اُتي ڪاليداس جي مندر تي اسان کي رات جا يارنهن
وڳا. اُتان کان گُرو گورکناٿ جي گڦا 20 ميل پري
هئي. رستو کِڙٻڙ ۽ وروڪڙ هو. اسان گڦا وٽ يارنهين
بجي رات جو پهتاسين. مون، رشيد ۽ راج کي فل سوٽ
پيل ها ۽ گيتا کي نرڙ تي تلڪ لڳل هو ۽ ان ڪري جنهن
اسان جو وڏو تاڪائون در کوليو، انهيءَ اسان مان
ڪنهن کي به مسلمان نه سمجهيو. هندي شاعريءَ ۾ پرم
مارگ جو باني ته ملڪ محمد جائسي هو پر ان جا بنياد
گرو گورکناٿ رکيا ها. منهنجي هندي ادب جي ان وقت
ڄاڻ معمولي هئي. گيتا عمر ۾ ته مون کان پندرنهن
سال ننڍي هئي، پر هندي ادب جي تعليم ۾ منهنجي
استاد هئي. هن غالبا هندي ادب ۾ ايم- اي ڪئي هئي ۽
هندي ادب جو ڪافي مطالعو ڪيو هو. هوءَ بمبئيءَ ۾
اڪثر مون کي هن جي جديد ڪويءَ نرالا ۽ هندي ادب جي
ڇاياوادي اسڪول جي شاعره مهاديوي ورما جي شاعري
ٻُڌائيندي هئي. ٻنهي جي ادب سان هُن جو ڪافي لڳاءُ
هو. جڏهن اسان گورکناٿ جي گڦا ڏانهن ٿي وياسون ته
رستي تي هن چيو ته:
”مان ڀانيان ٿي گورکناٿ، پرٿوي راج جي زماني کان به ڪافي پوءِ
پيدا ٿيو هو ۽ هن جو سلسلو قائم ڪيو، ان کي ناٿ
پنٿي چوندا ها. جي واقعي ائين آهي ته گورکناٿ ۽
ناٿ پنٿي پرٿوي راج جي دور کان پوءِ پيدا ٿيا ها
ته اهو ظاهر آهي ته ان وقت عربن جي اچ وڃ شروع ٿي
وئي هئي مهاراشٽرا جي سامهون ڪنارن تي عرب تاجر
سامان کڻي ايندا هُيا. انهن ڪجهه هتان جا لفظ سکيا
۽ هتي پنهنجا نشان به ڇڏيا. سنڌ ۾ ته محمد بن قاسم
جي حملي کان پوءِ ڪافي عرب مسلمان سنڌ ۾ رهي پيا ۽
سنڌي ٻوليءَ تي اثر ڇڏيائون. جنهن کان پوءِ
سبڪتگين ۽ محمود غزنويءَ جا خاص ڪري پنجاب تي حملا
شروع ٿيا. اُن وقت گورکناٿ جا ناٿ پنٿي پنهنجا پير
کوڙي رهيا ها. ان سان گڏوگڏ ڪيئي مسلمان گهراڻا
پنجاب ۾ وسي ويا هيا ۽ اتان جون ريتون رسمون
اپنايون هُيائون. پرٿوي راج چوهاڻ جي پيءُ جي
زماني ۾ خواجا معين الدين چشتي غريب نواز هتي آيو
۽ ٻيا به ڪيئي صوفي ۽ مسلمان فقير هندستان ۾ آيا
ها.“
گيتا وڌيڪ چيو ته:
” صوفي ۽ هندو يوگي، ڳالهه ته لڳ ڀڳ ساڳي آهن. ٻئي روحانيت جا
قائل آهن. ٻئي هن سنسار کي مها ڄار سمجهن ٿا. ٻئي
ڪنهن اننت ۾، اصلي حقيقت ۾ اعتبار ڪن ٿا ۽ انهن جي
حالت ”من تو شدم تو من شُدي“ واري آهي. ٻئي ائين
چاهن ٿا ته آتما پرماتما ۾ ائين لين ٿي وڃي جيئن
پاڻيءَ ۾ لوڻ ڳري ويندو آهي. گورکناٿ ڏهين صديءَ ۾
ٿيو يا تيرهين ۾، اهو ظاهر آهي ته هو مسلمانن سان
سنٻنڌ پيدا ڪري چڪو هو. ناٿ پنٿين ۾ ٻه ڳالهيون نه
آهن. نه هو مورتي پوڄا ڪن ۽ نه تيرٿ ياترا. هنن جي
نظر ۾ ايشور هڪ آهي.“
اُن تي مون گيتا کي چيو ته:
”تو جڏهن پاڪستان ڇڏيو،تڏهن اٺين نوين سالن جي هُئينءَ. توکي
خبر نه آهي ته لس ٻيلي کان ٽيهه پنجٽيهه ميل پري
هنگورنديءَ جي ساڄي طرف هنگلاج آهي، جتي هڪ ديويءَ
جو مندر آهي، جنهن کي مسلمان ”ناني“ چون ٿا ۽ اُتي
ناٿ پنٿي اڄ تائين ياترا ڪندا آهن ۽ اتي گورکناٿ ۽
راجا پرٿوي هريءَ به ياترا ڪئي هُئي. ڀٽائيءَ جي
شاعريءَ ۾ به گورکناٿ[1]
جو ذڪر آهي.“
هاڻي مان وري اتان شروع ٿو ڪيان جڏهن اُجين ۾ گورکناٿ2 جي گڦا
جو تاڪائون در کُليو. مون ڏٺو ته اندر ٽي چار
مشعلون ٻري رهيون هيون ۽ اُهي ڪاٺيءَ جي ڪِلن تي
رکيل هيون، جي ڌرتيءَ ۾ کُتل هيا. پتنگ ميڙا ڪري
مشعلن تي ٿي آيا ۽ پنهنجون کنڀڙاٽيون کوهي، ڍير ٿي
پٽ تي ٿي ڪِريا. پنج ڇهه گاروڙي ويٺا ها، جي پنٿ
مان ٿي ڏٺا ۽ هي سلفين مان وَزم هڻي رهيا ها.
چوڌاري گانجي جي ڌپ هُئي. اڳتي پڌرڙي ۾ چنڊ آڪاس ۾
ڪڪرين سان لڪ- ڇُپ ٿي ڪئي ۽ اُنهن جي مُنهن تي
نظرون وجهي ڇُپي ٿي ويو. ڀٽيءَ پنهنجي نرڙ تي هٿ
لائي پڪ ڪئي ته چندن جو تلڪ اڃا لڳل آهي، مون
گاروڙين کي چيو: (نه ڄاڻ مون انهن کي گاروڙي ڇو ٿي
چيو، شايد انهن جو ڊگهيون جٽائون ڏسي، جي ڪاريهرن
وانگر لهرائي رهيون هيون ۽ دونهين سان ملي هڪ
پُراسرار فضاپيدا ڪري رهيون هيون.)
