، هڪ ڦٽل جاءِ تي ٻاهر کُتل آهي.“

(تاريخ ريگستان – رائچند هريجن )

اها ساڳي ڳالهه منگهارام اوجها پنهنجي ڪتاب ”پُراڻو  پارڪر“، ۾ هيٺينءَ ريت لکي آهي:

”پاري ننگر، گوڙيءَ جا ڏهرا ۽ ستيءَ جا ڏهرا (پارڪر) ۾ جين ڌرم جا خاص مندر هُيا. اَبُو ۽ ان جي آسپاس به جينن جا مندر آهن. پارڪر جينن جو وڏو ۽ خاص مرڪز هو ، جتي مندر سان گڏ لاڳو هڪڙيءَ خاص جڳهه ۾ سندن تبليغي اجلاس ٿيندا هئا. اڄ تائين اُها جڳهه موجود آهي، جنهن جي ڀتين تي ڌرمي نيتائن جون تصويرون نڪتل آهن. جين ڌرم جا ڪُل چوويهه پيشوا يا ڌرم نيتا ٿي گذريا آهن . (ڪتاب ۾ ڏنل نالا ورجائڻ ضروري نه آهن، ڇوته اهي پڙهندڙ جي دلچسپيءَ جو باعث نه ٿيندا – مصنف)

”جين ڌرم جي مٿين چوويهن ڌرم نيتائن مان يارنهين نمبر، شري انشاناٿ جو جنم سنڌ ۾ ٿيو. سندس پيءُ جو نالو وِشن ۽ ماءُ جو نالو  وِشني هو. انشاناٿ سڄي هند ۽ سنڌ ۾ جين ڌرم جو زبردست پرچار ۽  ڦهلاءُ ڪيو . کيس پنهنجي زماني ۾ اهو پد حاصل هُيو، جيڪو مهاوير کي پنهنجي سمي ۾ حاصل هو. اِنشاناٿ عيسوي سن کان اٽڪل پندرنهن سو سال اڳ جو آهي. جيئن موهن جي دڙي جو سَمو پورو ٿيو ، جين ڌرم جي شروعات ٿي. اڄ کيس ساڍا ٽي هزار ورهيه گذري چُڪاآهن . سندس رهڻيءَ ڪهڻيءَ سنڌ تي ضرور اثر ڪيو هوندو . سندس ديهانت اولهه بنگال ۾ ٿيو.“

ڀيرو مل مهر چند پنهنجي ڪتاب ”لطيفي سُئر“ ۾ اها ڳالهه وڌيڪ ڦهلاءَ سان دهرائي آهي ته :

”نگر پارڪر کان 14 ڪوهه ۽ مارئيءَ جي ملير کان فقط ٻه ڪوهه کن پري، گوري نالي هڪ ننڍڙو ڳوٺ آهي ، جنهن جي نزديڪ جين ڌرم وارن جو هڪ عاليشان مندر ٺهيل آهي . جين ڌرم وارا پارسناٿ جا پوڄاري آهن . پارسناٿ کي ”گوريچو“ به سڏن ٿا ۽ اُن جي پٺيان هيءُ ڳوٺ ۽ مندر به سڏجن ٿا.

گوريءَ جو مندر احاطي اندر آهي ۽ اڳيان دالان اٿس . دالان جو ديدار ئي لک لَهي! هتي رڳو سنگ مرمر ۽ جوڌپور جو پٿر ڪم آندل آهي . ويجهيءَ ڇِڪ ۾ ههڙو عمارتي سامان ملڻ ئي ناممڪن آهي. تنهنڪري هن عمارت جي سامان جي کڻائي ڪيترا هزار رپيا آئي هوندي . دالان جا ٿنڀا سنگ مرمر جا ٺهيل آهن ۽ ڇت گولائيءَ تي اٿس . ڀتين تي سُهڻيون تصويرون چٽيل آهن.

دالان کان پوءِ هڪ وڏو صُفو آهي ، جنهن جي ٻنهي پاسن کان ڇهه ڇهه يعني جملي ٻارنهن ڪوٺيون آهن ، جن جون ڇتيون گنبذ وانگر آهن ، تنهن ڪري گوري مندر کي ڪي ”ڏيرا“ (ڏيورا) به سڏين ٿا. هر هڪ ڪوٺيءَ ۾ هڪ ٿلهو ٺهيل آهي، جنهن تي رڳو هڪڙو ڄڻو  ويهي سگهي . شايد هيءُ مندر اصل مَٺ يا گرو ڪُل تي ڪم ايندو هو ۽ هر هڪ جوڳي يا برهمچاري پنهنجي ٿلهي تي ويهي يوگ اڀياس ڪندو هو يا پڙهندو هو . پر متان ننڊ اچي وڃينس، تنهن ڪري ننڊ ڪرڻ جي اُتي جاءِ ڪانه اٿن . ٿلهي تي ويهي ڪو جهوٽا کائيندو ته مٿو يڪدم وڃي ڀت سان لڳندس جنهن ڪري جهٽ پٽ سڄاڳ ٿيندو .

پهرين صفي کان پوءِ وري هو ٻيو صُفو آهي ، پر اُن جو پُٺيون پاسو ڊٺو پيو آهي . اُتي هڪ وڏو شاهي ٿلهو ٺهيل آهي ، جنهن مان ائين ٿو سمجهجي ته سڀ ڀوڄن مهل اُتي اچي ڪَٺا ٿيندا هئا . 

مندر جي ٻاهران پر احاطي اندر ، هڪ غفا ٺهيل آهي ، جنهن ۾ هيٺ گهِڙي وڃڻ لاءِ ڏاڪا آهن. شايد مَٺ ڌاري يا آچاريا (استاد) انهيءَ غفا ۾ وڃي يوگ – اڀياس ڪندو هو . ويجهڙائيءَ ۾ سرڪار جي مرضي ٿي ته اُهو محفوظ ٿيل يادگارن جي اَڪَٽ هيٺ آڻجي. پر اوسواڙن اهو مندر سرڪار جي حوالي ٿيڻ نه ڏنو . اهي اوسواڙ ، جي جين ڌرم جا آهن ، تن جا به انصاف نه وڃائبا، جو اهڙو صنعت ۽ ڪاريگريءَ جو ڳهڻو نه ڪي سرڪار جي حوالي ٿا ڪن ، نه ڪي پاڻ  اُ ن جي مرمت ڪرائين ٿا.“

پوءِ پارسناٿ جي پتلي جي باري ۾ ڏند ڪٿا آهي (دنيا جي ساري تاريخ ڪَٿائن سان ڀري پئي آهي ، جا ڀيرو مل جي مٿين ڪتابن مان پڙهي وڃي .) ان کان پوءِ لکيو اٿائين ، ”جين ڌرم وارا اڄ تائين ڪِٿان ڪِٿان اچي اُهو مندر ڀيٽيندا آهن ، جو هيءُ آسٿان سندن تيرٿ جي جاءِ آهي.“ 

