ان کان ڏهه مهينا پوءِ مان پارٽي آفيس ۾ ويٺو هوس، جتي سشيلا،
وياس، ايم. اين. راءِ واريءَ آل پاڪستان فيڊريشن
آف ليبر جا پريزيڊنٽ ۽ سيڪريٽري خطيب ۽ دَوي،
ابراهيم ۽ آگي قدم پرنٽري وارو ڪامريڊ احمد به
ويٺا ها. سشيلا کي مهينو اڳ ڄاول گوري رنگ وارو
پُٽ گود ۾ هو. هن سڀني کي ٻُڌايو ته هُن جو ڪامريڊ
عبدالغفور سان پيار ٿي ويو آهي. مون کي اڳ ئي خبر
هئي ته ڪامريڊ عبدالغفور جي اڳينءَ زال کي ڪئنسر
آهي، جنهن لاءِ اُن وقت ٽريٽمينٽ ڪانه هئي ۽ هُن
جي غذا فقط سڪل ڪشمش هئي (اهو علاج ڪامريڊ ڪنهن طب
جي ڪتاب ۾ پڙهيو هيو) ڪامريڊ وياس ٿڌو ساهه ڀري
چيو، ”ماهر سرجن مونکي پٺيءَ ۾ ڇُرو هنيو آهي، پر
جي مون دانهن ڪئي ته مونکي انقلابي نه سمجهجو.“
شايد ڪامريڊ وياس تي اڃا اينگلس جي ڪتاب ”خاندان
جي بنياد“
(Origin of family)
جو اثر هو. هن جا لفظ ٻڌي خار ۾ مون سشيلا کي چيو: ”سشيلا! تون
ڪهڙي نه ذليل عورت آهين!“ هن يڪدم مونکي جواب ڏنو
”مان توکان سرٽيفڪيٽ ته نه ٿي گهران.“ مان جلد ئي
اتان اُٿي ويس.
ڪامريڊ عبدالغفور جي گهرواري گذاري وئي، پر هن ٻي شادي نه ڪئي.
پاڪستان کان ڪجهه مهينا پوءِ سشيلا ۽ نگيندر وياس
مولانا شبير احمد عثمانيءَ جي هٿ تي مسلمان ٿيا،
ڇو ته اسلام ئي ڪنهن به مذهب کان وڌيڪ ترقي پسند
هو ۽ ايم. اين. راءِ اُن تي ڪتاب لکيو هو. پر جڏهن
هو مهاجر حلقن ۾ وڃڻ لڳا ته پاڻ کي اجنبي ڀائڻ
لڳا. شايد ورهاڱي کانپوءِ وياس جو پيءُ سان ٺاهه
ٿي ويو هو. هو ٻئي گجرات هليا ويا ها ۽ معلوم نه
آهي ته جيئرا آهن يا نه!
ورهاڱي ڪيترا دوست، احباب، خاندان وڇوڙي ڇڏيا ۽ مون هڪ گيت لکيو
هو:
ڇڻندڙ پن وڇوڙيل يار، ڳالهه ته هڪڙي ناهي.“
پر پن هوا ۾ اڏامي، ڇڙوڇڙ ٿي وڃن ٿا. وڇوڙيل يار وَري ڪڏهن ملن
ته بعيد از امڪان نه آهي، ها اُهي ڪيئن ملن اُهو
بعيد از ضرور آهي. تاريخ گهايل هاٿيءَ وانگر ڌوڪي
ڏاهر کي درياهه ۾ اڇلايو هو ۽ هن جو ڌڙ ڌار، سر
ڌار لڌو ويو هو، جو دروازو منجنيق جا پٿر ٽوڙي نه
سگهيا ها، اُهو ”وِڪئي وزير“ اندران کولي ڇڏيو هو.
هن ديس جي غداريءَ، راءِ سهاسيءَ جي دغا سان موت ۽
چچ جي تخت نشينيءَ سان ڇو شروع ٿئي ٿي؟؟
ڪاش! ڪوئي محقق راءِ سهاسيءَ تي ڪوئي وڌيڪ مواد ڳولي لهي، جو هڪ
نيت پت وارو راجا هو يا ڪاش! هُو ان کان به اڳ
اسان جي تاريخ شروع ڪري، جنهن ۾ نيڪ نيتي، ديانت ۽
خلوص وارا حڪمران ها. مونکي پير حسام الدين ٻڌايو
هو ته عراق ۾ راجا ڏاهر جي تصوير آهي. شايد ٻيو
مواد به ملي پئي جو سنڌ جي تاريخ جي شروعات مان
قباحت جو عنصر ڪڍي وٺي. آخر سنڌي عوام جيڪو نهايت
پرخلوص ۽ ديانتدار آهي، اُن جو ماضي به اهڙو.ي بي
داغ هجڻ گهرجي ۽ هر انساني ڪمينگي اُن ۾ انساني
نفسيات جو اتفاقي عنصر سمجهڻ گهرجي.