”اسان بمبئي ٿي وياسين. رستي تي خيال آيو ته گروچيءَ جي غفا
(هنديءَ ۾ گڦا) ڏسندا وڃون. اوهان ان کي درشن
ڪرائيندؤ؟“ هڪ گاروڙي، جنهن جي ڏاڙهي اربندو
گهوش جهڙي هئي، سلفيءَ جو اونهو وزم هڻي، نڪ مان
دونهون ڪڍيو جو هاٿيءَ جي ڏندن وانگر ٻاهر نڪري
آيو ۽ پوءِ مشعل کڻي اسان کي چيائين: ”منهنجي ڪڍ
اچو.“ ويهارو قدمن تي هڪ سنگ مرمر جي ڏاڪڻ وٽ اسان
کي اشارو ڪري چيائين ته، ”هيٺ اچو“ هڪ ڏاڪڻ،ٻي
ڏاڪڻ، ٽين ڏاڪڻ، نيٺ ڇهين يا ستين ڏاڪڻ آئي، تڏهن
اسان جو دم منجهڻ لڳو. اُتي هُن هڪ سنگ مرمر جي
صندلي ڏيکاريندي چيو:
”هتي، هِتي سانده ڏهه سال گرو گورکناٿ ۽ هن جي چيلي راجا ڀرٿري
هريءَ تپيسا ڪئي هئي تڏهن هنن کي مُڪتي ملي هئي.“
مشعل جا پاڇاوان ڀتن ۽ ڏاڪڻ تي پئجي رهيا هئا ۽ اسان وڃي ڪنهن
ماروائي دنيا ۾ نڪتا هئاسين. اتي مون ڇا محسوس ڪيو
هو، اهو لفظ پنهنجي ڄار ۾ ڦاسائي نه ٿا سگهن.
منهنجا لفظ به ماهر ماهگير آهن پر اهو ماورائي
احساس، اهو اُجگر آهي جو انهن جا سارا اوجهاڻ ڇني
ڌاڳا ڌاڳا ڪري ڇڏي ٿو، بهر صورت اها رات منهنجي
هانوَ تي اڄ تائين اُڪريل آهي ۽ ديوانِ غالب جي
پهريم مصرع وانگر آهي:
نقش فريادي هي کس ڪي شوخيءَ تحرير کا.
انهيءَ شعر جو ٻيو مصرعو فقط موت تي ئي لکي سگهجي ٿو. جڏهن اسان
گاروڙين کان موڪلائي ٻاهر ڪار ۾ اچي ويٺاسون، تڏهن
مون گيتا کي چيو:”گيتا! حيرت آهي ته علامه اقبال
جي شاعريءَ جو پهريون ڪتاب ”بانگِ درا“ڀرٿري هريءَ[2]
جي هڪ شعر جر ترجمي سان شروع ٿئي ٿو:
پهول کي پتي سي کٽ سکتا هي هيري ڪا جگر،
مردِ نادان پر کلامِ نرم و نازک بي اثر.
علامه اقبال” بانگِ درا“، ٻين ڪتابن ”بالِ جبريل“ ۽ ”ضربِ
ڪليم“ کان اڳ لکيو هو. ان وقت هن تي وطن پرستيءَ جا جذبا حاوي
هئا ۽ بانگِ درا ۾ ’همالا‘، ’نيا شوالا‘، ’ميرا
وطن وهي هي‘، ’هندستان همارا‘، سُوامي رام تيرٿ جو
آپگهات وغيره نظم لکيا هيائين. ڇا علامه اقبال
اُجين ويو هو ۽ ڀرتري هري جي تپسيا واري جاءِ ڏٺي
هيائين؟“ گيتا کي معلوم نه هيو.
جڏهن اسان سکر م رهندا هياسين ته مون رشيد ڀٽيءَ کي چيو هو ته
تو هندستان جي سفر جا نوٽ ورتا هئا. مون کي انهن
جو نقل ڪري ڏي.رشيد ڀٽي گذاري ويو ۽ هن جي هٿ اکرن
۾ اُهي نوٽ مون وٽ موجود آهن، جي مان هن سفرنامي
لکڻ وقت ڳولي لڌا آهن ۽ جي مون ضميمو پهريون ڪري
هن ڪتاب سان شامل ڪيا آهن. ماڻهو پنهنجي اَتم
ڪهاڻي تاريخ وار تڏهن لکي سگهندو آهي، جڏهن هو
تاريخ واري ڊائري رکندو آهي نه ته هن جي تحرير
اڳتي پُٺتي ٿي ويندي آهي. هن جي ياد ڪڏهن وڄ وانگر
چمڪندي آهي، ڪڏهن ڏيئي وانگر ٽم ٽم ڪندي آهي، ڪڏهن
انيڪ ستارن وانگر جهُڙ ۾ جهمندي آهي. ڪڏهن ان ۾
تسلسل هوندو آهي ۽ ڪڏهن نه، ڪڏهن اهو ريشم جي
رسيءَ وانگر هوندو آهي ۽ ڪڏهن ان جي خاردار
جهاڙيءَ کي ڪائي اڻ ڏٺي پَڪڙ ڪٽي ڇڏيندي آهي. ڪڏهن
ڪڏهن مستقبل ڏيکاريندو آهي ۽ ان ۾ پٺتي موٽ
ترمرائيندي آهي، چِتَ ۾ چڻڪندي آهي ۽ دل تي تري
ايندي آهي. پر هاڻي ڀٽيءَ جي تاريخ واري
ڊائري موجود آهي، جا مان هن سفرنامي جي اختتام تي
ڏيان ٿو. اُها آهي نهايت مختصر، ڇوته سفر ۾ تفصيلي
ڊائري جو سوال ئي نه ٿي اُٿيو. ايترو وقت ڪٿي هو،
پر ان ۾ لڳ ڀڳ سارا واقعا سمايل آهن، جي اسان
1963ع ۾ ڀارت ۾ ڏٺا هئا. ڪٿي مان انهن کي وڌيڪ چٽو
ڪرڻ لاءِ فٽ نوٽ ڏيڻ چاهيان ٿو. ٻيهر مان ستاويهه
سالن کان پوءِ ڀارت ويو هوس. ٿورا پراڻا واقف
گذاري ويا هئا، باقي ڪيترن سان ملاقات ٿي هئي.
ڪجهه نوان دوست به ٿيا هئا. اُتي مون کي پتو پيو
ته منهنجي شاعري ڪيتري ڦهلجي چُڪي آهي ۽ ڪيتري عزت
۽ احترام سان ڏٺي ٿي وڃي.
