سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر

شيخ اياز

صفحو : 10

ڪاري ڪڻڇي جتي باهه لڳي اتي پهچي ويندي آهي. چون ٿا ته حضرت ابراهيم عليهم السلام کي جڏهن باهه ۾ وڌو هيائون، تڏهن هُن چهنب ۾ پاڻيءَ جي بوند آڻي باهه وسائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. هُد هُد کي ڊکڻ پکي به چوندا آهن. اُن جي نظر ڌرتيءَ ۾ ويندي آهي. اهو به چيو ويو آهي ته هد هد حضرت سليمان عليه السلام سان گڏ هوندو هو ۽ حضرت سليمان عليه السلام کي ان جاءِ ڏانهن نيندو هو، جتي به پاڻي هوندو هو.“

الهوڌائي انڍڙ جو گهر وچ ٻيلي ۾ هوندو هو، جو ٻيلو ڪپي سرڪار ڇانوڻي ٺاهي رهي هئي. هن جو پيءُ به هاري هو ۽ ننڍي هوندي خناق جي بيماريءَ ۾ گذاري ويو هو. سندس وڏو ڀاءُ ۽ ڏاڏو به هاري هئا. هن کي ٽالسٽاءِ يا رجنيش جهڙي ڏاڙهي هئي، جا هو وٺائيندو هو ته غريبيءَ جي باوجود رعبدار مڙس لڳندو هو.

انهن ٻيلن ۾ بگهڙ تمام گهڻا هوندا هئا، مان جڏهن ٻه ڀيرا لنڊن ويو هوس، تڏهن پهرين ڀيري پنهنجن دوستن راج ۽ گيتا سان، ٻئي ڀيري ٻئي دوست مگسيءَ سان چڙيا گهر ويو هوس. جتي مضبوط خاردار جهاڙين پٺيان سئو کن بگهڙ واڙيل هئا، جي سج کي لهندو ڏسي اوناڙيندا هئا ۽ اوناڙ ڪائنات کي چيري ڪٿان جو ڪٿي وڃي پهچندي هئي. الهوڌائي جنهن جي جوانيءَ واري دؤر کان وٺي عمر بگهڙن سان گذري هئي، انهن جو عاشق به هو ۽ قاتل به هو. جيئن هيمنگوي جي ناول ’پوڙهو ۽ سمنڊ‘ (Old man and the sea) ۾ پوڙهو ماهيگر مڇ جو عاشق به هو ۽ قاتل به هو. انڍڙ وڌيڪ ٻڌايو ته:

”نر بگهڙ جو ڪنڌ ٿلهو ٿيندو آهي ۽ نرڙ ۾ عزرائيل جو وارو ٿيندو اٿس. بگهڙ کي سامهون ڏسڻ سان ڌنار کي دهشت وٺي ويندي آهي ۽ هن جي نڙي گهُٽجي ويندي آهي. بگهڙ جو رنگ ڪَٽو ۽ ميرانجهڙو ٿئي، هن  جي ڪنن ۽ منهن تي ڪارا ليڪا ٿيندا آهن. هن جي پانچ (ڊيگهه) ڪافي ڊگهي ٿيندي آهي، ڪن اُڀا ۽ پُڇ پوئتي ڍرو ڇڏيل، (ڪتي جو پڇ گول هوندو آهي ۽ وَرِي ويندو آهي) اکين شيريون ۽ ٻوٿ سنهو هوندو آهي. نر بگهڙ جو ٿلهو ڪنڌ ڪانڊاريل هوندو آهي ته شير جي ڏِک ڏيندو آهي . بگهڙ ڀڄڻ جو ڏاڍو تکو هوندو آهي ۽ وڏي ڇال ڏيندو آهي. ڏينهن جو گهاٽي جهنگ ۾ گڏجي ٻه ٽي بگهڙ ڌنار کي تاڙيندا آهن. جي ڌنار اڳ ۾ هوندو آهي ته بگهڙ هُن جي ٻڪري چوريءَ کڻي ويندو آهي. (آمريت لاءِ اها نهايت خوبصورت تشبيهه آهي) پهرين بگهڙ ٻڪريءَ کي نڙيءَ ۾ چڪ هڻندو آهي ۽ هوءَ دانهن نه ڪري سگهندي آهي ۽ پوءِ ان کي گهِلي ويندو آهي. جي ڌنار کي سڻس پوندي آهي ۽ مُنهن ڦيرائيندو آهي ته پيٽ ڦاڙي ڇڏيندو اٿس، جي ڌنار کي خبر نه پئي ته هن کي گهلي، صفا ماري پهرين هانءُ، بڪيون، جيرا ۽ ڪوڙيءَ وارو گوشت کائيندو اٿس ۽ باقي جيڪي بچندوآهي سو ڇڏي ويندو آهي. اُ ن کي گدڙ ۽ ڳجهون کائي ڇڏيندا آهن. جڏهن اهي هليا ويندا آهن ته ڪيڙا ماڪوڙااچي هڏن تي مڙنداآهن. انهن ڳجهن کي ڳاڙها لُڙڪا(موڙ) به هونداآهن ۽ انهن کي ڳرڙيل ڳجهون چونداآهن. اُهي بگهڙ جي کائي وڃڻ کان پوءِ يڪدم اچي لهنديون آهن. (اسان جي ملڪ ۾ آمريت هيٺ بورجوازيءَ جي ساڳي حالت آهي.) ڌنار ڳرڙيل ڳجهن کي لهندي ڏسندو ته ڀائيندو بگهڙ شڪارڪري ويو آهي. بگهڙ ٻڪريءَ يا رڍ کي رات جو واڙ مان به کڻندو آهي، ان ڪري ڌنار واڙ کي ڍنگهرن جو لوڙهو ڏئي ڇڏيندا آهن ۽ مالڪ لوڙهي جي ڳِلي وٽ سمهندا آهن. ڳِلي کي تاڙين (پٽين) جو در هوندو آهي ۽ در کي بند ڪرڻ لاءِ مُڃ يا ڏاس جي واڳ وجهندا آهن. بگهڙ تاڙيندو آهي ته اڳيان ڌنار ته ناهي ۽ جي نه هوندو آهي ته لوڙهو ٽپي ويندو آهي. ڌنار گهڻو ڪري کٽ يا منجي تي ڳلي کان ڪجهه پري سمهندو آهي. جي لوڙهو پنجن فوٽن کان مٿي هوندو آهي ته بگهڙ ڌرتيءَ ۾ ڏر هڻي لوڙهي جي ٻئي پاسي نڪري ويندو آهي ۽ ٻڪريءَ کي چَڪُ هڻي، کڻي ويندو آهي. بگهڙ انهيءَ معاملي ۾ ڏائڻُ ٿيندو آهي ۽ ڏٻري ڇيلي يا جانور جي ويجهو نه ويندو آهي ۽ سوکي ۾ سوکو ڇيلو کڻندو آهي. هو جانور چڪ ۾ کڻي يا ته لوڙهو ٽپي ويندو آهي يا ڏر ۾ گهڙي ويندو آهي.“

الهوڌائي جو تجربو هو ته ڪن ڳالهين ۾ بگهڙ انسان کان وڌيڪ سمجهو ٿيندو آهي. جهنگ ۾ سيڙهه جو وڏيون ڏريون هونديون آهن. بگهڙ سيڙهه کي ماري ڇڏيندو آهي ۽ بگهاڙي ان ڏر ۾ ٻچا وڏا ڪندي آهي. هو ڏر پاڻ نه کوٽيندو آهي ۽ سيڙهه جي ڏر کي رڳو ويڪرو ڪندو آهي. رات جو ڪوئي اوپرو ويندو ڏسندو آهي ته ان تي حملو ڪندو آهي. بگهڙ جي کَلَ ڊيڄڙيءَ لاءِ تعويذ ۾ پوئينءَ ٻانهن ۾ ٻڌندا آهن يا ڳچيءَ ۾ پائيندا آهن.الهوڌائي جو چوڻ هو ته:

”بگهڙ جنات کي سَٽ ڏئي کائيندو آهي. جنات شايد جانورن کي نظر ايندي آهي. جِن واري ماڻهوءَ کي بگهڙ جي کل سڪائي، پاڪ ڪري تعويذ لکي ڏيندا آهن ته هن کي وري جِن نه ٿيندو آهي.“

الهوڌائي جنهن راتين جون راتيون گهاٽن جهنگن ۾ گذاريون هيون، اُن جو چوڻ هو ته: ”جِن کي هَڏ نه ٿيندو آهي. آڱوٺا ۽ ننهن به نه هوندا اٿس، صرف ماس هوندو آهي. اکيو اُڀيون ٿينديون اٿس ۽ هر شڪل ۾ تبديل ٿي ويندو آهي. جنهن وقت حياتيءَ مان ڪڪ ٿيندو آهي، اُن وقت پاڻ کي نانگ جي شڪل ۾ بدلائيندو آهي ۽ رستي تان اهڙيءَ طرح ويندو آهي جيئن هن کي ڪوئي لٺ هڻي ماري وجهي. بگهڙ کي ڪلين وانگر چار ڏند پاسن کان ٿيندا آهن.“

  مون الهوڌائي ڏانهن چتائي ڏٺو. هونءَ ته هن جي ڏاڙهي چاپئين هئي، پر هن وقت چَرل ڏاڙهي لڳي رهي هئي ۽ ڀروان اڇيون ٿي ويون هيس. هن جا وار به چرل هئا ۽ هو ڇهه فوٽ قدآور مڙس هو. هن ڪجهه ياد ڪري چيو ته:

”جڏهن جِنُ نانگ ٿي پوندو آهي ۽ هن کي لٺ هڻبي آهي ته هن مان رت نڪرندي آهي، اصل نانگ مان رت نه نڪرندي آهي.جِن گهڻو ڪري ڪاري رنگ ۾ تبديل ٿيندو آهي، جنهن جو پيٽ اڇو ٿيندو آهي.“

الهوڌائي وڌيڪ ٻڌائيندي چيو ته :

”بگهڙ گهڻو ڪري لڳ جي مند ۾ ماڻهوءَ سان وڙهندو آهي. ننڍي هوندي هنن جون ٻڪريون بگهڙ ماري ويندو هو. هو وڏو ٿيو ته ڏهرڪيءَ ۾ هن لوهر کان ڪوڙڪيون ٺهرايون . بگهڙ جي لنگهه تي هو مٽيءَ ۾ لوهه جي ڪوڙڪي پوري ڇڏيندو هو. مٽيءَ تي بگهڙ جو پير ايندو هو ته ٿُڪو نڪري اٽڪي پوندو هو ۽ بگهڙجي ڄنگهه ڪوڙڪيءَ ۾ قابو ٿي ويندي هئي. ان وقت الهوڌائي جي عمر ويهه سال هئي ۽ شادي به نه ڪئي هئائين. “

هڪ ڀيري بگهڙن هن جي ٻڪري ماري وڌي . الهوڌائي وارن ٻڪريءَ جي ڍونڍَ جي چوڌاري ڪوڙڪا پوريا.اُن جي جاءِ تان مٽي ڪڍي پري اچلي ۽ گس جي مٽي کڻي اچي ڪوڙڪيءَ تي لٽي. جي ائين نه ڪن هاته بگهڙن کي شڪ پوي ها ۽ هو ڍونڍ کي ڇڏي هليا وڃن ها. اهو چئي انڍڙ وري ورجايو ته :

”بگهڙ کي عقل انسان کان وڌيڪ آهي. توبچي بگهڙ کي ماري نه سگهندوآهي، جي ڪنهن به ڍونڍ تي يا گهٽ تي توبچي ويهندو آهي، ته بگهڙ هوشيار ٿي ڀڄي ويندا آهن.“

