سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر

شيخ اياز

صفحو : 6

مان اسپتال کي پري هٽائي، وري چوان ٿو:

ذرا عمرِ رفتھ کو آواز دينا.

۽ وري ڏيپلي موٽي ٿو اچان. مون کان هڪ ڳالهه شايد وسري وئي آهي.

جڏهن پهريون ڀيرو اسان ميرپورخاص کان مٺي ٿي آياسين، ته ڪوئي آواز ڪويل جي ڪوڪ وانگر آسمان کي چيري رهيو هو. اسان ڏٺو ته ڪجهه ڀيل لڏاڻ (گُڏ)  ڪڍي رهيا ها ۽ ”همرچو“ به ڳائي رهيا ها. مون ”همرچو ڙي“ لوڪ گيت لکي، ان کي پنهنجي ترتيب ته ڏني آهي پر لوڪ گيت لکڻ لاءِ نه آهي، ڳائڻ لاءِ آهي. جيتوڻيڪ بيڊل مسرور ۽ هن جي مردن ۽ زالن جي ٽولي مون وارو لکيل ”همرچو“ ڪراچي پريس ڪلب ۾ نهايت سُريلي لهجي ۾ ڳاتو هو، پر ٿري همرچي جا لفظ دل مان چيرجي ٿا نڪرن، انهن کي تراش خراش نه آهي، قافيا نه آهن، بحر وزن نه آهي. جيئن ڌرتيءَ مان گل ازخود ڦٽي پوندا آهن، اهي ٻول دل مان ڦٽي ٿا پون. اسان جيپون روڪي انهن ڀيلن سان ڪچهري ڪئي هئي. گيت انهن جي دل ۾ اِئين ٿي آيا جيئن سانوڻ جا بادل آگم ڪري ٿي اُڀريا. هو ڳائي رهيا ها:

همرچو، روڪيو ميڙيو لا،

  (گڏجي اچڻ جو هي ميڙ اَلا)

 الا همرچوڙي لا.

  ڏورُ رهيو آ ڏيسيڙو لا

(ديس کان ڪو ديس ڀائي ايندو)

 الا همرچوڙي لا.

آسي ڪڏهن اوهان اوٺيڙو لا

  (ايندو ڪڏهن اتان اوٺيڙو)

 الا همرچوڙي لا.

کاسي کبر لاسي کاهوڙي لا

(کاهڙ جي خاصي خبر آڻيندو)

 الا همرچوڙي لا.

لاسي ماڀيڙان راسنيهڙا هو لا

(سانگين جا ڪي سنيها آڻيندو)

 الا همرچوڙي لا.

آڌيءَ اُٿي اونان ڪَران ڙي لا

(آڌيءَ جو اٿي ورلاپ ٿي ڪيان)

 الا همرچوڙي لا.

  هُون اِٿ هيڪلڙي ٿي ڦِران لا

  (آءٌ هَت هيڪلي ٿي گهمان)

 الا همرچوڙي لا.

آسي مان جو جانيڙو ڙي لا

(شال منهنجو جاني ايندو)

 الا همرچوڙي لا.

  اَلائي ڪيترن صدين جي پيڙا هئي ان لوڪ گيت ۾! الائي ڪيترن ماڻهن ٻول وڌايا ها ان لوڪ گيت ۾! لوڪ گيت جا ٻول ڪو هڪ ڪلاڪار جا نه هوندا آهن. ان ۾ سَوَن ماڻهن جي صدين جو پورهيو هوندو آهي! سڀئي هَر- هاري گڏجي چون پيا:

”همر چوڙي لا“ پوءِ ٽولي جي مُک پئي چيو:

آئي موسم مِينهارن ري لا....

  ۽ ٻين وراڻي ٿي ڏني:

”همر چوڙي لا“

لوڪ گيت نڙين مان ائين ئي ڦٽي نڪرندو آهي، جيئن ڌرتيءَ مان ٻاجهر ڦٽي نڪرندي آهي، جنهن جي سنگن کي ٻليءَ جي نرم ۽ نازڪ بج هوندي آهي.

   انهن هارين کان ٿر جي ٻين لوڪ گيتن لاءِ پڇيو ته وراڻيائون:

”زالون ڪوئل ڳائينديون آهن، جڏهن ڪم ڪار ۾ هٿ ونڊائينديون آهن. هر موقعي مهل لاءِ ڪوئي لوڪ گيت آهي. مڱڻي پرڻي لاءِ، ونواهه ۾ ويهارڻ لاءِ، ڄاڃيءَ لاءِ، لانئون لهڻ لاءِ لوڪ گيت آهن. لاڏيلي ۾ زيورن جو ذڪر آهي، مور- ڪٽورو تڏهن ڳائبو آهي جڏهن گهوٽ اُٺ يا گهوڙي تي چڙهندو آهي. ڦوٽاڻي ۾ من موهڻيءَ ڪنوار سان ڇيڙڇاڙ آهي.“

ٻين گيتن جو ذڪر پوءِ سيٺ نهال چند، اسلام ڪوٽ ۾ ڪيو هو جو پوءِ لکندس. في الحال ”همرچوڙي لا“ لوڪ گيت ياد ڪري مون کي اسلام آباد جي اُها شام ياد اچي رهي هئي، جڏهن مان وائيس چانسلر جي حيثيت ۾ يونيورسٽي گرانٽس ڪميشن جي ريسٽ هائوس ۾ رهيل هوس. صبح سامهون پهاڙن تي پهچي چڪو هو ۽ مان ريسٽ هائوس ٻاهران وڏي پڌر ۾ ٽهلي رهيو هوس، جو خود پهاڙيءَ تي ٺهيل هو. مون سان هڪ پنجابي چوڪيدار گڏ ٽهلي رهيو هو. ٻه ٽي ڏينهن اڳ ڀُٽي صاحب کي ڦاسي اچي چڪي هئي ۽ هو ڳوڙها اُگهي مون کان پڇي رهيو هو:

”سر (Sir) هي ڇا ٿي ويو؟“

مون هن کي چيو ته:

”موت ڪڏهن ڪيئن ٿو اچي، ڪڏهن ڪيئن ٿو اچي. ان جا ڪيئي بهانا آهن ۽ قدرت اهو انسان جي ڄم کان اول طئي ڪري ڇڏيو آهي.“

ايتري ۾ ڪجهه پنڌ تان مڪئي جي کيتن مان ڏاڍو مٺو آواز آيو. اهو ٻڌي مون کي چوڪيدار چيو:

”پختون ڪسان ٻنيءَ ۾ ٽپا ڳائي رهيا آهن.“

”ٽپا“ هڪ  پشتو لوڪ گيت آهي. چوڪيدار جو پشتو  ڄاڻندو هو، تنهن مونکي اهي ڪجهه ٽپا ترجمو ڪري ٻُڌايا. (انهن ۾ بحر وزن ۽ قافئي جي پابندي نه هئي ۽ پهرين سِٽ ٻيءَ سٽ جي اڌ  جيتري هئي) اهي ٽپا هيا:

1ـــ      آزاديءَ جا ٻه ڏينهن ڪافي آهن

         غلاميءَ جا هزار سال به مونکي قبول نه آهن.

