سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر

شيخ اياز

صفحو : 7

جواني ديواني ٿئي ٿي. مان ڪو فرشتو نه آهيان، مون ۾ به انساني ڪمزوريون رهيون آهن. هڪ ڀيري مان بنگلاديش ۾ (جو اُن وقت اوڀر پاڪستان هو) رائيٽرس گلڊ جي اجلاس مان اوچتو گم ٿي ويس ۽ ڪيئي سَو ميل دريائي سفر ڪري وڃي کُلنا نڪتو هوس، جنهن جو تفصيلي ذڪر مون پنهنجي ڪتاب ”جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي“ ۾ ڪيو آهي. کُلنا کان پوءِ سندر بن گهُمي، جتي نو سو واگهه هوندا هئا، مان موٽي کُلنا آيو هوس ۽ ڊڪونا جهاز ۾ چاٽگام هليو ويو هوس. اتي مون ڊاڪٽر نعيم دريشاڻيءَ کي ميديڪل هاسٽل ۾ ڳولي لڌو هو، جو سنڌي شاعر هو ۽ منهنجو مداح هو. چاٽگام ۾ ڏاڍي بارش پئجي رهي هئي، مون نعيم وٽ سامان رکي، شايد هاسٽل ۾ ماني کاڌي . بارش ڪجهه گهٽ ٿي وئي هئي. مون کي عورت جي جسم جي ڏاڍي بک لڳي هئي، سو نعيم کي پاتر پاڙي (قحبه خاني)ڏانهن ڇڪي وٺي ويس . اسان اڃا ان جو ڏس پئي پڇيو ته بارش زور سان پوڻ لڳي. اُن به منهنجي تشنگي دُور نه ڪئي. نيٺ هڪ جاءِ تي پهتاسون جتي بارش جو پاڻي نالا ڪري وهي رهيو هو ۽ رستي تان اُڪرڻ لاءِ وڏا تختا رکيا ويا هئا جن تان ڪي بنگالي اُڪري رهيا هئا. ٿوري پنڌ تي لالٽين ٽمڪي رهيا هئا، جن جي روشني تختي تي ۽ اُن جي هيٺيان پاڻيءَ ۾ جگنو جلائي رهي هئي، جتي لالٽين ٻري رهيا هئا، اُها جاءِ پاتر پاڙو هئي، جنهن جي تلاش ۾ اسان مٿن تي برساتون رکي خوار خراب ٿياسين. مان ته ذري گهٽ تختي تان پاڻيءَ ۾ ڪريو هوس، جو هڪ فوٽ ويڪرو هو ۽ اُتان هڪ ماڻهو به مشڪل سان وڃي ٿي سگهيو. جڏهن اسان تختي تان لٿاسون ته ٿَلهي تي پنهنجي پنهنجي ڪمري ڀرسان بيسپائون(بنگاليءَ ۾ وئشيائن کي چئبو آهي) ويٺيون هيون. سانوريون، سلوڻيون، شرٽ چندر چئٽرجيءَ جي ناولن جي ڪردارن وانگر. مون هڪ کان پڇيو ته ”گهڻو وٺندينءَ “ چيائين ”ٽي رپيا“ اوچتو مون کي هن جي بي وسي ڏسي هن تي ايترو رحم آيو ۽ پاڻ کان ايتري نفرت ٿيڻ لڳي جو مون نعيم کي چيو: ”مان ٽئنگور جي ديس جي توهين نه ٿو ڪرڻ چاهيان. هل ته موٽي هلون.“ نعيم منهنجو  ردِ عمل ڏسي خاموش ٿي ويو  ۽ اسان وري ساڳئي تختي تان مٿي تي برساتون وجهي موٽي آياسين. پوءِ مون نعيم  کي رخصت ڏني. سکر موٽي مون بنگلاديش جي وئشيا کي ڪام ڌينوءَ سان تشبيهه ڏني، هن تي هڪ نظم لکيو هو جو منهنجي ڪتاب ”ڪلهي پاتم ڪينرو“ ۾ شايع ٿيو هو.

ان سفر دوران مون کي قدرت الله شهاب جو خط هيو، جو رائيٽرس گلڊ جو سيڪريٽري جنرل ۽ صدر ايوب جو سيڪريٽري هو، ته هر ڊپٽي ڪمشنر مون لاءِ رهائش جو بندوبست ڪري، ڇوته مان پاڪستان رائيٽرس گلڊ جي مرڪزي ڪاميٽيءَ جو ميمبر آهيان. سو آئون چاٽگام جي انهيءَ ڊپٽي ڪمشنر سان ملاقات ڪئي، جنهن کي چمڪا ۽ ماگهه قوم جي ماڻهن کي، انهن جي گهرن ۽ ٻنين لاءِ عيوضو ڏيڻو هو، جن جا گهر ۽ ٻنيون ڪرنافليءَ نديء مان  ٺهيل  ڊيم  (Dam) جي وچ ۾ اچي ويا هئا. رات مون هن جي بنگلي تي ڪاٽي. ڪچهري مندي هن مون کي ٻڌايو ته ڪرنافليءَ جي ٻيءَ ڀر تي چڪما، ۽ ماگهه قوم جا قبائلي ماڻهو رهندا آهن. هن کي صبح ساجهري سمپان (ٻيڙيءَ) تي ٻيءَ ڀر وڃڻو پوندو، ڇوته هن کي ڪجهه ماڻهن کي عيوضو ڏيڻو آهي، جن جا گهر پائجي ويا آهن. هن مون کي هلڻ لاءِ دعوت ڏني، پر فقط هڪ ڳالهه کان جهليو ۽ چيائين:”ڪنهن عورت کان هن جو نالو نه پڇجانءِ.“

ٻئي ڏينهن اسان سمپان ۾ سوير 7 بجي نڪتاسين. جڏهن سمپان (پورو ياد نه آهي سمپان هئي يا نَؤڪا هئي) ۾ ٻيءَ ڀر چمڪا ڳوٺڙي جي ڪناري پهتاسين ۽ جڏهن سمپان مان ڪناري تي لٿاسين تڏهن مان اهو ڏسي حيران ٿي ويس ته ڪي ننگيون عورتون ڪناري تي سنان ڪري رهيون هيون ۽ ٻيون وري ڪپڙا ڌوئي رهيون هيون پر انهن کي به رڳو ننڍڙو پوتڙو ٻڌل هيو ۽ هنن جو ٻيو سارو بدن ننگو هو. اسان هنن ڏانهن ڏٺو پر هنن اسان ڏي ڌيان نه ڏنو ۽ پنهنجي ڪم ۾ مصروف رهيون. اُهي سورنهن کان ويهن ورهين جون گوري رنگ جو ڇوڪريون هيون جن جا نڪ برمي ڇوڪرين جي نڪن کان ڪجهه بينا هئا، پر بُرا نه ٿي لڳا. هنن جون ڇاتيون پڪل الفنسو[1] انبن وانگر هيون. اسان ٿورو اڳتي وياسين ته هڪ سورنهن سترنهن سالن جي ڇوڪري ڏٺي، جنهن کي رڳو هيٺ تي پوتڙو ٻڌل هو. هوءَ زيتوني رنگ جي هئي ۽ جنهن جون ڇاتيون لاڙڪاڻي جي پڪل زيتونن وانگر ٿي لڳيون، چرخو چوري ڪجهه ڪَتي رهي هئي. اسان هن کي گهوري ڏسندارهياسين. پر هن تي ڪوئي اثر نه ٿيو . مون ڊپٽي ڪمشنر کي چيو ته: ”مون کي بنگلاديش جي باري ۾ ڪجهه لکڻو آهي، سو تون هن جو نالو پُڇج!“ ڊپٽي ڪمشنر وراڻيو:”مون تو کي اڳ ۾ چيو هيو ته ڪنهن به ڇوڪريءَ کان نالو نه پُڇجانءِ.“ مون ضد ڪيو ته هُن ڇوڪريءَ کي بنگاليءَ ۾ ڪجهه چيو. هوءَ اسان کي گهوري وٺي ڀڳي.مان وائڙو ٿي ويس ۽ ڊپٽي ڪمشنر کان پڇيم ته : ”تو هن کي بنگاليءَ ۾ ڇا چيو جو هيءَ وٺي ڀڳي.“

