پن چڪي ڏسي اسان محمود بيگڙي واري مسجد ڏسڻ وياسين جتي ستين جا
آستان هيا. ستين جا آستان ڇو هيا، اِن جي باري ۾
هرڪوئي پنهنجي قياس آرائي ڪري سگهي ٿو. ندوة
المسلمين دهلي جي پروفيسر سيد ابوظفر ندويءَ جي
ڇپايل ”تاريخِ گجرات“ ۾ محمود بيگڙي جو ذڪر نه هو.
ان ۾ سال 792هه ۽ اُن کان ڪجهه پوءِ ڪنهن به سال
يا تاريخ جو ذڪر ٿيل نه هو، پر رائچند جي ڪتاب
”تاريخ ريگستان“ موجب ”سال 880هه ۾ محمود بيگڙي
سنڌ تي ٻي ڪاهه ڪئي هئي.“ هن ڪئپٽن ريڪس جي ”حالات
ٿر ۽ ٿرپارڪر“ ۽ عربي تاريخ، ”مراة الممالڪ“ جو
حوالو ڏنو آهي، جي ٻئي ڪتاب مون کي دستياب ٿي نه
سگهيا آهن. رائچند ”تاريخِ ريگستان“ ۾ صفحي 69 ۽
70 (ڇاپو ٻيو) تي لکيو آهي.
مون مٿيون سٽون پئي لکيو ن ته هڪ سنڌي اخبار آئي. ڪنهن هومر کان
شيلي تائين نالن جو سهارو وٺي مون تي ڊگهي تنقيد
ڪئي آهي. مون کِلي اخبار رکي ڇڏي. ڪُتو ڀَونڪڻ نه
ڇڏيندو ۽ فقير جي فطرت آهي ته رمندو رهي. ڇا اهو
نقاد منهنجي جواب جو مستحق آهي؟ هو هومر ۽ شيليءَ
جي نالي وٺڻ کان وڌيڪ ڄاڻ جو اهل هجي ها ته هن کي
جواب ڏيان ها. مان اخبار رديءَ جي ٽوڪريءَ ۾ ڦٽي
ڪري وري پنهنجي ڪرت ڪار ۾ لڳي ٿو وڃان. ڪوئي فارسي
شعر ٿو ياد اچي:
علي الصباح که مردان بکار کار روند
بلا کشانِ محبت بھ کوئي يار رَوندَ
ترجمو: پرهه جو جڏهن مڙسالو پنهنجي پنهنجي ڪم سان وڃن ٿا، پيار
جا جاکوڙِي پنهنجي پرينءَ جي گهٽيءَ ڏانهن وڌن ٿا.
مٿي اخبار جو ذڪر هڪ دخل در معقولات آهي، جو مونکي وري نه ڪرڻو
آهي. مون کي وقت ٿورو آهي ۽ زندگيءَ تي اعتبار
ڪونه آهي، ان ڪري پاڻ کي اشتعال کان پاسي رکڻو
آهي، ڇو ته سياسي ۽ ادبي حريف مونکي مباحثي ۽
مناظري ۾ رُڌل رکي، منهنجيءَ تحرير ۾ رڪاوٽ وجهڻ
چاهن ٿا. مان کين هلَ..... چئي منگهارام اوجها جي
”پراڻو پارڪر“ مان هيٺيون حوالو نقل ڪيان ٿو:
”ڪئپٽن ريڪس پنهنجي ”حالاتِ ٿر ۽ پارڪر“ جي صفحي 10-11 ۽ 12 تي
لکي ٿو:
”بلوچن جا چار هزار ڪٽنب پارڪر ۾ رهندا هئا. ظاهري نموني اُهي
مارواڙ ۽ پالڻ پور جي حدن ۾ اٺن جا وڳر چاريندا
هيا، پر موقع ملڻ تي گجرات ڏانهن ويندڙ قافلن کي
ڦريندا هيا. اِهو مال اچي ٿر جي ڀِٽُن ۽ ڏرڙن ۾
لڪائيندا ها ۽ پوءِ گُجرن، سولنڪيِن ۽ ڪڇ جا
جاڙيجن کي ڌاڙي جو نال نيڪال ڪندا هيا ۽ وقت جي
حاڪمن سان موقعو پائي جنگيون ڪندا ها. سندن برخلاف
دهليءَ تي تغلق بادشاهن کي دانهو پهتيون هُيون، پر
انهن کي ايتري فرصت ڪانه هئي جو کين سيکت ڏِين.
سلطان جي ڪوٽوال جلال الدين کي هنن ڏاڍو تنگ ڪيو،
تنهن ڪري محمود بيگڙو 1504ع ۾ پارڪر تي ڪاهي آيو؟
ٻيو سيد علي ريس 1504ع ۾ پارڪر مان لنگهيو هو، سو پنهنجي ڪتاب
”مراة الممالڪ“ ۾ لکي ٿو ته:
”اسان جي پارٽي ڏهن مهينن جي سفر بعد راجپوتانا جي شهر نگرپارڪر
پهتي، جتي راجپوتن اسان کان ڪسٽم وٺڻ کانپوءِ وڙهڻ
شروع ڪيو. اُنهن کي اسان وٽان پئسن وٺڻ جي نيت
هئي. پوءِ جڏهن اسان ڪجهه ڏنو، تڏهن اسان کي وڃڻ
جي اجازت ڏنائون.“ انهن ڳالهين مان ثابت آهي ته
پارڪر جي سوڍن ۽ کوسن جو عام ڌندو اِهوئي هو. هڪڙي
ڏينهن سلطان محمود بيگڙي جي والده ڀوڏيسر وٽ اچي
ٽِڪي. سوڍن انهيءَ کان ڪسٽم ورتو ۽ ڪي چون ٿا ته
انهيءَ وٽ پارس مَڻي هئي، جا سوڍن ڦري ورتي. بيگڙي
جي والده جڏهن احمد آباد آئي تڏهن هن سڀ ڳالهه جي
سُڌ بيگڙي کي ڏني. تڏهن هو ٽيون دفعو، سن 1505ع
برابر سنبت 1562ع برابر 880 هجري ۾ ڀوڏيسر تي ڪاهي
آيو. خونخوار لڙائي لڳي، جنهن ۾ ڪيترائي سلطان جا
ماڻهو ۽ ڪيترا سوڍا مارجي ويا، تن جون مسجد جي
پاسي ۾ ڪيتريون قبرون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. پوءِ محمود
شاهه هڪ سنگ مرمر جي عاليشان مسجد ٺهرائي، جنهن جي
ڊيگهه ۽ ويڪر ٽيهه فوٽ آهي. اڏاوت جو اهو نمونو
بهترين آهي. اندر فارسيءَ ۾ لکيل آهي:
”محمد شاهه بن مظفر شاهه بن غياث الدين سن 1505ع هيٺ ”سنبت
1562ع“ گجراتيءَ ۽ فارسيءَ ۾ لکيل آهي:
”جيڪڏهن مسجد زخمي ٿي پوي ته وقت جي حاڪم تي اهو فرض عايد ٿئي
ٿو ته اُن کي درست ڪرائي.“
اسان اها مسجد ۽ قبرون به ڏٺيون.
”سلطان محمود غزنويءَ جي وفات کانپوءِ سندس پونين جي ڪمزوري
ڏسي، راجپوت راجائن وقت بوقت سنڌ ۽ پنجاب تي ڪاهون
ڪرڻ شروع ڪيون. غزنويءَ دور ۾ دهليءَ تي تو مارن،
اجمير جي چوهاڻن، قنوج جي راٺوڙن ۽ گجرات جي
واگهيلن جي حڪومت هئي. محمود غزنويءَ کان پوءِ
گجرات جي حاڪم ڀيم، پارڪر کان ٿي، ساري سنڌ تي
قبضو ڪري ورتو هو.“
ان کانپوءِ منگهارام اوجها گجراتي پريم مالا مان ڪيترا شعر پيش
ڪيا آهن، جن ۾ آخري شعر آهي:
”سنڀاريو نج راج، اچي پاٽڻ ۾ ڀيمي،
پوءِ ڪيو هي ڪاج ”سنڌ ديش“ قبضي ڪيو.“
سنڌ جي باري ۾ ”سنڌ ديش“ لفظ ڪسابن کان ڪم ايندو آيو آهي، جيئن
پنجاب لاءِ ديس پنجاب ڪم ايندو آهي. اها ٻي ڳالهه
آهي بنگلاديش جي وجود ۾ اچڻ کانپوءِ لفظ ”ديش“ يا
”ديس“ کي ئي تخريبي لفظ ۽ علحدگيءَ جي علامت
سمجهيو وڃي ٿو.