مان ٻيهر جڏهن عمرڪوٽ آيس ته منهنجومائٽ شيخ جعفر اُتي ايس. ڊي.
او هيو. ان رات گهر ۾ ڪونه هو سو اسان سرڪاري
بنگلي ۾ لٿاسين. ڌرتي مارئيءَ وانگر ٿي لڳي ۽
آسمان عمرڪوٽ، جنهن ۾ ڪا وِٿي نه هئي. انسان تي
ايتري غلامي ڪنهن مسلط ڪئي آهي جو پَنُ به هن جي
مرضيءَ سان نٿو چُري! سارتر جي وجوديت خود مشيت جو
حصو آهي. غالب ڪوچهءَ بلي ماران ۾ ڄايو هو، هن جا
پونيئر ڪوچهءَ چوهان ماران ۾ پيدا ٿيا آهن. ڪراچي
اسان جو ڪوئا مار آهي، جنهن جو دروازو ڪافڪا ٺاهيو
آهي.
مومل جتي ڏاگهه چڙهي هئي، اُن کان ڪجهه پنڌ تي سنگِ لرزان
(Sand stone)
جو چبوترو هو، جتي اڪبر ڄايو هو. ڀنڀرڪي جو اسان
ان ٿَلهي وٽ پهتا هئاسين ۽ باک جا آثار نظر اچي
رهيا ها ۽ مون کي هيٺيون گيت ياد اچي رهيو هو، جو
صديون اڳي شايد سنڌ ڌرتيءَ تي تخليق ڪيو ويو هو:
”جيڪي صبح گذري ويا آهن ۽ بي شمار صبح جي هن کان پوءِ ٿيڻا آهن،
تن جي واٽ وٺي هيءَ روشن اُشا اچي ٿي ته اوندهه
ٽاري ٿي ۽ جيڪي ماڻهو ننڊ ۾ مُئلن مثل پيل آهن تن
۾ سجاڳي پيدا ڪري ٿي.“
”سهڻي اُشا، تون جيتوڻيڪ بي شمار ورهين کان جيئري رهندي آئي
آهين، ته به هر ڪنهن صبح جو تون نئون جنم وٺين ٿي،
تنهنڪري تون ٻُڍي به نه آهين ته جوان به نه آهين.“
”اڄوڪو صبح اُها واٽ وٺي ويندو، جا کانئس اڳي هرڪنهن صبح ورتي.
هن کانپوءِ جيڪو صبح ٿيندو، سو به اُشا جي پُٺ
ويندو. قديم زماني ۾ جن ماڻهن اُشا جي واٽ نهاري
ٿي، سي گذاري ويا. اڄ سندس اچڻ تي اسان اهو منظر
پيا ڏسون، اسان کانپوءِ جيڪي ٻيا پيدا ٿيندا،
آئيندي اُنهيءَ ديويءَ جا تروِرا پَسندا.“
ضميمو: پهريون
ضميمو: الف
رشيد ڀٽيءَ جي هٿ لکيل ڊائري
هندستان جي سفر دوران رشيد ڀٽيءَ جا ورتل نوٽس
22 ڊسمبر 1963ع
سکر کان ڪراچيءَ روانگي. گاڏيءَ ۾ سترنهن سالن جي وڇوڙي تي
ڳالهه ٻولهه. هندستان جي دوستن جي مُتوقع موٽ ۾
خوشيءَ بابت انديشا ۽ انومان. گاڏيءَ ۾ به پڪ ڪانه
ته ڪو وڃڻ نصيب ٿيندو يا نه!
23 ڊسمبر 1963ع
ڪراچيءَ پهچي، ڀارتي هاءِ ڪمشنريءَ ۾ ويزا لاءِ درخواست. هوٽل
موناليزا ۾ قيام.
24 ڊسمبر 1963ع
مولوي عبدالواحد سنڌيءَ سان ملاقات. حسين شاهه راشديءَ وٽ هلندڙ
ادبي ڪانٽرو وَرسيءَ تي بحث. راشديءَ جي ڪردار تي
ڳالهه ٻولهه. راشديءَ ۽ سنڌ موضوع تي بحث.
25 ڊسمبر 1963ع
صبح جو ربانيءَ جي ڪردار تي ڳالهه ٻولهه. اياز جي نون ڪتابن تي
خيالن جي ڏي وٺ. راشديءَ وٽ ماني. رات جو هوٽل ۾
مظفر صديقي سان محفل.
26 ڊسمبر 1963ع
ويزا ملي. اسٽيٽ بئنڪ مان ايڪسچينچ حاصل ڪرڻ. منجهند جو مخدوم
عبدالواليءَ وٽ. رات جو سراج طرفان ”سابرينا“ ۾
ماني. سَرڪي، مقبول، رشيد آخوند، مولوي سنڌي،
خواجه سليم، بروهي، رباني، حسين شاهه ۽ ڊکڻ به
ڪوٺيل.