جيتوڻيڪ ڪيترين صدين کان يونان مسيحيت جي نُورسان مُنور آهي ، يونان جي عظيم شاعر ڪازان زاڪس جڏهن ڊسمبر 1937 ۾ يونان جو سفرنامو لکيو ، ته اُن سفرنامي ۽ پنهنجي اَتم ڪهاڻيءَ ”گريڪو کي رپورٽ“ (Report to Greco) ۾ انهن مندرن جو ذڪر ڪيو ، جي قبل از مسيح دور جا هئا ۽ جن ۾ هن يونان جون ديوِيون ۽ ديوتائون ڏاڍي پيار سان ڏٺا هئا ، ڇوته اُهي هُن جو ماضي هيا ۽ ان جي شعور کان سواءِ يونان جي حال ۽ مستقبل جو شعور ناممڪن هو . محمد بن قاسم جي ”فتح سنڌ“ کان پوءِ اسلام  سنڌ جي ماضيءَ کي وساري ڇڏيون. پنجاب به تشڪلا ۽ هڙاپا جا آثارِ قديمه محفوظ رکيا آهن ۽ جيڪڏهن گنڌارا دور جا بُت اسلام کان اڳ جا نوادرات چوري ٿي وڃن ٿا ، ته پاڪستان جي پريس ۾ هنگامو مچي وڃي ٿو . مصر يونيسڪو کان ڪروڙين ڊالر خرچ ڪرائي، ابو سمبل جو سارو مندر پاڙئون اُکيڙي ، وڏا ڪرين (Crane) ڪم آڻي، هڪ هنڌان ٻئي هنڌ رکرايو ، جيئن اهو نيل درياه جي سيلاب ۾ ٻُڏي نه وڃي . شاه ايران قبل ازِ اسلام واري عظيم سائرس جي قبر تي مٿو ٽيڪيو هو . فردوسيءَ اسلام کان اڳ جي تاريخ پنهنجي شاهنامي ۾ زنده ڪئي هئي . شهيد ڀٽي لاڙڪاڻي کي سنڀارا جو قديم نالو ڏنو هيو . ڏکڻ آمريڪا ۾ ”مُچو پچو“، ”اِنڪا“ ۽ ”مايا“ تهذيبن ۾ دلچسپي پبلو نرودا جي شاعريءَ کي زنده رکي آئي ، توڙي هن جي اشتراڪيت يو. ايس . ايس . آر سان گڏ غرق ٿي وئي . تاريخ ۾ اهڙا هزارين مثال آهن ، جڏهن مسلمان قومن، اسلام جي اڳ تاريخ ۾ دلچسپي ورتي آهي. ڇا عرب اُمراءَ القيس کي وڏو شاعر نه ٿا مڃن ۽ هُن کي اڃا تائين نه ٿا پڙهن؟ اهڙيءَ طرح مون به شاه لطيف وانگر نه فقط جين ڌرم پر تڪشلا ۽ پشاور ۾ ٻُڌ ڌرم جا بُت ڏٺا، اُنهن ڌرمن تي ڪتاب پڙهيا ، جن جي مطالعي جو اثر ”ڪَپر ٿو ڪُن ڪري“ ۽ ”هينئڙو ڏاڙهون گل جئن“ ۾ آيل سلوڪن تي آهي ، جي ساميءَ جي نالي ۾ ڇپيا آهن ۽ انهن ڌرمن جي ڄاڻ کان سواءِ انهن سلوڪن کي سمجهڻ مشڪل آهي . مون انهن کان اڳ به ساڳي اثر هيٺ ڪيئي شعر لکيا هئا .

سنڌيءَ ۾ اسلام ۽ هندو ڌرم تي ڪيئي ڪتاب موجود آهن . ڀيرو مل جو ڪتاب ”قديم سنڌ“ سنڌ جي اهڙي تاريخ آهي ، جنهن جو ترجمو ڪهڙيءَ به ٻوليءَ ۾ فخر سان پيش ڪري سگهجي ٿو . ڀيرو مل لاءِ سنڌ پريتما به هُئي ، ماتا به هُئي. ڪنهن شخص ۾ پنهنجي ديس لاءِ ايترو اَجهل پيار ورلي ملي ٿو . افسوس جو هن جي سوانح حيات تي ڪوئي ڪتاب لکيو نه ويو آهي . نجد جي صحرا ته هڪ مجنون پيدا ڪيو ، پر سنڌ جي صحرا ڪيئي مجنون پيدا ڪيا آهن ، جن سنڌ سان ليلي کان وڌيڪ محبت ڪئي آهي . جي مرزا قليچ بيگ ، ڀيرو مل مهر چند ، صوفي جيٺمل ، لالچند امر ڏنو مل ، پرمانند ميوا رام ۽ ڪي ٻيا اديب پيدا نه ٿين ها ته سنڌي نثر الف ليلي ، حاتم طائي ، امير حمزي جو داستان گل باصنوبر چه کرد ، چندر ڪانتا ۽ ڀوتناٿ جي جيوڻيءَ مان نڪري نه سگهي ها ۽ رڳو عوامي داستان گوئي تائين محدود هجي ها . پر انهن مان ڪنهن به جين ڌرم يا ٻُڌ ڌرم تي تفصيل سان نه لکيو آهي . ها، مون هڪ ٻوڌي ڪتاب ”ڌمپد“ پڙهيو هو، جو پروفيسر نارائڻ داس رتن مل ملڪاڻيءَ پالي ٻوليءَ تان ترجمو ڪيو آهي . اهو ٻڌ ڌرم جو هڪ ڌرمي پُستڪ آهي . ان ڪتاب ۾ ڏنل خيال ، تصور ، تشبيهون  ۽ استعارا ايترا انوکا آهن، جو دنيا جي ٻئي ڪنهن ڪتاب ۾ مشڪل ملن ، جي ناول نويس * اِٽاليو ڪئلوِ نو (ItALIO CALVINO ) اهو ڪتاب پڙهي ها ته حيران رهجي وڃي ها . پر جين ڌرم ۽ ٻُڌ ڌرم جو يا ان تي ٻيو ڪو ئي سنڌيءَ ۾ خاص ڪتاب منهنجيءَ نظر مان نه گذريو آهي . ها ، جڏهن مان انٽر ميڊيئٽ ۾ پڙهندو هوس ته ايڊوِن آرنولڊ جي ٻُڌ تي لکيل ڊگهي نظم (LIGHT OF ASIA)جو سنڌيءَ ۾ منظوم ترجمو ڊي. ڊي. ڪي. آزاد ڪيو هو  ۽ اُهو اسان جو درسي ڪتاب هو، پر اُنهيءَ ڪتاب ۾ به ٻڌُ ڌرم جي باري ۾ ڪوئي تفصيل ڪونه هو، ڇاڪاڻ ته منهنجي هر سفرنامي م سفر درسفر جي ڪيفيت آهي ۽ مان پنهنجي ماحول کان وڌيڪ پنهنجي پاڻ ۾ سفر ڪندو آهيان، اِن ڪري مان چاهيان ٿو ته هتي جين ڌرم ۽ ٻُڌ ڌرم تي ڪجهه لکان ڇوته اُهي اسان جي تاريخ جا حصا رهيا آهن.