 

2ــ      جڏهن ڪوئي شخص ڪنهنجو فرياد نه ٿو ٻڌي

تڏهن دل ۾ اچي ٿو ته ان جا ڪن ڪٽي وٺان.

 

3ـــ     اي آزاديءَ جا موت، مان توتي خوش آهيان،

غلاميءَ جي زندگي وڏي هجي تڏهن به ان تي لعنت آهي.

 

4ـــ     آزاديءَ جي معشوقه چوي ٿي ته

مان غلام يار کي چُمي نه ڏيندس.

 

 5ـــ     اي الله مون کي سؤ ڀيرا زندگي ڏي ته

 مان ان کي وطن تي قربان ڪيان!

 

 6ـــ    منهنجي محبوب، وطن جي راهه ۾ سر ڏنو آهي،

مان پنهنجن زلفن سان هن جو ڪفن سبندس.

 

ٻيا به ڪجهه ٽپا هيا جي مون نوٽ به ڪيا. اهو آواز ڪيڏو نه ان آواز سان ملي رهيو هو، جو ٿر ۾ مون گُڏ ڪڍڻ وقت، ڀيل هارين کي ڪندي ٻُڌو هو. مون چپراسيءَ کان پڇيو:

”ڇا هن کي به ڀُٽي جي ڦاسيءَ جي خبر آهي؟“ چپراسيءَ جواب ڏنو:

”سر! اِها خبر ته پاڪستان جي ٻچي ٻچي کي آهي.“

مان موت جي فلسفي تي سوچي رهيو هوس. هڪ ٻوڌي ڪتاب ۾ آهي ته:

”اسان موت کان ڪهڙيءَ طرح محفوظ رهي ٿا سگهون، جڏهن چارئي پهر هُو هڪ قاتل وانگر اسان جي خلاف تلوار کڻي ٿو ڦري.“

مان ڀانيان ٿو ته اهو نظريون گنڌارا تهذيب ۾ جذب ٿي چڪو آهي. اهوئي سبب آهي جو ايتري بي تحاشا پيسي ۽ هٿيارن جي باوجود روس افغانستان ۾ شڪست کائي ويو.

مون کي هيٺيون ٽپو ٻڌي، خليفي نبي بخش جو بيت ياد آيو، جو هوبهو ائين هو:

”آواز آيو ته منهنجي محبوب کي چارپائيءَ تي آڻي رهيا آهن. منهنجي دل ويهڻ لڳي. متان ائين هجي ته منهنجي محبوب کي پُٺ ۾ زخم هجي!“

شايد اِهو ٽپو کرڙيءَ جي ميدانِ جنگ مان شڪست کان پوءِ، شاه شجاع جي ڪنهن پٺاڻ سپاهيءَ ڳاتو هو.

بهرصورت منهنجو مطلب اهو آهي ته لوڪ گيت کي ازلي ۽ ابدي ڪيفيت آهي. ان کي شاعريءَ جا ساز وسامان نه آهن، پر اثر آهي جو ڏاهر جي ٽنگر تير کي هو، جنهن زنگي سپاهيءَ جي گردن اڏائي ڇڏي هئي، جيڪو ”چچ نامي“ موجب ارادو ڪري آيو ته هن کي اڄ ڏاهر جو سِرُ لاهڻو آهي.

              افلاطون جي ڪتاب ”ريپبلڪ“ ۾ ڪردار ڏيکاريل آهن، جي پردي پٺيان ڏسن ٿا، جيڪي ٻاهران وهي واپري پيو. ماضيءَ ۾ جهاتي به ڪجهه ائين پسائي ٿي، حقيقي غير حقيقي لڳي ٿو. اها ٻي ڳالهه آهي ته مون ازل ۾ اوک ڊوک کانسواءِ ڪڏهن به وقت نه گهاريو آهي ۽ نه وقت کي ويريءَ وانگر ماريو آهي. عيش توڙي طيش ۾ مونکي اها چوراکورا لڳل هوندي آهي، ته مان ڪير آهيان، مان ڪيڏانهن وڃي رهيو آهيان ۽ منهنجي منزل ڪٿي آهي؟ جڏهن به رَهوار سست رفتاري ڏيکاري آهي، تڏن مان اُن کي اَڙيءَ تي اَڙي هڻي، آسمان ۾ سج ۽ چنڊ سان شرط  پڄائيندو رهيو آهيان. مان جگر مراد آباديءَ وانگر پاڻ سان رَمِي کيڏِي وقت گذاري نه سگهندو آهيان ۽ نه ميراجيءَ وانگر هٿ ۾ لوهي گولا رکي يا فيض وانگر پيالا ڀري ۽ خالي ڪري سارو وقت ڪاٽي سگهندو آهيان. مون لاءِ شاعريءَ کانسواءِ ٻي ڪائي تفريح نه آهي ۽ مطالعي کانسواءِ ڪائي مصروفيت نه آهي. پوءِ اُهو انساني دنيا جو مطالعو هجي يا ڪتابي دنيا جو.

غالب ۽ فيض سئميوئل بٽلر[1] جي قول جا انمول مثال ها، جنهن چيو هو ته:

“To do a great work, a man must be very idle as will as very industionus.”                                                                                     

ترجمو: (ماڻهوءَ کي ڪوئي عظيم ڪم سرانجام ڏيڻ لاءِ نهايت ڪاهل ۽ نهايت محنتي ٿيڻ ضروري آهي.)

مان ته ڀٽائيءَ جي ”تتيءَ ٿڌيءَ ڪاههِ، ڪانهي ويل ويهڻ جي“ جو مثال آهيان. جڏهن رات جا ٻارنهن وڄندا آهن تڏهن گهڙيال جي سُئي مون کي ٻئي هَٿ ٻَڌي وينتي ڪندي آهي ته ”لکندو رهه! متان سمهين پئين ۽ وري نه اُٿين.“ مون سفر ۽ حضر ۾ ڪڏهن نه وساريو آهي ته هيءَ زندگي هڪ اَکٽ مطالعو ۽ مشاهدو آهي. منهنجي اکين جي جهول ڪڏهن به نه ڀري آهي ۽ مون سدائين هن ڪائنات کي هڪ لالچي بکاريءَ وانگر ڏٺو آهي. پيريءَ ۾ مان پنهنجا ادبي ڪشڪول ائين ڏسي رهيو آهيان، جيئن محمود غزنويءَ موت کان اڳ فرمائش ڪئي هئي ته اُهي هيرا منهنجي اکين اڳيان آڻي رکو جي مان سومناٿ جي بُتن جي اکين مان ڪڍي آيو هيس ۽ ٻيءَ ڦُرلٽ ۾ هٿ هيم. هن جي فرمائش پوري ڪئي وئي هئي. ٻئي ڏينهن تائين اهي هيرا تڪيندو رهيو هو، جيستائين هن جون اکيون اُجهامي ويون هيون. ڪوهنور ساڳيو آهي، تاج ۽ تاجدار بدلجي ويا آهن ۽ اُن جي چمڪ هنن جي انت تي مُرڪندي رهي آهي. منهنجي ساري زندگي، البيرونيءَ واري هڻ هڻان ۽ ڌوڪ ڌوڪان ۾ گذري آهي. ٻاهريون سفر ايترو گهڻو نه آهي، جيترو اندريون سفر آهي ۽ ڀٽائيءَ وانگر ”جان جو پيهي پاڻ ۾ ڪَيم روحَ رهاڻ“ منهنجو مرغوب مشغلو رهيو آهي. هاڻي ته اهو ويتر وڌي ويو آهي جڏهن مان سياست کان ڪناره ڪش ٿي، پنهنجو ڪشڪول اونڌو ڪري، پنهنجي ميڙي چونڊي ڏسي رهيو آهيان ۽ حافظ وانگر محسوس ڪيو اٿم ته:

رموُزِ مملکت مُلک راشهان دانند،

گدائي کوچه نشيني تو حافظا مخروش.