ڀٽيءَ سان مٺيءَ تائين گفتگو مان هڪ ڳالهه خاص طور ياد اچي ٿي:
”اياز! شَو پوريءَ ۾ باک ڪهڙي نه پياري هئي! سيارو
هو ۽ اڳئينءَ رات جو اسان اڌ رات تائين باهه ٻاري
ڪمرو ڪيو هو. ڪاٺيون انگيٺيءَ ۾ جلي رهيون هيون ۽
اسان 9 بجي ماني کائي، ٻارنهين بجي تائين ڪچهري
ڪري پوءِ سمهي پيا هياسين. جڏهن صبح جو پنجين بجي
مون کي جاڳ ٿي هئي ته تون ۽ گيتا سراءِ جي وڏي پڌر
۾ گلاب جي گلن تي ماکيءَ جون مکيون ڏسي رهيا هُيؤ.
گيتا ٻڌايو هو ته هنديءَ ۾ ماکيءَ جي مک کي
مَڌُوڪر چوندا آهن ۽ مڌ ماکيءَ کي چوندا آهن. اسان
وٽ شراب کي چوندا آهن. شايد اهو مِٺو هوندو هو،
جيئن سؤنفي شراب ٿيندو آهي! ان جو اثر ڪڙو هوندي
به ذائقو ماکيءَ کان مٺو ٿيندو آهي! ڪيڏي گلاب ۽
رابيل جي خوشبوءِ هئي اُن پڌر ۾! مون اکيون مهٽيون
هيون ته ائين لڳو هو ڄڻ گلاب مهٽي رهيو آهيان.“
مون کي ٽي نديون به ياد آيون. هڪ چنبل گهاٽيءَ ۾ سرسوتي، جڏهن
سج ان ۾ ٽٻي ڏني هئي ۽ ان جو سونهري مٿو پاڻيءَ ۾
جرڪي رهيو هو، ٻي نريدا، جنهن جو پاڻي ڏاڍو صاف ۽
شفاف هو ۽ لهرون ڏاڍيءَ تيزيءَ سان وڃي رهيون
هيون، جن ۾ ٻپهريءَ جو سج يوناني ديويءَ وينس جي
ٽٽل بُت وانگر لڳي رهيو هو ۽ ٽين ناسڪ ۾ گوداوري
جڏهن اسان اتي باک جو پهتاسون ۽ ڏٺوسون ته گهاٽي
پپل جي ڇانوَ پاڻيءَ ۾ وهي رهي هئي ۽ ڀر تي ڪيئي
سانوريون ناريون مٿي تي گهڙا کڻي اچي رهيون هيون.
انهن جون رنگارنگي سوٽي ساڙهيون ڌرتيءَ جي شفق
وانگر لڳي رهيون هيون ۽ اهي امرتا شير گل جي
ساريءَ مصوريءَ کان وڌيڪ خوبصورت ٿي لڳيون.
هونءَ ته پراڻي سکر ۾ منهنجو چوماڙ گهر سنڌوءَ کان سئو قدمن تي
هوندو هو ۽ اونهاري ۾ جڏهن پرهه جو هير هندوري
وانگر گهلندي هئي تڏهن مان چئين بجي صبح جو اُٿي
بجليءَ جي روشنيءَ تي شاه جو اردوءَ جو منظوم
ترجمو ڪندو هوس. ان ترجمي ۾ ڪڏهن پنهنجي ڪائي
خوبصورت سِٽ وڌائي ڇڏيندو هوس، ڇو ته دل ۾ ايندو
هو ته اها سٽ ڀٽائيءَ کان ڀلجي وئي هئي ۽ هن نه
لکي هئي. اٽڪل پنجين بجي ٿڪ ڀڃڻ لاءِ، مان ڪَر
موڙي ڇت جي ڀت تان ڏسندو هوس، جڏهن پرهه سنڌوءَ تي
ڪَر موڙيندي هي ۽ ڀرسان ٻيلي مان هزارين پکي
قطارون ڪري آسمان ۾ ڀٽائيءَ جي سٽن وانگر اُڏامندا
ويندا ها. گهڻو ڪري اُهي وَهيا هوندا ها، جي
روهڙيءَ ۽ خيرپور جي کجين ڏانهن ويندا ها. زرينا
جي ننڊ مان اک کُلندي هئي ته ڪاوڙجي چوندي هئي:
”توکي اهڙي ڪهڙي عادت آهي، ساجهري بتي ٻاري ڪچيءَ ننڊ مان ٿو
جاڳائين. ڀٽائي ڪو ڀڄي ته نه ٿو وڃي!“
پوءِ روشنيءَ تي ئي اکيون ٻوٽي سمهي پوندي هئي. جوانيءَ جي ننڊ
به ڪيتري پياري ٿي ٿئي پر مون کي ڀٽائيءَ جي
وائيءَ جي اها سٽ:
”وِمـــاســيـــو نــه ويــڻ
جوڀــن ٻه ٽي ڏينهڙا.“
دل ۾ کُپي وئي هئي. سدائين مون ائين سمجهيون آهي ته شاعري ننڊ
جي پهاڄ آهي. ٻئي گڏ نه رهي سگهنديون آهن ۽ ٻنهي
مان هڪ کي چونڊڻو پوندو آهي. شاعري آرسي ماڻهوءَ
جي وس جي ڳالهه نه آهي. شاعر جي شعور، تحت الشعور
۽ لاشعور کي چوويهه ڪلاڪ ان جي راهه تي رهڻو آهي.
باک جو مون کي هيٺيون فارسي شعر به بار بار ياد ايندو هو:
سحر گاهان نسيم آهستھ خيزد،
چنان بر برگِ گل شبنم نھ ريزد.
نه ڄاڻان اهو ڪنهن جو شعر آهي؟ ان جو ترجمو آهي:
پرهه ڦٽيءَ جو هير ايترو آهستي گُهلي رهي آهي،
جو گل جي پن تان ماڪ ڦڙو به نه ٿو ڇُلڪي.
سنڌو مستيءَ ۾ وهندي ويندي هئي ۽ ائين لڳندو هو ته منهنجي گهر
جي ڀرسان وهي رهي آهي. غالب ڪهڙو نه چڱو چيو هو:
وه فراق اور وه وصال کهان؟
وه شب وروز ماه وسال کهان؟
ائين ته مون پنج ند، ستلج ۽ راوي ۾ سج کي ڪنهن طلائي مرغابيءَ
وانگر ٽُٻي ڏيندي ڏٺو آهي. بنگلاديش ۾ اُن جا ڪرڻا
ڪرنافليءَ، گنگا، پدما ۽ ميگهنا نديءَ ۾ ائين
چمڪندا ڏٺا ها، جيئن ڪنهن نويليءَ نار جو مُنهن
اُس ۾ ٻهڪندو آهي. اهي منظر بار بار منهنجي
شاعريءَ ۾ اُڀري آيا آهن. منهنجو تحت الشعور هن
ڪائنات جو خوبصورت تهه خانو آهي. جنهن ۾ سمنڊ آهن،
نديون آهن، سج آهن، چنڊ آهن، ستارا ۽ ڪتيون آهن،
انهن جو غروب ۽ طلوع آهي. ننڊ ۽ جاڳ جا اُهي پيارا
پل آهن، جڏهن مون ڪنهن کي ڪائنات کان به وڏي آغوش
۾ سميٽيو آهي، محبت ڪئي آهي. اکيون، چپ، ڳل، ڳچي،
اَنگُ اَنگُ چميو آهي ۽ هن کي ڪائنات کان وڏيءَ
شيءِ وانگر سمجهي، هن جي پرستش ڪئي آهي.