دراصل محمد بن قاسم جي ٻُڌ ڌرم وارن مدد ڪئي هُئي، ڇوته انهن جو هندو ڌرم وارن سان تضاد هو، پر جين ڌرم ۽ ٻُڌ ڌرم تي لکڻ جو ڪارڻ اِهو نه آهي. مان هندو ڌرم ۽ اسلام تي به لکڻ چاهيان ٿو ڇوته اُهي هن ڌرتيءَ جي تاريخ جو حصو آهن، نه رڳو اهي پر زردشتي مذهب تي به لکڻ چاهيان ٿو، ڇوته پارسي قوميت سنڌ جي تاريخ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.

مان چاهيان ٿو ته وقت جي درياهه مان جڏهن ٻيهر اُڀران، تڏهن گجرات واري محمود بيگڙي جي ڀرسان سِرُ مٿي ڪري دنيا کي ڏسان. في الحال مان جين ڌرم ۽ ٻُڌ ڌرم تي ٿو اچان. اهي مندر ڏسي جوئي، جمال ۽ ڀَٽيءَ ڇا ٿي سوچيو، اهو مان چئي نه ٿو سگهان، پر مون کي *”ٿارو“(1) جو قول ياد آيو ته، ”جي مان اُتي ڪُنڊ ڪُنڊ نه ڏسندس ۽ اُڇاتريءَ نظر سان ڏسي هليو ويندس ته ڄڻ ازل کي گهائي ويندس.“ ان کان هڪ رات اڳي، جڏهن اسان نگر پارڪر جي ريسٽ هائوس ۾ هڪ بجي تائين وسڪي پي رهيا هئاسين (ان جي تفصيل تي مان پوءِ ٿو اچان) تڏهن مون کي خيام جي هيٺين رُباعي ياد اچي رهي آهي:

اين قافلهء عمر عجب مي گزرد ،

درياب دمي که با طرب مي گزرد ،

ساقي غم فردائي حريفان چه خوري،

پيش آر پيالهء که شب مي گزرد ،

ترجمو: (هي عمر جو قافلو عجب طرح سان وڃي رهيو آهي،

اُهو پل هٿ ڪر جو مزي سان گُذري رهيو آهي.

اي ساقي! حريفن جي ٻي ڏينهن جو ڪهڙو ٿو اونو ڪرين،

پيالو اڳيان آڻ جو رات گذري رهي آهي.)

جڏهن اسان جين ڌرم جا اُهي مندر ڏسي رهيا هُياسين تڏهن مون کي * فٽز جيرالڊ جي رباعياتِ عمر خيام جي انگريزي ترجمي مان هڪ رباعي ياد اچي رهي هئي. مون حافظي کي ڏاڍو کوٽيو پر پارسيءَ ۾ اصل ڳولي نه سگهيس. فٽز جيرالڊ اِها رباعي پاڻ ٺاهي آهي، پر ڇاڪاڻ جو اُن ۾ عمر خيام جو روح آهي، هن ان کي به رُباعيت عمر خيام جي ترجمي ۾ شامل ڪري ڇڏيو آهي جيئن مون پنهنجا ڪي اصلي اردو غزل وغيره سچل، ساميءَ ۽ سانگيءَ جي تخلص سان لکيا آهن. جي پهرين”ريگستاني پهول“ ۾ ڇپيا هُيا ۽ هاڻي”نيل کنڻهه  اور نيم  ڦڌ صجڌ“۾ شايع ٿيا آهن ۽ جن ۾ روح سچل، ساميءَ ۽ سانگيءَ جو آهي. فٽز جيرالڊ جي انهيءَ خيام واري رباعيءَ جو انگريزي ترجمو، جو مون کي ان وقت بارِ بارِ ياد اچي رهيو هو، سو هيٺينءَ ريت آهي:

لکندڙ آڱر لکي ٿي ۽ لکي ڪري،

اڳتي وڌي وڃي ٿي، نه تنهنجي ساري تقوى نه ذهانت،

اُن کي اِن ڳالهه تي هِرکائي سگهي ٿي ته اُها پنهنجي لکيل اڌ سِٽ به رد ڪري،

۽ تُنهنجا سارا ڳوڙها ان جو هڪ لفظ ڌوئي نه ٿا سگهن.

مان ڀانيان ٿو ته جي مٿين رُباعي فٽز جيرالڊ جي لکيل آهي ته اُها به ايتري ئي چڱي آهي، جيتريون عمر خيام جون فارسي رباعيون آهن. مون کي دنيا جي بي ثباتيءَ تي خيام جون ٻيون به ڪيئي فارسي رباعيون ياد آيون، ڇوته جڏهن مان پنجون درجو انگريزي پڙهندو هوس ته مون کي عمر خيام جون ساريون رباعيون، حافظ جو سارو ديوان، علامه اقبال جا ڪجهه ڪتاب،ديوان غالب ۽ گلستانِ سعديءَ جو نثر به ياد هوندا هئا.

اهي جين مندر ڏسي، مون کي شيڪسپيئر جي هيءَ سِٽ به بار بار ياد اچي رهي هئي:

O, call back yesterday, bid time to return.                   

ترجمو: (او، ڪلهه کي پٺ تي موٽاءِ ۽ وقت کي چئه ته واپس اچي.) ”وقت ڪيتريءَ نه تيزيءَ سان گذري رهيو آهي،“ مون سوچيو، ”ڪنهن وقت اسان جي به پيري ايندي ۽ آخر اسان به هڏا هونداسين. ممڪن آهي ته واچ ۽ مينهن اسان جون قبرون ڊاهي ڇڏي ۽ سنگ لحد مٽائي ڇڏي ۽ اسان جا هڏا به ڀُري ڪڻ ڪڻ واريءَ يا ٻُر ٻُر مٽيءَ سان ملي وڃن. ان وقت منهنجو وجود ڪٿي هوندو جنهن اها شاعري تخليق ڪئي هئي!“

هي ماڻهو به ڪيڏا نه عجيب ها، جي ننگ ڌڙنگ انهن ڏهرن تي انترِ ڌيان هوندا هُيا ۽ اک نه لائيندا ها ۽ جي هنن کي اک لڳي ويندي هئي ۽ هنن جو مٿو وڃي سنگ مرمر جي ڀت سان لڳندو. اُهي ڇا سوچيندا هيا؟ انهن جي نظر ۾ ماڻهوءَ جي مُڪتي ڇا ۾ هئي؟ هُو  تن کي تسا ڏئي، پاڻ کي سُرءُ ۾ ڪاني جهڙو ڪري ڇا پائيندا ها؟ اُن وقت ته مون کي اهو سوچي ڀانواٽي اچي رهي هئي.