ڪيڏي نه ضرورت آهي سنڌ جي هڪ مستند تاريخ جي! لئمبرڪ جي ٻن جلدن
کانپوءِ جيڪي ڪجهه ڇپيو آهي، اُن کي سند طور
استعمال ڪري نه ٿو سگهجي. مون کي سمير جي تاريخ
پڙهي معلوم ٿيو ته سمير جو شهر اُر
(Ur)
جنهن کي هڪ تجلي دار پهاڙ وانگر ٺاهيو ويو هو، اُن
کي 2006 ق. م ۾ تلف تاراج ڪيو ويو هو ۽ ڪيئي سال
پوءِ جڏهن اُن جي تعمير ڪئي وئي، تڏهن سُمير جا
رهاڪو اُن جي تباهيءَ کي ياد ڪندا ها ۽ ان تباهيءَ
کي قومي الميو سمجهندا ۽ جهونگاريندا هيا:
”اُر ــ اُن جا هيڻا ۽ ڏاڍا ماڻهو، سڀ ناس ٿي ويا،
مائُر ۽ پيئَر، جن پنهنجا گهرگهاٽ نه ڇڏيا،
انهن کي باهيون ڏنيون ويون.
ابهم، جي مائن جي گود ۾ پيا ها، اُهي ائين مٽايا ويا
جيئن مڇيون ٻوڏِ مِٽائي ڇڏيندي آهي.
شهر ۾ گهرداريءَ کي تياڳ ڪيو ويو،
پُٽ کي تياڳ ڪيو ويو ۽ سروسامان ٽڙيو،
پکڙيو پيو هو،
اونَئنا! اُرکي تباهه ڪيو ويو آهي ۽ اُن جي ماڻهن کي ڪڍي ڇڏيو
ويو آهي.“
مير تقي مير دليءَ جي باري ۾ شهر آشوب لکيو هو:
دلي کھ ايک شهر تها عالم مين انتخاب،
هم رهني والي هين اُسي اُجڙي ديار کي.
دهليءَ کي ٽي ڀيرا اجاڙيو ويو. تيمور جي ڪاهه وقت، نادرشاهه جي
ڪاهه وقت ۽ 1857ع بلوي وقت. سنڌ کي به ڪيئي ڀيرا
اُجاڙيو ويو آهي، پرسنڌي قوم ۽ اُن جي تهذيب کي
ريڊ انڊين، آسٽريليا جي مائوري ۽ آفريقا جي ڪن
قومن ۽ تهذيبن وانگر اڃا ڪوئي، مٽائي نه سگهيو
آهي.
قديم سنڌ جي تاريخ ڀيرومل مهر چند تي بيهجي وئي آهي. ڪيتري نه
محنت ڪئي آهي هُن شخص! پر ان ۾ اضافو ٿي سگهي اِها
ٻي ڳالهه آهي ته سياست سنڌ کي گِرَڻ وانگر ڳهي وئي
آهي ۽ اُن ۾ تحقيق ۽ تجسس جو جذبو وقتي طور سلب
ڪَري ڇڏيو اٿائين. سنڌ وري اُڀرندي ڇو ته اُن کي
ڪوئي ناس ڪري نٿو سگهي. ڇا اهڙو ديس ناس ٿي سگهي
ٿو. جنهن جو ان ۾ ويساهه هجي ته:
”جيئن گانئن جا رنگ نرالا آهن، پر سڀ گانئيون ساڳيون اڇو کير
ڏين ٿيون، تيئن مذهب توڙي نرالا آهن ته به مقصد
هڪڙو ئي اٿن.“
برصغير جي هر تاريخ موهن جي دڙي سان شروع ٿئي ٿي ۽ سنڌ کانسواءِ
اها لکي نه ٿي سگهجي. اسان جو مسلم عقيدو آهي:
رب زدني علما
(رب! منهنجي علم ۾ اضافو ڪر)
مونکي يقين آهي ته سنڌ جي باري ۾ اڃا ڪيئي محقق پيدا ٿيندا، جي
اُن جي تاريخ تي وڌيڪ روشني وجهندا. في الحال ته
ڀيرومل مهرچند جو ”قديم سنڌ“ پڙهي ڪنهن ٻروچ جي
باري ۾ جمال جو ٻُڌايل لطيفو ٿو ياد اچي:
ڪنهن ٻروچ کان پُڇيائون ته: ”پرڻيو آهين؟“
جواب ڏنائين: ”ڀڄ ڀي گئي.“
ڀوڏيسر وٽ ڪوس ٿيو هو. اُتي ستين جون ڏيوريون هيون. اها جاءِ
اسان نگرپارڪر مان ويندي ڏٺي هئي يا نگر پارڪر
ڏانهن ايندي ڏٺي هئي، ياد نه آهي بهرصورت جڏهن مان
نگرپارڪر کا ڇاڇري ڏانهن وڃي رهيو هوس تڏهن جمال
جي ڀرسان ويٺو هوس ۽ هُن سان ڪچهري ٿي ڪيم. جمال
اصل سانگي ابڙو آهي. سانگين جو ڳوٺ ميهڙ ۾ آهي. هڪ
ڀيري هو ڪراچيءَ وڃي رهيو هو. ڳوٺ کان ميهڙ تائين
بيل گاڏيءَ تي پهتو، جتان بس راڌڻ ريلوي اسٽيشن
ڏانهن وڃي رهي هئي ۽ راڌڻ وٽان هن کي ريل ۾
ڪراچيءَ وڃڻو هو. رستي تي مِٽي، جهولو ۽ گرمي هئي
۽ هُن کي بک به لڳي هئي. بس ۾ گپاگيهه به هئي ۽
راڌڻ ڏانهن رستي تي ڪافي ڊسڙ هئي. دُور دُور تائين
رستي تي ڪنهن به وڻ جي ڇانوَ ڪونه هئي. جمال ٻڌايو
ته هن پلئٽ فارم تي دوستن سان الله جي وڏي واڪ
شڪايت ڪئي. اِن تي هڪ اڻ پڙهيل ڳوٺاڻيءَ مائيءَ
چيس،
”ادا منهنجي ڳالهه ٻُڌ! اِهي جُٺيون ماڻهو ٿا ڪن يا الله ٿو
ڪري؟“
جمال مون کي چيو ته:
”هُن عورت اهو چئي مونکي لاجواب ڪري ڇڏيو.“
ڄڻ اڄ تائين سندس اهو سياسي فلسفو ٿي ويو آهي. جمال هڪ ڪهاڻيڪار
آهي. هن جو زندگيءَ جو تجربو ايترو وسيع آهي ۽ هُن
۾ انسان شناسي ايتري گهري آهي جو جيڪڏهن هُن جو هٿ
خراب نه ٿئي ها ته هو ٽالسٽاءِ جيتريون ڪهاڻيون
لکي وڃي ها.
هُن جو والد مرحوم علي خان ابڙو ايڊيو ڪيشنل انسپيڪٽر
(E.I)
هيو. ان وقت سنڌ بامبي پريزيڊنسيءَ ۾ هئي. هو
مئٽرڪ ۽ بي. اي ۾ سڄي پريزيڊنسيءَ ۾ پهريون نبمر
آيو هو. شروع کان هو مذهبي ماڻهو هو. هن جي پيءُ
جو جمال جي مذهبيت تي گهرو اثر آهي. هونءَ مون سان
اڪثر اهڙا ترقي پسند دوست مليا آهن، جن سان فيڊرڪ
نٽشي جي هيٺين چوڻي ٺهڪي اچي ٿي:
”مان جڏهن ڪنهن مذهبي ماڻهوءَ سان هٿ ملائيندو آهيان، تڏهن هٿ
ڌوئي ڇڏيندو آهيان.“
هو ڪارل مارڪس وانگر ان ڳالهه ۾ اعتبار ڪندا آهن:
”مذهب مظلوم جو ٿڌو ساهه آهي.... عوام لاءِ آفيم آهي.“ ۽ مان
پاسڪل
(Paskal)
وانگر چوندو آهيان: ”ماڻهو مذهب کي ڌڪارن ٿا، اُن
کان نفرت ڪن ٿا ۽ پوءِ ڏرن ٿا ته اُهو سچو نڪري نه
پوي!“
جمال پنهنجي مرحوم پيءُ لاءِ وڌيڪ ٻڌايو ته جڏهن هُن ايم. اي
ڪئي تڏهن هُن کان پڇيائون ته، ”ڇا ٿيندين؟“ جواب
ڏنائين ته ”ماستر ٿيندس.“ تنهن وقت ۾ درس تدريس کي
عبادت سمجهيو ويندو هو. مان خود پنهنجي هر استاد
سان پيرين پئي ملندو هوس. جمال ٻڌايو ته رحلت کان
اڳ جڏهن هن جي پيءُ کي چيائون ته ”ڪلمو پڙهه“ جواب
ڏنائين، ”ڪلمي لاءِ ته سڄي حياتي هُئي. هي ته
بيڪاريءَ جو وقت آهي ۽ ان ۾ ڪلمي تي عمل نه ٿو ٿي
سگهي.“ اهو ٻڌي هن جي وڏي ڀيڻ کيس چيو ته، ”ادا!