ڀٽيءَ سان ڳالهين ۾ وقت اُڏامندو ٿي ويو. وقت ڪڏهن سُرڻي وانگر
سُرندو آهي، ڪڏهن اُن جا پوپٽ جا پر هوندا آهن.
اِن ڳالهه جو چِت وَرت تي مدار آهي، مَنو ڀاوَ تي
مدار آهي. ڪڏهن ماڻهو سک ۾ آهي ته ڪڏهن ڏک ۾، ڪڏهن
طبيعت درست آهي ڪڏهن تؤ نکرايل. ابراهيم ۽ جمال
اسان کي ٿورو ٻڌي رهيا ها، پر هو گهڻو ڪري چانگ
سان ڳالهيون ڪري رهيا ها، جو ننگر پارڪر جو هو ۽
چئي رهيو هو ته اُتي تَروَٽ صاحب ڪيئي نمون
پوکايون هيون ۽ جنهن ريسٽ هائوس ۾ اسان ترسڻا
هياسين ان جي چوڌاري نمون آهن، جي ڪوئي مغربي مصور
ڏسي، ته ڪئنواس کي ننگر ۽ ڪارونجهر مان نه هٽائي،
ڇو ته اتان جهڙو پيارو منظر هن کي دنيا ۾ ورلي
ملي، پر ان ڳالهه تي مان پوءِ ايندس. في الحال ته
مِٺي اچي وئي آهي. اها مِٺي ڪير هئي، ڇا اُها
ايتري مِٺي هئي جيتريون مٺيون عورتون منهنجيءَ
زندگيءَ ۾ آيون آهن، جو شهر تي نالو ئي مِٺي رکيو
ويو آهي؟ مون سان هندو ڇوڪري لا ڪاليج ۾ پڙهندي
هئي، جنهن جو نالو ئي مِٺي هوندو هو ۽ جا
صوفيالارين وانگر ڏاڍي ڦڙت ۽ ٺاهوڪي لڳندي هئي.
جڏهن تيزيءَ سان گهران ڪاليج ۾ پنڌ ايندي هئي ته
جوانيءَ جو خون هن جي ڳلن مان شراب وانگر ٽپڪندو
هو. هن کي ڏسي مون کي فروغي بسطاميءَ جو هڪ شعر
ياد ايندو هو:
مي زند از چشم و لَبت جوش مَي،
دوش مَگر ميکده ها خورده اي.
ترجمو: (تنهنجين اکين ۽ چپن مان شراب ڇوليون هڻي رهيو آهي، ڪلهه
رات شايد پورا مئخانا پي وئي آهين)
هاڻي مان وري ڊاڪٽر سڄڻ جي وئن ۾ موٽي ٿو وڃان، ٿر جي ڏکڻ طرف
ڪڇ جورڻ آهي. ڏيپلي ۽ مِٺي تعلقن جو ڏاکڻو ڀاڱو رڻ
سان دنگئي آهي. ان ڀاڱي کي ”وٽ“ چوندا آهن. اُتي
زمين ڪجهه سنئين ۽ پاڻي بلڪل تانگهو آهي. اُتي
کوهن کي اونهائي گهڻي ڪانهي. اُتي ”ڪُتاني“ ۽
”گوڏانگڙي“ ڳوٺن جا نالا به انهيءِ ڪري پيا آهن.
”ڪُتاني“ نالو هن ڪري رکيو اٿن، جو اتي کوهه مان
ڪُتو به نِئڙي سولائي سان پاڻي لَڪي سگهي ٿو ۽
”گوڏانگڙي“ ان ڪري پيو آهي، جو وهٽ گوڏا کوڙي کوهه
۾ ٻوٿ وجهي پاڻي پي سگهي ٿو. جي اهي لفظ استعاري
طور استعمال ڪجن ته سنڌيءَ جي ڪجهه جديد شاعرن جي
شاعري ”ڪتاني“ ۽ ”گوڏانگڙي“ آهي.
ان ۾ شڪ نه آهي ته ٿر خدا جي مصوري آهي. خدا جو عظيم ترين مصور
آهي ۽ پوري ڪائنات هن جي ڪئنواس آهي. مون کي سارو
ٿر تصوير وانگر نظر آيو، جنهن مون تي ۽ منهنجي
شاعريءَ تي اَمٽ ڇاپ ڇڏي آهي. هاڻي جڏهن مان تصور
ٿو ڪيان تڏهن مون کي مِٺيءَ جا گهر پِڪاسو جي
ڪيوبسٽ تصويرن وانگر ٿا لڳن. اتي غربت هئي، ڪٿي رٻ
ٿي رڌي وئي، ڪٿي ڪرنگهه تي قناعت ڪئي وئي. ڏوٿي
ڏوڪڙ ـــ ڪلچر جو حصو نه ٿيا ها، پر انهن جو اندر
آڪاش جيترو وشال هو، جنهن کي نوَ لک نيڻ آهن. اڃا
تائين هن پجيرو ۽ لئنڊڪروزر جي دور ۾ مونکي
سانگيئڙا نانگ بلا جي پرواهه نه ڪندي، اُگهاڙي
پيرين پنڌ ڪندي ٿا نظر اچن يا ڪنهن کيکڙي ۾ واڙيل
ٿا نظر اچن ۽ جي وائکا ويهڻ چاهين ٿا ته اُن جي
جوکائتي ڇت تي جڪڙجي ويهن ٿا. جنهن ٿر جي بس تي
”کيکڙو“ نالو رکيو هو، اهو ڪنهن جپاني هائڪو نويس
کان به وڏو مصور شاعر هو.
اهو سارو وقت جمال خاموش هو. اڄ تائين لڳندو آهي ته هو نوح جي
ڪشتيءَ ۾ سيلابِ فنا کي حيرت سان ڏسي رهيو آهي. هو
مون سان گڏ ڪراچيءَ ۾ پڙهندو هو. مان علامه اقبال
وانگر ”دوڙ پيچهي کي طرف، اي گردشِ ايام تو“ چئي،
جمال جي اٿاهه خاموشيءَ تي لکڻ چاهيان ٿو، پر ٿر
جي سفر جو سلسلو منقطع ٿي ويندو. في الحال مان هن
جي باري ۾ فقط صائب جو شعر لکان ٿو:
خوب مي گويد سخنِ هرکس کھ کفتارش کم است،
ميوه نيکو پَر وَرَد هر شاخئه اي بارش کم است
(ترجمو:جيڪو گهٽ – ڳالهائڻو آهي، ڪهڙو نه چڱو ٿو
ڳالهائي،
جنهن ٽاريءَ تي برسات گهٽ پوندي آهي ان تي ميوو ڀلو ٿيندو آهي.)