هن جواب ڏنو ته:”تنهنجي اصرار تي مون کيس چيو ته مهمان نالو پڇي رهيو آهي. ان مان سمجهو ته تون هن ۾ دلچسپي وٺي رهيو آهين، ان ڪري هوءَ ڀڄي وئي. ٻيءَ ڪنهن ڇوڪريءَ کان نالو نه پڇجانءِ.“

ايتري ۾ اُتان جي چڪما قوم جو مکي اچي ويو. ڊپٽي ڪمشنر هن کي چيو ته :”هو تري ديوراءِ کي گهرائي“ جو چڪما قوم ۾ ماگهه قوم جو مها منتري هيو (هن کي پوءِ پاڪستان ۾ اقليتن جو وزير ڪيو ويو ۽ شايد بنگلاديش جي قيام کان پوءِ ڪجهه وقت پاڪستان جو وزير هيو.) تري ديو راءِ هڪ ٽؤنگ (لڪڙين جي اڏيل ڇپري) تان چوڌاري نظارو ڏيکاريو. سڀئي ننڍيون وڏيون ناريون پوتڙا ٻڌل هيون. اسان به انهن جي برهنگيءَ تي هري

مري ويا هئاسين. دراصل لباس کي عيب ڍڪڻ لاءِ ايجاد ڪيو ويو هو، پر اُهوئي انسان جو وڏو عيب آهي ۽ هن ۾ غلط جذبات جو باني آهي. انسان ننگو آيو آهي، ننگو وڃڻو آهي، جي ننگو زندگي گذاري ته ڪهڙو فرق پوي ٿو؟ درخت لباس نه ٿا پائن، پکي پکڻ لباس نه ٿا پائن، جيت جڻيا لباس نه ٿا پائن ۽ نه ٻيو ڪوئي ساهوارو آهي جو لباس ئي پائي ٿو. مان پنهنجي ٿِري پيس سوٽ کي نفرت سان ڏٺو. تري ديوراءِ مون کي مقامي شراب جون ٻه بوتلون تحفي طور ڏنيون. اهو اتان جي جَڙي ٻوٽين جو شراب جڏهن مون پيتو تڏهن خمار ته ڪيائين پر صبح جو مون کي چئين بجي جاڳ ٿي، مون ائين محسوس ڪيو ته مون تان ساري سفر جو ٿڪ لهي چڪو هو ۽ مون ۾ جواني اچي وئي هئي. مون ڊپٽي ڪمشنر کي چيو ته هو مون کي ڪريٽ بوتلن جو گهرائي ڏي، پر هن چيو ته چاٽگام تائين پهچڻ لاءِ مون کي 45 ميل پهاڙي علائقي مان وڃڻو پوندو ۽ چپي چپي تي ايڪسائيز پوليس وارا نه رڳو اهو شراب ضبط ڪري وٺندا، پر مون کي به تڪليف ۾ آڻيندا. بنگلاديش  جون ڪجهه ڳالهيون مون پنهنجي ڪتاب ”جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙيءَ“ ۾ لکيون آهن.

جڏهن مان چاٽگام جي پهاڙي علائقي مان موٽي رهيو هوس ته مون کي ڪلپنا دت ياد آئي هئي، جنهن ”چاٽگام جا انقلابي“ڪتاب لکيو آهي. منهنجي دوست لڇمڻ ڪومل آمريڪا ويندي، جڏهن پاڪستان ۾ ٽرئنزٽ ويزا تي ترسيو هو، تڏهن منهنجي گهر  آيو هو ۽ مون کي ٻڌايو هيائين ته قرات العين حيدر ۽ ڪلپنا دت ٻئي پوڙهيون ٿي چڪيون آهن ۽ هن جون پاڙيسريائيون هيون . ڪلپنا غالباََ 85 ورهين جي هئي ۽ پنهنجي ماضيءَ ۾ رهندي هئي. مان اڄ سوچيان ٿو ته ڪير ٿو چوي ته ماضي مري ٿو وڃي؟ دراصل ماضيءَ جي ياد اسان جي وجود جو حصو ٿي وڃي ٿي ۽ اسان جي حال ۽ مستقبل کي آسان بنائي ٿي. انت حال ۽ مستقبل به ماضي ٿي وڃن ٿا ۽ تنها ياد رهجي وڃي ٿي. اڪثر اوقات اُها به نه ٿي رهي. سَمئه برهمپتُراوانگر گجگاٽ ڪندو وڃي رهيو آهي، جا هر شيءِ کي پاڻ سان لوڙهي، انت سمنڊ ۾ سمائي ڇڏي ٿي. ”انسان فاني، الله باقي“الا! مون اها سٽ ”ڀونري ڀري آڪاس“ ۾ ڦيرائي ڇو هئي؟

بهتر آهي ته وري ٽُٻي ڏئي، ٿر جي ڪنهن گِرڻ مان ٻاهر نڪران! لارنس آف عريبيا کي اها خبر نه هئي ته وقت به گِرڻ وانگر آهي، جا ڪي ڪي انسان ڳڙڪائي نه سگهندي آهي ۽ هُو ان ۾ ٽپو ڏئي، آسانيءَ سان ٻاهر نڪري سگهند آهن!

اسان پوءِ مٺيءَ کان اسلام ڪوٽ وياسين، اُن ”اسان“ جو لفظ جو ڦهلاءُ به ضروري آهي. رشيد ڀٽي مون سان ان سفر ۾ گڏ هو، سکر ۾ وڪالت ڪندو هو، هن جا نقرئي قهقها اسٽاڪ مارڪيٽ ٿرٿلي ۾ وجهي سگهندا هئا. هو مون سان نه رڳو هندستان ۾ 1963 ع واري سفر ۾ ساڻ هو، پر پاڪستان ۽ سنڌ ۾ به ڪيئي ڀيرا سفر ۾ ساڻ هو. هن راتين جو پورهيو ڪري منهنجي ڪتاب ”خط ، انٽرويو ۽ تقريرون“جي ڀاڱي ٻئي تي ڊگهو مهاڳ لکي پاڻ کي ٿڪائي وڌو. اڳ ئي هو ذيابطيس جو مريض هو پوءِ ته هن جي شگر ليوِل ايترو ڪري پئي جو هو ائمبيولينس ۾ ڪراچي پهتو مَس ته گذاري ويو. هن جي موت تي مان ڍانڍيون ڪري رنو هوس. هو منهنجو، ربانيءَ ۽ تنوير جو گهرو دوست هو ۽ ماهتاب محبوب سان به هن جي عليڪ سليڪ هئي ۽ جڏهن حيدرآباد ويندو هو ته هن جي گهر رهندو هو. هن جي ڪردارنگاريءَ لاءِ هڪ پوري ڪتاب جي ضرورت آهي.