27 ڊسمبر 1963ع
ايئر انڊيا رستي روانگي. وائڪائونٽ جهاز. منجهند جو اُڏام.
ايئرپورٽ تي بروهيءَ طرفان لنچ. لائونج ۾ آسٽريلوي
ماڻهن سان ڳالهه ٻولهه، پارٽيشن تي. ايئر هوسٽس ۽
هڪ ڀارتي ناريءَ جي سونهن ۽ ورتاءَ تي ڳالهه
ٻولهه. پاڪستاني عورتن (مسلمان) سان ڀيٽ.
شانتا ڪروز ايئرپورٽ تي پهچڻ. موهن ڪلپنا ۽ راجن ڪسٽم ڪليئرنس
ڪرائي ورتي...... سگريٽ تي ڪسٽم آفيسر خوش ٿي ويو.
راهي موٽواڻي، ارجن شاد، ارجن موٽواڻي، جئوير،
گوبند مالهي، لعل پُشپ، ڪرشن راهي، مايا راهي،
موتي پرڪاش، ڪلاپرڪاش، سندري، اُتم، موهن، راجن
چاولا ۽ گيتا ايئرپورٽ تي آيل. راجن وارن جي ڪار ۾
روانا ٿياسين. ”ليونڪ“ (؟) ريسٽورنٽ ۾ چانهه ۽
وڇوڙي جي ورهين ۽ انسان تي بحث ۽ خيال آرائي. رات
جي ماني ڪيرت وٽ، جتي سڀ دوست آيا. اُتان اٿي راجن
جَن وٽ چانهه تي آياسين. راجن جا ٻار اَنيتا ۽
اُميش مونکي ”پڪو“ ماما سمجهي رهيا ها. رات اُتي
رهياسين. باندرا ۾ ڊاڪٽر ائمبيڊ ڪر روڊ تي سندن
فلئٽ ۾. هرڪو دوست پاڻ وٽ رهڻ ۽ مانيءَ جي دعوت
ڏئي رهيو هو. رات سڄي جاڳياسين. حال احوال ۽ اياز
شعر ٻڌائيندو رهيو. صبح جو 5 بجي سمهياسين.
28 ڊسمبر 1963ع
صبح جو ٿاڻي تي اطلاع ڏيڻ وياسين، پوليس وارن جو ورَتاءُ. پهرين
جاءِ جا گهمڻ وياسين سارايل ايشياٽِڪ سوسائٽي جي
لائبريري هئي. 180000 (هڪ لک اسي هزار ـــ مصنف)
ڪتاب. سنڌ جي تاريخ تي وڏو ذخيرو. ڪولابا، فورٽ ۽
ماهم گهمياسين. بمبئيءَ جو قومي عجائب گهر. موهن ۽
ڪاهوءَ جي دڙي جون اصلي نوادرات اُت موجود. ڪاشيءَ
جي سِرَ. موهن جي دڙي جو ماڊل. منجهند جي ماني
فورٽ جي هڪ سِک جي هوٽل ۾. شام جو ڪولابا ۾
پوپٽيءَ جي جاءِ تي، ٽيريس تي ڪچهري. سڀ سنڌي اديب
آيل. جڳت آڏاواڻيءَ، ايم. يو ملڪاڻيءَ ۽ ناگراڻيءَ
ڳالهايو. پوپٽيءَ ”مارئي“ ڳائي ـــ ڪرشن راهيءَ
اياز جو غزل ”پرين سان پکا ڪير ويهي اَڏي.....“
سُر سان ڳايو. اُتم، راجن، موهن ۽ گيتا وياسين.
ارجن شاد به شعر ٻڌايو، سُر سان اياز جو. سکر جو
ڪيسواڻي به مليو. اصل مدئجيءَ جو هو. اخبار ۾ سنڌ
کان آيلن جو ٻُڌي آيو هو. رات جو ارجن شاد پاڻ وٽ
رهائڻ لاءِ وٺي ويو.
29 ڊسمبر 1963ع
ارجن جي ماءُ. زال موهني ميرچنداڻي. ڊاڪٽر ڇٻلاڻي جي مائٽياڻي
ـــ اياز جو ڪلام ڳاتائين. صبح جو چئين بجي
سمهياسين. نيرن بعد مالهي آيو ۽ فلم جي شوٽنگ
ڏيکارڻ لاءِ ڪاردار اسٽوڊيو وٺي هليو. ”بهو بيگم“
جي شوٽنگ پئي ٿي. مينا ڪماريءَ تي افتتاحي شاٽ پئي
ورتو ويو. بلراج ساهنيءَ ۽ نثار اختر سان ملاقات ۽
ڳالهه ٻولهه. منجهند جو پرنسپال اجواڻيءَ وٽ
وياسين. سنڌي زبان ۽ ادب جي ڀارت ۾ مستقبل بابت
بحث. ڪلياڻ آڏواڻي، گوبند مالهي، لعل پشپ، موهن
ڪلپنا، راجن ۽ ارجن به موجود. منجهند جي ماني
گوبند پنجاپيءَ وٽ. راهيءَ وري اياز جو ڪلام ڳايو.