انهن ڪوڙڪين ۾، جي الهوڌائي وارن اَڏيون هيون، ڪيئي بگهڙ ڦاٿا. هڪ ڀيري ڪوئي بگهڙ ڦاٿن ۽ ان کي صبح سان ٻڌائون ۽ ڳوٺ ۾ ڪتن سان ويڙهايائون. ڪوڙڪيءَ ۾ بگهڙ جي هڪ ڄنگهه جي نري ڀڄي پئي ته ساڳيءَ ڄنگهه کي ٿورو مٿي ڪري وري ڪوڙڪو وڌائونس پر اهو ڊوهجي نڪري ويو ۽  بگهڙ ڪتن کي ماري ڀڄي ويو. اهو بگهڙ شايد انهن بگهڙن جو وڏو هو. هن جي ڀڄي وڃڻ کان پوءِ ڏهاڪو بگهڙ آيا ۽ اچي چريان (کوٽهڙا) ڪيائون. الهوڌئي پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چيو:

”هڪ ڇهه ماهيءَ ۾ بگهڙ منهنجون ٻارنهن ٻڪريون ماري ويا ۽ مون ڇهه بگهڙ ڦاسايا. هڪ ڀيري گهر ۾ ڇيلو وَري ۾ هيو، ڇيلي ۾ زنجير پيل هو. ڇيلي کي کنيائين ته ورو به گهلي ويو. مان پوءِ ٻڪريون ڪچي تي ويهه ميل پري درياهه تي ڪاهي ويس . مون بگهڙ کي هر رنگ ۾ جاچيو آهي. هو ڄڻ منهنجي وجود جو حصو ٿي چڪو آهي. اوهان کي اهو ٻڌي حيرت ايندي ته ڪنهن وقت هو خوشيءَ جي پڪار ڪندو آهي جا هن جي رڳ رڳ مان هارموني وانگر نڪرندي آهي ۽ ڪنهن وقت هو غم واري روڙهه ڪندو آهي جا هُن جي هانوَ مان نڪرندي آهي. ڍايل هوندو آهي ته خوشيءَ واري روڙهه ۾ بگهڙ جون ست نڙيون ٿينديون آهن.“

الهوڌائي ٿڌو ساهه ڀري چيو ته:

”بگهڙ ته رات جو لڪي چوريءَ ايندو آهي، اڄڪلهه ماڻهو ته ڏينهن ڏٺي جو دِيناداستيءَ ٿا ڦُرِ ڪن.“

مون الهوڌائي ۽ هن جي دوستن ڪامريڊ رشيد احمد ۽ ٻين لاءِ چانهه گهرائي ۽ هنن کي وڌيڪ کوٽڻ چاهيو. دراصل منهنجو مقصد اهو  ڄاڻڻ هو ته سنڌي ٻولي ڪيتري نه شاهوڪار آهي. رائٽرس گلڊ جي جڏهن ڍاڪا ۾ پهرينءَ ڪانفرنس ۾ ويا هياسون ته ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ به اسان سان گڏ هو. هن سنڌيءَ ٻوليءَ جي وسعت ۽ اهميت تي ڪافي زوردار تقرير ڪئي هئي. ان کان پوءِ سهلٽ گهمڻ لاءِ هليو ويو هو، جو هن اڳ نه ڏٺو هو. هن جي پرپٺ ڪي اردوءَ جا اديب هن تي سنڌي شاونزم جو الزام هڻي رهيا هئا.