محمد ابراهيم جويو ڄاتل سڃاتل شخصيت آهي. هن ”شاهه، سچل،سامي“ ڪتاب لکي سنڌ تي ٿورو ڪيو ۽ سنڌ ادبي بورڊ جي سيڪريٽريءَ جي حيثيت ۾ بي بها ڪم ڪيو آهي. ڪيئي ٻيا ڪتاب هن سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيا آهن ۽ جي. ايم. سيد جي ڪتابن کي به نظرثاني ڪري، انهن کي ترتيب ڏني آهي. منهنجي ڌيءَ ياسمين هن جي فرزند مظفر علي جويو سان پرڻيل آهي،جو آبپاشيءَ جي محڪمي ۾ ايڪس. اِي. اين آهي. جويو صاحب هن وقت اُڻياسي ورهين جو آهي، اسان سن ڇائيتاليهه کان دوست رهيا آهيون ۽ اميد آهي ته آخري دم تائين نڀائي وينداسين. تازو هن ساميءَ تي ٻه نهايت خوبصورت جلد ڇپايا آهن، (وقت وٿي ڏني ته تفصيل اڳتي لکندم)جي ڦڙڪي جي باڪس ۾ بند ڪيا ويا آهن ۽ جن تي خرچ سمورو راڪ هائوس واري شري دولت مهتاڻيءَ ڪيو آهي. دولت جي جاءِ تي ان ڪتاب جي باري ۾ هڪ نشست رکي وئي، جتي مون ڪلاڪ کان مٿي تقرير ڪئي، جا منهنجي پهرين اڻلکيل تقرير هئي. پهريون ڀيرو مون کي احساس ٿيو ته مان سنڌيءَ ۾ به ايتريءَ روانيءَ سان ڳالهائي ٿو سگهان، جيتري روانيءَ سان عدالتن ۾ انگريزي ۾ ڳالهائيندو هوس.

هڪ ڀيري مون  هڪ خون جي ڪيس ۾ رها ٿيل ملزمن خلاف ڪيل اپيل ۾، هاءِ ڪورٽ جي جسٽس تنزيل الرحمان وٽ ٽي ڏينهن سانده تقرير ڪئي، ته هن مون کي چيو ته خدا جو شڪر ڪر جو توکي هن عمر ۾ به ايتري سگهه ڏني اٿائين، جو سانده ٽي ڏينهن ڳالهائي سگهيو آهين. ٻي طرف کان وڪيل جناب آفتاب آخوند هو جو نواز شريف جي حڪومت ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جو ائڊوڪيٽ جنرل هو. اپيل مون کٽي، جيتوڻيڪ آفتاب هڪ نهايت تيز ماهرِ قانون آهي ۽ هن جي تقرير ۾ نه رڳو رواني پر گهرائي به آهي. قضا الاهيءَ مان ٽئين ڏينهن تي بيمار ٿي پيس، وڪالت تالان والان ٿي وئي ۽ گذريل پنجن سالن کان ڪراچيءَ ۾ گوشه نشين آهيان. رڳو لکندو پڙهندو آهيان. اهو قضا الاهي مون هڪ گهوٽڪيءَ جي رائيٽر ڪنسٽبل جون لکيل ايف. آءِ. آر پڙهي سکيو هوس. جڏهن به ڪوئي خون ٿيندو هو ته واقعي کان اول ”قضا الاهي“ لفظ ايف. آءِ. آر ۾ ڪم آڻيندو هو. مثلاَََ:

”جوابدار  ڪمند جي پوک ۾ لڪا ويٺا هئا. قضاالاهيءَ سان مقتول به انهيءَ جاءِ وٽان لنگهيو ۽ جوابدارن هُن تي آسانيءَ سان فير ڪيو.......“

جڏهن مون اخبار ۾ تازو پنهنجي نوجوان دوستن فقير محمد لاشاري ۽ اسماعيل اُڍيجي جي حادثي ۾ موت جي خبر پڙهي ته ٿڌو ساهه ڀري، اهي اڌ اکري پوليس منشيءَ جا لفظ اُچاريا، ”قضا الاهي....“ ۽ پوءِ منهنجي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا. 

منهنجي وڪالت جي تجربن لاءِ هڪ جدا ڪتاب  جي ضرورت آهي، ان ڪري زيرِ تصنيف موضوع تي موٽي ٿو اچان. اسان ٻئي ڀيري مٺيءَ نه ترسياسين ۽ سڌو اسلام ڪوٽ مکي نهال چند وٽ وياسين، جو اُتي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو چيئرمين هو ۽ ڊپٽي ڪمشنر محمد اسماعيل نون جو دوست هو، جيڪو اُن تر جو زميندا هو ۽ منهنجو به واقف هو. آگسٽ جو مهينو هو، ٿر ۾ برساتون پئجي رهيون هيون. اُتر ۾ ٻڪرار کنوڻ کجي رهي هئي. ساري زمين وارياسي هئي ۽ پاڻي ائين ٿي چُهي وئي، جيئن ڪنهن محبوبا جا چپ چُمندي ڪو ڪڪ نه ٿيندو آهي. هڪ ڀيري مون ڪنهن کي اونهي گهري چمي ڏني هئي ۽ اهو سوچي منهنجيون اکيون ڀرجي آيون هُيون ته هن جو ساٿ ڪيستائين رهندو!

اسلام ڪوٽ ڏانهن رستي تي برسات ٻنيون لوڙهي رهي هئي ته ڪنهن چيو ٻنيون لڙهيو ن ته ڇا، گاهه ته ٿيندو! بارش جي تيز وهڪري ڀٽن جي پاسن ۾ ڏرڙ ڪري ڇڏيا هئا. پوءِ به ڀٽ جي مُنهن وٽان شروع ٿيندڙ زمين جنهن کي ”ٻُڪڙ“ٿي چيائون ۽ ”پوڇانڊو“ جتي ڀٽ پڇاڙي ٿي ڪئي يا اُڀِي ڀِٽَ جنهن کي “نوڻ“ ٿي چيائون، گاڏين هيٺان ائين لڳي رهيو هو ڄڻ گاڏيون ڪنهن قالين تان وڃي رهيون هُيون . ان کان هڪ ڏينهن اڳ جڏهن ڏيپلي کان موٽيا هئاسين، تڏهن سج دير سان اُڀريو هو ۽ اسان ”تڙڪول“ ۽ ”گوڇار“

جا نظارا ڏٺا هئا. ”تڙڪول“، ڀٽ جي انهيءَ پاسي کي ٿي چيائون جتي سج اُڀرڻ سان اُس جو تـڙڪو ٿي پيو ۽ ”گوچار“ ڀٽ جي ان پاسي کي ٿي چيائون جنهن جو سج لٿي مهل پويون شعاع پئي پيو. اسلام ڪوٽ ڏانهن ويندي اسان ڏٺو ته تَرايون ۽ ٽوپا۽ دُٻا پاڻيءَ سان ڀرجي ويا هئا. اسان جي ساٿي چانگ اسان کي ٻڌايو ته ماڻهو اُهو پاڻي پيئندا رهندا آهن، توڙي اهو ڪِنو ٿي ويندو آهي ۽ ان ۾ ڪيڙا پئجي ويندا آهن. ڪيڏي نه ڏُک جهڙي ڳالهه آهي!