ترجمو:  (سلطنت جي مرزن کي بادشاهه ڄاڻندا آهن

اي حافظ! تون ته هڪ ڪوچه نشين فقير آهين تون رڙيون گهٽ ڪر.)

              ڪنهن چيو هو ته ”ليودر (Iuther) ٻه وڏا ڏوهه ڪيا ها: هڪ هن پوپ (Pope) جي تاج تي وارُ ڪيو هو ۽ ٻيو پادرين جي ڍِڍَ تي!“

هڏي مٿان هوڏ ڪڏهانَڪر، ڪُتن جي،

هڏي ساڳي لوڏَ، چوپيندڙ چلي ويا.

اهو بيت اسانکي هڪ عام ٿريءَ ٻڌايو هو، جڏهن اسان مٿي ذڪر ڪيل هَمرچو وارو گيت ٻڌي، گاڏين ڏانهن موٽيا هياسين، جي هڪ چاءِ جي پِڙيءَ ڀرسان بيهاريون هيون سين. شايد اِهو شعر اسان کي انهيءَ هوٽل جي پڙيءَ واري ٻڌايو هو. دل ۾ اچي ٿو  ته هر سياستدان ۽ مال، دولت ۽ اقتدار جي هوس رکڻ واري جو در کڙڪائي، کيس ننڊ مان اُٿاري اِهو شعر ٻڌايان ۽ جي هو سنڌي ٻولي نه سمجهي ته کيس اردوءَ يا پنجابيءَ يا انگريزيءَ ۾ ان جو ترجمو ٻُڌايان. ان کان وڌيڪ ڏاهپ وارو شعر مون هن مهل تائين ڪنهن به ديس جي ادب ۾ نه پڙهيو آهي. ڪوئي پتو نه آهي ته اُن جو خالق ڪير هو! ڪوئي ڪائنات جي خالق وانگر اُن کي خلقي ڇُپي ويو هو. دراصل عقل جي ميراث دنيا کي آڇي، پاڻ اَلوپ ٿي وڃڻ جهڙي عقلمندي ڪائي نه آهي. غلام رباني ويجهڙائيءَ ۾ مون وٽ آيو هو ۽ ڳالهه شاعر جي نانوَ ناموس جي ٿي رهي هئي. مون هن کي چيو ته: ”منهنجي موت کان پوءِ جيڪڏهن ڪوئي ستم ظريف منهنجي لحد تان سنگ لِحد لاهي ٻئي ڪنهن جي لحد تي هڻي اچي ته منهنجي پونجي ته اِئين وئي جيئن سَٽي ۾ سٽوڙيءَ جي هارائجي ويندي آهي.“

وليم شيڪسپيئر پنهنجي ڊرامي ”بادشاهه هينري اٺون“ ۾ پنهنجي ڪردار وولزيءَ (Wolsey) کان چورايو آهي:

”الوداع! ڊگهي الودااع!! پنهنجي ساريءَ عظمت کي.“

هي ته ٿيو شاعر جو موت جنهن جي شاعري رهجي ٿي وڃي، جيتوڻيڪ ان جي ثابتي نه ٿي رهي ته ڪهڙي ڌُن هن جي ڪهڙي هڏي جي شهنانيءَ جي تخليق آهي. پر سياستدانن جي ته ڳالهه ئي ٻي آهي. ٿامس ڪارلايل ڪهڙو نه ڪنهن سياستدان جي قبر تي چيو هو: ”هن مقرر جي زندگيءَ کان وڌيڪ خوفائتي شيءِ ڪهڙي ٿي سگهي ٿي، جو هاڻي سچ به چئي نه ٿو سگهي.“

 ان ڪري مون کي اهو ڏاهو چاءِ جي پڙيءَ وارو ياد ڪندي ”حافظ“ جو شعر ٿو ياد اچي ته:

خاکساران جهان رابھ حقارت نَه نِگرَ

توچھ داني کھ دراِين خاکه سواري باشد

              ترجمو:  (جهان جي خاڪسارن کي حقارت سان نه ڏس!

               توکي ڪهڙي خبر ته هن دز ۾ ڪوئي سوار ايندو هجي!)

سئربين ۾ وري منظر ڦري ٿو. اسان ڏيپلي ۾ ٻهراڙيءَ جون ٻايون ڏسي، انهن جي عاج جا کنج ۽ چانديءَ جا پنڙا، مٿي تي ٽِڪن لڳل سينهون ۽ انهن تي پاڻيءَ جا دلا ڏسي ۽ ڪِن ڪِن جي پيشانيءَ تي سوني آلِي، ڪنن ۾ ڦليون ۽ نڪ ۾ بولو ڏسي، رستي تي گوسِيءَ جو مٺو، هڙڪاري جو اَلاپ ٻُڌي، ڏيپلي کان ڇهن ميلن تي سارڻ ڍنڍ تي آياسين جا ڄڻ سنڌ جي تاريخ وانگر کاري هئي، جنهن ۾ ميٺاج ڳوليو نٿو لڀي، توڙي  اسان سنڌين سنڌ تي ست سئو سال حڪومت ڪئي آهي. توهان ئي ٻڌايو ته ڪلهوڙا، سما، سومرا، گهڻيون صديون هيا؟ ممڪن آهي ته منهنجي حساب ۾ ٿوري غلطي هجي! سارڻ ڍنڍ مان قدرتي لوڻ پيدا ٿئي ٿو. اُتي سالٽ کاتي وارن جي آفيس به هئي. ممڪن آهي ته اهو مون ڪٿي پڙهيو آهي ۽ اهڙي آفيس ان وقت موجود ڪانه هئي! لوڻ جي ڍنڍ کي سَن به چوندا آهن، ٿر جي ٽن تعلقن ۾ (ڇاڇري کانسواءِ) اهڙيون ڍنڍون آهن ۽ انهن ۾ اَڻ ميو لوڻ آهي، پر اسانجي صدين ۾ جيتري نمڪ حرامي، سُتاسور، ۽ تِکاڻ آهي، اوتري اِن ساري لوڻ ۾ نه آهي. هاڻي ته اربين ٽن ڪوئلو لڌو ويو آهي. ڀانيان ٿو ته اُن جي واپار مان هٿ اڇا رهجي ويندا. سنڌ ۾ ايترو پيٽرول نڪتو آهي، پر اسان کي ڪيترو مليو آهي! اِن توانائيءَ جي ذريعي مان ڪيتري توقع رکي سگهجي ٿي! دنيا ۾ نيت سان ونڊ وِراهه جي اصول کان بهتر ڪو اصول ڪونه آهي، پر هَوَس رانِي هر مُلڪ راني جو  اٽوٽ انگ آهي. جي ائين نه هجي ها ته يو. ايس. ايس. آر رومن سامراج وانگر ختم نه ٿي وڃي ها.