هن اوچتو ڳالهايو: ”اياز! جڏهن مان ٿر ۾ سب جج هوس، تڏهن
هڪ ٿريءَ کان پڇيو هيم، ”اوهان ٿري ڪڻڪ نه کائيندا
آهيو ڇا؟“ هن جواب ڏنو هو، ”سائين! اسان کي ته ڏٿ
به نه ٿو ملي، ڪڻڪ ته ميوو آهي.“
انهيءَ هڪ سٽ ۾ هن ٿر جي صدين جي پيڙا سمائي ڇڏي هئي. هو مختصر
لفظن ۾ هڪ ڪائنات سمائڻ جو وڏو ماهر آهي. اها
ڳالهه هن جي ڪهاڻيءَ ”پيراڻيءَ“ مان ظاهر آهي.
ساري دنيا ۾ دکي انسانيت جي باري ۾ لکيل ڪهاڻيون
انهيءَ ۾ سمائجي ويون آهن. هو ٿورو ڳالهائي جڏهن
ٻڌندڙ کي ڏسندو آهي، تڏهن ڀٽائيءَ جي سُر راڻي ۾
مومل جي مجاز جي باري ۾ ”اکين ۾ انبور“ ڏسڻا هجن
ته جمال جون اکيون ڏسي. اهي نظرون رِوِٽ وانگر
ڪيترين دلين ۾ کُپي ويون هونديون، ان جي باري ۾
جمال ٻڙڪ نه ٻاڦيندو آهي. ”ٻاهر ٻاڦ نه ڪري“ ٻي
ڀٽائيءَ جي سٽ آهي، جنهن جو جمال مجسم ثبوت آهي.
مان ڀانيان ٿو اهوئي سبب هيو جو هن جي سڄي هٿ
اوچتو ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو (هو ان سان لکي نه ٿي
سگهيو)، ڊاڪٽر ان کي”اديب جو مرض“
(Writers Disease)چوندا آهن. شايد جمال جي تحت الشعور بهانو ٿي ڳوليو، جيئن هو
اُهي وارداتون نه لکي سگهي جي هُن لکڻ ٿي چاهيون.
مون کي زندگيءَ ۾ ٻيا به خاموش انسان به مليا آهن، جن مان
هڪ شاعر ۽ دانشور هو ۽ ٻيو نثر نويس، مورخ ۽
دانشور هو ۽ ٻئي اشتراڪي هيا ۽ منهنجا گهرا دوست
هيا. مون کان عمر ۾ ڏهه پندرنهن سال وڏا هئا. اهي
هئا”فيض احمد فيض“ ۽ ”سيد سبطِ حسن“ فيض ته منهنجي
منتخب شاعريءَ جي منظوم پنجابي ترجمي جو پيش لفظ
لکيو آهي. مونکي منهنجي مترجم ۽ دوست احمد سليم
ٻڌايو ته جڏهن هو منهنجو قلمي نسخو فيض وٽ کڻي ويو
تڏهن فيض هن کي چيو هو:
”اهو ترجمو مون وٽ ڇڏي وڃ! اياز منهنجو دوست آهي، پر مان سنڌي
نه ڄاڻان ۽ هن جي شاعري رڳو اردوءَ ۾ پڙهي آهي.
صبح جو مون وٽان پيش لفظ سان پنهنجو قلمي نسخو کڻي
وڃجانءِ.“
احمد سليم مون کي ٻڌايو هو ته هن کي تعجب لڳو جڏهن صبح جو فيض
پيش لفظ لکي، کيس ڪتاب موٽائي ڏنو، ڇو ته ٻين جي
ڪتابن تي پيش لفظ لکڻ لاءِ فيض گهٽ ۾ گهٽ هنن کي
هڪ سال ريڙائيندو هو. احمد سليم اهو به ٻڌايو ته
فيض فقط هڪ نظم کي نشان ڏئي ڇڏيو هو ۽ مون کان
پڇيو هو ته احمد سليم ان نظم مان اياز جو مطلب ڇا
هيو؟ اهو هي هيو؛
”جي انهن جي
ٻج مان
آفيم نه ٺاهيو وڃي ها
ته
هي ڳاڙها گل
ڪهڙا نه پيارا ها!“
مون مُرڪي احمد سليم کي جواب ڏنو؛ ”مون اِهو نظم ڪميونزم جي
باري ۾ لکيو آهي.“
سبطِ حسن به فيض وانگر گذاري ويو آهي ۽ چڱو جو اهي ٻئي يو. ايس.
ايس آر جي خاتمي کان اڳ راهِ رباني وٺي ويا، نه ته
هو ڏاڍو مايوس ۽ دلشڪستا ٿين ها. سبطِ حسن ڪيترن
ئي ڪتابن جو مصنف هو. ”ليل ونهار“ هفتيوار لاهور
مان ڪڍندو هو ۽ ڪراچيءَ مان ”پاڪستاني ادب“ رسالو
ڪڍيو هيائين، جنهن جي سعيده گزدر سان گڏ ادارت
ڪندو هو. هڪ ڀيرو بين الاقوامي سطح تي ڪميونسٽ
امير خسروءَ جي پنج سئو ساله ورسي ملهائي رهيا ها.
”پاڪستاني ادب“ به امير خسروءَ تي خاص نمبر ڪڍي
رهيو هو. سعيده گزدر مون کي خط لکيو ته مان کيس
امير خسرو تي نظم موڪليان. مان امير خسروءَ جو
اڳيئي مداح هوس ۽ جڏهن 1963ع ۾ دلي ويو هوس تڏهن
رشيد ڀٽي، راج گيتا ۽ سترام سان گڏ شمعون ٻاري،
خسروءَ جي مزار تي فوٽو ڪڍايو هوم، جو پوءِ ”نئين
زندگي“ رسالي ۾ مرحوم مولانا عبدالله ڇپايو هو.
موٽي اچي مون خسروءَ تي هڪ نظم ”تنهنجو نالو
ڪانتي“ لکيو هو، جو پوءِ ”وڄون وسڻ آئِيون“ ۾
ڇپيو. مون نهايت آسانيءَ سان ان نظم جو لڳ ڀڳ
يورپي زبان ۾ ترجمو ڪيو ۽ اهو سبطِ حسن ڏانهن
ڏياري موڪليم. هن يڪدم خط لکيو ته هن کي اهڙا چار
ٻيا نظم به موڪليان. هن ٻي ڪنهن به اردو شاعر کي
امير خسرو نمبر ۾ شريڪ ڪرڻ نه ٿي چاهيو، ڇو ته
اردو شاعر ته امير خسروءَ تي رڳو قصيده لکي رهيا
ها. مون خسرو تي چار ٻيا اردو نظم لکي هن ڏانهن
موڪليا جي هاڻي منهنجي ڪتاب ”نيل کنڻهه اور نيم کي
پتي“ ۾ شايع ٿي چڪا آهن، جو مڪتبهء دانيال وارن
شايع ڪيو آهي (جن سبطِ حسن جا سڀ ڪتاب شايع ڪيا
آهن.) سبط حسن فقط منهنجا اُردو نظم پاڪستاني ادب
جي امير خسرو نمبر ۾ شايع ڪيا.