اسلام ڪوٽ ۾ نهال چند سان هُن جي اوطاق تي ڪچهري ٿي. هن چيو ته ڪلهه کان ”آپوميو“ آهي يعني آڪاس جو رنگ گهاٽو نيرو ٿي ويو آهي ۽ ڪڪر هيٺ ٿا نظر اچن. اهي ٿري لفظ مون کي ايترو وڻيا جو  منهنجي شعور کي ”جرهيڙيءَ“ وانگر پڙ ڏئي ويا. ”جرهيڙي“ قوسِ قزح کي چوندا آهن. پوءِ اُنهن لفظن مان ڪجهه لفظ مون ”وڄون وسڻ آئيون“ ۾ ڪم آندا ۽ ڪجهه اڃا تائين ڪم آڻيندو رهيو آهيان ۽ منهنجي لغت جو حصو ٿي چُڪا آهن. شاعري هونءَ ته شاعر جي تصور تي مدار رکندي آهي، پر هن جيڪي ڏيک ڏٺا هوندا آهن يا هن کي جيڪي تجربا ٿيندا آهن، سي اُن تصور جي پس منظر ۾ لازمي طور هوندا آهن. جرمن شاعر رلڪي چيو هو ته:

”ڪڏهن ڪڏهن شاعر جي تجربن کي شاعريءَ ۾ اظهار لاءِ ٽيهه سال لڳي ويندا آهن.“

فرينچ شاعر بودليئر کي هڪ ڀيرو شوق ٿيو ۽ هو هندستان ۾ فرنيچ ڪالوني ”پانڊيچري“ ڏسي. پوءِ هو ان سفر لاءِ پاڻيءَ جي جهاز ۾ نڪتو، پر ڀونوچ سمنڊ ۾ جڏهن هن جو جهاز ماريشس پٽ پهتو تڏهن هو اُتي لهي پيو ۽ فرانس موٽي ويو. هن کي سفر سُقر ٿي نظر آيو، پر سمنڊ تي هن سج اُڀارَ جا جيڪي نظارا ڏٺا يا پاڻيءَ ۾ سج ٽُٻڙڪو ڏيندي ڏٺو، اهي هن جي شاعريءَ ۾ واري واري سان تشبيهه ۽ استعاري جو يا ٻيو روپ وٺي، اظهاربا رهيا. ٿر ۾ غروب ۽ طلوع سان منهنجي شاعري به سٿي پئي آهي. ”ٿر سيمينار“ تي ٽيپ ڪرايل پنهنجي تقرير ۾ به مون ڪجهه اهڙي ڳالهه ڪئي هئي. جڏهن وائيس چانسلر هوس ته منهنجو من وارياسي وانگر هو جو برسات لاءِ سِڪندو آهي. چارئي سال آسمان ۾ اَڇاڻ تي مائل اوچائي نظر آئي هئي، پر شعر جي برسات نه پئي هئي. ڪڏهن ڪڏهن روح ۾ تاڙو تواريندو هو ۽ مور دانهون ڪندا ها، پر روح مينهن ڦُڙيءَ لاءِ واجهائيندو هو. اهي نوڪريءَ وارا چارئي سال مون لاءِ اگهاڙا سال هيا ۽ اِهو محاورو ٿر ۾ ڏڪار لاءِ استعمال ڪندا آهن. مان هونءَ ته ڪڏهن به ڀٽائيءَ وانگر محسوس نه ڪيو هو ته:

”مون کي ڏنءُ ڏئي، ڍوليو ڍٽ قراريو“

آخر مينڌرو مومل کان سواءِ ڇا آهي؟ ڇا هو کيس ڏنءُ ڏئي، ڍٽ ۾ قرار پائي سگهندو  آهي؟ ڇا شاعر ڏات کي ڇڏي چئن پائي سگهندو آهي. پر اهي چارئي سال مون تي مٿين سٽ ڇانيل رهي. مون پنهنجو ڏاڍو وَس ڪيو پر نوڪري منهنجي وَسَ جي ڳالهه نه هئي. وڪالت ۾ ڪيتريون به مجبوريون هيون، پر مان آزاد هوس، منهنجو روح آزاد هو، منهنجي شاعري آزاد هئي ۽ بقولِ حافظ:

فاش مي گويم و از گفتھء خود دلشادم

بندهء عشقم و از هر دوجهان آزادم.

ترجمو:  (مان کليو ڳالهائي رهيو آهيان ۽ پنهنجي ڳالهه ۾ خوش آهيان، مان عشق جو بندو آهيان ۽ ٻنهي جهانن کان آزاد آهيان.)

ڪيترا نه وڪيل ۽ جج منهنجا وڪالت ۾ دوست هيا. ڪيترا نه پوليس ۽ جيل جا ۽ ٻيا آفيسر جي سکر جيم خاني جا ميمبر ها، منهنجا واقفڪار يا يار ها! ڪيترا نه هاري ۽ وڏيرا ۽ شهري ڌنڌوڙي ۽ ڌڪاريل، لويل لتاڙيل عورتون منهنجون مُوڪل هيون. هو منهنجو جونيئر غلام مصطفي! شاهه جو پوءِ سنڌ جو لا سيڪريٽري ٿيو ۽ جوانيءَ ۾ گذاري وَيو، هو علي بخش ميمڻ جو انهيءَ سان گڏ رهندو هو ۽ هاڻي غالباََ خيرپور يونيورسٽيءَ ۾ سيِڪريسي آفيسر آهي. جمال صديقي جو منهنجو ڪلاس فيلو ۽ ڪراچيءَ ۾ پارٽنر هو. جمال صديقي جو ذڪر نڪرڻ سان مون کي اها رات ياد اچي رهي آهي، جا اسان ٺٽي ۾ ابراهيم جوئي جي جاءِ تي گذاري هئي، جڏهن هو اُتي هيڊ ماستر هو. اسان شام جو مڪليءَ تان ڦري ڪنهن تلاءَ وٽ آيا هياسين جڏهن اُن ۾ سج ٻڏي رهيو هو. ڀر تي وڻ بيٺا هيا، جن جا پاڇاوان تلاءَ ۾ پئجي رهيا ها. پوءِ مون ۽ جمال ٺٽي جي موتئي جا هار وٺي، ڏهين بجي رات تائين ڊٺل ڳلين ۾ آواره گردي ڪئي هئي ۽ نيٺ هڪ ڳليءَ ۾ پنهنجي منزلِ مقصود تي پڳا هُياسين ۽ ٻه چنڊ جهڙا چهرا ساٿ کنياهياسين.وڌيڪ ڇا چئجي؟ هن عمر ۾ ته جوانيءَ جون ڳالهيون زبان تي به آڻي نه ٿا سگهون! پر اها چانڊوڪي رات ۽ اُن ۾ ٿيل حادثا منهنجي شاعريءَ جو اَٽوٽ انگ آهن. ڪيترا حادثا مونکي زندگيءَ ۾ پيش آيا آهن، گهٽ ۾ گهت انهن تي پنڇي ٻولي رهيو آهي ۽ پنهنجا رنگين پَر پسائي رهيو آهي. ٺٽي ۾ مون کي ٻيو به ڏينهن نه وسرندو جڏهن مون جمعيت الشعراءِ ۾ ٻاوهين ورهين جي عمر ۾ ٻه ڪلاڪ جديد شعر وادب تي تقرير ڪري، اُن وقت حاضر غزل گو شاعرن کي چيو هو ته ”اوهان وقت وڃائي رهيا آهيو.“ تڏهن ابراهيم جي ڦوهه جواني هئي. هن جي پهرين زال گذاري چُڪي هئي ۽ اڃا ٻي شادي نه ڪئي هيائين. هڪ شاگرد پنهنجي ڪافي خوبصورت بيوه ماءُ سان هن وٽ ايندو هو. (پر مان هن سان زيادتي ڪري رهيو آهيان، ڀل هو پنهنجي آتم ڪهاڻي پاڻ لکي.)