پوءِ به ڪلمي پڙهڻ ۾ ڪوئي عيب ته ڪونهي.“ چائينس
ته، ”چڱو آنءُ پڙهان ٿو، رَبنا، اِننا، آمنا،
فغفرلنا زُنوبنا وَقنا عذابِ النار. (اي منهنجا
رب! تحقيق توتي ايمان آندم. منهنجا گناهه بخش ۽
باهه جي عذاب کان بچاءِ)“ ۽ پوءِ کلي چيائين ”هاڻي
ته بس!“ بعد ۾ سڀني پٽن کي سڏي چيائين، ”ماءُ جي
عزت ڪجو، گهر مٺ محبت سان هلائجو ۽ جيڪڏهن اوهان ۾
ڪوئي اختلاف ٿئي ته ڪنهن وچ واري دوست کي
ٻُڌائجو.“ جڏهن هن جا پُٽ سندس ڪمري کان ٻاهر نڪتا
ته اکيون کڻي بند ڪَيائين. مون جمال کي انهيءَ
مشوري تي توڙ تائين ڪاربند ڏٺو آهي. جمال جي گهري
مذهبيت ۽ صوم وصلوات جي پابنديءَ جي باوجود مون هن
۾ ڪوئي تعصب نه ڏٺو آهي ۽ نه ٻي ڪنهن مذهب يا فرقي
لاءِ نفرت ڏٺي آهي. هو اَگهه شيرازيءَ جي هيٺئين
شعر جو مجسم مثال آهي:
رَوند گانِ رهِ عشق را طريقه مجوي
که آسين بفشانند کفرو ايمان را
ترجمو: عشق جي راهه تي وڃڻ وارن جو طريقو نه ڳول،
هو ته پنهنجي پاند مان ڪفر ۽ ايمان کي ڇنڊي ڇڏيندا آهن.
مرحوم علي خان ابڙو به اُن دور جي ادب جو دلداده هيو، شيڪسپيئر
۽ پوپ هن جا پسنديده اديب ها. جمال وڌيڪ ٻڌايو ته
سندس والده پنهنجي مڙس جي وفات کان پوءِ به ڏهاڪو
سال جيئري هئي ۽ ان وقت لاڙڪاڻي ۾ رهندي هئي. هندو
عورتن جو هن وٽ ميڙو هوندو هو ۽ اهي چونديون
هيون ته ”جمال ماءُ آهي ته مسلمان پر هُن جي آتما
هندو آهي.“ خود جمال جي پيءُ جا هندن سان ڀائپيءَ
وارا تعلقات هوندا ها. جمال ننڍپڻ کي ساريندي
ٻڌايو ته هو گهڻو ڪري پنهنجي پيءُ سان گڏ هوندو هو
۽ جڏهن پنجن سالن جو هو ته هن سان اُٺ تي ٻيلهه
ويندو هو ۽ ماڻهو چوندا ها ”اوهان کي اصحابي ڏسڻو
هجي ته علي خان کي ڏسو!“
مون جمال کي وڌيڪ کوٽي، هن جي ذاتي زندگيءَ جي باري ۾ پڇيو. اڄ
تائين مون لاءِ عاشقي زندگيءَ جو اهم ترين حصو
آهي. ماڻهو چوندا آهن ته مجاز حقيقت جي پُل آهي ۽
مان چوندو آهيان ته حقيقت مجاز جي پُل آهي. خدا
جَڏهن انسان جي جامي ۾ اچي ٿو ته ڪائنات جي هر
اسرار کان وڌيڪ پراسرار ۽ پيارو محسوس ٿئي ٿو.
پيار ۾ انسان کي فرشتي وانگر پَرَ نڪرن ٿا ۽
ڪَروبي اُن گفتگوءَ لاءِ ڪَنائِن ٿا، جا پيار ۾ ٻه
ماڻهو هڪٻئي سان ڪَن ٿا.
مون ڄامشوري ۾ ڏٺو هو ته چنڊ ڪيئن گل مهر جي وڻ هيٺان مونکي
ڪنهن سان بيٺل ڏسي، گهٽائن ۾ ڇُپي ويندو هو، جيئن
اسان جي خلوت ۾ مُخل نه ٿئي! ڪئين مان رات جي
راڻيءَ جي خوشبوءَ کي هن لاءِ پيغام ڏيندو هوس!
خوشبو جهڙو پيامي ڪوئي نه آهي. ڀنڀرڪي جو اُها
رابيل جي گل مان نڪري پنڌ پوندي هئي. پيار ۾ انسان
ڪائنات کان به وڏو آهي، ڪائنات ته اُن جي هڪ ڪُنڊ
به نه ٿي والاري سگهي. جمال آهي ته ڪم گو، هن جي
پنهنجي زال سان ڏاڍي دل هُئي، جنهن کي هو دنيا جي
خوبصورت ترين عورت سمجهندو هو. پر هن شادي کان اڳ
عشق ڪيو هو، جنهن کي انگريزي ۾
Platonic Love
چوندا آهن. هُن جو نالو نه ٻڌايائين، باقي ايترو
چيائين ته اُها ڇوڪري هن جي پاڙي کان پري رهندي
هئي پر ٻئي ساڳي گورنمينٽ اسڪول ۾ گڏ پڙهندا هيا.
هڪ ڀيري ٻنهي جون اکيون مليون ته جمال جي ڪائنات
بدلجي وئي. جمال جي اندر ۾ افسانه نويس جاڳي پيو ۽
هُن وڌيڪ چيو ته:
”ان وقت ڄڻ وڻ، گل، ستارا، سارا عناصر ڳالهائي رهيا ها. منهنجي
عمر تنهن وقت چوڏنهن، پندرنهن سال هئي. اها محبت
ٻارنهن سال هلي. مئٽرڪ کانپوءِ هن پردو ڪرڻ ڇڏي
ڏنو هو. هوءَ هاڻي چوهٺ سالن جي آهي ۽ شادي نه ڪئي
اٿائين. مون ”پشو پاشا“ جو انتساب هُن سان ڪيو
آهي.“
اهي اکر لکڻ وقت مان جمال جو پشو پاشا جو ٻيو ڇاپو ڪڍي ڏسان ٿو،
جنهن تي ابراهيم جوئي جو مهاڳ لکيل آهي. اهو
انتساب ڄڻ هڪ چوڏهين پندرهين ورهئين جي ڇوڪري جو
لکيل آهي ۽ جمال جي زندگي افسانو آهي، جنهن جو ڄڻ
سرورق ڦاٽي پيو آهي ۽ پويون ورق اڃا لکيو نه ويو
آهي. اها ڳالهه ٻُڌي، مونکي ياد آيو ته جڏهن
رائيٽرس گلڊ جي پهرين اجلاس تي
D.C 10
جهاز ۾ ڍاڪا وڃي رهيا هياسين، تڏهن اردوءَ جو
افسانا نويس علي عباس، جو اُردوءَ جي مشهور ڪتاب
”آنندي“ جو مصنف آهي، اسان سان هوائي جهاز ۾ گڏ
هو. تن ڏينهن ۾ وِسڪيءَ تي بندش نه هئي ۽ گهڻا گلڊ
جا مندوب (ڊيلي گيٽ) ٻي ٽين بجي رات تائين وِسڪي
پي رهيا هياسين. اوچتو اعجاز بٽالويءَ رڙ ڪئي
”حادثو! حادثو!“ منهنجو ڇرڪ نڪري ويو. علي عباس
مدهوشيءَ جي عالم ۾ هو ۽ پنڊيءَ جي ڪنهن ڳائڻيءَ
هيراٻائيءَ جي ڳالهه ڪري رهيو هو، جنهن سان هن جو
ڪافي وقت لاءِ پيار هو. (ڪجهه وقت اڳ مون کي هيرا
ٻائيءَ جو ڪئسيٽ ڪراچيءَ ۾ مليو. اُن جي ٻاهران هن
جو پيريءَ جو فوٽو هو جو جاذب نه هيو.) پر جمال جي
پيار تي ڪيڏو نه پاڪيزگيءَ جو غلاف پيل هو!