مان هن سان متفق آهيان ته سنڌي هڪ نهايت وسيع زبان آهي ۽ ان جي تحفظ لاءِ هر جواز موجود آهي، اسان کي ان تي جهيڙو نه آهي ته رابطي جي زبان، مشترڪه زبان يا قومي زبان ڪهڙيءَ زبان کي ٿا ڪن. ظاهر آهي ته مان جي پشاور ويندس ته بازار ۾ پختون دڪاندار منهنجي سنڌي نه سمجهندو ۽ مان پختون جي پشتونه سمجهي سگهندس. رابطي لاءِ اسان کي انگريزي يا اردوءَ ۾ ڳالهائڻو پوندو. ان ڪري سنڌي ته پاڪستان جي قومي زبان يا رابطي جي زبان ٿي نه ٿي سگهي. باقي هن وقت ته اها حالت آهي ته دفتري زبان انگريزي آهي ۽ رابطي جي زبان اردو آهي. اُها اردو اهلِ زبان واري اردو کان مختلف آهي جا هو لکنؤ، الله آباد،دليءَ ، دکن وغيره ۾ ڇڏي آيا آهن.

مون سنڌي ٻوليءَ جي وسعت ڄاڻڻ لاءِ الهوڌائي سان گفتگو جاري رکي، جو پڙهيل ڳڙهيل به نه هو. هن چيو:

”مان پني عاقل کان 6 ميل پري ڪچي جي ٻيلي ۾ ٻڪريون چاريندوهوس. اڳ ٽي مهينا ڪچو درياهه جي وچ ۾ هو ۽ اُتي بگهڙ ڪونه ايندا هئا.“

منهنجي وڏيڪ پڇا تي هون ٻُڌايو ته:

”برِي ٻڪريءَ جا ڪَنَ مٿي ڪيٽڙا ٿيندا آهن، ڪُريءَ جا ڪَن ڏاڍا ننڍا ٿيندا آهن (پاڙَ ڄڻ چچڙ وانگر چنبڙيل هوندي اٿن). لُهريءَ جا ڪن سنهڙا پٽڙا ۽ ڊگها ٿيندا آهن. ٽپڙيءَ جا ڪن ويڪرا ۽ ننڍيءَ جا چنبي جيترا ٿيندا آهن، ليڙي جا ڪن ويڪرا پر ڊگها ٿيندا آهن، ڪڻڇيءَ جا ڪَن ڊگها پر ويٺل هوندا آهن ۽ ڪاموري تمام سٻر، پانچ جي ڊگهي ٿيندي آهي. باقي ٽاڪرو ٻڪري اسان وٽ نه ٿيندي آهي. اها قد جي هلڪڙي، پانچ جي ننڍڙي ٿيندي آهي ۽ اُن جا سڱ گولائيءَ تي وريل هوندا آهن. رڍ ٽاڪرو ۽ ٿري به ٿيندي آهي.“

مان ڀانيان ٿو ته ايترو لفظن جو ذخيرو جيترو سنڌي ٻوليءَ ۾ آهي، اوترو دنيا جي ڪنهن ٻوليءَ ۾ نه آهي. مون جڏهن هُن کان پڇيو ته:

”تو بگهڙ جو شڪار ڪيئن سکيو؟“

هن جواب ڏنو: ”هڪ ڀيري بگهڙ ٻڪريءَ جا ننڍڙا ڦر کڻي ويو. مون کي جڏهن مائٽن ٻڪرين چارڻ لاءِ چيو، تڏهن هڪ منڊڙو بگهڙ ڌڻ کي ماري ويندو هو. هن کي ٽي ڄنگهون هونديون هيون ۽ انهيءَ جا نشان پري کان ظاهر هوندا هئا. مون هن جا پيرا کنيا ۽ ڳوٺ کان ٻن ميلن جي پنڌ تي هُن جي ڏر ڳولي لڌي. رات جو ڪوڙڪا اڏيم ته هڪ بگهاڙي (مادي) ڦاسي پئي. ڪوڙڪو زور هو ۽ اُن ۾ هُن جي نري ڀڄي پئي. پوءِ مون اڪيلي هن جي ڏرِ کوٽِي ۽ پنجاهه سٺ فوٽن تي هن جا ٻچا پيا هئا. ڏر اٽڪل 12 فوٽ اونهي هئي. ڏينهن جو هن جي ڏر کوٽييندو هوس ۽ رات جو گهَٽن تي ڪوڙڪا وجهي ڏر جو در ڍنگهرن سان بند ڪري ويندو هوس. پنج ڏينهن ائين گذاريا، ڏر ۾ لڪڙو وڌم ته بگهاڙيءَ جا ٻچا ڪوڪراٽيون ڪرڻ لڳا. پوءِ انڍڙ (مائٽ) ۽ ٻيا اٺ ڏهه ڄڻا پاڻ سان وٺي آيس ۽ انهن کي چيم ته اوهان ڏر تي پهرو ڏيو ته مان اُن مان بگهاڙيءَ جا ٻچا ڪڍان. منهنجو بُت ڀريل هو ۽ ڏر مان لنگهي نه سگهيس.علاؤالدين انڍڙ ڏر ۾ ويو ۽ بگهاڙيءَ جا ڇهه ٻچا پاڻ سان کڻي آيو. انهن مان ٻن کي مون ماريو. ٽي ٻچا نگر نالي ڪلوڙ کي ڏنم ۽ هڪڙو ٻچو ٻڌي، چوڌاري ڪوڙڪا اڏيم. ٻچي ڪوڪران ڪيون ته بگهاڙي ڍنگهرن کي ڏندن سان ڪُتري ٻچو کڻي وئي. مون ٻچي جي ڳچيءَ ۾ زنجير وجهي، اُن کي ٻڌو هو. بگهاڙيءَ اهو زنجير به ڪُتري اُن کي ڇڏائي وئي. 

پوءِ منڊو بگهڙ ڳوٺ جي چوڌاري چڪر ڏيندو هو ۽ مان رات جو موٽي ايندو هوس ته منهنجو پيرو کنيو ايندو هو. ماريل شڪار جي ڀرسان منهنجو پير ڏسندو هو ته ڀڄي ويندو هو، ڇوته ڀؤ ٿيندو هيس ته اِتي ڪوڙڪو اڏيل هوندو. ان کان پوءِ مون ڳوٺ جي گهٽ تي ڪوڙڪا اَڏيا، هو پندرنهن ويهه ڏينهن نه ڦاٿو. نيٺ هڪ رات ڦاٿو پر ڪوڙڪو ڄنگهه ۾ گهلي سيڙهه جي ڏر ۾ لنگهي ويو. اتي نانگ هئا هڻ کڻ، جن هن کي کاڌو ۽ هو مري ويو. اسان هن کي گهلي ٻاهر ڪڍيو.“

”جڏهن بگهڙ ڪوڙڪي ۾ ڦاسندو آهي.“ مون کي الهوڌائي ٿوري دير رکي ٻڌايو ۽ چيو:  ”ته ڪاٺيءَ جي ڪائي ٿوڻي هن جي ڪنڌ ۾ ڏئي، هُن کي زمين تي ليٽائي، قابو ڪبو آهي ۽ پوءِ هن جون ڄنگهون  ۽ هن جو ٻوٿ ٻڌي، هن کي ڳچيءَ ۾ ڊگهو زنجير وجهي، ڪنهن وڻ سان ٻڌبو آهي. پوءِ هن جو ٻوٿ ۽ ڄنگهون کولي هُن تي ڪتا ڇڏبا آهن ۽ ڪُتا به بلٽري ۽ تازي هوندا آهن.“

مون هن کي غورسان ڏسي چيو: ”بگهڙ به بگهڙ آهي، پر ماڻهو به ماڻهو آهي.“

پوءِ مون هن کان پڇيو ته: ”ٻيلي ۾ تو نانگ ڏٺا هوندا؟“

هن چيو: ”هائو، هڪ ڪُنڀاريو ٿيندو آهي. اُن تي ڳاڙها، ڪارا، هيڊا، چٽڪا ٿيندا آهن، ڀڄڻ جو ڏاڍو تکو ٿيندو آهي. اڪثر وڻ جي پور يا پوراڻي دڙي ۾ ٻچا ڪندو آهي. ڪاريهر نانگ اصيل يا چُهڙو ٿيندو آهي ۽ گهڻو ڪري زمين جي ڏارن ۾ رهندو آهي. سياري ۾ اتي هوندو آهي ۽ اونهاري ۾ ٻاهر ايندو آهي. ٻاهر ڪوئا ۽ ڏيڏر کائيندو آهي.“