سيارو ڄڻ آهي ڪونه. اسان گرم ڪپڙا کڻي اچي ڦاٿا
هياسين. هت ته ڏينهن رات پکو پيو هلي. شام جو گهمڻ
وياسي. چوپاٽي، بيل پُورِي، مَرين ڊرائيوَ رات جو
نيڪليس جو منظر مَرِين ڊرائيوِ جو ڪملا نهرو پارڪ،
انڊين فلم ايگزيبشن ڏٺي سين. رات جو ماهم ۽ جڳت
آڏاواڻيءَ وٽ ماني. اُت گنو سامتاڻي ۽ موهن گيهاڻي
پڻ آيا، ٻين دوستن کانسواءِ.
30 دسمبر 1963ع
11 بجي تائين ارجن جي گهر بحث ۽ حال احوال. حاضر جڳت، گيتا،
راجن، موهن گيهاڻي. ان بعد ڀواني (اکر سمجهه ۾ نٿو
اچي) ۽ وهار (اکر مُنجهيل انداز ۾ لکيل ـــ مصنف)
جو سئر، آريه مِلڪ پلانٽ، هندو مٿالاجيءَ تي جڳت
جي روشني وجهڻ ۽ اياز سان بحث. ”مجهي جيني دو“
فلم. سنيل دت ۽ وحيده رحمان. هندستان جي ليجينڊري
ڊاڪو سلطان تي هالي ووڊ ۾ فلم
“The long dule”
جو چربو، رات جو موتيءَ وٽ ماني. ڪيرت، راهي، لعل
۽ اُتم زالن سميت ـــ هري موٽواڻي ۽ موهن گيهاڻي
به. ڪَلا جو شيام لاءِ اظهار ـــ ڪَلا جا ٿانوَ
ڀڃڻ (؟). ڪَلا جي ڌيءَ سنڌو ـــ هريءَ ۽ موتيءَ
اياز جا شعر ڳايا. نارائڻ شيام جا شعر ڪَلا
ٻُڌايا. مالهيءَ کي ”ڪنٽور“ نالو ڏنم. هن موٽ ۾
”دُ دَستو“ سڏيو. مالهي ۽ ان جو ٿيلهو ـــ مولانا
سنڌي ۽ اُن جو ٿيلهو ــــ رات جو گيتا جن سان
جوهوءَ تي آياسين ـــ سڄي رات بيچ تي ڪار ۾ جاڳي
گذاري سين ۽ بحث مباحثا ۽ جوڪِس
(Jokes)
ڪياسين. صبح جو راج جي فلئٽ تي آياسين.
31 ڊسمبر 1963ع
صبح جو به ڳالهيون نه کُٽيون. گيتا ويچاريءَ ست ڀيرا چانهه
ٺاهي. ڏهين بجي کَن اياز ننڊ ڪئي. گيتا گهر جي ڪَم
کي لڳي. مان ۽ راجن شهر ڀاڄي وٺڻ وياسين. منجهند
جو گيتا جَن وٽ عام دعوت. سڀ (لعل پُشپ، ڪَويتا
پُشپ، شاد ۽ جڳت، مالهي دير سان آيو) اُتي گيتا جي
ساهيڙي پُشپا به آئي جا پاڙيسري هُيس. گُڏي، پشم
گڏي، ناز ۽ نخرو، سونهن ـــ شام تائين ڪچهري پوءِ
ڪلياڻ ڪئمپ روانا ٿياسين. مالهي، مان، اياز، راج ۽
گيتا ۽ اُن جا ٻه ٻار ـــ ڪار جي سڃاڻپ وارو جوڪ
(Joke)
. مالهي گوڙِ بندر وٺي هليو. دڳ ۾ آدي واسين جو
قصو ـــ سندري، ڪَلا، موتي ۽ اُتم اُتي آيا.
مالهيءَ تي ”گارڊنر“ ۽ ڪمل تي
W.C
جو نالو (؟) ”مُڇَ مَٿي ۾“ واري پيروڊي. سڄي رات
ڪچهري ٿيندي رهي. شراب ۽ شعر تي حال احوال ـــ
سياست ــــ تاريخ ــــ ادب ۽ زبان ـــ شعر
وشاعريءَ ۾ جوڪِس
Jokes)
). سُڳن جي گهر پوئين پهر وڃي سمهياسين.