جمال کي 1967ع ۾ هارٽ اٽئڪ ٿي هئي ۽ هن جي زال حيدرآباد واري
سول اسپتال ۾ پنجاهه ڏينهن هن جي ڀرسان پَٽَ تي
سُتي هئي. جمال هُن جي باري ۾ ڳالهيون ڪندي، ڍاپي
نه ٿي ڍاپيو. ”اوهان وڃو عهدي ۾ وڏا ٿيندا، اسان
وڃون گهٽبا. جڏهن سب جج هُيئهُ ته ننڍي تعلقي ۾
ڊاڪٽر کي گهرائبو هو ته هليو ايندو هو. ڪپڙي لٽي
لاءِ بجاجي گهر ايندا ها. هاڻي وڏا آفيسر ٿيا آهيو
ته ڇليون کڻي مارڪيٽ ۾ خريداريءَ لاءِ مان ٿي
وڃان. توهان وڃو ٿا وڏا ٿيندا، اسان وڃون ٿا ننڍا
ٿيندا“ هوءِ جمال کي چوندي هئي. هر انسان پنهنجو
داستان گو پاڻ آهي هو ٻئي انسان جو داستان
ايستائين صحيح ٻُڌائي سگهي ٿو، جيستائين اهو هن جي
داستان جو حصو آهي. هونءَ ته خود نوشت ئي صحيح
سرگذشت آهي، پر ان ۾ پنهنجي عيب فراموشيءَ ۽
پنهنجي ذات جي باري ۾ خوش فهميءَ جو خطرو آهي ۽
پنهنجي زندگيءَ جو معروضي تجربو ناممڪن ته نه آهي،
پر ايترو ممڪن به نه آهي. جمال جي هڪ نياڻي ايتري
حساس هئي جو هن کي
Psychic
چئي سگهجي ٿو. مان جڏهن وائيس چانسلر هوس تڏهن
جمال کي سنڊيڪيٽ تي منهنجي گذارش تي کنيو ويو هو،
ڇوته ٽي ميمبر وائيس چانسلر جي چوڻ تي کنيا ويندا
هئا ۽ مون جمال، سراج ۽ نثار ميمڻ سنڊيڪيٽ لاءِ
چونڊيا هئا ۽ هو ٽي سال سنڊيڪيٽ جي هر ميٽنگ ۾
ايندا رهندا هئا. انهن ڏينهن ۾ جمال ليبر ڪورٽ جو
جج هو ۽ مان جڏهن ڪراچيءَ ايندو هوس ته هن جي فليٽ
تي ويندو هوس. سندس نياڻي مون کي اوجها بورڊ
(Oijha Board)
تي منهنجي باري ۾ ڪجهه ڳالهيون ٻڌايون هيون جي هن
يا ٻئي ڪنهن جي لاءِ ڄاڻڻ ناممڪن هيون. ائين ٿي
لڳو عالمِ ارواح مان هُن سان ڪنهن ڳالهايو ٿي.
ڪجهه مهينا پوءِ جمال مون کي ٻڌايو ته هن پنهنجي
نياڻيءَ کي اوجها بورڊ تي عالمِ ارواح سان رابطي
کان منع ڪئي هئي. جمال چواڻي اهڙي رابطي جا ڪنهن
وقت خطرناڪ نتيجا پئي ٿي سگهيا.
جمال جي زال جو نالو نور النساءِ هو. هن کي ٻن چئن سالن کان
انجائنا جي تڪليف هئي. 24 مارچ 1991ع جو، جيئن
هوءَ ماني کائي ليٽي پئي، تيئن اوچتو دل ۾ سور پيس
، جمال کيس آئسوڊرل فائيو
(Isodril five) ڄڀ هيٺان رکائي. ان تي اثر نه ٿيو ۽ ڪارڊيو وئسڪيولر انسٽيٽيوٽ
تائين ئي نه پڄي سگهي ته رستي تي گذاري وئي. هن کي
پٽ ايمبولينس تي کڻائي ويا ۽ جمال هُن جو
انسٽيٽيوٽ جي در تي انتظار ٿي ڪيو. اهو انتظار
ابدي ٿي ويو. جمال جڏهن هن جون ڳالهيون ٿي ڪيون ته
مون کي ڪنهن نامعلوم شاعر جو فارسي شعر ياد ٿي
آيو:
دامانِ نطر تنگ و گُل حسنِ تو بسيار
گلچين نظر از دامانِ گله دارد
ترجمو: نظر جو پاند سوڙهو آهي ۽ تنهنجيءَ سونهن جا گُل سوين
آهن،
(منهنجي) نظر تنهنجي سونهن جا گل پٽي ٿي ته ان کي پابند جي
سوڙهي هجڻ تي چِڙَ ٿي اچي.
بقول جمال، هن جي زندگي پاڪدامن رهي آهي. شاديءَ کان اڳ، هن جي
تربيت لاءِ هن جي وڏي ڀاءُ شمس ۽ عبد الوحيد ڪٽپر
(شهيد ڀٽي جي دؤر ۾ صوبائي وزير، جو ڪجهه مهينا
ڪراچيءَ ۾ روپ ولاس هاسٽل ۾ مون سان گڏ رهندو هو،
جڏهن ايل-ايل-بي پڙهندا هئاسين) ڪائي ڇوڪري هن سان
ڪمري ۾ بند ڪري، ٻاهران ڪڙو ڏيئي ڇڏيو. ڇوڪريءَ
رئو لاهي کٽ تي رکيو ۽ پيار لاءِ تيار ٿي وئي.
جمال اهو رئو کڻي مٿي تي رکيس ته هن ڪڙو کڙڪايو ۽
جڏهن دروازو کليو تڏهن ٻاهر هلي وئي ۽ چيائين: ”هي
ته رئو ٿو مٿي تي رکي.“ مون کي اهو ٻڌي جمال تي
افسوس ٿيو. گهٽ ۾ گهٽ اهلِ نطر جي آبرو ته رکي ها!
جمال جو وڌيڪ احوال تڏهن لکندس، جڏهن شاگرديءَ واري زماني ۾
اسان جي ڪراچيءَ ۾ ملاقات ٿي هئي ۽ ساڳين هاسٽلن ۾
رهيا هئاسين.
في الحال مون وٽ اهو جمال واپس ٿو اچي جنهن سان نگر پارڪر کان
ڇاڇري موٽي رهيا هئاسين. هو اڳي وانگر اڄ تائين
حيدرآباد جي ڊي. جي. نيشنل ڪاليج جون ڳالهيون ڪري
رهيو آهي، جتي هن انٽرميڊئٽ تائين تعليم ورتي هئي
۽ ڀارواڻي هن جو پروفيسر ۽ پرنسپال هو. ڀارواڻي هڪ
ڀيري ليڪچر ڪندي ”ڪلچر“ لفظ آندو، جنهن تي جمال
پڇيس ته ڪلچر ڇا آهي؟ ته هن ٿورو سوچي جواب ڏنو:
“When you have Iearnt all and forgotten it,the
residue that remains, is culture.”
ترجمو: (جڏهن اوهان سڀ سکيو آهي ۽ پوءِ اُن کي وساري ڇڏيو آهي،
تڏهن باقي جيڪو بچيو آهي سو ڪلچر آهي.)