مرحوم جمال صديقيءَ کي ياد ڪري مون کي هن جو ڀاءُ قادر صديقي ٿو ياد اچي، جو هن وقت سنڌ گورنمينٽ ۾ لا سيڪريٽري آهي ۽ شمس صديقيءَ جو ڀاءُ آهي جا اردو اديب باقر رضوي چواڻيءَ ”اردو زبان جي نهايت باشعور ماهر آهي ۽ شايد واحد سنڌي عورت آهي، جنهن کي اردوءَ تي ايترو عبور حاصل آهي.“ قادر سان گڏ حبيب الله، نظام بلوچ (جي ٻئي سکر هاءِ ڪورٽ بار جا پريزيڊنٽ رهيا آهن، نظام  ته پوءِ پليجي صاحب جي عوامي تحريڪ جو جنرل سيڪريٽري هو ۽ ويجهڙائيءَ ۾ اُن تان استعفا ڏني اٿائين) حبيب الله منهنجي پڦاٽ مرحوم صبغت الله جو پٽ آهي ۽ هن جو دوست محمود صديقي جو هاڻي مشهور ٽي. وي ايڪٽر آهي ۽ پياري سنڌي لهجي ۾ اردو ڳالهائيندو آهي، اُهي ڪڏهن مونسان ڪچهريون ڪندا ها. انهن سان ٻه پنجابي ڀينرون به صحبت ۾ شريڪ هونديون هيون، جي پنهنجيءَ ذات ۾ ڪائنات هونديون هيون ۽ مجسم هير وارث شاهه لڳنديون هيون.

مرحوم حنيف منگي جوبه هاءِ ڪورٽ جي بار جو صدر هو ۽ تقرير ائين ڪندو هو ڄڻ يتيم جو مٿو ڪوڙي رهيو آهي ۽ جنهن مونسان صلاح ڪري پاڪستان جي اڳين پريزيڊنٽ ۽ هاڻوڪي سينٽ جي چيئرمن وسيم سجاد کي سکر بار ۾ گهرايو هو ۽ هن جو دوست ٿي ويو هو. منهنجو مرحوم دوست رشيد ڀٽي، جو وڪالت گهٽ ڪندو هو ۽ جنهنجون ٻيون مصروفيتون گهڻيون هونديون هيون. آغا بدر، جو منهنجو شاگر رهيو هو ۽ سکر جو مسولني هو، جنهن جو ذڪر مون ”ساهيوال جيل جي ڊائريءَ“ ۾ ڪيو آهي. هن جو ڀاءُ آغا سيف الدين جو سکر پيپلز پارٽيءَ جو اهم رڪن آهي، هن کي عجيب طنز ۽ مزاح جي حس آهي. جڏهن مونکي ون يونٽ دوران ساهيوال جيل ٿي موڪليائون ته سکر پوليس پيش ٿيڻ کان اڳ،مان سکر بار ۾ تقرير ڪري رهيو هوس، تڏهن هن چيو هو: ”شيخ صاحب، تون به بجليءَ جي تار تي گٽار هلائي رهيو هئين! جهٽڪو اچي ويئه.“

هن جي والد مرحوم خانبهادر نظام الدين خان کي به ساڳيو طنز جو حس هوندو هو، جو سلطان ڪوٽ جو وڏو زميندار هوندو هو. سنڌ جي پهرين گورنر سر غلام حسين جو رشتيدار هو ۽ سکر ۾ نهايت خوشحال زندگي گذاريندو هو. هو وسڪي مٽيءَ جي کُمري ۾ پيئندو هو ته جيئن ڪنهن  کي پتو نه پئي ته هو ڇا پي رهيو آهي. هڪ ڀيري منهنجو ۽ رشيد ڀٽيءَ جو دوست مقبول صديقي،7 جنهن سکر مان اخبار ”محفل“ ڪڍي هئي ۽ پوءِ روسي سفارت خاني ۾ ملازم ٿيو هو، جو ڪافي ٿلهو هوندو هو، جڏهن مون سان گڏجي مرحوم آغا نظام الدين وٽ چندي لاءِ هليو، تڏهن مرحوم هُن کان پڇيو: ”پٽ! تون ڇا ڪندو آهين؟“

مقبول جواب ڏنو: ”سائين! مان سکر ميونسپالٽيءَ ۾ ڪلارڪ آهيان.“

”ڪلرڪ؟“مرحوم آغا ڇرڪ ڀري چيو: ”ايڏو ٿُلهو!“ جواب ٻڌي مقبول کي همت ئي نه ٿي ته هن کان ”محفل“ لاءِ چندو وٺي.

هڪ ڀيري مان آغا صاحب وٽ ويٺو هوس. مون کان اڳ هُن وٽ هن جو هڪ هاري ويٺو هو، جو سلطان ڪوٽ مان هُن سان ملڻ آيو هو. اوچتو انهيءَ هاريءَ مرحوم خانبهادر کي چيو: ”سائين! بُک لڳي آهي، چار آنا ڏيو ته ڀڳڙا وٺي کاوان.“

خانبهادر ٺاهوڪي موڙي تي ويٺو هو، تنهن کيسي مان پائلي ڪڍي، هُن ڏانهن ڦِٽي ڪئي، جا رڙهندي وڃي ڀت سان لڳي. خانبهادر ڏاڍو ڳورو مڙس هو پر پوءِ به پاڻ موڙي تان اٿي، هن اها پائلي کڻي هاريءَ کي هٿ ۾ ڏني هئي. مون کي سندس نهٺائي ڏاڍي ڏڻي هئي. جڏهن هاري پائلي کڻي هليو ويو تڏهن مون خانبهادر کي چيو: ”سائين! اوهان پاڻ تڪليف ڇو ڪئي، پائلي هاريءَ جي ويجهو ته پئي هئي. هو پاڻ کڻي وٺي ها.“ خانبهادر ٽهڪ ڏئي چيو: ”بابا! مون تڪليف ڀِت جي رنگ بچائڻ لاءِ ڪئي. هاري هو بُکيو، سو رانڀوٽا پائي پائلي کڻي ها ۽ منهنجي ڀِت تي نئون ڏنل رنگ خراب ڪري وجهي ها.“ پوءِ هن ٺڪر جي کُمري ۾ اڌ پيگ وسڪيءَ جو وجهي، اُن ۾ پاڻي وڌو ۽ مونکي ڏنو.

خدا جي مرحوم تي رحمت هجي؛ هڪ نهايت خوش طبع انسان هو.

آغا سيف الدين جو ٻيو ڀاءُ آغا نظر علي، جو سلطان ڪوٽ ۾ پنهنجي فصل جو حصو وٺي لنڊن هليو ويندو هو ۽ باقي سال اُتي گذاريندو هو. جنهن سان گڏ مون سال 1976ع ۾ لنڊن جي هائيڊ پارڪ ۾ ڪافي بيئر پيتو هو ۽ بين الاقوامي سياست تي بحث ڪيو هو. ڪهڙا نالا وٺي ڪهڙا وٺان. سائين شمس الدين، جنهن جي باري ۾ مون اڳيئي لکيو آهي، جو ڏهن سالن کان اٿندي ويهندي اسٽالن تي هڪ گار لاهيندو ٻي چاڙهيندو هو. هو پهريائين ولي خان جي نيشنل عوامي پارٽي سکر جو صدر هو ۽ پوءِ سکر جي ڊسٽرڪٽ پيپلز پارٽيءَ جو پريزيڊنٽ ٿيو هو ۽ ساڳي وقت نهايت مصروف وڪيل پڻ هوندو هو. هن ۾ سنڪي پڻو، طعنه زنيءَ لاءِ رغبت هوندي هئي. تاريخ ۽ فلسفو هن جو مرغوب مطالعو هوندو هو. هن کي پنهنجي به سٺي لائبريري هوندي هئي، وِل ڊيورانٽ جو مداح هو ۽ گهڻو ڪري هن جا سڀ ڪتاب پڙهيا هيائين. هن مون کان راڌا ڪرشن جا هندي فلسفي تي انگريزي ڪتاب وٺي پڙهيا ۽ انهن کان بيحد متاثر ٿيو. جڏهن اسان ڪيس هلائي اچي بار روم ۾ ويهندا هياسين، تڏهن هو گهڻو ڪري سياست، تاريخ ۽ فلسفي تي ڳالهائيندو هو، جو ٻيا ٻُڌي بور ٿيندا ها، جيتوڻيڪ مان کيس نهايت دلچسپيءَ سان ٻڌندو هوس. شروع ۾ مون سان گڏجي ”روشني“ اخبار ڪڍي هئي، جنهن ۾ هن پنهنجي ڪهاڻي ”فيروزان“ شايع ڪئي هئي. اها اخبار ”المنار“ پريس سکر مان نڪرندي هئي، جنهن جو مالڪ رشيد ڀٽيءَ جو پيءُ مرحوم مولوي عبدالحميد هوندو هو.