1 جنوري 1964ع
صبح جو 8 بجي تائين سُتا رهياسين. موهن پنهنجيءَ بئرڪ تي وٺي
هليو. گرل فرينڊ ميران سان ملايائين. مايا راهي به
آئي. گهران ڊڪي ڪَڙهي آڻي کارايائين ـــ نيرن سُڳن
وٽ ـــ سندس زال ٻار سيما، لتا، پرتاب ۽ هَري ـــ
سُڳن سان سکر ۽ بندر جون ڳالهيون ـــ منجهند جي
ماني ڪِشور پهوجا وَٽ. ٽين بجي ڪئمپ ۾، پنڌ
ڳالهائيندا، چَرچا ڪندا وياسين ـــ ڪلياڻ ۾ ساڌ
ٻيلو، لکي در، سچل ۽ ساميءَ جون سماڌيون ـــ سکر
وارو اُستاد پرسرام مسند اُتي به سُندر شيوڪ سڀا
ٺاهي، ڪم ڪَري رهيو هو. اهي سکر وارا جاين جا نالا
ـــ هوا بندر ـــ سيروُ چونڪ، ڪرم جو ٿلهو، نمن جو
چونڪ وغيره وغيره ـــ ماني کائي ڪار ۾ بمبئي
موٽياسين. ڀنڊيءَ ڀرسان گاڏي پنڪچر ـــ رات جي
ماني گرناڻيءَ (ناگراڻيءَ) وٽ ـــ پوءِ جو هوءَ
راج جي دوست جي بنگلي تي اچي پيتوسين ۽ محفل ڪئي
سين. سڄي رات جاڳياسين.
2 جنوري 1964ع
صبح جو راج جي گهر اچي، نيرن ڪَري، جهٽ ليٽياسين. ننڊ نه آئي ته
وري اُٿي، ڪچهري ڪئي سين. خلوص ۽ سڪ کان متاثر ٿي
روئي ويٺس. اياز ۽ گيتا جي پرچائڻ تي به موڊ درست
نه ٿِي. شام جو طبيعت ٺيڪ ٿي ۽ کِل آئي. موهن ۽
شاد ڪتاب کڻي آيا. جڳت ساڙهيون کڻي آيو. ماني
منجهند جي کائي، شام جو لبرٽيءَ ۾ فلم ”ميري
محبوب“ ڏسڻ وياسين. رات جاڳياسين. گيتا۽ موهن بحث
۾ اُلجهي پيا. ڀٽائيءَ تي بحث ـــ راجن، اياز ۽
منهنجو هٿ ڏٺو ـــ گيتا جو هڪ اردو شاعر ”مغني“ به
شام جو سندن گهر آيو ــــ متاثر نه ڪيائين.
عاميانه قسم جو شاعر هو.
3 جنوري 1964ع
سڄو ڏينهن جو هو بِيچ تي سن باٿ وٺندا رهياسين. ساڍي ٽين بجي
ماني به بِيچ تي کاڌي سين. موهن ڪپلنا سان هندو
مسلمانن جي سيڪس
(Sex)
بابت جوڪس
(Jokes)
. گنبٽ گهوڙا، راڻي پور دراجا ـــ سُڳن جي جيون ۽ سفرنگس
(Sufferings)
تي موهن جو ڳالهائڻ:
زندگي تنهنجي اَدائن مان ٿيو بِرُ آهيان
غم جو پهلو ته بدل نيٺ به شاعِر آهيان.
موهن جي زندگي سندس زباني.
چند تصوير بُتان، چند حسينون کي خطوط
وه جــــــب يـــــاد آئـــــي، بـهـــــت يــــاد آئي
موهن کان سوا جڳت ۽ شاد به جوهوءَ ۾ ڪٺا رهيا.
سانجهيءَ جو ماهم تي اُتم جن وٽ مانيءَ تي آياسين. سڀ دوست ـــ
سُندري، ڌيئر آشا ۽ بينا ـــ نِرتيه، لاڏا،
ساکيون، بحث ــــ رات جو دير تائين جاڳي اُتم جن
وٽ سمهي پياسين.
4 جنوري 1964ع
صبح جو نيرن اُتم جن وٽ ــــ چانهن پي گيتا جي چانهه ۽ سندس ياد
آئي. ناشتي تي اُتم سان اياز جو ماده پرستيءَ ۽
روحانيت تي بحث ٿيو. هند ۽ سنڌ جي سنڌيت جي هلچل
تي ۽ سنڌ ۾ هلندڙ تحريڪ تي بحث. راج ۽ گيتا آيا
ــــ سندري به، گڏجي شهر وياسين ـــ منجهند جي
ماني جڳت آڏواڻيءَ وٽ ـــ جئوِير به آيو ـــ مئٽني
شو تي سندريءَ جي صلاح سان بنگالي فلم ڏٺي سين.