هاڻي مان اچان جين ڌرم ۽ ٻُڌ ڌرم تي پر پهرين اُن دور جي * هندستان تي ڪجهه لکان  ٿو.

جيئن قديم يونان ۾ تصوريت پسند ۽ ماديت پرست مڪتبهءِ خيال جا ماڻهو هئا، ڪي شڪم پرور، عياش،چٽورا ۽ ڪامي (Epicureans) ها،

ڪي سِنڪي (Cynics)  ها، ڪي سوفطائي (ستياڀاس وادي: (Sophists ها ۽ ڪي رواقي (ويراڳي: (Stoics ها، مهاوير واري دور ۾ به هندستان جي ساڳي ڪيفيت هُئي. ڪي انت ۽ اپار سنسار ۾ وشواس ڪندا ها ۽ ڪي لوڪ يات (اُها ڳالهه جا حواس سان وابسته هجي) ۾ ويساهه رکندا ها. لوڪ يات هڪ ماديت پرست نظريو هو، جنهن ان ڳالهه کي دهرايو ٿي ته اڻن (Atoms) کان سواءِ ڪنهن شيءِ جو جوود نه آهي. انهيءَ نظرئي رکندڙ ماڻهن ساري علم جو بنياد ادراڪ  پئي سمجهيو ۽ استدلال ۽ انومان کي رد ٿي ڪيو ۽ حيات بعد از ممات کان بنهه انڪار ٿي ڪيو. لوڪ يات وارا ويدن کي نکمڻي، اجائي ۽ واهيا بڪ شڪ سمجهندا ها ۽ اُن ۾ ٽي عيب سمجهندا اها، ڪُپتيائي ۽ ڪوڙ، اندريون وچن[1] وروڌ ۽ خالي پيلي دُهراءُ. جيستائين برهمڻن جي شاستر2 وڌي جو سوال هو، اُها رڳو ڌرمشٽ3 ٺڳي هئي.“ انهن جي سکيا هئي ته جڙ پدراٿُ4 (مادو) سوچي ٿو، پرلوڪ ڪونه آهي ۽ موت هر شيءِ جي پُڄاڻي آڻي ٿو. ٻيا ترڪت5 هيا، جيڪي پاڻ کي ٻُڌي وادي (تعقل پسندي) سمجهندا ها ۽ ماده پرست ها، پر پو به ويدن جي شُدتا ۽ پوترتائي (پاڪيزگيءَ) کي مڃيندا ها.

مسڪِرن گهوشالا (مسڪرن هنديءَ ۾ خدا رسيده درويش کي چوندا آهن) هڪ تقدير جو قائل تعقل پسند هو، جنهن هن ڪائنات جي باري ۾ هڪ سٽائتو وشوَڪوش (باترتيب قاموس يا اينسائيڪلوپيڊيا) رچيو ۽ جنهن جو نظريو هُن کان پوءِ ايندڙ جين ڌرم وانگر هو ۽ ممڪن آهي ته اُهو نظريو آريائي دور کان اڳ جي سائنس ۽ نفسيات تي ٻڌل هو. هُن جا پوئلڳ جي اجيوڪا6 سڏبا ها، اهي تقدير جا بنهه قائل هُئا ۽ جيڪي چوندا ها ته ڪيتري به سداچار   ۽ تپسيا پُنرجنم جي فطري حياتياتي رفتار کي نه تڪڙو ڊوڙائي سگهجي ٿو ۽ نه ڍور ڪري سگهجي ٿو ۽ چڱائي آخري نجات لاءِ ڪارآمد نه ٿي ٿئي.   اها نقلي سائنسي مشيت (Pseudo Scientific determinism)  آهي ۽ ايتري بي ترس ۽ اڻ مُڙ آهي جيترو ڪوبه تصور ماڻهوءَ جي من ۾ نه آيو آهي. هن سِٽاوَ اَڀيد ۽ اَڇيد جي جيءَ وستوءَ (Life- monad)  کي چوراسي هزار جنم جا ڦيرا ڏيڻا ها. جيتوڻيڪ جان ڪئلون [2] جي پيروڪارن وانگر اُنهن جي دعويٰ هُئي ته چڱا ڪم نجات کي ويجهو نه ٿا آڻن، پر اُهي نجات جي طئي شده رستي تي سنگ ميل آهن. ان ۾ اهو مضمر هو ته نجات جي گهڙي ويجهو هوندي به، انهن لاءِ نجات جي راهه هموار نه ٿي ڪئي. عام طرح ڌرم ارٿ ڪرتوت (متقي ڪم)، ويچار ۽ نيتي چڱي ڪاريه لاءِ ڦلائتا هُيا، پر اُهي اڻ ٽر اوسراڻ جو سڌانت (نتيجو) هيا.

        ٻيا تيرٿن ڪر2 هُيا، جن اها دعويٰ  ڪئي ته هنن رستو ڳولي لڌو آهي. ”مانو ڌرم شاستر“ نالي ڪتاب ۾ ٻيا به ڪيئي پنٿ ٻُڌايل آهن، جي پوءِ ويسر واري ڇڏيا آهن. ”ڪوسمبي“ نالي مهاراشٽرا جي اديب ”ڀڳوان ٻڌ“ ۾ لکيو آهي ته اُن وقت ٻُ فرقي کانسواءِ ٻاهٺ فرقا ٻيا به ها. انهن مان ٽي وڃي رهيا. نگنٿ [3] (هر هنڌن کان آزاد)، ناستڪ ۽ پاشنڌي (جي بنهه مُرتد هيا) اسان کي سنجي جڪهڙا ماڻهو به ملن ٿا جو هڪ سنڪي2 هو ۽ جنهن پنهنجي پاڻ کي جھاڻڻ جو هر امڪان رد ڪيو هو ۽ اهڙا ٻيا به ها جي الڳ الڳ متا رکندا ها، جي  بنهه ماديت پرست ها يا عيش پسند ها ۽ انهن ۾ به اکٽ فرقا ها جي ذهني درهمي برهميءَ جا آئينه دار ها. مغرب ۾ اهڙو دور ته هن صديءَ ۾ آيو آهي، جنهن ۾ ايتري ذهني اَشفتگي آهي.