جمال ابڙو، فيض احمد فيض ۽ سبطِ حسن منهنجا اُهي دوست هيا، جن
سان فرخي سيستانيءَ جو هيٺيون شعر ٺهڪي اچي ٿو.
خاک راچون ناف آهو مشک زايد بي قياس،
بيدار چون پَرِ طَوطِي برگ روَيد بيشمار.
ترجمو: (جيئن مٽيءَ کي هرڻيءَ جو دُن گهڻي کٿوري ڏئي ٿو،
۽ بيد جي وڻ ۾ طوطي جي پرن وانگر ڪيئي پن پيدا ٿين ٿا.) بيد جي
پن جي طوطي جي پر سان ڪيڏي نه سهڻي تشبيهه آهي!
مان وري زمان ومڪان جي قيد مان زنجير ڇني ٻاهر هليو ويو هوس،
ماضي ۽ مستقبل ۾ گهوماٽيون کائيندو رهيو هوس، پر
اوچتو گاڏيون بيٺيون ۽ ياد آيو ته وئن ۾ مٺيءَ
پهچي چڪا آهيون. ابراهيم، چانگ سان اڃا گفتگو ڪري
رهيو هو ۽ چئي رهيو هو ته:
”يارهين صديءَ ۾ ڍاٽ ۾ مُڪواڻن جي حڪومت هئي، جنهن جي گاديءَ جو
هنڌ ڪيرتي هيو، جو مِٺيءَ کان سورنهن ميل اوڀر
طرف آهي. اُن طرف ڪيترائي راجپوت ڪڇ مان لڏي ٿر جي
ڏاکڻي ڀاڱي ۾ رهيا ها. هتي اڳي مهري قوم جي
راجپوتن جي هڪ ڇوڪريءَ مهرڪماريءَ جي شادي، ڪڇ جي
راجا لاکي ڦلاڻيءَ سان ٿي هئي. ڇا اهو لاکو ڦلاڻي
ساڳيو هو، جنهن جو شاه لطيف ذڪر ڪيو آهي يا ان کان
اڳ ۾ يا پوءِ ٻيو به ڪوئي لاکو ڦلاڻي پيدا ٿيو
آهي؟“
ان وقت ابراهيم سنڌ جي تاريخ اسان سڀني کان وڌيڪ ڄاڻيندو هو. هن
بمبئي جي گزيٽيئر تان چوڏهن پندرنهن جلد ٽائيپ
ڪرايا ها (تن ڏينهن ۾ فوٽو اسٽيٽ ڪاپنگ مشينون
ڪونه هونديون هيون) هن چچ نامو، تاريخ طاهري، تحفھ
الڪرام وغيره ڪتاب ادبي بورڊ جي ذريعي ڇپايا ۽ ٿر
جو هر ڀِڙو، هر ڀِٽ، هر قوم، ٻولي، رنگ ۽ نسل هن
جي دلچسپيءَ جو باعث هيا ۽ هو چانگ کان انهن متعلق
اڪيچار سوال پڇي رهيو هو. مان جڏهن به وئڪيشن ۾ يا
ٻئي ڪنهن موقعي تي حيدرآباد ايندو هوس ته پهريائين
پنهنجي ڪار ابراهيم جي تلڪ چاڙهيءَ واري فليٽ تي
روڪيندو هوس. ان ۾ ڪوئي شڪ نه آهي ته ادبي بورڊ جي
اها اهميت نه هجي ها، جي ابراهيم ان ۾ سيڪريٽري نه
هجي ها. هر انسان ۾ ڪميون بيشيون آهن ۽ جيتوڻيڪ
هاڻي ابراهيم جي مون ۾ دلچسپي گهٽجي وئي آهي ڇو ته
منهنجي، هن ۽ سوڀي جي سياست ۾ دلچسپي بنهه نه رهي
آهي، تڏهن به جي خدا لڳ ڳالهه ڪبي ته ابراهيم جو
نئين سنڌي جي شعور ۾ ڪافي هٿ رهيو آهي. پاڻ کان
مٿي اُڀري ڪنهن کي ڏسڻ ڏکي ڳالهه آهي. ذاتي شڪوه
شڪايتون دوستيءَ ۾ روڻ وجهي ٿيون ڇڏن، پر اها روڻ
بروقت نه روڪي وئي ته بند ۾ وڏو شگاف ڪري وجهندي.
سر ٿامس برائون (1605ع کان 1682ع تائين) ڪٿي چيو
هو:
”هر ماڻهو پنهنجو وڏي ۾ وڏو دشمن آهي، ڄڻ هو پنهنجو جلاد پاڻ
آهي.“[3]
نه ڄاڻان اهو منهنجي باري ۾ صحيح آهي يا ابراهيم ۽ سوڀي جي باري
۾ صحيح ڪئي آهي يا ٽنهي جي باري ۾ صحيح آهي!
الائجي هو منهنجي اها ڳالهه ڇو نه ٿا سمجهڻ چاهن،
جنهن تي مون کي سينٽ پال سان اتفاق آهي:
”اسان هن دنيا ۾ ڪجهه نه آندو هو،
۽ ان جي به پڪ آهي ته ڪجهه به نه کڻي وينداسين.“
وئن مان نڪري منهنجي من ڪافي چڪر ڏنا آهن، ان ڪري سفرنامو اڳتي
ٿو وڌايان. مٺيءَ مان ڏيپلي ڏانهن ويندي ويڙهي جهپ
وٽ ترسياسين، جنهن جو شاه لطيف پنهنجي شاعريءَ ۾
ذڪر ڪيو آهي. مون کي مٺيءَ جي جاگرافي نه ڏيڻي هئي
نه وري ان جي ڊگهائي ڦاڪ ۽ ويڪرائي ڦاڪ ڏيڻي آهي،
اها پڙهڻي هجي ته رائچند جو ڪتاب ”تاريخ ريگستان“
پڙهيو وڃي، جو 658 صفحن جو ڪتاب آهي ۽ جو ٽاڊ
Todd))
جي ”
Annals of Rajistan“وانگر آهي، جو مون سال 63ع ۾ دليءَ مان خريد ڪيو هو. جڏهن مان
سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر هوس. تڏهن جيڪڏهن
ڪوئي به مون کي ياد ڏياري ها ۽ يا ان ڏس ۾ تحرڪ
وٺي ها ته مان سنڊيڪيٽ کي آماده ڪيان ها ته رائچند
کي ان ڪتاب تي پي- ايڇ- ڊي جي ڊگري ڏني وڃي ها .