شام جو اياز کي بُخار ـــ گيتا جي گهر موٽي آياسين
ـــ چانهه پي نيشنل ڪاليج ۾ رِٿيل آجيان جي
گڏجاڻيءَ ۾ وياسين. رات جي ماني پرنسپال اَجواڻيءَ
وٽ ـــ ملڪاڻي ۽ نارائڻ شيام به آيا. رات جو موٽي
جوهر بيچ واري بنگلي تي آياسين. بِيچ تي سُڳن
آهوجا به هو ـــ شعر وشاعري ـــ حال احوال ـــ ٽين
بجي سمهياسين.
5 جنوري 1964ع
صبح سان چانهن تي حال احوال ۽ ڪچهري ـــ منجهند جي مانيءَ لاءِ
ٺاڪر چاولا وٽ آياسين. شيام، شاد، سڳن، سُندري،
اُتم، موهن، لعل ڪويتا ـــ ٽين بجي کان ڪچهري ــ
لعل ۽ موهن جي شخصيت تي ملڪاڻيءَ جو اظهارِ خيال
ـــ مختلف خيالن ۽ مڪتبِ فڪرن کان متاثر موهن
هَرفن مولا ليکبو آهي. سنڌي هئڻ ۽ سنڌ ۾ ڄمڻ تي
فخر، سنڌ واري زبان پسند، نئين نسل کي زنده رکڻ
(سنڌي جي حيثيت ۾) زندگيءَ جو مقصد ــ اياز کان
وڌي وڃڻ جي خواهش ـــ سنڌين کي پورٽِريٽ (؟
غالباََ لفظ پورِٽري
Portrey)
ڪرڻ جو عزم ــ ٽرئڊيشن قائم ڪرڻ جو ارادو ـــ
سُڳن، شيام ۽ اياز شعر ٻڌايا. شام جو بِيچ آياسين
ـــ ساڍي ڇهين بجي تائين اُتي ڪچهري ــ سُندريءَ
سان رهاڻ ــ سندس اُتم بابت ويچار. سُڳن ۽ شاد کي
لطيفا ٻُڌايم ــ رات جي ماني باندرا ۾ راجن وٽ
کائي، شانتا ڪروز ايئرپورٽ تي دهليءَ لاءِ
رِزرويشن ڪرائڻ وياسين.
6 جنوري 1964ع
صبح سان جوهوءَ وارو بنگلو ڇڏي گيتا جي گهر آياسين. سڄو ڏينهن
اُتي چانهن تي ۽ منجهند جي مانيءَ تي ڪچهري ٿيندي
رهي ـــ شيام، سڳن، مالهي، موهن ـــ ساڍي اٺين بجي
راجن آيو ته سڀ دوست ايئرپورٽ تي ڇڏڻ هليا ـــ
جهاز ۾ مدراسيءَ جو سگريٽ (؟) ٻه اڍائي بجي ناگپور
مان جهاز تبديل ـــ رات جو ٽئڪسيءَ ۾ ناگپور جو
چڪر ـــ راج گيتا، اُميش ۽ اَنيتا به ساڻ.
7 جنوري 1964ع
5 بجي صبح جو ڊم ڊم جي هوائي اڏي تي لٿاسين. سيءُ بي انتها ـــ
ٽئڪسي ڊرائيور مان سنگهه ـــ آصف الدوله روڊ ۽
ڪناٽ پئليس تي هوٽلن جي ڳولا ـــ اِمپيريل هوٽل
ڪناٽ پليس ۾ رهائش ـــ ماني کائي ٻي ٽئڪسي گربخش
سنگهه جي هٿ ڪئي سين. صبح وارو (ٽئڪسي ڊرائيور) نه
آيو. رينا، سينٽرل، براڊ وي، اَشوڪ هوٽل جو چڪر
ـــ موٽي آياسين ته هري ڪانت، گورڌن، هيم ۽ لڇمڻ
ڀاٽيا آيا. صبح سان گهمندي نهروءَ کي ڪار ۾ ويندو
ڏٺوسين. هتان وانگر پوليس جي مارڌاڙ ۽ رستابندي
ڪونه هئي. منجهند جو گورڌن اياز جي گيت: ”پيئوڙي
يار، جيئو ڙي يار“ جي ڌن ٻُڌائي. ننڊ ڪري غالب،
خُسروءَ، نظام الدين اولياء جي مزارن تي حاضري.
ٽوئرسٽ ڊپارنمينٽ جي بس ۾ رزوريشن ڪراياسين. رات
جو ڪچهري ـــ پرڀو وفا، سترام ڪنياڻي، لعل موٽواڻي
به آيا. 12 بجي آرامي ٿياسين.