فلسفي ويروسينا (Virocena)  جي باري ۾ غير معتبر ڪهاڻين ۾ چيو ويو آهي ته هن جو سنديش3  هو ته ”پنهنجي پاڻ کي ڌرتيءَ تي خوش رکڻو آهي. پنهنجي پاڻ تي ڌيان ڏيڻو آهي. جيڪو پاڻ کي هن ڌرتيءَ تي خوش رکي ٿو، پنهنجو خيال رکي ٿو، اُنهيءَ کي ٻئي جهان ملن ٿا، هي به ۽ هُو به. اهو پڙهي مون کي ’ڪازان زاڪس‘ جو هڪ لطيفو ياد آيو:

هڪ عبادت گُذار شخص کي ڪنهن چيو، ”تون عبادت نه ٿو ڪرين ۽ سارو وقت هِن جهان جو خيال ٿو رکين، پر جي هُو جهان نڪري پيو ته اُهو ته تولاءِ ڇُٽو.“

ان تي اُنهيءَ شخص جواب ڏنو ته، ”تون سارو وقت عبادت ٿو ڪرين، ۽ ٻئي جهان لاءِ هي جهان ترڪ ڪري ڇڏيو اٿئي، پر جي ٻيو جهان نه نڪتو ته تنهنجا ته ٻئي جهان ويا، هي به ۽ هُو به.“

مناظري بازيون، روح، خدا ۽ ڪائنات جي باري ۾ اجايون، اَکُٽ قياس آرايون، جن ۾ اٽي مان وار ٿي ڪڍيا ويا، ڌيري ڌيري ماڻهوءَ ۾ آرِس، ڳهر ۽ ڪِرڀ آڻينديون ويون ۽ اِن ساري کٽراڳ مان، هنن جي دل کٽِي ڪري وڌائون. ماڻهوءَ کي فلسفي جو نڪ تائين ڍءُ ٿي ويو. جي اُن وقت جي همعصر تاريخ ڏسبي ته رڳو چين ۾  ئي هڪ سو مڪتبھء فڪر ملندا. انهيءَ گهڻيءَ دانش وريءَ، جا انساني جذبات کان عاري هُئي، بالآخر اهو احساس ڏياريو ته مابعدالطبيعات نه رڳو بيڪار آهي، پر مڪروهه ۽ ناگوار به آهي. هندستاني ثقافت پنهنجي تخليقي امڪان جي خاتمي تي پهچي، ٿڪجي هِچ ٿي پئي. ”ڪوسمبي“ ته ان دور جي سنياسين جي بي لغاميءَ ۽ نفس پرستيءَ جوُن ڪي اهڙيون ڳالهيون لکيون آهن، جو بي اختيار ايراني شاعر ”صحبت لاريءَ“ جو هيٺيون شعر ياد اچي ٿو وڃي:

قصھ سرگزشتِ من چيست؟ ز کُنج مدرس

خرقھ بدوش آمد و باده پرست مي رود.

        ترجمو: (منهنجي آتم ڪهاڻي ڪهڙي آهي؟ مدرسي جي ڪُنڊ مان ڪُلهي تي خرقو کڻي آيس ۽ باده پرست ٿي وڃان ٿو.)

ان تهذيب جي خزان ۾ تمدن جي دور ۾ وِک وڌائڻ کان اڳ ۾ ٻه ماڻهو پيدا ٿيا، جن کي ان دور جي ”آتم- وديا“[4] ”سرو شڀ واد“2 لاءِ ڌڪار هئي، جي ناستِڪ – مت سان ناتو رکندا ها ۽ جي ٻئي کتري هيا ۽ بنيادي طرح برهمڻن وروڌي [5] هيا ۽ جن هندستاني تاريخ جي اُنهيءَ ثقافتي دور جو خاتمو آندو ۽ اهي هُئا مهاوير ۽ گوتم – ٻُڌ.

اهو پوري طرح معلوم ڪرڻ مشڪل آهي ته اڄ کان 2500 سئو سال اڳ اقتصادي، سياسي ۽ اخلاقي حالتون ڪهڙيون هيون. جڏهن جين ڌرم ۽ ٻڌ ڌرم وجود ۾ آيا. ان ۾ شڪ نه آهي ته جڏهن آريا اقتدار مستحڪم ٿي چڪو هو، تڏهن کان ڪافي مادي ترقي ٿي هئي ۽ پاٽلي پترا ۽ ويشاليءَ جهڙا وڏا شهر وجود ۾ آيا ها. صنعت ۽ واپار، دولت جي جهومر پيدا ڪئي هئي، جنهن انسان لاءِ فرصت مهيا ڪئي هئي ۽ فرصت ثقافت ۽ علم کي ترقي ڏني هئي. مذهب خوشحاليءَ ۾ نه ڦهليندو آهي. اهڙي دور ۾ حواس تقويٰ مان جند ڇڏائي وٺندا آهن. جيئن چين ۾ ڪنفيوشس ۽ يونان ۾ پروٽاگورس (Protagoras)،ائين ئي مهاوير۽ ٻُڌ هندستان ۾ پراڻي مذهب جي دانشورانه تخريب، اخلاقي تذبذب ۽ انارڪيءَ جي دؤر ۾ پيدا ٿيا هئا. ٻُڌ ڌرم ۾ جيتوڻيڪ انهيءَ دور جي اُداس ماده پرستي آهي، جنهن جو جادو ٽُٽي چُڪو هو، تڏهن به اهو يقين سان چئي سگهجي ٿو ته اُهي ڌرمَ اُن دؤر جي عيش پرستيءَ خلاف مذهبي ردِعمل هئا، جنهن جون رنگ رليون فرصت واري دولتمند طبقي ۾ هُيون.

اُن دؤر ۾ هندستان  اندر  وڏيون  رياستون  ٺهي رهين هيون ۽ اُهي هيون ڪالنگا (هاڻوڪيءَ اوڙيسا۾)، اونتا (هاڻوڪيءَ مالوا ۾)، سُورشاستر (ڪاٺياواڙ ۾) مُلڪا (مٿئين گوداوريءَ تي). ان مان ظاهر هو ته هندستان ۾ ا وقت سامراجي (مهاجني) طرز وارو نظام هو. هڪ ٻوڌي شاستر ”للت وستر“ ۾ آيو آهي ته ٻُڌ جي دؤر ۾ سورنهن رياستون هيون، جن جا صدر مهاراجا هيا. اُن وقت مهاجن کي راجا چيو ويندو هو. اهي رياستون هيون:

1-انگ، جا مگڌ ديس اوڀر بهار ۾  هئي، پوءِ ان کي فتح ڪيو ويو ۽ مگڌ ديش سان ملائي انگ مگڌ نالو رکيو ويو. 2- مگڌ ديش (ڏکڻ بِهار) 3- ڪاسي (بنارس) 4- ڪومل (اوڌ) 5- وِجي (اتر بهار) 6- مَل (گورک پور) 7- چيتي (جمناتي) 8- وَنس يا وَتس (الله آباد) 9- ڪورو (دهلي) 10- پنچال يا پانچال (بريلي) 11- مَچ يا متسيه (جئپور) 12- سورسين يا شورشين (مٿرا) 13- استڪ يا اسمڪ (گودا وَري)  14- اَوَنتي (مالوا)  15- گنڌار يا گانڌرا (پشاور)  16- ڪنبوج يا ڪاموج (ڏکڻ ڪشمير ۽ ڪافرستان) ان ۾ سنڌ ديش جو ذڪر نه آهي، ڇوته هاڪڙو نديءَ سنڌ کي باقي هند کان ڌار ٿي ڪيو ۽ باقي هند سنڌ جي حالت کان ذري گهٽ بي خبر هئي.                                                    انهيءَ ثقافتي ۽ سياسي ماحول ۾ مهاوير پيدا ٿيو  مان ٽُٻيءَ ۾ اچي وڃان ٿو. جويو، جمال ۽ ڀَٽي ڪنڌيءَ تائين نظارو ڪن ٿا. اکين اڳيان جين سَميءَ جا عجبائتا مندر اُڀري اچن ٿا، جي ابو پهاڙ ۽ سِروان بيلگولا(Sravan Belgola)  ۾ آهن ۽ جين وچولي دؤر جي سنساري ماڻهوءَ جي اٿاهه ڌن ۽ ڌرمشٽتا[6] جي ساک ڀرن ٿا. ان دؤر جا ڪي رشي، مُني ۽ سنياسي ماڻهو به شاعر هوندا هئا. 14 صديءَ ق. م جو هڪ برک شاعر نوچندر هو، ٻيو مَلي ناٿ2 هو، جنهن ڪاليداس جي شاعريءَ تي بهترين تبصرا لکيا ها. ڪي جين سنياسي وڏا ساهتيه پريمي هوندا ها. ڪنهن  به قلمي نسخي جو ترجمو، پوءِ اهو نسخو دنيوي ئي ڇونه هجي، هڪ مذهبي فريضو سمجهيو ويندو هو. هندستان جي جهونن جين مَٺن ۾ اهڙا ڪيئي ڪتاب آهن، جي اڃا ڇاپيا نه ويا آهن ۽ جي جين ڌرم جا به نه آهن. خود جين ڌرم جو باني ”ورڌمن مهاوير“ جو 540 ق. م ۾ پيدا ٿيو هو، اُهو  شاعر به هو.

مان مهاوير ۽ جين ڌرم تي اچان، ان کان اول هي مهاوير جا شعر لکان ٿو، جي هن پنهنجي چيلي گوتم (اهو گوتم ٻيو ڪوئي هو، گوتم ٻُڌ نه هو) کي ٻڌايا ها.

               ”جيئن هڪ پَن جو وقت گذري ٿو وڃي

  ۽ اُهو مُرجهائجي، سُڪي ٿو وڃي.

 ۽ وڻ مان ڇَڻي ڌرتيءَ تي ڪري ٿو،

ائين ماڻهوءَ جو جيون آهي،

 گوتمَ نِتُ چَؤڪس رَهُه!“

*

  ”جيئن گاهه جي پتيءَ تي ماڪ ڦڙو

 رڳو هڪ گهڙي رهي ٿو،

 ائين آهي ماڻهوءَ جو جيوَن

 گوتم نِت چؤڪس رهه!“

*

 ”ڇوته آتما پنهنجيءَ ويسرائپ ۽ بي پرواهيءَ 

 جي ڪري پيڙا سهي ٿي

ترِ لوڪ ۾ ڦيريون پائيندي وڃي ٿي

 گوتم، نِت چَؤڪس رهه !“

 ”جڏهن سرير ڏٻرو ٿي وڃي ٿو ۽ وار اڇا ٿي وڃن ٿا ،

     ۽ ماڻهوءَ جون پراڻ آڌاري [7] شڪتيون پوريون ٿي وڃن ٿيون.

تڏهن نراسائي ۾ روڳ وچڙي وڃن ٿا ۽ ماس ڳري وڃي ٿو .

 گوتم! نت چؤڪس رهه !“

*

 ”ان ڪري سارو موهه تياڳي ڇَڏ

 ۽ هڪ پَوَتر ڪَمل وانگر ٿيءُ يا سَرءُ ۾ جل وانگر ٿيءُ !

 هر موهه کان آجو ٿيءُ

 گوتم ! نت چؤڪس رهه !“

”گوتم نت چؤڪس رهه !“ جي ورجاءَ ۾ ڄڻ هڪ جديد نظم جي خوشبوءِ آهي. لڳي ائين ٿو ته شاعري ابد الآباد کان آهي ۽ هر مذهب کان اڳ ۾ ئي ان جي پيڙهه پئي آهي. هر پيغمبر کان اڳ شاعر پيدا ٿيا هئا ۽ انسان ذات توڙي پوري ڪائنات کي شاعريءَ جي آغوش ۾ آندو هيائون.                                                               هڪ چوٿينءَ صديءَ جي جيني  سنياسي ”پُوجيه پَد“ جو ڊگمبرپنٿ (ان پنٿ جو ذڪر مان اڳتي هلي ڪندس) جو هو، انهيءَ جاشعر آهن:

        ”سرير،2 گهر، ڌن ۽ ڌرم پتني

        پُٽ، مِتر ۽ شترو،3

        اِهي سڀ آتما کان بي نياز آهن.

        رڳو مورک انهن کي پنهنجو سمجهن ٿا.“

*

”پنڇي هر ڏس کان اچن ٿا

        ۽ وڻن ۾ گڏجي وسرام ڪن ٿا،

        پر پرهه ڦٽيءَ جو هرڪوئي پنهنجي واٽ وٺي ٿو،

        ۽ اُهيي سڀئي ٻئي ٻئي پار وڃن ٿا.“

*

”مرتيو [8] منهنجي لاءِ نه آهي، سو مان ڇو ڊپ ڪيان؟

 روڳُ2 منهنجي لاءِ نه آهي، پوءِ مان ڇو نراس ڪيان؟

مان ٻار نه آهيان، نه ڳڀرو آهيان ۽ نه وري ٻُڍو آهيان،

اِهي سڀ اوستائون3 منهنجي سرير جون آهن.“

 *

        بار بار مون پنهنجي مورکپائيءَ ۾ ماڻيو آهي،

        پنهنجي ڀانت ڀانت سرير کي ۽ انهيءَ کي ڌڪي ڌار ڪيو آهي،

        هاڻي مان ڏاهو ٿيو آهيان

        مان ان ڪِن ڦٿ لاءِ ڪيئن سِڪان؟

*

 

”آتما هڪ ڳالهه آهي، جڙپدارٿ[9] ٻي ڳالهه آهي

        اهوئي سچ جو نِچوڙ آهي

        ٻيو جو ڪجهه به چيو وڃي

        رڳو پٽاڙ آهي.“

        ڇا ٽئگور جي شاعريءَ ۾ مٿين نظم جو پڙاڏو نه آهي. مونکي ته ”گيتانجليءَ“ جو پنو پنو ان سان گونجندو نظر اچي ٿو. دراصل ڀارت جي سوچ هڪ اکٽ زنجير وانگر آهي، جنهنجو ڪڙو ڪڙي سان جڙيو پيو آهي. خاص ڪري شاعري ته ان تسلسل جو حصو آهي، جنهن به اهو تسلسل ڇڳو آهي، ان جي شاعريءَ ۾ اجنبيت پيدا ٿي آهي ۽ اُها قاريءَ جي روح کي گرفت ۾ آڻي نه ٿي سگهي.