               ڏيپلي ۾ رهي مرحوم محمد عثمان ڏيپلائيءَ تي نه لکڻ مان گناهه برابر ٿو سمجهان. پر مون اڳيئي ڏيپلائيءَ صاحب تي مضمون لکيو آهي، جو منهنجي هڪ ڪتاب ۾ ڇپيل آهي.

             اسان ان ڏينهن ڦري مٺي آياسين پر مِٺيءَ ۾ ترسياسون ڪونه. مان ۽ جمال جڏهن هن ڪتاب لاءِ يادگيريون پئي ڪَٺيون ڪيون، تڏهن اسان کان اهو نوٽ وٺڻ وسري ويو ته ميرپورخاس ۾ اچي، پهرين رات اسان مِٺيءَ ۾ ڪنهن مختيارڪار جا مهمان ٿيا هياسين ۽ ٻئي ڏينهن ڏيپلي ويا هياسين. ارودءَ جو مشهور شعر آهي:

 غزل اس ني چهيڙي مجهي ساز دينا

ذرا عــمرِ رفتھ کو آواز دينا

            پر ’عمر رفتھ‘ ڪنهن ڪنهن وقت گوهي ڪري ٿي وڃي ۽ ڪي واقعا وسريو ٿا وڃن. ماضي اُن کي ائين ڍڪي ٿو ڇڏي، جئين سُڪل ٻوهه ۾ لُريءَ کان مال کي ڍڪي ڇڏيندا آهن. اِن ۾ شڪ نه آهي ته تخليق ۾ بيحد اُتساهه تڏهن پيدا ٿيندو آهي جڏهن مصنف اُن جو مرڪزي ڪردار هوندو آهي ۽ گهڻو ڪري ماضيءَ جون يادگيريون اَڻ- چت مان اُڀري اينديون آهن. ڪنهن مهل اونهاري جي يادگيري سياري ۾ ايتري چٽائيءَ سان ايندي آهي، جو ڄڻ بدن تي پِتُ نڪري ايندي آهي ۽ ڪنهن وقت سياري جي يادگيري اونهاري ۾ ايتري شدت سان ايندي آهي جو لڱ لڱ ۾ سيئاندو ٿيندو آهي. سر وليم بئري Sir William Barrie) 1860ع کان 1938ع تائين) ڪهڙو نه چڱو چيو آهي ته: ”خدا اسان کي يادگيري ڏني ئي انهيءَ لاءِ آهي ته اسان کي ڊسمبر ۾ گلاب ملي سگهن.“

         پر وري به ڪجهه نه ڪجهه وسري ويندو آهي ۽ پوءِ ذهن ۾ ايئن ڇلانگ ڏئي اڀري ايندو آهي، جيئن گڊ کيرٿر تي چنڊ ڏسي، مٿي ڇلانگ ڏيندو آهي. يادگيريون غمگين ڪنديون آهن ۽ عمر جو اذيتناڪ احساس به ڏينديون آهن.

         اها رات جڏهن اسان مختيارڪار وٽ مٺيءَ ۾ ماني کاڌي، اُن وقت منهنجي ڦوهه جواني هئي. اڄ ڪلهه چاليهه سال ڪائي عمر نه آهي. ان عمر ۾ ته هر انگ مان سج ڦٽندو آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته تيستائين پيار مان الهڙپائي ختم ٿي ويندي آهي ۽ اُن ۾ اَڻونُڍايون نه رهنديون آهن. انهن جي جاءِ تي سنجيدگي ۽ ديرينائي اچي ويندي آهي. اڳين اُٻهري دل - ڦينڪ فطرت ته نه رهي آهي، پر اڄ تائين عمر جي باوجود پاڻ ۾ سونهن جو سوداءُ ويو نه آهي. ڪائونٽ ليوٽاسٽاءِ (1826ع کان 1910ع تائين) هڪ هنڌ چيو آهي ته: ”اهو چوڻ ته ڪوئي ڪنهن کي سڄي عمر پيار ڪندو، ائين آهي جيئن چئجي ته هڪ ئي موم بتي تيستائين ٻرندي رهندي جيستائين اوهان جيئرا آهيو.“ آسڪروائيلڊ به بنهه سچ چيو آهي ته: ”انهن انسانن لاءِ جذبات جو اظهار کلڻ هاب لڳندو آهي، جڏهن اُنهن سان محبت ختم ٿي ويندي آهي.“ پر ان رات مونکي ڪائي صورت چنڊ جي چٽائيءَ وانگر ياد آئي هئي ۽ مونکي ساري رات ننڊ نه آئي هئي. هوءَ مونکان ڪيترو نه دور هئي، ڪيترو نه مجبور هئي! ”زنجير رمِ آهو“ اردوءَ جو هڪ عجيب استعارو آهي. هرڻيءَ جي ڊوڙ به هڪ زنجير هوندي آهي جا آهيڙيءَ کي پٺيان گهليندي آهي. هوءَ ڪيتري نه مختلف هئي! پهريون ڀيرو مونکي زندگيءَ ۾ شدت سان پيار جو احساس ٿيو هو. اڃا موم بتي ٻري رهي هئي، اڌ به وساڻي ڪونه هئي ۽ اُن جي روشنيءَ ۾ ساري ڪائنات هن وانگر ٿي لڳي.

                 مختيارڪار جي مانيءَ تي اسان کي ٻوڙ پلاءَ سان گڏ ٺيٺ ٿري کاڌو کنڀيون، ڏونرا ۽ چڀڙ به کارايا ويا. مان ڀانيان ٿو ته ڏونرن جي کٽاڻ ۽ چڀڙن جون تريل ڪچڙيون به هيون. جيتوڻيڪ مانيءَ کان پوءِ مونکي جهليائون ته ٻاهر پڌر ۾ نه وڃ ڇو ته ٻاهر ڪنهن لُنڊيءَ، کپر، ٻه مُنهين، گهوڙيال يا ٻئي سُرڻي جو ڀَؤ ٿي ٿي سگهيو، پر چنڊ انسان کي ائين ڇڪي ٿو، جيئن گهنگهر سان ٻانهي کي ڇڪبو آهي. مونکي پونم جو چنڊ ڏاڍو وڻندو آهي. ان جا سيتل ڪرڻا من ۾ سُتل سور جاڳائيندا آهن. ڪيڏون نه سارون انهن ڪرڻن مان تيرن وانگر اينديون آهن جي من کي بي چئن ڪنديون آهن!