جمال جڏهن اها ڳالهه مقتدره قومي زبان جي سربراهه جميل جالبيءَ
کي ٻڌائي ته هن کيس چيو ”مهرباني ڪري اِها ته لکي
ڏيو.“
”ڀارواڻي مانجهند جي سيٺين مان هو. جمال ڳالهه جو سلسلو جاري
رکندي چيو: ”ڏينهن جو فل سوٽ پائيندو هو ۽ شام جو
گيڙو رتي الفي پائي، يڪتارو هٿ ۾ کڻي، ڦليليِءَ جي
ڪناري تي ويندو هو. ان وقت مها سڀائي ۽ جن سنگي
تحريڪ شروع ٿي هئي. مسلمان هيرآباد ۾ شام جو گهمڻ
لاءِ نه نڪرندا هئا، باقي عاملياڻيون اسڪرٽ پائي
گهمڻ نڪرنديون هيون.“
اوچتو منهنجو خيال مرحوم مير رسول بخش ڏانهن ويو. ايوب خان جي
آرڊر هيٺ مان ڀٽي صاحب سان گڏ ساهيوال جيل ۾ رکيو
ويو هوس ۽ مير رسول بخش کي گجرات جيل ۾ رکيو
هيائون. جڏهن سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اسان ٻنهي جي رٽ
پٽيشن جي شنوائي ويجهي آئي هئي، تڏهن اسان ٻنهي کي
ڪراچي سينٽرل جيل ۾ منتقل ڪيو هيائون. اتي هنن
اسان کي ساڳيو وارڊ ڏنو هو، جنهن ۾ اسان ٻه ڄڻا ۽
اسان جو برداشتي رکيو ويو هو، جو سي. آءِ. ڊي جو
ايجنٽ هو. ٻن ٽن ڏينهن کان پوءِ هڪ سنڌي ڊاڪٽراسان
وٽ آيو، جو مير صاحب جو دوست ۽ منهنجو واقف هو. هو
مثالي سنڌي مڙس ماڻهو هو. مان ڀانيان ته سنڌي
پهاڪو ”ڦوڪ ته لڳي عنبرين“. هن جي سڀاءُ جو حصو ٿي
چڪو هو. هو پنهنجي دوائن جي باڪس ۾ اسان لاءِ هِڪو
ٻئي ڏينهن اسڪاچ وسڪيءَ جي بوتل کڻي ايندو هو، جا
مان ۽ مير صاحب هَئو مَئو ٽاري پيئندا هئاسين. مير
صاحب جڏهن مدهوشيءَ ۾ ايندو هو، تڏهن چوندو هو،
”گنگا! او گنگا! ڪيڏانهن هلي وئي آهين؟“
گنگا حيدرآباد جي عاملياڻي هئي جا مير صاحب جي جوانيءَ جي
منظورِ نظر هئي. ”مير صاحب“ مان چوندو هوس”گنگا
وڃي واراڻسيءَ نڪتي، جتان جي هئي.“ ”اهو واراڻسي
ڇا آهي؟“ مير صاحب پڇندو هو. ”وراڻسي اهو شهر آهي،
جنهن تي غالب فارسيءَ ۾ مثنوي لکي هئي. رڳو ان ۾
واراڻسي نه، بنارس لفظ ڪم آندو هئائين.“” غالب!
ڪهڙو غالب! جالب جي ڳالهه ڪر“ مير صاحب چوندو هو ۽
پوءِ حبيب جالب جو اُنهيءَ دؤر ۾ لکيل غزل
جهونگاريندو هو:
جنگ کو تيز کر ذوالفقار علي،
رات هي مختصر، اب ڍلِي، اَب ڍلي.
عاملياڻين جي ڳالهه نڪتي ته مون کي مير صاحب جي مٿين ڳالهه ياد
آئي. هن جو وڌيڪ احوال مناسب جاءِ تي لکندس.
مون پاڪستان کان پوءِ عاملياڻيون ڪافي تعداد ۾ هن ڀيري پوني ۾
ڏٺيون هيون. ريٽا شهاڻي مون کي جڏهن داد واسواڻيءَ
جي گادي نشين، جشن واسواڻيءَ جي رٿ ياترا ڏيکاري
هئي. دادا جشن کي مون وَرت هو. هو ڏاڪڻ مان لهي
رهيو هو. جڏهن هن کي ٻُڌايو ويو ته مان فلاڻو
آهيان تڏهن هن جواب ته نه ڏنو، پر هُن ۾ نمرتا
ايتري هئي جو هُن ٻه ڀيرا جُهڪي منهنجا پير ڇهيا.
مون کي محسوس ٿيو ته سنڌي مسلمان ڇوڪريون
عاملياڻين کان وڌيڪ سُهڻيون آهن! گهٽ ۾ گهٽ جيڪي
منهنجي زندگيءَ ۾ آيون آهن، اُنهن جي مَٽ ته هڪ به
نه هئي. (ممڪن آهي ته اهو منهنجي نظر جو فريب
هجي.) سال 1968ع ۾ مون حميد سنڌيءَ کي هڪ خط لکيو
هو، جو هن ”لامون تنهن وَڻ سنديون“ جي سَري هيٺ
پنهنجي رسالي ”رُوح رهاڻ“ ۾ شايع ڪيو هو، جنهن ۾
اسان جي نگر پارڪر مان ڇاڇري ڏانهن سفر جي باري ۾
هيٺينءَ ريت لکيل آهي:
”اسان جنهن وقت ٿر جي سفر تان موٽي رهيا هياسين، تنهن وقت اسان
کي ٻه سواريون هُيون ۽ ڇاڇري وَٽ ٻنهي جا ڦيٿا
پنڪچر ٿي پيا ها. ڊرائيور پنڪچر ڳنڍي رهيا ها ته
سج لهي ويو هو. واريءَ تي ڪنڊيءَ ۽ نم جا وڻ سنجها
جي پرڇائينءَ ۾ ڌرتيءَ ديول جا پروهت ٿي لڳا. ان
وقت مون واريءَ تي ٻه اَڪ مڪڙ ڏٺا ها، جي شفق جهڙا
رنگين هئا ۽ هڪٻئي جي ڪڍ ٽپا ڏئي رهيا هئا، ڄڻ
جيئري هائڪوءَ وانگر ٿي لڳا. انهن کان پرڀرو هڪ
ڀونگيءَ جي ٻاهران ڪائي جو ڀوَنت مينگهواڙ دانگيءَ
تي ٻاجهريءَ جو ڍوڍو پچائي رهي هئي ۽ هن جا ٻارڙا
هُن جي ڀرسان ڪُڏڪي رهيا هُيا. مينگهواڙ کي پولڪو
۽ ڳاڙهو پَڙو پيو هو ۽ مانيءَ اٿلائڻ وقت هن جي
بانهينءَ کڙ کڙ ٿي ڪئي. بکايل ٻارن لاءِ مامتا جي
ايتري انڀوءَ ۽ اڌ پڪيءَ مانيءَ جي اُڪنڍيءَ
اُٿل، هن جي چهري تي هڪ عجيب ڪيفيت پيدا ڪئي هئي.
مون ٿر ۾ اِها ڪيفيت اُتي ڏٺي هئي جتي آڳر ۾ ڪجهه
اَن ڪڻا هيا. ڇا سومرا سر جون ٿريچاڻيون، ڇا
بجيراڻيون ـــ سڀني جي سورج ونسي سونهن، گهڻو ڪري
گهوماٽيل نظر آئي هئي، ڇو ته چوڌاري اَن جي اڻاٺ
هئي. (اَن جي اڻاٺ جي باري ۾ ڪنهن ٿريءَ هڪ درد
انگيز جملو چيو هو، جو مون کان وسري نه ٿو وسري
”سائين ڪڻڪ ته ميوو آهي، اسان کي ته اَن به نه ٿو
ملي! اَن مان هن جي مراد ڀُرٽ مُرٽ وغيره گاهن جا
داڻا ها.)“
اسان ڇاڇري، مان رات جو نائين بجي عمرڪوٽ ڏانهن روانا ٿيا
هياسين. بڊي جي چوڏهين رات هئي ۽ چانڊوڪيءَ جي
ڀاڪُر ۾ واريءَ سومل جي ڏک ٿي ڏني. انهيءَ
مينگهواڙِ جي سٻاجهڙي صورت وَري وَري منهنجي اکين
اڳيان ٿي آئي ۽ مون سوچيو ته سِگهي عورت ماني
پچائيندي ڪهڙي نه پياري ٿي لڳي!