8 جنوري 1964ع
صبح سان نوين بجي سترام، هري ڪانت، لڇمڻ ڀاٽيا ۽ شيام ڀاڳيا
آيا. بنا نيرن جي ٽوئرسٽ بس تي گهمڻ وياسين. شرما
گائيڊ ـــ جنتر منتر، پارليامينٽ هائوس، انڊيا
گيٽ، شير شاهه روڊ، همايون جي قبر، قطب مينار،
لڪشمي نارائڻ مندر ـــ موٽي هوٽل تي ماني کائي
ڪناٽ سرڪس ۽ ڪتابن جا دڪان ڏٺاسين. اياز ڪتاب
وَرتا. ساڍي ٽين بجي بس تي وَري روانا ٿياسين.
فيروز شاهه، ڪوٽلا، اَشوڪا اسٿمڀ، ٽرڪ ٽوئرسٽ، راج
گهاٽ، گانڌي سماڌي، بادشاهي مسجد ـــ مُلان سان
فوٽوءَ تي بحث ـــ آزاد ۽ سرمد جون قبرون، لعل
قلعو ـــ موتي مسجد تي چوڪيدار رکپال سنگهه ــ
’جَوَ ڍيري، گڏهه رکپال‘ وارو لطيفو ـــ شام جو
تيرٿ وسنت، هرو سدا رنگاڻي ۽ ٻيا مقامي اديب آيا.
رات جو پراڻيءَ دهليءَ ۾ فلم ”ديو داس“ ڏٺي سين،
جتان ٽانگي ۾ ڪناٿ پئليس آياسين. ٽي بجي رات تائين
ڪچهري.
9 جنوري 1964ع
ساڍي 9 بجي آگري وڃڻو هو. ساڍي 11 نڪري سگهياسين. پوليس ۾ داخلا
ڪرائي بس اسٽائنڊ تي آياسين. بس تي آرامده سفر
گذريو ـــ دڳ تي ڪوسي ڪلان، مٿرا ۽ ببدرا بن وڏا
اسٽاپ آيا. (ڀٽيءَ اهو نه لکيو آهي ته اسان ٻئي
شهر چڱيءَ طرح گهمياسين. مصنف) شام جو آگري
پهتاسين. هوٽل ويسٽ اينڊ ۾ رهياسين ـــ کٽي سنڌي
هيو ـــ ڏاڍو سڪ ۽ قرب ـــ عام سواري ٽانگو آهي.
ٽانگي تي آگري هوٽل ڊنر کائڻ وياسين. اُتان پنڌ
تاج محل وياسين. پوڻا ٻه ميل کن پنڌ هيو ـــ مان،
اياز، راجن، گيتا ۽ سترام ــــ ٻاهران پڪوڙن وارو
ويٺو هو، جو سنڌي هو. پڪوڙا کائي، ورهاڱي کان اڳ
وارا پنجومل جا پڪوڙا ڏاڍو ياد آيا ـــ تاج جي
ٻاهران گهڻو ڪري سنڌي سک ٿا رهن، چوڪيدار به اُهي
هيا.
10 جنوري 1964ع
سترام غزل ٻڌايو جو اياز تي لکيو هيائين. اياز جي وائڙائپ گم
شدگي ـــ پنهنجو ٽُٿ برش نه سڃاڻي گهيو ـــ جورابا
الڳ الڳ پاتائين ـــ ڏاڍو کلياسين، جنهن تي
مُرڪيو. نيرن ڪري تاج تي آياسين ـــ گائيڊ
آرڪيالاجسٽ تعميري خوبيون ٻڌايون. خان عبدالرشيد
ـــ لان تي فوٽو ڪڍراياسين ـــ اُتان آگره قلعو
گهمڻ وياسين. هند مسلم ۽ گڏيل ثقافت اڪبر جي ڪري
ـــ ڪنول، سوا ستيڪا، صليب ۽ ڊيوڊ جو اسٽار ـــ
اندر محلاتن جي اڏاوت جئپوري طرز ۽ پٿرن جي ـــ
خاص ڪري جوڌٻائي ۽ تانسين جو محل ـــ تلاءُ ـــ
جانورن جي ويڙهه جو آکاڙو ـــ جهانگير جو ڪاري سنگ
مرمر جو تخت ــــ شاهجهان جو قيد وارو برج جتان
تاج جو نظارو ڏسندو هو ـــ آئيني جو ذرو ـــ ڪا ٻي
تاج محل جي اڏاوت بنيادن تائين ـــ گائيڊ معين
الدين هاشميءَ سان ڳالهه ٻولهه ـــ جوڌٻائيءَ جي
محل ۾ حسين شاهه فاضلاڻيءَ سان ملاقات ــــ محل
ڦوهارن ۽ تلاءُ جي ڪري ايئرڪنڊيشنڊ ٿيل ـــ
شاهجهان جي قيد جي جاءِ ـــ شيش محل، ديوانِ عام ۽
ديوانِ خاص ـــ شام جو فتح پور سڪري گهمڻ وياسين
ـــ نَوَ رتنن جا محل ـــ تانسين جي ڳائڻ جي
ٻارنهن دَري، چوپڙ جو ميدان ـــ سنجها مهل بلند
دروازي تان هيٺ نظارو ـــ اُداسِي ۽ ماحول ۾
مايوسي ـــ ديوانِ عام، ديوان خاص، پبلڪ
ايگزيڪيوشن جي جڳهه، شطرنج جو ميدان انارڪليءَ جو
محل ـــ مينا بازار ۽ هوا محل ـــ بيربل ۽
ابوالفضل جا محل ـــ سليم الدين چشتيءَ جي مزار
ــــ باس باسڻ ۽ اِڳڙي ٻَڌڻ ـــ بلند دروازي تي
ويهي سوچ ۽ فڪر ۾ گم ٿي وڃڻ ـــ سترام، راجن ۽
گيتا جو ڳائڻ ـــ موٽي اچي اُداسي دَور ڪرڻ لاءِ
پي مدهوش ٿي ڪِرياسين.