فتاح ملڪ جو مشهور شاعر ۽ منهنجو پاڙيسري وڪيل هو ۽ جو اڃا تائين منهنجي آفيس جي ڀرسان وڪالت ڪري رهيو آهي. سندراڻي وڪيل هوندو هو، جو چڱو زميندار هو  ۽ تفريحاََ وڪالت ڪندو هو. مان کيس مرڪندي چوندو هوس: ”هن پاڪستان ۾ ٻه عجوبهء روزگار آهن. هڪ سندراڻي، ٻي جنرل راڻي (جا يحييَ خان جي محبوبه هئي)“ هو اها ڳالهه خوش خلقي سان لنوائي ڇڏيندو هو. حليم پيرزادو جو اڳيئنءَ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر هو، هينئر تازو کيس سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ائڊووڪيٽ جنرل جي عهدي تان هٽايو ويو آهي ۽ هن جو دوست امداد اعواڻ جو ڪيئي ڀيرا ڊسٽرڪٽ بار ائسوسئيشن جو پريزيڊنٽ ٿيو هو ۽ پراوينشل بار ڪائونسل جو ميمبر هوندو هو  ‎۽ هاڻي سينيٽر چونڊيو ويو آهي، سي به اهم وڪيل ها. انڪم ٽئڪس جو ماهر مرحوم ڪامريد عثماني جو سکر نئشنل عوامي پارٽيءَ جو سيڪريٽري جنزل هو، نهايت پڙهيل ڳڙهيل مهاجر هو، جو اسان وانگر سنڌي ڳالهائيندو هو ۽ پنهنجي گهر جو نالو ”شانتي ڪُنج“ رکيو هيائين. هو ڪميونسٽ هو ۽ ون يونٽ وقت ٻه ٽي ڀيرا ڪامريڊ جتوئيءَ جي دعوت ڪئي هيائين. گل خان نصيرهن جو دوست هو ۽ ڪامريڊ نازش به هن جو دوست هو، جو سدائين انڊر گرائونڊ هوندو هو ۽ جنهن کي لينن ڪٽ ڏاڙهي هئي ۽ هن وانگر لڳاتار پائيپ پيندو هو. هميشھ مزدور تحريڪ جا قصا ڪهاڻيون ايئن ٻڌائيندو هو ڄڻ ته اسان اندران در کي ڪڙو ڏئي بيٺا آهيون ۽ ٻاهران لينن در کڙڪائي رهيو آهي، ڇڙو در کولڻ جي دير آهي. هن وٽ ڊاڪٽر اعجاز، برڪت علي آزاد ۽ ٻيا ڪامريڊ به ايندا ها ۽ هو پنهنجي گهڻي ڪمائي ڪميونسٽ پارٽيءَ تي وڃائي ڇڏيندو هو.

غالباََ ڪامريڊ عثمانيءَ جي ذريعي منهنجي واقفيت عبدالغور عابد جوڻيجي سان ٿي هئي، جو ان وقت سکر ۾ انڪم ٽئڪس آفيسر هو. هو سٺو شاعر آهي ۽ علم ادب سان هن جو لڳاءُ رهندو آيو آهي. سندس والد مرحوم مولوي احمد ملاح جو دوست هيو جو بدين جو هڪ صاحبِ طرز شاعر هو ۽ جنهن جي شاعريءَ ۾ درياهه جي رواني هئي. جوڻيجي صاحب مون کي احمد ملاح جا سڀئي ڪتاب تحفي طور ڏنا ها، جي مون غور سان مطالع ڪيا ها. هو هڪ موحد هو. حيرت جي ڳالهه ته اِها آهي هن قرآن شريف جو سنڌيءَ ۾ منظموم ترجمو ڪيو هو ۽ سو به بيتن ۾! پر اُهو ترجمو جوڻيجي صاحب مونکي نه ڏنو، ڇو ته اُن وقت هن وٽ اُن جي ٻي ڪاپي نه هئي. هاڻي جڏهن جوڻيجو صاحب، سنڌ جو انڪم ٽئڪس ڪمسنر ٿي ڪراچيءَ آيو ته هو ڪجهه وقت اڳ مون وٽ آيو هو. مون ڏٺو ته هن جو مذهبي مطالعو نهايت گهرو ٿي ويو آهي ۽ هو  نبيءَ اڪرم صلي الله عليه وسلم ۽ حضرت علي ڪرم الله وجھ کان وٺي امام الهند شاهه ولي الله ۽ هن جي فرزند شاهه عبدالرحيم تائين نهايت فصاحت سان ڳالهائي ٿي سگهيو.

هن مون کي ڳالهه جو ذري گهٽ تسلي بخش جواب ڏنو، جڏهن مون هن کي چيو:

”جوڻيجا صاحب! مون قرآن شريف ۾ ٻه ڀيرا پڙهيو آهي ته ”مان اوهان کي بار بار زنده ٿو ڪيان“ مذهبن جي تقابلي مطالعي وارا ان کي تناسخ جي نظرئي جي تائيد ٿا سمجهن.اوهان جو ڇا خيال آهي؟“

هن يڪدم جواب ڏنو،

”ائين نه آهي ته ننڊ ننڍو موت آهي! ڪنهن کي خاطري آهي ته هو ننڊ مان اٿندو به يا نه. سو الله تعاليَ انسان کي جڏهن بار بار ننڊ مان اٿاري ٿو، تڏهن ڄڻ هن کي بار بار زنده ڪري ٿو.“

ڪائنات جي وسعت تي ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته ”جيڪو قادر مطلق آهي،اهو هڪ ڌرتيءَ سان مطمئن هوندو؟ انهيءَ ڪروڙين ڌرتيون پيدا ڪيون هونديون، جتي ذي شعور مخلوق رهندي هوندي.“

مون ٿورا آفيسر ڏٺا آهن جي هن وانگر مذهب تي ڳالهائيندا هجن. هن جي وڃڻ کان اڳ مونکي اوچتو خيال آيو: ”جو قادرِ مطلق آهي، اهو وڏي موت مان به ته بار بار اٿاري سگهي ٿو!!“

پر هن چيو ته، ”نه. اسلام تناسخ کي نه ٿو مڃي.“

ڪامريڊ رڪن الدين قاسمي به سکر ۾  وڪالت ڪندو هو. هن پوءِ پنهنجي نياڻي ڄام ساقيءَ کي نڪاح ۾ ڏني. ڪامريڊ حسن حميدي، جو نه فقط هڪ چڱو وڪيل هو، پر اردوءَ جو ڪافي چڱو ترقي پسند شاعر هو. هن کي اردوءَ تشبيهه ۽ استعاري تي وڏي مهارت هئي ۽ هن هڪ پورو نظم جو ڪتاب ڪامريڊ نذير عباسيءَ جي شهادت تي لکيو آهي. ڪراچيءَ مان نڪرندڙ رسالي ”طلوعِ افڪار“ جنهن فيض ۽ سبطِ حسن نمبر ڪڍيو هو، تنهن حسن حميدي نمبر به ساڳي آب تاب سان ڪڍيو آهي. ”طلوعِ افڪار“ مظهر جميل، مسلم شميم ۽ نڪهت بريلوي ڪڍندا آهن، جي منهنجا پراڻا دوست آهن. مظهر جميل مون سان گڏ سکر ۾ وڪالت ڪندو هو هاڻي يو. بي. ايل جو وائيس پريزيڊنٽ آهي، جنهن جو ڪنهن وقت صدر مقبول سومرو هيو، جو به پهريائين سکر ۾ وڪالت ڪندو هو رشيد ڀٽي ۽ حنيف منگيءَ جو گهرو دوست هو .