هي ڪتاب انهن سڀني سنڌي ڪتابن کان سٺو ۽ وڌيڪ محنت
سان لکيل آهي، جن تي سنڌ يونيورسٽيءَ جي پي. ايڇ.
ڊي جي ڊگري ڏني وئي آهي.
مان ته هن ڪتاب ۾ پنهنجا تاثرات ڏيڻ ٿو چاهيان ۽ ٿر جي هڪ
تصوريت پسند تصوير ڪڍڻ ٿو چاهيان. مون لاءِ اها
وڏي ڳالهه نه آهي ته هتي ٽالپرن به قلعا ٺهرايا
هئا، جن مان هڪ جو نالو ”فتح ڳڙهه“ رکيو ويو هو .
وِل ڊيورانٽ جي دنيا جي تمدن جي تاريخ پڙهبي يا
ٽوئِن بي جي دنيا جي تاريخ پڙهبي ته اهڙا لکين فتح
ڳڙهه ملندا جي کنڊر ٿي چڪا آهن. جڏهن مان، بانو
قدسيه ۽ خاطر غزنوي سمر قند يا تاشقند ۾ ڪي اسلامي
دؤر جا کنڊر ڏسي رهيا هئاسين بانو قدسيه هڪ ٿڌي
ساهه سان چيو هو:
آثار پديد است صناديدِ عجم را
عجم جي وڏن واقعن جا آثار نظر اچن ٿا)
پر اهڙا آثار ته سنڌ ۽ راجسٿان ۾ سوين آهن.
هائو مون کي اهي ماروئڙا ياد اچن ٿا. اهي مينگهواڙ[4]
گرڙا، مالهي، مهيشوري، برهمڻ، بجير وغيره جن مان
ڪيترن کي ڀنڀيون ڏاڙهيون هيون.
ٿر ۾ اڇوتن ۾ مينگهواڙ سڀني کان گهڻا هيا، انهن ۾ ٻيا اڇوت،
ڪولهي ۽ ڀيل هئا. هاڻي ته هندستان ۾ ائمبيڊڪر جا
پوئلڳ اڇوت پاڻ کي مهاتما گانڌيءَ جو ڏنل نالو
’هريجن‘ به ڌڪارن ٿا ۽ پاڻ کي ’دَلت‘ چون ٿا. مون
دَلت ادب تي هڪ مضمون لکڻ چاهيو، جو هندستان جو
مخصوص بغاوتي ادب آهي. مشهور اديب وي- ايس نيپال
(V.S Naipal)پنهنجي
تازي لکيل ڪتاب ”هندستان- لکين غدر“
(India A milion Mutinuies Now)
۾ دلت ادب جي باري ۾ تفصيل سان لکيو آهي ۽ بمبئيءَ
جي مشهور دلت شاعر نامديو سان اکيون کوليندڙ
انٽرويو ڏنو آهي. تازو روزاني”ڊان“ ۾ زينو(Zeno)
جو دلت ادب تي مضمون آيو آهي، جنهن ۾ چاليهن واري
ڏهاڪي جي اشتراڪي شاعر انا ڀائو ساٿيءَ جو نظم ڏنو
اٿائين.
”دنيا ۾ مترڪي کي مٿي ڪيو
ڀيم راءِ[5]
ائين چيوهو،
هاٿيءَ کي گپ ۾ ڇو گپايو وڃي؟
پنهنجي بدن کي ڇنڊڪو ڏيو ۽ ٻاهر اچو،
مٿي ٽپو ڏيو ۽ پاڻ کي اُڀاريو،
شاهوڪارن اسان کي ڦُريو آهي،
برهمڻن اسان کي پيڙا ڏني آهي،
ڄڻ پٿرن هيرن کي ڳڙڪايو آهي،
۽ چور سُپيتاشهري ٿي اُڀريا آهن،
انهن ئي فيصلو ڪيو آهي ته اسان گهٽ ذات وارا اَپوتر آهيون،
انهن اسان کي هزارين سال غلام بڻائي رکيو،
انهن اسان جي جيون کي ڀرشٽائيءَ ۾ ويڙهي ڇڏيو،
۽ اسان جي راهه ۾ رندڪون وڌيون،
هاڻي اسان کي ٻڌيءَ جي رَٿ ۾ گهٽ سفر ڪرڻ گهرجي ۽ اڳتي وڌڻ
گهرجي،
جيئن اسان مليل جليل مهاراشٽر ٺاهي سگهون
۽ ڀيم راءِ جي نالي کي امرتا ڏئي سگهون!“
”زينو“ وڌيڪ لکيو آهي ته اهو هڪ مئني فيسٽو هو جو ائمبيڊڪر کان
پوءِ اڇوتن جي ٻي نسل جو (پڌرنامو) هو، جيڪو ڪافي
بي ترتيبي ۽ تضاد ڏيکاري رهيو هو، جيتوڻيڪ اُن جي
اڃا تائين بيحد عزت ڪئي ويندي آهي، پر پر دلت ادب
پلنگ
(Pathers) هڪ نئين نسل سان واسطو رکن ٿا ۽ انهن کي پنهنجا نظريا آهن. اهي
نه مارڪسزم جا مخالف آهن، نه سوشلسٽ آدرش جا، پر
اهي هر قسم جي ڪميونسٽ مان مايوس آهن. انهن ۾ سڀني
کان وڌيڪ نامور نامديو ڌاسل آهي، جنهن نئين دلت
شاعريءَ جو بنياد وڌو آهي. هو اناڀاؤَ جو ساٿي ۽
امر شيخ جهڙي مسلمان شاعر جو ادبي وارث آهي. هن
اَمر شيخ جي ڌيءَ ملڪا سان شادي به ڪئي هُئي پر
هو اهو مسترد ٿو ڪري ته ڪميونزم دلت قوم جي نجات
آهي. هڪ نظم ۾ هُن چيو آهي:
”هن دنيا جي سوشلزم
هن دنيا جي ڪميونزم
۽ ان جون سڀ ڳالهيون،
اسان انهن سان تجربو ڪيو آهي
۽ نتيجواهو آهي
ته رڳو اسان جو ئي پاڇو اسان جي پيرن کي ڍڪي ٿو.“
سال 1988ع ۾ ڪشور ناهيد مون ڏانهن ماهِ نَو جو ”سارڪ ادب“ تي
سالنامو موڪليو هو، جنهن ۾ رضي عابدي جو هڪ مضمون
آهي”ٺڪرايلن جو ادب“ جنهن ۾ نامديو جي مٿين نظم
سان گڏ ڪجهه ٻيا نظم به آهن، هڪ نظم نارائڻ سوردي
جو”ڪارل ماڪس“ تي آهي، جنهن ۾ مارڪسي نظرئي ۽
مارڪسي خطابت جو ذڪر ڪندي هو لکي ٿو:
”مان هڪ جلسي ۾ تقرير ڪري رهيو هوس
”...ته هيءَ پسماندگي ڇو؟
”غريبي، ان جو بنياد ڇا آهي؟
”ان تي مارڪس سامهون آيو
” ۽ هن چيو: ”مان توکي ٻڌايان ٿو...“
”پوءِ هو ڳالهائيندو ٿي رهيو،
”ٻئي ڏينهن جلسي گاهه جي دروازي تي هو منهنجي تقرير ٻڌڻ بيهي
رهيو،
”....اسان ئي هن تاريخ جا هيرو آهيون
”اڄ کان پوءِ جي اَتم ڪهاڻيون لکيون وينديون
انهن جا به ....