ان ڏينهن الهڙ جواني پئي ياد آئي. مان جڏهن به شڪاپور ۾ بهار جي مند ۾ هن جي گهر ويندو هوس، تڏهن لکيدر تان رابيل جون ڪنڊيون وٺي ويندو هوس ۽ اسان چانڊوڪيءَ ۾ واڻ جي کٽ تي اکٽ ڳالهيون ڪندا هياسين تان جو رات جا ٻه وڄندا ها ۽ مان گهر موٽي ويندو هوس. ريشم مونکي گهٽيءَ جي موڙ تائين ڇڏڻ لاءِ ايندي هئي. ساري دنيا ننڊ ۾ اَلوٽ هوندي هئي پر ريشم کي ڀَوءُ هوندو هو ته اَهڙي اَويري وقت مونکي هن جي گهر مان نڪرندو ڏسي، غلط فهميءَ ۾ هن جو ڪوئي مائٽ مو ن  کي ڪارو ڪري نه ماري وجهي. هُن اِهاڳالهه مون سان ڪيئي ڀيرا ڪئي هئي ۽ چيو هيائين ته ”ساجهر گهر ويندو ڪر، ائين هَئوُ مَئوُ ٽاري نڪرڻ چڱو نه آهي.“ پر چاندوڪي ۽ پيار کي چقمق جي ڪشش هوندي آهي. انسان کٽ جي اِيس تان اٿي نه سگهندو آهي ۽ ڪوئي زنجير هن کي اُن سان جڪڙي ڇڏيندو آهي. وقت کي چڪور جا پر هوندا آهن، ڏاڍو تيز اڏامندو آهي ،پرٿڪجي نه ٿڪبو آهي. گوئٽي جي فائوسٽ تڌهن ته ميفسٽوفِلس جي اڳيان اِها اِڇاڪئي هئي ته مون کي جواني موٽائي ڏي! هاڻي ته مرحومه مون کي ائين ياد ايندي آهي جيئن جهُڙ ۾ تارا هوندا آهن. هوءَ هن ڌرتيءَ تي ٻئي ڪنهن گرهه تي آهي يا اُٽلو سِرشٽيءَ ئي ڪنهن ٻيءَ ۾ آهي، اهو ڪيئن چئجي! ڪوئي وڃي موٽيو ته نه آهي جو ڪنهن جو ڏس ڏئي سگهي، پر دل چئي ٿي ته هن کان اڳتي به اکٽ زندگيون آهن، جي کُٽي نه کٽڻيون آهن.

مِٺيءَ ۾ اُن رات مان ڪافي دير تائين اڱڻ ۾ ٽهلندو رهيس. مون ساري زندگي ننڊ تمام گهٽ ڪئي آهي ۽ هڪ نظم ۾ پنهنجن ڇپرن کي ڪنهن مزدور جي ڳورين ڳوڻين سان تشبيهه ڏني آهي. ان کان وڌيڪ سچي تشبيهه مون سڄيءَ شاعريءَ ۾ نه ڏني آهي. هن عمر تائين مان رات جي ٻي ٽين بجي تائين لکندو آهيان. تڏهن ته جواني هئي جڏهن مان مِٺيءَ ۾ ٽهلي رهيو هوس ۽ ڪجهه ڏينهن اڳ مون پنهنجي تازي وائي ”دلڙي ٿي ديواني ڙي“ لکي هئي. ان  رات مون کي پڌر ۾ ڪوئي سپ نظر نه آيو. دراصل مونکي خاطري هئي ته مقدر منهنجي حصي ۾ جا شاعري ڏني آهي، اُها جيستائين مان لکي پوري نه ڪندس، تيستائين نه مرندس. مان ڪيترا ڀيرا موت جي منهن ۾ وڃي بچي ويو آهيان ۽ منهنجو وار به وِنگو نه ٿيو آهي. اهڙو ڪجهه ذڪر ”ڪتين ڪَرَ موڙيا جڏهن“ جي پهرين ڀاڱي ۾ (مهاڳ ۾) ڪيو آهي. وڌيڪ ٻئي ڪنهن ڪتاب ۾ لکندس.

انهيءَ مختيارڪار جو نالو وسري ٿو وڃي. نه وري جمال ۽ ابراهيم کي ياد آهي. رشيد ڀٽي وڃي پنهنجي رب کي پهتو آهي. هُن اسان کي ٻڌايو ته جي اسان ساجهري سويري گهران نڪرنداسين ته کوهن تي نهايت خوبصورت نظارو نظر ايندو. ان ڪري مان صبح جو چئين بجي اُٿي، ڇهين بجي تائين وهنجي سِهنجي تيار ٿي ويو هوس. چار ڪلاڪ ننڊ منهنجي اڳتي سفر لاءِ نئين جَلائو مادي (re-fueling) لاءِ ڪافي هئي. ڪنهن وقت مون سوچيو آهي ته جي زندگي ايتري مختصر آهي ته اِنسان ننڊ ڇو ٿو ڪري؟ منهنجو وس پڄي ته جيڪر نند نه ڪيان ننڊ ته موت جي ڀيڻ آهي. ماڻهو صدين جي ڀوُل ڀلئيان ۾ گم ٿي ٿو وڃي، انهيءَ ڳوڙهيءَ ڳجهارت ۾ جنهن جي ڪائي ڀڃڻي نه آهي. پر ڇا ڪجي، ننڊ سمنڊ جي وير وانگر هر شيءِ واري ٿي وڃي. اها ته موت جي تختي تي به اچي وڃي ٿي. مونکي هن وقت شهيد ڀُٽي جي پوئين رات ياد اَچي رهي آهي. چون ٿا ته هن ڏاڍي گهري ننڊ ڪئي هئي ۽ ڦاسيءَ کان اڳ هن کي فقط هڪ خواهش هئي ته ڏاڙهي ڪُوڙي وٺان. هو زندگيءَ ۾ نهايت خوبصورت هو ۽ هُن نه ٿي چاهيون ته هُو موت کي ڪوجهو نظر اچي. شايد ڪمال اتاتُرڪ به ساڳي حالت ۾ هجي ها ته اَهڙيءَ خواهش جو اظهار ڪري ها. ملائڪن سان ملاقات لاءِ ماڻهوءَ کي مُنهن تي ملائڪ وارو ڏيکُ هجڻ گهرجي. هُو به مون وانگر ننڊ ۾ وقت ضايع نه ڪندو هو. ايوب خان کي استعفا ڏئي جڏهن هن اليڪشن لاءِ دورا ڪيا، تڏهن هُو ننڊ فقط پنهنجيءَ ڪار ۾ هڪ شهر کان ٻي شهر ڏانهن ويندي ڪندو هو. شايد هو به مون وانگر محسوس ڪندو هو ته ننڊ هڪ فضول شيءِ آهي. زندگي نيٺ ته ڪنهن ڦاٽل پاتل وانگر ڦِٽي ڪرڻي آهي. اُن مان جيترو ڍَؤ ڪجي، ڪري وٺجي. چون ٿا ته هن ۾ ڪمزوريون هُيون، هونديون. چون ٿا ته هن جو نصب العين صحيح نه هو هوندو. مون ته جڏهن به هن کي ڏٺو هو، هڪ تروتازه گلاب وانگر ڏٺو هو ۽ چون ٿا ته موت ۾ به هو ائين لڳي رهيو هو ڄڻ تازو ڪنهن هن کي ٽاريءَ تان ڇڳو آهي. ذاتي زندگي اُن دور ۾ اسان ڪنهنجي ڏٺي هئي؟ چرچل جي، ڊيگال جي، روزويلٽ جي، اسٽالن جي، مائوءَ جي، سوئڪارنو جي، مارشل ٽيٽو جي؟ ڪهڙي ليڊر جو ڪوئي صحيح اکين ڏٺو شاهد آهي. تاريخ نويسن هنن جون زندگيون ڪنهن رِليءَ وانگر ڏينهن ڏينهن جون چَتيون ڳنڍي جوڙيون آهن. پوءِ به ڪهڙي تاريخ نويس کي خبر آهي ته هو رات ڪيئن گذاريندا ها؟ جيڪي ڳالهيون اسان هُن جي باري ۾ ٻُڌيون آهن، ممڪن آهي ته ڪُوڙيون آهن. هن جي پوئين قيدوبند جي باري ۾ جيڪي ڄاتو ويو آهي. اُنهيءَ مان ته ظاهر آهي ته هن عزت جي موت کي ذلت جي زندگيءَ تي ترجيح ڏني هئي.