        جيئن مون مٿي چيو آهي، اهو مهاوير، جين ڌرم جو باني هيو. جين ڌرم جيتوڻيڪ هن وقت رڳو ڀارت ۾ موجود آهي، ان کي ٻُڌ ڌرم جيترو ئي هندو ڌرم سان مٿڀيد آهي. ٻُڌ ڌرم وانگر، اهو هڪ ڌرم – ورڌ(2) سنياسي جي سڌانتن(3) تي ٻڌل آهي، جنهن ڇهين صدي قبلِ مسيح ۾ ۽ پنجين صدي قبل مسيح جي شروعات ۾ ان خطي ۾ تعليم ڏني، جنهن کي هاڻي بهار ۽ اتر پرديش چيو وڃي ٿو. مان جيئن اڳي چئي چُڪو آهيان، هُن جو نالو ورڌمن مهاوير هو. هُو ٻڌ جو همعصر هو. چيو وڃي ٿو ته هو چوويهون ۽ پويون تيرٿنڪار هيو. يا سِرشٽيءَ جي بگاڙ وقت پويون وڏو جين ڌرم جو مهمان اڌياپڪ[10] هيو. باقي ٽيويهه تيرٿنڪار 250 سال اڳي ٿيا ها. ممڪن آهي ته اهي به تاريخي شخصيتون هجن، جن جي اڻ گهڙئيءَ سکيا کي مهاوير جنڊيءَ تي چاڙهي پيش ڪيو  ۽ پنهنجا رچي راس ٿيل سڌانت ڏنا ۽ انهن جي مٺن جا سارا سنياسي هن جا شش2 ٿي ويا.

        مهاوير ٻڌ وانگر هڪ مهاراجا جو پٽ هو،، جو گنگا جي اتر ۾ راڄ ڪندو هو. ٽيهن ورهين جي عمر ۾ گهر ڇڏي سنياسي ٿيو ۽ جنم مرن جي چڪر ۽ پنرجنم مان مڪتيءَ جي ڳولها ڪيائين، جو ان سمئه ۾ هر ڪنهن چيتن من کي اُگرو ۽ خوفائتو ٿي لڳو. ٻارهن سال هو رٽن ڪندو رهيو، ڪپڙا ڌِڪاري ڇڏيائين، جيئن آجڪائي پائي سگهي ۽ ڌرتيءَ جا ٻنڌڻ ٽوڙي سگهي. هن گرميءَ سردي جا ڏاکڙا سٺا، جيئن اُپڪار ۽ ڪُٻڌ واري ڪرم جو بوجو هٽائي سگهي، جو هن جي آتما تي ڳرو بار ٿي پيو هو. ڪجهه سال هو گوسالا سان گڏ هو، (جنهن جو ذڪر مان اڳيئي ڪري چُڪو آهيان ۽ جو ٻئي ڌرم وروڌ فرقي ”اجيوڪا“ جو باني هو) پر پوءِ ٻئي سنياسي اٽڪي پيا ۽ هرڪو پنهنجي منهن ويو. مهاوير تن کي تسا ڏيندو رهيو، جيستائين ٻائيتاليهن سالن جي عمر ۾ هن کي حق شناسي ۽ روشن دماغي ملي. هن جي پوئلڳن کي ”جين“ سڏيو ويو . ٻڌ وانگر مهاوير به مڪتيءَ لاءِ پنهنجي سڌانت جي ڪڍ ڪيئي شش ڪٺا ڪيا ۽ هن جي ڀڳِتن هن کي ڪافي سنمان ۽ دان ڏنو ۽ اُهي گهڻو ڪري واپاري طبقي مان هيا. مهاوير نه رڳو برهمچاري پيدا ڪيا، پر هن بيراڳڻن جا مٺ به ٺاهيا. هن ٽيهه سال سکيا ڏني ۽ هن جو موت ڄاڻي ٻُجهي بُک ڪاٽڻ ڪري ٿيو. هو ٻاهتر ورهين جي عمر ۾ پاٽنا جي ويجهو هڪ ڳوٺ ۾ مري ويو، ڇو ته جين متو هيو ته ڪوئي جين جيڪڏهن ڪائي حياتي وٺي سگهي ٿو ته اها پنهنجي وٺي سگهي ٿو.

(هاڻي جڏهن مان ستر کان ٽپي ويو آهيان ته اهڙو موت مون کي هرکائيندو آهي ۽ پنهنجي آزاديءَ جي پوئين اظهار وانگر لڳندو آهي. موت جي وات مان گرهه کسي وٺڻ وڏي ڳالهه آهي.) هن جو  ديهانت[11] 468 ق. م ۾ ٿيو، جيتوڻيڪ ڪي جين هن جو ديهانت انهيءَ سال کان سٺ سال اڳي ٻُڌائن ٿا. هو جنهن وقت مري ويو، تنهن وقت هن جا چوڏهن هزار چيلا ۽ چيليون هيون.


* هئو لاڪ ايلس Have lock Elis (1859 ع کان 1939 ع تائين)