”سڀ کان اول هن تاڙيون وڄايون – پوءِ-
”ٽهڪ ڏيندي
”منهنجي ڪنڌ تي هٿ رکيائين ۽ چيائين،
”تون ڪوئي شاعر ٻائر آهين
”عجب – ڏاڍو چڱو
”مون کي به شاعري پسند هئي.
”گوئٽي ڏاڍو چڱو لکندو هو.“
ڪي ڪي دلت نظم بغاوت سان ڀريل آهن ۽ ٽين دنيا جي هالو چالو
شاعريءَ جهڙا آهن، جنهن ۾ ڪُروپ- پوڄا(Cutr
of the Ugliness)
آهي، مثال طور:
”ويدن کي اُچاريندي
”هو پنهنجيءَ چوٽيءَ کي مکڻ لائيندي
”اسڪول جو برهمڻ ماستر
”رڙ ڪري چوي ٿو منهجي پوتر ٻولي ڳالهاءِ
”رنڊيءَ جي اولاد“
”هاڻي تون ئي چئه
” ته مان ڪهڙي ٻولي ڳالهايان.“
هڪ ٻئي دياپوار نالي شاعر جو هيٺيون نظم آهي:
تو لاس اينجلز مان لکيو
”هتان جي اسٽورن، هوٽلن ۽ ڪلبن ۾،
هندستانين ۽ ڪُتن کي هڪ ئي نظر سان ڏٺو وڃي ٿو،
نيگرو، سياه فام، اُهي سڀ مون کي گاريون ڏين ٿا
۽ منهنجي دل جي گهرائين ۾ هزارين وڇون ڏنگ هڻي رهيا آهن.“
”مون اهو پڙهيو ته مون کي ڏاڍو چڱو لڳو
هاڻي تو به انهيءَ ڳالهه جو مزو چکيو آهي، جا اسان سهندا رهيا
آهيون.
مان ۽ جمال ته لاهوت لامڪان تائين وياهئاسين، جنهن جو
ذڪر اڳتي ايندو، پر جمال جو پٽ بدر ابڙو
پنهنجي ليکي نه رڳو لاهوت پر هنگلاج تائين ويو
هو ۽ تازو هڪ دلڪش ڪتاب ”هنگلاج ۽ لاهوت“ لکيو
اٿائين، ان ۾ صفحي 68 تي لکيل آهي:
”انيل ڪَن ڏانهن ويندي، گورکنات جي ڌوڻي اچي ٿي. گور کناٿ سان منسوب جبل سنڌ
۾ مختلف هنڌن تي آهن. خاص ڪري جوهيءَ لڳ هڪ
جبل پنهنجي ٿڌڪار ۽ اُوچائيءَ سبب گهڻو مشهور
آهي. ٻيو جبل لاهوت لامڪان وٽ آهي. شري گورک
جو هڪ جدا پنٿ آهي ۽ هن ان پنٿ جو بنياد وڌو
هو. سندس مول متو هو ته دنيا ۾ ڪوئي اُوچ نيچ
نه آهي. شري گورکناٿ وڏي حشمت وارو ماڻهو هو.
هو پنهنجي پنٿ سان گڏ هنگلاج ديويءَ جو به وڏو
پرچارڪ هو.“
2 ”گورکناٿ پاڻ، راجا روي چند ۽ راجا ڀرتري سڀئي هڪ گرو، شري
رامچندر ناٿ جا چيلا هئا، پر گوکناٿ ڄاڻ ۾
استاد کان اڳتي نڪري ويو. هن پنهنجو وڏو مرڪز
سيوستان کي ٺاهيو هو ۽ ٻيا مرڪز شاهه لاهوت،
ڪراچي ۽ ماڙيپور جي وچ ۾ اڄوڪي گورک مڙهي يا
آمري تلاءَ ۽ هنگلاج وٽ ٺاهيا ها. هنگلاج وارو
انيل کوهه گورکناٿ سان منسوب ڪيو وڃي ٿو
(راجاڀرٿري، اجين نگريءَ جي راجا گنڌر سين جو
ٽيون نمبر پُٽ هو. ٽنهي پٽن هڪ ٻئي پويان اجين
جي گادي سنڀالي هئي پر هڪ ٻئي پويان سنياس به
ورتو هيائون.“
(ڪتابڙو: ڀرتي هري- سندر شيوا
منڊ)
تازو مون هندستان مان انگريزيءَ ۾ ڀرتري هريءَ بلهانا تي
ڪتاب ورتو هو، جنهن ۾ نه رڳو ”ڀوتري هري“ ۽”
بلهانا“جا سنسڪرت جا نظم ترجمو ٿيل ها، پر
انهن جون مختصر اَتم- ڪهاڻيون به ڏنل هيون.
ڀرتري هريءَ جي نظم جا نمونا به آهن:
هاڻي به
مون کي هن جون اکيون ياد آهن،
جي ڪنبي رهيون هيون ۽ پيار ۾ پورجي ويون هيون،
هن جو سرير سنهڙو ٿي لڳو،
جنهن تي عمدو لباس پيو هو ۽ وار ڇڙيل ها،
هوءَ هنس وانگر لڳي رهي هئي
ڪام روپي ڪوڻين جي جهُمٽ ۾
مان هُن کي نه رڳو ٻئي جنم ۾
پير سَمئه جي انت تائين ساريندس.“
يا
”جڏهن چنڊ جو سهائو پک
هن ڪامڻيءَ جي ڪنول- مُک تي
چمڪي ٿو،
تڏهن هن جي چپن ۾ ماکي سمالي لڳي ٿي،
پر هاڻي جيڪو ايرائونءَ جي وَل تي،
ڪچي ڦَل وانگر
چڱو چؤکو لڳي رهيو آهي،
جڏهن سمئه وهامي ويندو
تکي وِهَ وانگر ڀاسندو.
“Yet is everyman is his greatest enemy and
as it were his own execcutioner.”
(Sir Thomas Brown)
نوٽ: گرڙا اڇوت قومن جا گرو آهن.
|