حسن حميدي منهنجو دوست ۽ ساٿي هو ۽ سٺو شاعر به هو. ان ڪري هن جا ڪجهه شعر هيٺ ڏيان ٿو:

 هي ششدر وقت کا بوڙها مورخ[2]،

 نئي تاريخ کي اوراق هين يھ.

 

مين اُن سي ملتا هون اکـــثر2

 پسيني کي هري کهيتي سي جو نغمھ اُگاتي هين

  زمين کا بوجهھ اُڻهاکر موسمون کي ساتهه کهلتي هين

همين لکهنا سکهاتي هين

 

هم ايک اندهي کنوين کي قيدي[3]

گــــرفتِ ديــــــوار اتي محکم

خيالِ جــنبش سي جان نکلي

 

انهيءَ ساڳيءَ نظم ۾ آهي:

 

اس کنوين کـي منــڊيـر پر اب

نئي درختون کــي بــــازون مين

دهنک، شفق، تــتليان شگوفي

نــــئـــي فـضـــــا باثمر بني هي

 زمين قدمون کي هم سفر هين.

 

 

 

موت جس کو کهتي هي [4]

اک فريب محمل هي

موت ايک لمحه هي

زندگي مسلسل هي

مين تمهاري پيکر مين

کائنات فردا هون

مين ثباتِ عالم هون

مين حياتِ فردا هون

ميري پهول سي بَچو!

 

 

تمهاري داد، تمهاري نانا، تمهاري اَبو ني[5]

سب ني مل کر

 

نه جاني کتني دنون کي اذيتون سي

لهو کي دريا کي آبشارون سي

اپني اسلاف کي مزارون سي

بس ايک چڙيا دعا مين مانگي

 

نسيمِ بهار جيسي

تبسم لالھ زار جيسي

تَرنم صد هزار جيسي

              

کهان هي چڙيا

انوکهي چڙيا

ترنمِ صد هزار جيسي حسين چڙيا

همين بهي اُس کي جهلک دکهادو

 

مين آج زندان کي تنگ کهولي مين سوچتا هون [6]

نه جـــانــــي ذهــنــــون کـــي ســـادگــــي کــــو

کهانيون کي خمار آلود خواب گاهون سي

کــــس صـــــدي مــيــــن امـــــان مــلـــي گـــي.

 

نظامِ جمهور کيا يهي هي؟ سرون پھ تلوار ناچتي هي،2

هر ايک در پر، هر ايک گهر مين بلائي خونخوار ناچتي هي.

لب هون خاموش، تو زخمون کي دهن بولتي هين[7]

بـــولـــنــــي والــــــي ســـــرِ دارو رســــن بــولــتــي هين.

                                                      

حسن حميدي نه رڳو منهنجو دوست هو پر منهنجو پاڙيسري به هو. هُن جو گهر ۽آفيس منهنجي پراڻي سکر واري گهر کان پنجاهه قدمن تي هئا. هو ون يونٽ واري دور ۾ ولي خان ۽ محمود علي قصوريءَ جي آل پاڪستان نيشنل عوامي پارٽيءَ جو جوائنٽ سيڪريٽري هو ۽ اُن وقت ولي خان ۽ قصوريءَ جا مون سان ڪافي تعلقات هئا. مرحوم ڊاڪٽر حُسان (ڪراچيءَ ۾ فيض واري اُردو ڪاليج جي وائيس پرنسپال)، اجمل خٽڪ، گل خان نصير، حسن حميديءَ، مون ۽ ابراهيم جوئي عوامي ادبي انجمن جو سکر ۾ گڏجي منشور ٺاهيو هو، جو ضميمي جي حيثت ۾ هن ڪتاب سان گڏ آهي.

پراڻي سکر ۾ منهنجو گهر مهاجرن جي پاڙي ۾ هو. چوڌاري پنج هزار مهاجر رهندا ها. هونءَ ته انهن سان رستو چڱو هوندو هو، وڪالت جي معاملي ۾ يا ٻيءَ ڪم ڪارِ ۾ منهنجي مدد وٺندا ها. جيتوڻيڪ منهنجي خلاف پروپئگنڊا اها هوندي هئي ته مان دهريو آهيان ۽ پراڻي سکر جي مسجد ۾ ڪڏهن به نماز نه پڙهي اٿم ۽ نه ڪڏهن عيدگاهه ۾ ڏٺو ويو آهيان. ها! ڪڏهن ڪڏهن نماز جنازه ۾ شريڪ ٿيندو آهيان، جنهن ۾ جُهڪڻو نه پوندو آهي. دراصل مونکي جوانيءَ ۾ گوڏن ۾ سور پوندو هو ۽ نماز پڙهندي جهڪڻ ۾ تڪليف ٿيندي هئي. هونءَ به مان مذهبي رسومات کي زياده اهميت نه ڏيندو هوس ۽ ڪائنات ڏانهن منهنجي نڪتهِ نگاهه هڪ صوفيءَ واري هئي. مٿي- ٽيڪ نه مون ڪلهه ڪئي هئي، نه اڄ ڪندو آهيان. منهنجو خدا جو تصور صوفيانه ۽ فلسفيانه آهي. مان مڃان ٿو ته اهو تصور قلب کي ايتري تسڪين نه ٿو آڇي ۽ اُن جو ايترو ڀرجهلو نه آهي، جيترو مصلي تي ڪنهنجي حضور ۾ سجده ريزي آهي، پر مان ڇا ڪيان، مان پنهنجي فطرت بدلائي نه ٿو سگهان.

مون ڳالهه ٿي ڪئي ته جڏهن ايم. ڪيو. ايم جا جلسا پراڻي سکر ۾ ٿيڻ لڳا ته پهريون ته اُهي خاموشيءَ سان ڪيا ويندا ها، پر پوءِ ايم. ڪيو. ايم جو اصل مقصد ظاهر ٿي پيو، ڇو ته اُنهن بي انداز هٿيار ڪٺا ڪيا. هڪ ڀيري مان حسن حميديءَ جي گهر ويس. هن جي سورنهين سترنهين ورهئين جي ڌيءَ، جنهن جي ڪراچيءَ ۾ شادي ٿيل هئي ۽ شايد مونکي نه ٿي سڃاتائين، پيءُ کي چئي رهي هئي: ”اَبو! اسان هنن سنڌين کي ايئن ختم ڪري ڇڏينداسين، جيئن ريڊ انڊين ختم ڪيا ويا ها. هونءَ به هي ڪائي مهذب قوم نه آهن.“ حسن حميديءَ منهنجو هن سان تعارف ڪرائي چيو: ”اياز! هن کي خبر نه آهي ته اسان گڏجي سنڌ جي صوبي جي بحاليءَ لاءِ جدوجهد ڪئي آهي ۽ هتي ڪوبه فاشزم برداشت نه ڪنداسُون.“ هوءَ ڇرڪي چُپ ٿي وئي. مان حسن حميديءَ کان ٿوريءَ دير ۾ موڪلائي گهر آيس. هو اُن وقت ڪراچيءَ مان چوٿين هارٽ ائٽڪ جو علاج ڪرائي گهر آيو هو. ڪجهه مهينا پوءِ مون کيس هاءِ ڪورٽ ۾ ڏٺو، جنهن بعد هو پنهنجي آفيس ۾ ويٺو هو ته هن کي دل ۾ سور پيو ۽ گهر ويو ته گذاري ويو. مان هن جي تڏي تي ويو هوس.