* اٽاليو ڪئلوِنو (1923 ع کان 1985 ع تائين) هو فوٽو گراف ۾ موهن ڪلپنا وانگر لڳندو هو. هو 1923 ۾ ڪيوبا ۾ ڄائو هو ۽ اٽليءَ جي شهر سئن ۾ رهيو ۽ وڏو ٿيو هو . هو مضمون نگار ، صحافي ۽ ناول نويس هو . هن ڪافي ڪتاب لکيا. سال 1970ع ۾ هن کي چوٽيءَ جو اطالوي ايوارڊ مليو. هن جي ڪتاب ”اطالوين ڪهاڻيون“ ۾ هڪ ڏائڻ هڪ شهزادي کي چئي ٿي”هي هڪ جادوءَ جو ڪتاب آهي ، ان جا صفحا اڳتي اُٿلائيندي ته ماڻهو پکي ٿي پوندو ۽ پُٺ تي اٿلائيندين ته پکي وري ماڻهو ٿي پوندو.“ اٽاليو ڪئلونو جنهن اهي ڪهاڻيون سهيڙيو هيون، ان جي به ساڳي حالت هئي. هن جا پير اطالوي ڌرتيءَ ۾ کتل هئا ۽ هو سنسار جي ليلا ۾ اُڏرندو رهندو هو. هن اٺاويهه ناول ۽ ڪهاڻين جا ڳٽڪا، لوڪ ڪٿائون، لوڪ ڪهاڻيون ۽ مقالا لکيا ۽ پورا چار ڏهاڪا محنت ڪيائين. هو سيپٽمبر 1985ع جي وچ ڌاري سينا (sIenca)  ۾ سر جي چوٽ لڳڻ سبب مري ويو. تيستائين هن داستان گو جي حيثيت ۾ پنهنجي ڌاڪ ڄمائي هُئي. هن لاءِ هڪ اطالوي پريزيڊنٽ چيو ته، ”اسان اهو آواز وڃايو آهي، جيڪو ويهينءَ صديءَ جي نهايت آزاد، مربوط ۽ مسلسل آوازن مان هو.“ هُن کي شاعرانه تخيل هيو، جو انساني وجود جي حقيقت کي سمجهي سگهيو ٿي. هن جا پيءُ ماءُ ديهي معاشيات جا ماهر هئا ۽ هن اوائلي زندگي اطالوي رِوير  (RIVIERA)  تي گريپ فروٽ ۽ وڏي ناسپاتيءَ (AVOCADC) ان جو اردوءَ يا سنڌيءَ ۾ هم معني لفظ ڪونه آهي.) جي تجرباتي پوک تي گذاري هئي ، جتي اهڙا ڪيئي وڻ هوندا هئا. هن هڪ هنڌ لکيو آهي ته ان وقت کان وٺي مون سرشٽيءَ جي سنت – مالها  (OPOtHEOSIS)بنائڻ چاهي.“ هن جڏهن سئن ريمو  (SAN REMO)جي اسڪول ۾ تعليم پوري ڪئي، تڏهن هُو فوج ۾ ڀرتيءَ جي ڀَو کان ڀڄي ويو ۽ مزاحمتي تحريڪ ۾ شامل ٿي، فاشسٽ فوج خلاف وڙهيو. نيٺ ڪئلوِنو اشتراڪيت ۽ حقيقت نگاريءَ کي الوداع ڪئي. هن جي ناول (NIGHT AND CLOREN VISCOUNT)۾ هڪ مجاهد (CRUSADER)ٻه اڌ ٿي پوي ٿو.هن جو هڪ اڌ اطالوي سرزمين تي موٽي اچي ٿو، جتي هو ظلم زبردستيءَ سان حڪومت ڪري ٿو. ڪجهه سالن کان پوءِ هن جو ٻيو اڌ به موٽي اچي ٿو ۽ عوام لاءِ لڙي ٿو. ان کان اڳ ۾ جو هن جي جسم جا ٻئي حصا هڪ ٻئي جو مقابلو ڪن، هُو هڪ جادو بتيءَ جي علم سان ٻنهي حصن کي ڳنڍي ڇڏي ٿو. ڪئلوِنوچوندو هو ته، ”هر ادبي تخليق جي ابتدا قصو ڪهاڻي آهي. هڪ خوش خلق مهذب ۽ بلند ظرافت سان، ڪئلوِنو پنهنجن ڪردارن کي پنهنجي دؤر جي نفسيات ڏني. هن ۾ ادبي ڪلابازيون ڪافڪا جي نموني واريون آهن، پر اهي وَرلي اداس آهن، هن جو ڪهاڻيءَ سان لڳاءُ هر صفحي کي هڪ ڪوسي ڪڇ بڻائي ٿو ڇڏي.(ٽائيم رسالو)مون ڪئلوِنو جي باري ۾ ايتري تفصيل سان لکيو آهي ڇوته هن جو مٿي ذڪر ڪيل ڪتاب ڄڻ منهنجي اَتم – ڪهاڻيءَ جو حصو آهي ۽ ڪئلوِنو جي نثر ۾ جا زندگيءَ ۽ آرٽ جي ڪيفيت آهي، سا منهنجي نثر ۾  به ملي ٿي.     

* ٿارو (thoreau) آمريڪي فطرت پرست جو 1837ع ۾ ڄائو ۽ 1909ع تائين جيئرو رهيو.

*   فٽز جيرالڊ (Fitz Gerald) انگريز شاعر (1853ع کان 1883 تائين.)

* نوٽ: اهو ضروري نه آهي ته مان سنڌيءَ جي اسڪالرن وانگر انهن ڪتابن جي لسٽ ڏيان، جن تان مون اهو مواد ورتو آهي. گهڻو ڪري سنڌي اسڪالر هڪ ڪتاب پڙهي، ان تان مواد وٺندا آهن ۽ ان ڪتاب ۾ جن ڪتابن جو حوالو هوندو اهي، انهن ڪتابن جا نالا به ان لسٽ ۾ شامل ڪري ڇڏيندا آهن، جنهن ۾ سندن مطالعي هيٺ ڪتابن جي فهرست شامل هوندي آهي. بهر صورت مون جين ڌرم ۽ ٻڌ ڌرم تي لکڻ وقت هي ڪتاب خاص طور ذهن ۾ رکيا:

[1]    وچن وروڌ: تضاد.

2     شاستر وڌي: مذهبي ارڪان

3   ڌرمشٽ: دينائتي

4   جڙ پدارٿ: مادو

5   ترڪت: مناظري باز

6   اجيوڪا: هنديءَ ۾ جيئڻ جي طريقن کي چئبو آهي.

نوٽ: هندي فلسفي جي صحيح فهم لاءِ هندي لفظ ڏنا ويا آهن. انهن سان گڏ ڏنگينن ليڪن ۾ هم معنيٰ فارسي لفظ ڏنا ويا آهن. ڇو ته هندي لفظ پاڪستان ۾ گهٽ مستعمل آهن.

[2]   جان ڪئلون John Calvin  (1509ع کان 1564ع تائين) هو فرينچ دينيات جو ماهر، مصلح ۽ جديد پريسبيٽرينزم (Pessbeterianism) جو منظم ڪندڙ هو، هو پنهنجي فلسفي ۾ قضا۽ قدر (predestination)  تي زور ڏئي ٿو.

2   تيرٿنڪر: جن ٿيرٿ ڪيا ها.

[3]    نوٽ:  مان  ڀانيان ٿو ته اهو لفظ نرگرنٿ (ڪنهن ڪتاب کان سواءِ) جو ”ڪوسمبي“ به ڪم آندو آهي.

2   سنڪي: ناستڪ Sceptic      

3    سنديش: پيغام.

[4]    آتم وِديا: مابعد الطبيعات

2   سروُشڀ واد: آفاقي رجائيت

[5]    برهمڻ وِروڌي – برهمڻ، دشمن.

[6]     ڌرمشٽتا: دينداري

2   ملي: پراڪرت ۾ هڪ خوبصورت ٽڙيل ٻوٽيءَ کي چيو ويندو آهي.

[7]      پراڻ اَڌاري شڪتيون –  حياتيءَ جو قوتون .

2     ڌرم پتني: زال، گهر واري     

3     متر ۽ شترو: دوست ۽ دشمن

[8]    مرتيو: موت

2   روڳ: مرض

3   اوستا: حالت

[9]         جڙپداررٿ: مادو (Matter)  

2        ڌرم ورڌ: مذهب دشمن

3        سڌانتن: تعليم، متن

[10]   مهمان اڌياپڪ: عظيم استاد، اعليٰ معلم

 * نوٽ: هندو ڏند: ڪٿا موجب، پارس هر ڌاتوءَ کي سون ۾ بدلائي سگهندو آهي. جين ارٿ کي به پارس چئبو آهي. پارساناٿ جو پتلو پاري ننگر ۾ هيو، جتان پوءِ اُهو گم ٿي ويو.

2   شش: مُريد،  پوئلڳ.

[11]    ديهانت: وفات

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org