11 جنوري 1964ع
ننڊ مان اُٿڻ سان هئنگ اوور
(Hang Over)
۽ اُداسي ـــ ساڍي 10 بجي هوٽل ڇڏيوسين ــ تاج آياسين. اُتان
خريداري ڪئي سين ـــ معين الدين هاشمي قلعي وارو
گائيڊ به آيو ـــ ڪار ۾ ديالداس پارڪ ۾ راڌا
سوامين جو مرڪزي مندر اڏاوت هيٺ ڏسڻ وياسين ـــ
سئو سالن کان پيو ٺهي پر اڃا اڌ به نه ٺهيو آهي،
تاج مقابلي ۾. ٺهڻ بعد جمنا کي (؟) شهر مان
خريداري ڪئي سين ـــ رات جو موٽي دهليءَ آياسين ــ
ماني ۽ محفل آڪسفورڊ بُڪ ڊيپو وارن وٽ (مسٽر
پريملاڻي) هئي. گورڌن اياز جون ڌنون ۽ سُر ٻُڌايا.
پنهنجو شعر به ٻُڌايائين ــ ٻي ڏينهن اجمير موٽي
وڃڻو هو.
12 جنوري 1964ع
9 بجي جاڳ ٿي. اياز 11 بجي حشوءَ وٽ ويو. اسان 12 بجي وياسين
ـــ ننڍڙو گهر، زال سَرلا، ڌيءَ نينا آرٽسٽ،
پينٽنگس ڏنائين ـــ حشوءَ سان سياست تي بحث ـــ
موٽندي پٽيل نگر ۾ ٻانڀڻ جي گهر ۾ باجوڙيءَ ۾سِک
جي گهر (راجن جو دوست) 4 بجي موٽياسين. شام جو
چانهه، پرڀو ۽ آلو اُچاڻيءَ (ڳڙهي ياسين واري) وٽ
ـــ لجپت نگر ۽ سنڌين جي بازار ـــ اياز لاءِ
ماچيسن جو مسئلو ـــ وساريو يا گم ڪري ڇڏيو ـــ
گيتا پُڙو ماچيسن جو وٺي رکڻ شروع ڪيو ـــ شام جو
اياز جي کيسن مان اٺ ڏهه ماچيس نڪرندا هيا ـــ رات
جي ماني هري ڪانٽ وٽ ـــ سترام، شيام، راج، گيتا،
حشو، مهروان مستاڻي، مسزهيم ۽ ڇڳاڻي وڪيل آيا،
حشو، سنڌ ۽ ون يونٽ تي ڳالهايو ـــ لطيف جو خواب ۾
اچڻ حشوءَ کي 4 بجي تائين جاڳياسين. رات جو هوٽل
تي موٽي گيتا رُني.
13 جنوري 1964ع
نوين بجي سترام آيو. اُڏيري لال تي ڳالهه ٻولهه. جهولي لال جو
ميلو. هري ڪانت، شيام ڀاڳيا ۽ ڊاڪٽر سدارنگاڻي به
آيا. شاپنگ ڪري، گهمڻ وياسين. قومي عجائب گهر. سنڌ
مان هٿ آيل ڪيئي نوادرات. گيتا جو گم ٿي وڃڻ. آرٽ
گئلريءَ ۾ وڃڻ ـــ رات جو ڊرنڪ تي بمبئي ۽ دهليءَ
جي سنڌين جي اقتصادي، سماجي ۽ ثقافتي زندگيءَ تي
بحث ۽ ڳالهه ٻولهه. مختلف حالتون ـــ رات جو فلم
”گئودان“ ڏٺي سين. گيتا جون ڀاٽيه سان گهرو مسئلن
تي ڳالهيون. |