هو بنيادي طرح هڪ عملي فلاسفر هو. سقراط وانگر مُرڪندي هيملاڪ پي سگهندو هو. اطالوي شاعر ۽ مفڪر برونو وانگر، شعلن جي لپيٽ ۾ اَچي، خوشيءَ سان شعلو ٿي سگهندو هو. پروانا پنهنجي تقدير تي نه روئيندا آهن. قاضي عابد مون کي هن جي سپريم ڪورٽ ۾ ڪيل آخري تقرير ٻڌائي هُئي، جنهن جا پويان لفظ اِهي هئا ته:” ماءِ لارڊ!ٰ جي مان واجب القتل آهيان ته منهنجي مٿي کي منهنجيءَ ڪمر وٽان ڪپيو وڃي، جيئن هن وقت تائين  جيڪي سر ڪپيا ويا آهن، انهن کان منهنجو سر اوچو نظر اچي.“

 هي اَنا هئي يا هماليه جي چوٽي ائنا پورنا هئي! مون شاعري لکي آهي، هن جي زندگي شاعري هئي. هن جو موت به هڪ شاعر جو موت هو، نه هن جو موت خود هڪ خوبصورت نظم هو، اهڙو نظم جو شيڪسپيئر جي ڪنهن به ڊراما ۾ ڳاتو نه ويو آهي ۽ سياست جي ڊراما جو هڪ اٽوٽ انگ ٿي چڪو آهي. هر انسان ۾ لڱايون آهن، هُن ۾ به هونديون، ماڻهو لڱائيءَ جو تاڃي پيٽو آهي، پر مون هن جون فقط چڱايون ڏٺيون هيون، هن سان گڏ ساهيوال جيل کان ٻاهر ۽ جي ٻيو نه ته منهنجي هڪ مرثئي جو حقدار هيو، جو مان هن تي لکي چڪو آهيان، جو پنهنجي نوعيت جو واحد مرثيو آهي ۽ عابده پروين ڳائي چُڪي آهي:

واويلا وڻڪارَ......

وَڻ وَڻ، پن پن مان واويلا اچي رهي هئي، جڏهن هن جو لاش نئين ديري آندو هيائون. اها واريءَ جي واويلا نه هئي، سرسبز زندگيءَ جي واويلا هئي.

ڀُٽي جي ڦاسي کان ڪجهه وقت پوءِ مان اسلام آباد ۾ سنڌ هائوس ۾ رهيل هوس، جتي مون کي 22 گريڊ جي آفيسرجي حيثيت ۾ رهڻ جي اجازت هئي. هڪ صبح جو مان واندو ويٺو هوس ۽ اخبار مان معلوم  ٿيو هو ته اي . ڪي بروهيءَ جي پنجاب يونيورسٽيءَ ۾ تقرير ڪندي جميعت طلباءِ وارن سان سخت ڪلامي ٿي هئي ۽ جميعت جي ڪنهن ليڊر هن جي باري ۾ چيو هو:”بروهي صوفي آهي.“ ڪجهه ڏينهن کان پوءِ مون ٻڌو ته بروهي صاحب استعيفيٰ ڏني آهي ۽ چيو اٿائين ته :

”مان وڪالت ڪندس، وزارت جي تنخواه مان منهنجو خرچ پورو نه ٿو ٿئي.“

مون هن سان ملڻ پئي چاهيو. پنهنجي پراڻي دوست صديق گهانگهري کي فون ڪيو جو ان وقت پاڪستان جو ائڊيشنل لا سيڪريٽري هو ۽ جنهن جو نه رڳو بروهي صاحب سان پاڪستان جي وزيرِ قانون جي حيثيت ۾ واسطو هيو، پر هن سان ذتي تعلقات به هيا. گهانگهري ۽ منهنجي وچ ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي ليڪچرر چاند بي بي ائين هئي جيئن نجيب ۽ ناصر جي وچ ۾ نيل درياهه هو. هوءَ گهانگهري صاحب جي گهري دوست هئي ۽ منهنجي لاڏلي ماتحت هئي. مون ان ڪري صديق گهانگهري کان فون ڪري پڇيو ته: ”ڇا بروهي صاحب چارج ڇڏي چڪو آهي ۽ جي نه ته هُن کان ٽائيم وٺي ڏي ته مان ساڻس ملان.“ گهانگهري جواب ڏنو: ”هن چارج نه ڇڏي آهي ۽ بلڪل واندو ويٺو آهي. چيو اٿائين ته اوهان ڀلي لا منسٽريءَ ۾ سندس آفيس ۾ اچو.“

بروهي ۽ ڀٽو پاڻ ۾ نه ٺهندا هئا ۽ مون شهيد ڀٽي جي ڦاسيءَ تي هن جو ردِ عمل ٿي ڏسڻ چاهيو ۽ ائين به هن سان ڪچهري ڪرڻ ٿي گهري. مان جڏهن بروهيءَ سان مليس ته هن ڳالهه ئي ڀٽي جي ڦاسيءَ سان شروع ڪئي، بروهيءَ کي انگريزي نثر ۽ نظم جي باري ۾ حافظو ايتروئي تيز هو جيترو منهنجو اردو ۽ فارسي شاعريءَ جي باري ۾ آهي. بروهي فلسفي ۽ نفسيات جو به ماهر هو ۽ هن بي. اي ئي انهن موضوعن ۾ ڪئي هئي ۽ غالباََ بي. اي هانرس (فلسفي) ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ ۾ پهريون ڀيرو نمبر آيو هو. ڳالهيون ڪندي هن مون کي سي. جي. جنگ (1975ع کان 1961ع تائين)جي هڪ لکت ڏانهن ڌيان ڏياريو:

It  is just as neurotic in old age not to focus upon the goal death, as it is in youth to repress fantasies which have to do with future

ترجمو: (پيريءَ ۾ موت جي منزل تي خيال مرڪوز نه ڪرڻ اهڙوئي تنتياتي مرض آهي، جهڙو جوانيءَ ۾ مستقبل جي باري ۾ تصورات تي روڪ.)