چڱو جو حسن حميدي، فيض ۽ سبطِ حسن وانگر يو. ايس. آر جي ٽٽڻ کان اڳ مري ويو. هو خوابن جي دنيا جو رهواسي هو، هن پنهنجي آدرش لاءِ قيد بند ڏٺا ها ۽ صعوبتون سَٺيون هيون. هن جا سڀ خواب چڪنا چور ٿي وڃن ها ۽ هو دلشڪستو ٿي مري وڃي ها. ڪامريڊ عثماني به پوري وقت تي مري ويو. جيتوڻيڪ اُن وقت ۾ گورباچوف جو ڪتاب ”پرسٽرائڪا“ اچي چڪو هو ۽ جنهن وقت هو ان باري ۾ ڊاڪٽر اعزاز سان ڳالهائي رهيو هو ته مان ويٺو هوس. مونکي ائين محسوس ٿيو ته هو اڃا ڌنڌ جي دنيا ۾ آهي ۽ ٻين ڪميونسٽن وانگر حقيقت کي نه ٿو ڏسي. اُن وقت ڪنهن به ڪميونسٽ پارٽيءَ جي ميمبر جي خواب خيال ۾ به نه ٿي اچي سگهيو ته ڪميونزم ڦڙڪي جي گهر وانگر ڦهڪو ڏئي ڊهي ڍير ٿي پوندي. جي ماياڪوفسڪي ختم ٿي ويو، پال اليوار، لوئي آراگون ۽ ڪئاسي موڊو جي ڪميونسٽ شاعري ختم ٿي وئي ۽ وڃي سرئيلسٽ شاعري رهي، جي اٽيلاجوزف جي شاعري بي معنيٰ ٿي وئي، شولوخوف ۽ اليڪسي ٽالسٽاءِ جا ڪميونسٽ ناول اهميت وڃائي ويٺا ته اُنهن جي ڀيٽ ۾ حسن حميدي ۽ فتح الله عثماني ڇا ها! (فتح الله عثماني نثر نويس هو) ائين آهي ته ٽين دنيا ۾ استحصال اُئين ئي آهي ۽ انسان اڃا ساهه نه پٽيو آهي، تنهنڪري اهڙي نثر ۽ نظم جا پڙڏا ڪجهه وقت رهندا. اُتي به جڏهن ماڻهو لڪ لتاڙي، اڳتي وڌيا تڏهن اِهي پڙڏا گم ٿي ويندا ۽ فيض جي سٽ ”هم تو تاريک راهون مين ماري گئي“ هڪ ابدي الميو ٿي اُڀري ايندي، جو ڪربلا جي اهميت جو حامل نه آهي.

مجيب پيرزادو، جو هن وقت ڪراچيءَ جو مشهور وڪيل آهي ۽ برک سياستدان حفيظ پيرزادي جو ڀاءُ آهي ۽ سنڌ جي سابق چيف منسٽر مرحوم  عبدالستار پيرزادي جو پٽ آهي، منهنجو جونيئر ۽ پاڙيسري هو. نبي بخش کوسو، جو ڪجهه وقت اڳ سنڌ ۾ سيڪريٽري انفرميشن هيو ۽ هاڻي پاڪستان گورنمينٽ ۾ جئائنٽ سيڪريٽري آهي، اهو به منهنجو جونيئر هو پر رنگين راتيون منهنجون غلام مصطفيٰ شاهه، علي بخش، حبيب الله شيخ، نظام بلوچ، غني شيخ (ڳاڙهي موري، تعلقي خيرپور وارو ۽ پاڪستان جي اڳئين ڊفينس منسٽر جناب غوث علي شاهه جو پاڙيسري) ۽ فتاح ملڪ سان گذرنديون هيون، جي سڀئي بلا نوش ها ۽ ساڳي وقت سياست ۾ ڪافي فهم وفراست رکندا ها ۽ هنن جي ادب سان به خاص ڪري نظام ۽ فتاح جي گهري دلچسپي هئي.


 


[1]    الفنسو انب خاص ڪري بمبئيءَ ۾ ٿيندو آهي. ورهاڱي اڳ اهي انب شڪارپور جا آڙ هتي گهرائيندا هئا ۽ نه رڳو مهانگائيءَ ۾ مهانگا انب هوندا هئا، پر سارو سال ملي به سگهندا هئا. اسان شڪارپور ۾ انهن کي ”هاپوسي“ انب چوندا هئاسين.

 

  ترجما:  وقت جو ٻڍو تاريخ نويس ششدر آهي.

هـــــي نــئينءَ تاريـــخ جــا ورق آهـــن.

 

2              مان انهن سان اڪثر ملندو رهندو آهيان

پنهنجي پگهر جي سائيءَ پوک ۾ جي گيت پوکن ٿا

۽ ٻَنيءَ جو ٻوجهه کڻي هر رُت سان گڏ ڦٽي پــــون ٿا

۽ اسان کي لکڻ سيکارن ٿا.               

[3]  اسان هڪ انڌي کوهه جا قيدي

ڀت جي پَڪَڙ ايتري ڪٺن آهي

جو ڌيان جي چرپُر سان ساهه ٿو نڪري

انهيءَ کوه جي ٻني تي

نوڻ وڻن جي ٻانهن ۾

وَنَ، جرهيڙي، پوپٽ، مکڙيون

نئون وايو منڊلَ ڦلندو ڏنو آهي

                 ۽ ڌرتي وِکن سان گڏ واٽهڙو آهي.“

 

[4]         جنهن کي موت چون ٿا

هڪ دوکو آهي

موت ته هڪ پل آهي

زندگي سانده آهي.

مان اوهان جي سرير ۾

 

سڀاڻي جي سرشٽي آهيان

مان هن سنسار جي امرتا آهيان

مان ئي نؤ جيون آهيان،

منهنجا گلن جهڙا ٻارڙؤ

 

[5]         اوهان جي ڏاڏي، اوهان جي ناني ۽ اوهان جي پيءُ سڀني گڏجي

نه ڄاڻان ڪيترن ڏينهن جون پيڙائون سٺيون هيون

                  لهوءَ جي درياهن کان، جهرڻن کان

                  پنهنجي وڏڙن جي بُٺين کان

                  بس، هڪ جهڙڪڙِي، دعا ۾ گهري وتي.

                  

پرهه جي هِير جهڙي

 ڦلواڙيءَ جي مُرڪ جهڙي

سَو بُريلين جي لانڍجهڙي

                   

 ڪٿي آهي اُها جِهرڪڙي

انوکي جِهرڪڙي

 سون بُريلين جي لانڍَ جهڙي لاڏلي جهڙڪڙي

اسان کي اُن جي جهلڪ ڏيکار،

 

[6]        مان بندي خاني جي تنگ کوليءَ ۾ سوچان ٿو

نه ڄـــاڻــــان چـــت مـــن جــــي ڀـــورڙائيءَ کي

مـــڌمـــاتــــن ســپـنـــــن جـــــي ســيـــــج کان

ڪهـــــڙي صَــــــــديءَ ۾ سَرَن ملندي؟

 

2        جمهور جو نظام ڇا اِهو آهي؟ سِرَن تي تلوار نچي ٿي

هر هڪ در تي، هر هڪ گهر تي هڪ خونخوار بِلا نچي ٿي.

 

[7]         چَپ چُپ هوندا آهن ته ڦٽن جا مُنهن ڳالهائيندا آهن،

          ڳالهائيندڙ ڦاسي جي رسي تان به ڳالهائيندا آهن.

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org