گوگاسَر نالي وَستيءَ ۾ هڪ هوٽل هو، جتي اسان سواريون روڪيون،
جيستائين ڊرائيور انجڻين ۾ پاڻي وجهن، تيستائين
اسان هوٽل ٻاهران ويهي رهياسين جتي مٽيءَ جي چلهه
تي چاءِ ٽچڪي رهي هئي. اوچتو ڇپري مان ڪنهنجي
ڪِنجهڻ ڪُرڪڻ جو آواز آيو ۽ مون منهن ڦيري ڏٺو ته
ڪوئي سَوَڙ جي اندر تڏي تي لڇي رهيو هو. مون هن جي
باري ۾ پُڇا ڪئي ته هوٽل واري جواب ڏنو ”سائين!
هُن کي وارو آهي.“
”وارو ڇا آهي؟“ مون پڇيو.
”هتان جي پَلر جي پاڻيءَ ۾ ڪائي بيماري آهي، جنهن جي پيئڻ سان
ماڻهوءَ جي جسم ۾ ڪيئان پئجي ٿا وڃن. سائين، وارو
ڏاڍو بڇڙو آهي. ماڻهوءَ کي جَهپَ به نه لڳندي آهي
۽ سڄي سڄي رات ڊوڙندو آهي.“
”هي ڪنهن اسپتال ۾ علاج لاءِ ڇو نه ٿو وڃي؟“ ”ڇهن ڏينهن کان
اِتي چُڙي چيڪي رهيو آهي، نه هُن وٽ پئسو آهي ۽ نه
اسپتالن ۾ دوائون ئي علاج لاءِ آهن. هتي ته نانگ
کاڌي جو به علاج ڪونه آهي. روز هڪ نه ٻيو چڪ وگهي
مري رهيو آهي.“ مون چپ ڀيڪوڙي آسمان ڏانهن ڏٺو ۽
مونکي ائين لڳو ته ڪرڻن مان ٻُر ٻُر ڪيئان ڪِري
رَها ها!
اِهوئي سبب آهي جو ڪنهن وقت انسان جو خدا جي هستيءَ مان اعتبار
نڪري ٿو وڃي. جي خدا چڱائي آهي (۽ چڱائيءَ کان
سَوا ڪجهه ٿي نٿو سگهي) ته بُرائي ڪٿان آئي؟ ڇا
اسين پارسين وانگر اهرمن ۽ اهرمزد جي دوئي مڃون؟
ڇا زردشت صحيح هو يا وحدت الوجود جي فلسفي لاءِ
ڪوئي جواز آهي ۽ ابنِ عربي صحيح آهي، جنهنجي ڪتاب
”فصوص الحڪم“ جي پهرين باب ئي مونکي ڀانواٽي ڏئي
ڇڏي آهي. فرانس جي مشهور اديب والٽيئر کي جڏهن
معلوم ٿيو ته هسپانيه ۾ زلزلو آيو آهي ۽ ٻه سو
ابهم جي ديول ۾ دعا گهري رهيا ها، اُنهن تي ديول
جو گنبذ ڪري پيو آهي ۽ هُو ٻوساٽجي مري ويا آهن،
تڏهن هن جو خدا جي وجود مان اعتبار ئي نڪري ويو
هو. هُو سوچي به نه پيو سگهي ته خدا جو سارو رحم
آهي، اُهو ايترو قهار ڪيئن ٿي سگهي ٿو؟ اهو بظاهر
تضاد ئي دهريت جو هڪ مکيه ڪارڻ آهي. جڏهن والٽيئر
بيماريءَ جي بستري تي دم ڏئي رهيو هو، تڏهن هُن وٽ
پادري انجيل بخشائڻ آيو هو. والٽيئر هن کان سوال
ڪيو ته: ”توکي ڪنهن موڪليو آهي؟“
پادريءَ جواب ڏنو: ”مونکي خود خدا موڪليو آهي.“ ان تي والٽيئر
هن کان پڇيو، ”ڇا توکي خدا اهڙو پروانو لکي ڏنو
آهي.“ جڏهن پادريءَ ننهن ڪئي، تڏهن والٽيئر هن کي
چيو ”مهرباني ڪري منهنجي جند ڇڏ ۽ مونکي آرام سان
مرڻ ڏي.“ ٿوريءَ دير کانپوءِ والٽيئر مري ويو هو.
هُو آخري دم تائين دهريو رهيو.
دراصل ڪيئي انسان هن ڪائنات جي تاڃي پيٽي ۾ نيڪي بديءَ کي
سرچائي نه ٿا سگهن ۽ سمجهي نٿا سگهن ته ٻنهي جي
ساڳي آڏاڻي تي اُڻت ڪيئن ٿي آهي! ڀٽائيءَ جهڙي
نموني اهو مسئلو حل ڪيو آهي، اهڙيءَ ڳتيل ٻوليءَ ۾
دنيا جي ڪنهن به فلسفيءَ يا شاعر حل نه ڪيو آهي.
هو چوي ٿو:
پريان سندر پار جي مڙيو ئي مٺائي،
ڪانهي ڪڙائي، چکين جي چيت ڪري.
يعني، ”پريان جي پار“ کان جيڪي اچي ٿو، اُهو ”مڙيوئي مِٺائي“
آهي، بشرطيڪ تون اهو ”چيت ڪري چکي سگهين؟“ ان
ڳالهه کي رڳو مبهم الفاظ ۾ فلاسفر اوس پينسڪي
(Ouspensky)
۽ هن جو گرو گرجيف
(Gurdjieff)
سمجهائي سگهيا آهن ۽ جڏهن رجنيش گرجيف جو ذڪر ڪيو آهي ته هن
کان وڌيڪ ابهام ۾ ويڙهجي ويو آهي.
مان جمال جي باري ۾ اهو ته چڱيءَ طرح ڏسي چڪو آهيان ته هن ۾
دورنگي، دغا ۽ منافقي بنهه ڪانه آهي، جيئن مون
پنهنجن اڪثر دوستن ۾ ڏٺي آهي. هو ڪم گو ضرور آهي
پر صاف گو به آهي ۽ للي چپيءَ، اگر مگر مان هرگز
نه ڄاڻي. هيٺيون حجاب يزديءَ جو پارسيءَ ۾ شعر مون
سان ٺهڪي اچي ٿو:
ز دوستانِ دو رنگم هميشه دل تنگ است
فدائي همتِ آن دشمني که يک رنگ است
ترجمو: (منهنجي دل تنگ ٿي پئي آهي اُنهن دوستن مان جي دورنگا
آهن،
مان ته انهيءَ دشمن جي همت تي فدا آهيان، جنهن ۾ يڪ رنگي آهي.)
جمال ته نه رڳو يڪ رنگي آهي پر دوست به چڱو آهي. مون ساريءَ
زندگيءَ ۾ هُن کي سانڊي وانگر کل بدلائيندي نه ڏٺو
آهي، جڏهن ته اِها ڳالهه اڄ عام آهي. هي سٽون
لکندي مونکي مرحوم اسدالله شاهه حسيني بي خود جي
ڳالهه ٿي ياد اچي. هو مخدوم طالب الموليٰ جي ڪافي
قريب هو ۽ مون وٽ يونيورسٽيءَ ۾ فارسي شعبي جو
ائسوسئيٽ پروفيسر هيو. هو سنڌي ادبي بورڊ جو
سيڪريٽري به ٿي رهيو هو. هڪ ڀيري اسان وي. سي
هائوس ۾ ڪچهري ڪري رهيا هياسي. اُتي مرحوم
حيدرشاهه به موجود هو، جو نه رڳو اسدالله شاهه
وانگر مخدوم صاحب کي پيارو هو، پر هڪ اهلِ دل به
هو ۽ لا ڪاليج ۾ منهنجو ڪلاس فيلو به ٿي رهيو هو،
تنهن وقت ميرپورخاص ۾ سيشن جج هو. اسدالله مون کان
ڪنهن دوست جي باري ۾ پڇيو:”اوهان جو هن جي باري ۾
ڇا رايو آهي.“
”ڪرست وانگر سڄي عمر پنهنجي صليب ڪلهن تي گهلي اَٿائين.“ مون
جواب ڏنو.
اسدالله شاهه نهايت صاف گو انسان هو. مون کي يڪدم چيائين،
”اوهان ڪنهن کي ڪرست ٿا ڪوٺيو؟
ڪيڏا نه سادا آهيو اوهان...!!“
......... ڪيترو عرصو پوءِ مون جڏهن ان ڪرست جو اصلي روپ ڏٺو ته
پنهنجو مردم شناسيءَ مان اصل ويساهه ئي نڪري ويو.