مون جواب ۾ هن کي جيمس باسويل جي ڪتاب مان حوالو ڏنو ته: ”جڏهن هن کان مون سوال پڇيو ته، اسان موت کان زندگيِءَ کي محفوظ رکون؟“ تڏهن هن چيو ، ”نه، موت جي ڳالهه ڇڏي ڏي. ان ڪري فرق نه ٿو پوي ته ماڻهو ڪيئن مئو، پر فرق ته اها ڳالهه ٿي ڪري ته ڪيئن جيئرو رهيو. موت اهڙو اهم نه آهي ڇوته اُهو اکٻوٽ جو معاملو آهي.“ ممڪن آهي ترجمو پورو نه هجي، پر بروهي يڪدم سمجهي ويو ۽ چيائين:”اياز! ڇا اُهو پنهنجي ڪتاب ”جانسن جي زندگيءَ“ ۾ چيو اٿائين؟“ مون ڪنڌ ڌوڻي هائو ڪئي. وڌيڪ ڳالهيون ڪندي مون بروهيءَ کي ٻڌايو ته :”ڀٽو هڪ يڪتائي روزگار شخصيت هو. هن سان ڪوئي اتفاق ڪري يانه ڪري.“ اِن تي بروهي صاحب فرمايو ته :”اهو ته پنهنجي جاءِ تي، پر اياز مان يقين سان چوان ٿو ته هُو ڏاڍو محنتي انسان هيو. مون ڀٽي جهڙو محنتي شخص زندگيءَ ۾ نه ڏٺو آهي.“ مون اِن تي چيو: ” سائين، ڀٽو ننڊ ۾ تمام ٿورو وقت وڃائيندو هو.“  ”ائين ئي ٿو لڳي،“ بروهيءَ چيو، ”نه ته ايترو ڪم ڪيئن ڪري سگهي ها!“ شهيد ڀٽو ۽ بروهي ٻئي گذاري ويا آهن، هر ڪنهن کي موت جو ذائقو چکڻو آهي، پر مان يقين سان چوان ٿو ته اِهي ئي شهيد ڀٽي جي باري ۾ بروهي مرحوم جا پويان لفظ هئا.

بهر صورت اها ڪيترو وقت پوءِ جي ڳالهه آهي. وقت جي نديءَ مان ڪڏهن گهڻو اڳتي نڪري ٿو وڃان. وري پٺتي تَري ٿو اچان. هي زندگيءَ جو سفر آهي، ان ۾ ماضي، مستقبل ۽ حال هڪ ڪشتيءَ ۾ سُوار آهن، مُنڊو منڊي سان جڪڙي ويٺا آهن ۽ جي ساٿ ڇڏن ٿا ته ٿوري وقت لاءِ. وري ساڳئي هنڌ تي موٽي اچن ٿا. مان درحقيقت اندريون انسان آهيان، مون ۾ ٻاهريون انسان ته فروعي آهي. بهر صورت مان ٻاهرين انسان جو جامو ٻيهر ٿو پايان ۽ اُتان شروع ٿو ڪيان، جڏهن مان جمال ابڙو ، ابراهيم جويو ۽ رشيد ڀٽي گڏجي هڪ کوهه تي آياسين. اڀ ۾ ڪي ڪارا اڇا ڪڪر اتر اوڀر پئي ويا ته ڪي ڏکڻ اولهه پئي وريا. سڀني انهن کي ”اُٻ“ ٿي ڪوٺيو ۽ برسات جي اڳڪٿي ٿي ڪيائون. اهو منظر هڪ تاثراتي تصوير (Impressionistic paimting)وانگر هو.

آگميل آڪاس جي هيٺيان ڪيئي سماٽ عورتون گهڙا مٿي تي رکي بيٺيون هيون ۽ صاف نطر اچي رهيو ن هيون. هنن کي پيرن ۾ چانديءَ جون ڪڙيون يا جهانجهرا پيا هئا. ڪجهه مسلمان عورتون، گُرگيز، ڪورائي، لاشاري وغيره هيون ۽ ڪجهه هندو ناريون سوٽهڙ، جاٽ، مينگهواڙ وغيره هيون. کوهه جي هر حصي جو نالو جدا هو. پاڻي ڇڪڻ جو ڪم اُٺن کان ورتو ٿي ويو، جن کي هڪ ئي پاڃاريءَ ۾ ٻڌو ويو هو. کوهه ۾ چم جو ٻوڪو (ڪوس) چَم جي رسيءَ سان ٻڌي ڪُپيءَ تائين هيٺ ٿي لاٿائون. چم جي رسيءَ کي ”ورَت“ ۽ ڪپيءَ کي”ڀَوَڻ“ ٿي چيائون. ڀوڻ ٻن ڪاٺين ۾ مضبوط ٿيل هئي، جنهن کي ”ڪُهڙ“ ٿي ڪوٺيائون. ڪنهن فلسفي جي تفڪر وانگر ڪوس،ڀَوَڻ تان نڪرندو وڃي کوهه جي تري ۾ ٿي ڪريو. ان کان پوءِ پاڻيءَ ڪڍندڙ جهُڪي ٿي ڏٺو ته ڪوس ڀريو يا نه . پاڻيءَ ڀريندڙ کي” گوسِي “ٿي چيائون ۽ وهٽ ڪاهيندڙ کي ”کيليو“ ٿي سڏيائون. جڏهن ڪوس ڀرجي ڳورو ٿي لڳو، تڏهن گوسيءَ کيلئي کي سڏ ٿي ڪيو. پوءِ کيلئي وهٽن کي هڪليو ٿي ۽ ڪوس ٻاهر ٿي ڪڍيائون ۽ ان کي جنهن جاءِ تي بيهاريائون ٿي، تنهن کي”ڦرهڙي“ ٿي چيائون. اهي لفظ انهيءَ ثقافت جون نشانيون آهن، جنهن جون جڙون ڪيئي صديون پراڻيون آهن. نه رڳو ٿر  ۾ کوهه جي هر ڀاڱي کي پر هر ڳوٺ، ڀٽ، ڏهر، ٻنيءَ، گس کي نالو هو. هر وڏي وڻ، هر ننڍي وڻ، ٻوٽي، وڏي، ننڍي يا ڀاڄيءَ واريءَ وَل کي نالو هو، پوءِ اُهي پوکيل هيون يا جهنگلي هيون، ڳنڍ واريون هيون يا بنا ڳنڍ جي هيون. هر گاهه کي ائين نالي سان سڃاتو ٿي ويو. جيئن قومن ۽ ذاتيين کي نالي سان سڃاتو ٿي ويو، هر باسڻ برتن کي ائين نالو هو جيئن گؤُتر ۽ نُک کي نالو هو. هر ترائي ۽ تلاءَ کي نالو هو. هر کوهه، وِيَريءَ ۽ انهن مان پاڻي ڀرڻ جي قسم ۽ خاصيت جو نالو هو. هر جانور، جيت جڻئي، پکي پکڻ کي نالو هو. ڪهڙا تفصيل ڏئي ڪهڙا تفصيل ڏيان! جي مان ٿر ۾ رهان ها ته ڏهن مهينن ۾ ڏهه هزار صفحا اُن جي لغت لکان ها.

مون وٽ هڪ آسٽريلن شاعره اسٽيلا ڊراءِ لئنڊ (Esteila Dryland) ايندي آهي، جا ڪراچيِءَ ۾ مهاجر تهذيب ۽ اُردو زبان وغيره تي هڪ پورو ڪتاب لکي رهي آهي ۽ گڏوگڏ منهنجي شاعريءَ جو انگريزيءَ ۾ ترجمو به ڪري رهي آهي. جڏهن مون هن کي ٻڌايو ته اسان جي ٻولي هيتري شاهوڪار آهي ۽ ان ۾ ڪيترائي لفظ آهن، تڏهن هن مون سان اتفاق ڪيو ۽ چيو ته مان هڪ اردو شاعره فاطمه حسن جو نظم پڙهيو، اُن انهيءَ موضوع تي هڪ خوبصورت نظم لکيو آهي جو مون انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي:

مان هاليجي ڍنڍ تي ويس،

پريان هڪ وڻ بيٺو هو،

اُن وڻ تي هڪ پکي ويٺو هو،

پــر اهــو ڪـهـــــڙو وڻ هو؟

اهـــو ڪــهـــڙو پــکــي هـــو؟

اهو نظم پاڻ ۾ هڪ وڏي الميه جو داستان سمائي ٿو. مون هن سان دنيا جي پناه گزينن جي نفسيات تي بحث ڪندي چيو ته:

”پناه گزين گهٽ ۾ گهٽ پنجاهه سال اُنهيءَ ثقافت کي چُهٽيا پيا هوندا آهن، جا هو پٺتي ڇڏي ايندا آهن. سفيد روسي (White Russians)جڏهن روس ڇڏي فرانس يا انگلينڊ ۾ آباد ٿيا، تڏهن گهٽ ۾ گهٽ پنجاهه سالن لاءِ هو شعر، ڪهاڻيون ۽ ناول روسيءَ زبان ۾ لکندا رهيا. رڳو نبوڪوف جهڙو ماڻهو جنهن مشهور ناول ”لوليتا“ لکيو هو ۽ عالمي ادب ۾ نالو پيدا ڪيو هو، انگريزيءَ کي اپنائي سگهيو هو. اسان وٽ پاڻ کي ڪوئي به پناهه گزين نه ٿو سمجهي. هو چون ٿا ته اسان مهاجر آهيون ۽ هي ملڪ اسان ٺاهيو آهي، جي هنن جي دعويٰ تسليم به ڪئي وڃي ته تڏهن  به هو ان ڳالهه جا انڪاري نه ٿي سگهندا ته اسان هن ڌرتيءَ جا اصل باشندا آهيون ۽ ثقافت جون ڌرتيءَ ۾ جڙون ٿينديون آهن ۽ هو پنهنجون جڙون پنهنجي ڌرتيءَ تان پٽي آيا هئا ۽ جي هتي هو ڪائي آمريڪا وانگر پنهنجي ثقافت ۽ ٻولي پيدا ڪري سگهندا ته ان ڳالهه ۾ کين صديون لڳنديون. في الحال ته هو انڌي گهوڙيءَ وانگر ڪَل ۾ ڌوڪيندا ٿا رهن.“

وري پٺتي. مٺيءَ ۾ کوهه تي مون جي پياراچهرا ڏٺا، اُنهن کي پنهنجو رنگ روپ هو ۽ راجستان کان سواءِ اهڙا چهرا اوهان کي ڪٿي نظر نه ايندا. حسن پرستي شاعر کي ورثي ۾ ملندي آهي ۽ شاعر کان وڌيڪ حسن جو پارکو صنم تراش ٿي سگهي ٿو، جو پٿر ۾ جان وجهي سگهي ٿو. اسان انهن عورتن کي گهوري انهن جي هر زيور، هر اَدا ۽ هرانگ کي ڏسندا رهياسين.مون کي صائب جو شعر ياد اچي رهيو هو:

حسن وعشقِ پاک را شرم و حيا درکار نيست

پيش مردم شمع در برمي کُند پروانه را

ترجمو: (حسن ۽ عشق جي پاڪ آهي ته اُن کي شرم ۽ حيا درڪار نه آهي.

ماڻهن اڳيان ميڻ بتي پتنگ کي کڻي ڇاتيءَ سان ٿي لڳائي)

خير هي ته ڊش ائٽيناجو دؤر آهي. بي. بي. سي ۽ زي (Zee) ٽي. وي ڏسڻ کان پوءِ ڄڻ اهڙا شعر فضول لڳي رهيا آهن.

بهر صورت اسان لاءِ خاص ڪري ان وقت مارئيءَ جي ديس ۾ اُڊيءَ اک سان نهار ناممڪن هئي. گهڙو ڀريندي اسان کي هر عورت مارئي لڳي رهي هئي. هونءَ به مان جنسي معاملن ۾ مادر پدر آزاديءَ جو قائل نه آهيان، نه مون ڪنهن ماهرِ نفسيات وانگر چيو آهي ته:

”خاندان هڪ خودڪشيءَ جو مخفي معاهدو آهي.“

۽ نه طنز ڪندي ڪنهن باعصمت عورت کي گيٽ ڪيپر Gate-keeper) ڪوٺيو آهي. هن وقت مون کي احساس آهي ته جنسي بغاوت جو دؤر مغرب ۾ ختم ٿي رهيو آهي. اُتي نوجوان قربت (Intimacy)، جوڙن جي ڳانڍاپي (Pair-bonding)،تعلقات قائم رکڻ (Working at relationships) ۾ اعتبار ڪري رهيا آهن. جنسي تعلقات ۽ سُڀاءُ، گڻ ۽ لڇڻ، جهجهائيءَ ۾ گهَڻ- اُڪاس کان وڌيڪ ڀاري ۽ وزنائتا سمجهيا ٿا وڃن، جنس جي خسيس – پڻي خلاف سخت رد عمل آهي. ان دؤر ۾ ته هينري ملر(Henry Miller) ۽ فرانسوا ساگان (Francoise Sagan) جي آتم ڪهاڻين ۽ ناولن مغرب جي ذهن کي ڪافي لوڏي وڌو هو، جنهن جو ڪنهن حد تائين برصغير جي پڙهيل ڳڙهيل طبقي تي به اثر پيو هو. جيتوڻيڪ ڪافي وقت پوءِ هينري ملر پنهنجي انٽرويو ۾ چيو هو ته:”انسان کي ايتري جنسي آزادي ملي چُڪي آهي جو ان تي وڌيڪ لکڻ فضول آهي.“۽ خط سرطان(Tropic of Cancre) ۽ خطِ جدي (Tropic of Capricom) ۽ جنسي بي راهه رويءَ جي ٻين ڪتابن جو عظيم مصنف ان ڪري خاموش ٿي ويو هو. پاڪستان کان اڳ ته اسان جي ذهنن ۾ ڪرشن چندر، راجيندرسنگهه بيدي، عصمت چغتائي ۽  سعادت حسن منٽو ، سرايت ڪري ويا هئا ۽ اڃا تائين انهن جو نيون، خوبصورت ۽ نهايت مهانگيون اشاعتون نڪري رهيون آهن. ان دؤر ۾ مون ۾ پاڪيزگي ۽ گناهه لاءِ ڪشمش هڪٻئي سان مُنڊو  اٽڪائينديون هيون. ڪڏهن مان مڙي ويندو هوس ۽ ڪڏهن ماکيءَ ۾ مک وانگر ڦاسي پوندو هوس پر مان ايمانداريءَ سان ٿو چوان ته ٿر ۾ مون کي هر عورت مارئي لڳي رهي هئي، بي بي حوا جي ڌيءَ، جنهن تي انجير جو پن مون کي وڻي رهيو هو.


[1]    سئميوئل بٽلر (1835ع کان 1903 تائين): انگريز نثر نويس.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org