هلو واپس ٿر جي سفر تي هلون. ڇاڇري ۾ اسان کي هڪ هندو سيٺ ڀُرٽن
جي ماني کارائي، رات گذارڻ جي صلاح ڪئي، پر اسان
اُتي نه ترسياسين ۽ سڌو عمرڪوٽ آياسين. عمرڪوٽ مان
ڪيئي سال اڳ به آيو هوس. غالبا اهو 1946ع جو زمانو
هو. مان ۽ ابراهيم ايم. اين. راءِ جي ريڊيڪل
ڊيموڪرئٽڪ پارٽيءَ جا ميمبر هوندا هياسين. اسان گڏ
ڪامريڊ وياس، هن جي زال سُشيلا، پير عبدالغفور،
ڪامريڊ احمد، آگي قدم پريس وارو ۽ ٻيا پارٽي ميمبر
هوندا هئا. ٻين جو ذڪر وقت مليو ته مان پوءِ ڪندس،
هن وقت ڪامريڊ عبدالغفور جو ذڪر خاص طور ٿو ڪيان،
جو عمرڪوٽ جو پيشھ وَر حڪيم هو ۽ هن جو مطلب به
عمرڪوٽ ۾ هو. ان ڏينهن ۾ مان ايل. ايل. بي جي
امتحان لاءِ به ڪافي محنت ڪندو هوس ۽ علم وادب،
سياست تي به ڪافي ڌيان ڏيندو هوس. هڪ ڀيري مون
ڪامريڊ کي ٻڌايو ته منهنجو دماغ ايترو پورهيو ڪري
ٿڪجي ٿو پوي. ڪامريڊ مون کي ڪشتھ گاوَ زبانِ
عنبري، ڪشتھ مشڪ، ڪُشتھ طلا، ڪُشتھ بيضه مرغ ۽
ڪجهه ٻيا يوناني ڪُشتا پوري مقدار ۾ شامل ڪري ڏنا
۽ ٽي خوراڪون ڏينهن ۾ کائڻ لاءِ چيو. هن مونکي
نيراني مرغيءَ جا ٻه ڪچا انڊا به پي وڃڻ لاءِ
تاڪيد ڪيو. نتيجو اهو ٿيو ته اَوڌ واري نواب واجد
علي شاهه وانگر مونکي پوري حرم سرا جي ضرورت محسوس
ٿي ۽ نيپئر روڊ جا رستا گسي ويا. مان جو ورلين يا
رامبو ته نه ٿي سگهندو هوس، اُن تي ڪافي وقت لاءِ
بودليئر جي ڪيفيت ڇائنجي وئي. گهڻو وقت پوءِ جڏهن
مون ساهيوال جيل ۾ بودليئر جا نظم
“Flowers of Evil”
۾ ”پئرس جون راتيون“ پڙهيو هو، تڏهن مونکي ائين محسوس ٿيو هو
ته اهو ڪتاب مون لکيو آهي ۽ مون کي ڪراچيءَ جون
راتيون ياد آيون.
مان ڀيانيان ٿو ته سال 46ع ۾ سنڌ ۾ صوبائي اليڪشن هُئي ۽ ڪامريڊ
عبدالغفور عمرڪوٽ مان وساڻ جي خلاف بيٺو هو. اسان
ته تن ڏينهن ۾ دنيا ڦيرائڻ جا خواب لهي رهيا
هياسين. جيتوڻيڪ ايم. اين. راءِ اسٽالن کان مايوس
ٿي چُڪو هو، تڏهن به هن وانگر اسان جاگيرداري،
زمينداريءَ ۽ سرمايه داريءَ جا سخت دشمن هياسين.
ان ڪري مان، ابراهيم جويو، ڪامريڊ وياس ۽ سشيلا
وياس عمرڪوٽ وياسين. مان ٽرين ۾ ٿرڊ ڪلاس جي مٿين
سيٽ تي بتي ٻاري دير تائين قانون جا ڪتاب پڙهندو
رهيس، جيستائين عمرڪوٽ جي اسٽيشن آئي. اتان بس تي
چڙهياسين ۽ اچي ڪامريڊ عبدالغفور جي اوطاق ۾
رهياسين. ڏينهن جو اسان هارين ۾ تقريرون ڪيون ۽
مان هنن کي پنهنجو نظم ”ڳاءِ انقلاب ڳاءِ“ واري
واري سان ٻڌايو. الاءِجي ڇو مون اُن ڏينهن سٺي ۾
سٺو فل سوٽ پاتو، جو پاڻ سان کڻي ويو هوس. ڪامريڊ
عبدالغفور اسان کي سارو عمرڪوٽ گهمايو. اهو شهر
عمرڪوٽ آهي يا امرڪوٽ آهي، ان بحث ۾ مان هينئر نه
پوندس. ڀيرومل مهرچند جو چوڻ آهي ته:
”هن شهر جو بنياد بلڪل آڳاٽو آهي ۽ غالباََ اومره سومري جو
ٻڌايل آهي. يارنهينءَ صديءَ ۾ راجا اَمر سنگهه
منجهس قلعو ٺهرايو. 1355ع ۾ عمر سومري پنهنجي
گاديءَ جو هنڌ ڪيو. 1746ع ۾ ميان نورمحمد ڪلهوڙي
منجهس قلعو ٺهرايو جو اڃا سلامت آهي. عمرڪوٽ اڳي
ضلعي جو هيڊ ڪوارٽر هو. 1906ع کانپوءِ ميرپورخاص
هيڊ ڪوارٽر ڪيو ويو. شهر جي رونق چڱي آهي، واپار
چڱيءَ طرح هلي ٿو. اُن جي چوڌاري باغن ۾ ميوات ۽
واڙين ۾ هر قسم جي ڀاڄي ٿئي ٿي. هي شهر اڳي
راجپوتن جي گاديءَ جو هنڌ هو. مارواڙي قومون گهڻو
ڪري پهريائين هتي اچي رهيو هيون، جي پوءِ 1874ع ۾
اڀرندي ناري جي ٻوڏن ۽ ٻين سببن ڪري مٺيءَ ڇاڇري،
ڪانٽئي، چيلهار، پارنو، ڀڳل، وِيراڙيءَ، ڌارناسر ۽
ٻين ڳوٺن ڏي لڏي ويون..... ميرپورخاص 76 ميل پري
آهي......“
اسان کي پير صاحب جيپ ۾ مومل جي ماڙيءَ تي وٺي هليو، جا عبرت جو
داستان هئي، اُن تي سنڌ جي ٻئي هر دڙي وانگر
ٺڪريون ۽ هڏا ڦهليل ها، پر اُن سان جا ڪهاڻي
وابستا هئي، اُن کي امرتا هئي ۽ ڄڻ مايا جي فلسفي
جو نچوڙ هئي. ڪاليداس يا ملڪ محمد جائسي اهڙي
ڪهاڻي نه گهڙي سگهي ها. مون هڪ هڏي جي ٽُڪرِي کڻي
چيو: ”ڇا اها مومل جي هئي، سومل جي هئي، جنهن لاءِ
راڻو ڪيئي ميل اُٺ تي سفر ڪري ايندو هو؟“ مون
سوچيو ته ايڏو وڏو ٽهڪ ڏيان جو ڪڪر ڦاٽي پون ۽
مينهن پوڻ لڳي.
مومل جي ماڙيءَ کانپوءِ اسان اُن قلعي ۾ وياسي جو ميان نورمحمد
ڪلهوڙي ٺهرايو هو. اسان جنهن وقت ان جي ڇت تي
هياسين تنهن وقت سج ٻُڏي رهيو هو. ڄڻ ڌرتيءَ تي
ڳولي رهيو هو ته ڪيڏانهن ويو عمر، ڪيڏانهن وئي
مارئي ۽ ڪيڏانهن ويو اهو ڪوٽ جنهن انسان کان
پنهنجي آزادي کسي هُئي؟ شفق مارئيءَ جي چُنيءَ
وانگر آسمان تي ڇائنجي وئي هئي ۽ اُنڙي لهي رهي
هئي. آسمان ۾ ڪجهه ڏيئا ٽمڪڻ لڳا ها ته اسان
ڪامريڊ عبدالغفور جي گهر پهتاسين. اُتي ڪامريڊ
اسان لاءِ ڇيلو سَجهي ڪرايو هو. ڇيلي جي سَجهيءَ
سان نان کاڌاسين. مانيءَ وقت اسان کي نگيندر وياس،
سشيلا سان پنهنجو رومان ٻڌايو. وياس برهمڻ هو ۽
سشيلا اَڇوت. وياس جو پيءَ لکاپتي هو ۽ سشيلا جو
ڪکاپتي. پيءُ جي مرضي جي خلاف ۽ ڌرم ـــ روڪ هوندي
وياس سُشيلا سان شادي ڪئي هئي ۽ اِن ڪري هُن جي
پيءُ هن کي گهر ـــ نيڪالي ڏني هئي ۽ وصيت ڪئي
هيائين ته هن جي ملڪيت مان نگيندر وياس کي ڪجهه به
نه ڏنو وڃي. سُشيلا جي پيار ۾ سڀ ڪجهه لٽائي، هو
هن سان گڏ هڪ فلئٽ ۾ رهندو هو. کين ڪابه اولاد نه
هئي. وياس سنهو، سانورو، ڪرڙوڍ هو ۽ هن جا چپ ائين
لڳندا ها ڄڻ ته هو ڀُڏو هو، جيتوڻيڪ هن کي پوري
ٻٽيهي هئي. سُشيلا بدن جي ڪجهه ڳوري، مُنهن جي
ڊولائتي، ٽيهين ورهين جي رنگ روپ، ڊيل ڊول واري
سانوري سلوڻي ناري هئي.
ماني کائڻ کان ٿورو وقت پوءِ اسان تي ننڊ غالب اچي وئي. مون کان
ٿوري پنڌ تي وياس ۽ سُشيلا ستل ها ۽ ان جي پريان
ابراهيم سُتل هو. مان هڪ ٻي سشيلا کي ساري رهيو
هوس جا ريشم جي ساهيڙي هئي. هڪ ڏينهن مان پنهنجي
مائٽ عباس سان گڏ ڪلفٽن تي ويو هو س ته ڏٺو هوم
سشيلا ۽ ڪجهه ٻيون ڇوڪريون، جي ڊي. جي سنڌ ڪاليج ۾
پڙهنديون هيون، ڪجهه ڇوڪرن سان گڏ اوچين لهرن ۾
وڃي رهيون هيون. عباس شرير هوندو هو ۽ هن مونکي
سيکاريو ته هنن جي پٺيان هلون ۽ جڏهن اوچي ويراچي
۽ مٿي تان لنگهي وڃي تڏهن اسان سمنڊ جي تري ۾ پير
کوڙي بيهون ته هي پاڻ ئي اسان جي جهول ۾ اچي
پونديون. اسان ائين ڪيو هو، هُو اسان کان ٻه وکون
اڳتي هيون ۽ واقعي اسان جي جهول ۾ اچي پيون ۽ پوءِ
سيڪنڊ ۾ اسان هنن کي ڇڏي ڏنو، پاڻ به ويرجي ڇوهه ۾
لُڙهي ڪناري تي هليا آياسين. پهرين ڀيري ته هنن
اهو اتفاقي سمجهو، پر جڏهن اسان ٽي ڀيرا ائين ڪيو
ته هو چپن ۾ مُرڪي، ڇوڪرن سان گڏ ٻاهر هوٽل تي وڃي
بيٺيون. سُشيلا مونکي سڃاتو. هوءَ ئي ته ريشم جي
انتظار ۾ هوندي هئي جڏهن ريشم ڊي. جي سائنس ڪاليج
۾ پڙهندي هئي ۽ ڪاليج ۾ سائيڪل تي ايندي هئي،
سشيلا کانئس سائيڪل وٺي اسٽئنڊ ۾ رکندي هئي. هن
مون کي شايد ڊي. جي سنڌ ڪاليج جي ڏاڪڻ وٽ ريشم سان
ڳالهائيندو ڏٺو هو. ٻئي ڏينهن تي ريشم مون کان
پڇيو. ”ڪالهه سمنڊ تي ڇا محسوس ڪيُئه؟ ان تي به
ڪوئي نظم لکندين؟“ مان لڄي ٿي ويس. پريان سُشيلا
جا ڪاليج گيٽ پٺيان لڪي بيٺي هئي، اوچتو نڪري آئي
۽ چيائين ”هَلو!“ مونکي ڌرتي جاءِ ڏي ها ته اُن ۾
پيهي وڃان ها پر انهن جي سموري ڳالهه تڏهن ڪندس
جڏهن ڪراچيءَ ۾ پنهنجي گذريل وقت جي باري ۾ ڪٿي
تفصيل سان لکندس.
عمرڪوٽ ۾ مونکي جاءِ بدل سبب ننڊ نه آئي، جيتوڻيڪ مان اکيون
ٻوٽي سُمهي پيو هوس. مون وانگر سشيلا وياس به
اکيون ٻوٽي سُتي پئي هئي. اوچتو ٻي اَڍائي بجي
هوءَ اُٿي ۽ چُپ چاپ ٻاهر هلي وئي. مونکي چئين بجي
ننڊ آئي ۽ جڏهن اک کلي ته سڀ چاءِ پي رهيا ها، مون
به ننڊ مان اُٿي چاءِ پيتي. ڪجهه وقت کانپوءِ
ڪامريڊ غفور، سشيلا کي برٿ وارا تحفا وٺي ڏنا.
پوءِ اسان کي ڪامريڊ عبدالغفور پنهنجي اسپتال وٺي
آيو جتي وياس هن کان مُقوي ڪُشتا گهريا. اُنهن مان
ڪجهه اڃا کَرَلَ ٿي رهيا هاته ڪامريڊ سشيلا مونکي
چيو ته: ”مان ڏاڍو ٿڪجي پئي آهيان ۽ مون کي اوطاق
تي ڇڏي آءُ“ اوطاق اٽڪل ميل پنڌ تي هئي، هوءَ مون
سان گڏ واريءَ تان اڪيلي وڃي رهي هئي. پهرين ته
مون ڏانهن پيار ڀريون اکيون ڪري چيائين: ”واهه جو
سُوٽ پاتو اَٿي.“ مان ماٺ ڪري هلندو رهيس. جڏهن
اوطاق تي پهتاسين ته وڌاوڙي ۾ هالا جو ننڍو پينگهو
پيو هو. سُشيلا ڪَر موڙي ٿڪ لاهڻ ۽ ڄڻ وڌيڪ لڱ
ساهڻ لاءِ پينگهي ۾ سمهي پئي. پينگهو هن لاءِ
سوڙهو هو ۽ هن ٽنگون گوڏن وٽان ٻيڻائي پينگهي ۾
رکيون ته انهن تان هن جي ساڙهي ترڪي وئي. ”ڪامريڊ!
تون به ڇو نه ٿو منهنجي ڀرسان پينگهي ۾ ٿڪ ڀڃين.
وارياسي ۾ چڙهي هچ ٿي پيو هوندين.“ اوطاق ۾ ٻيو
ڪوبه نه هو. مون محسوس ڪيو ته ابليس مون کي پينگهي
ڏانهن ڌڪي رهيو آهي، پر پوءِ اهو ياد ڪري سُشيلا
ڪامريڊ وياس جي زال آهي جو پارٽيءَ جو ليڊر آهي،
مون هن کي چيو ته مون کي تڪليف ٿيندي، ان ڪري مان
اندر کٽ تي وڃي ٿو سمهان. کٽ ۾ واڻ جي رسي ارڙ
نانگ ۾ تبديل ٿي وئي ۽ ٻه ٽي ڪلاڪ مون وَٽ سَٽ پئي
کاڌا ۽ مونکي ننڊ نه ٿي آئي جيستائين ابراهيم ۽
وياس ٻه پهريءَ جي مانيءَ وقت آيا. وياس ڪامريڊ
عبدالغفور وٽان ڍير سارا ڪُشتا هٿ ڪيا ها. هن
ٻڌايو ته ڪشتا کرل ڪرڻ ۾ڪافي وقت لڳو. رات جو وري
مون ڏٺو ته ٻي اڍائي بجي چپ چاپ اُٿي، سُشيلا چمپل
پاتو ۽ دٻي پير ٻاهر نڪري وئي ۽ چئين بجي ساڳي دٻي
پير موٽي آئي، ڪڙو اندران بند ڪيائين ۽ پنهنجي کٽ
تي سمهي پئي. مان صبح تائين پاسا ورائيندو رهيس. |