مون هن کي ٻڌايو ته: ”لکنئو جي نواب واجد علي شاهه، تلاءَ ۾ نانگ پاليا هئا ۽ انهن کي جيئرا ڏيڏر اُڇليندو هو. جڏهن اُهي جهپيندا هئا ته هو خوشيءَ ۾ نه سمائبو هو.“

”انهيءَ جو انت ڇا ٿيو؟“ الهوڌائي پڇيو.

”انت؟ قدرت ڄڻ هن کي ڏيڏر وانگر نانگ جي منهن ۾ اڇلايو، جو هن کي ڳڙڪا.ي ويو.“مون جواب ڏنو.

چُهڙي نانگ جو پيٽ اڇو ٿيندو آهي.“  الهوڌائي ڳالهه جاري رکندي چيو ته: ”اهو ماڻهوءَ سان وڙهندو آهي. اصيل ڪاريهر ماڻهوءَ سان نه وڙهندو آهي. باقي لڳ جي موسم ۾ وير رکندو آهي.“

”الهوڌايا! مون سان هن وقت تائين چُهڙا نانگ مليا آهن. مون کي ڪيئي ڀيرا ڏنگيو به اٿائون پر قدرت مون کي بچائي ورتو آهي. عجب ته اِن ڳالهه تي آهي ته اهي چُهڙا چوندا آهن ته اسان جهڙو اصيل آهي ئي ڪونه ۽ ڪي ماڻهو ان ڳالهه تي اعتبار به ڪندا آهن. بهر صورت نانگ نانگ آهي، چهڙو هجي يا اصيل هجي.“

”گهوڙيلو به هڪ نانگ ٿيندو آهي. ميرانجهڙو، اڇو، سنهڙو، ڊگهو، ڀڄڻ جو تکو، ماڻهوءَ سان زوريءَ وڙهندو آهي ۽ تمام گهڻو زهريلو ٿيندو آهي. کپر به نانگ جو قسم ٿيندو آهي. اهو ميرانجهڙو اڇو ٿيندو آهي ۽ فوٽ کان ڏيڍ فوٽ تائين ڊگهو ٿيندو آهي. هو اَڪ جي ننڍي موري تي مٿي چڙهي ويندو آهي يا رستن تي ويهي چوريءَ چڪ هڻندو آهي. هڻ کڻ ڪرڙيءَ جهڙو ٿيندو آهي ۽ اهو ٽپو ڏيئي ڌڪ هڻندو آهي.“

اهو ٻڌي مون کي پنهنجو مائٽ مرحوم ڊاڪٽر عطا محمد ياد آيو. جنهن جي شڪارپور ۾ اسپتال هئي. هن هڻ کڻ کي ماري هڪ بوتل ۾ تيزاب (Sulphuric Acid) ۾ وجهي رکي هئي، جا هن جي اسپتال ۾ آيو ويو مريض حيرت سان ڏسندو هو. هو اسان جي مائٽن مان پهريون شخص هو جنهن ڪنهن انگريز عورت سان شادي ڪئي هئي. مان جڏهن هن جي زال جي ڪمري ۾ ويو هوس ته بجليءَ جا جهارَ، جن ۾ شيشي جون سوجيون هونديون هيون، ان شمع دان، پلنگ ۽ ريشمي دَرَ پردا ڏسي حيران ٿي ويو هوس.  وقت مان پهريون درجو انگريزي پڙهندو هوس. هن شفقت سان منهنجن خوبصورت گهنڊيدار وارن تي هٿ ڦيريندي چيو هو ته:

”هائو آر يو (How are you?)

مون هن کي جواب ۾ Fine چيو هو ته هوءَ حيران ٿي وئي هئي ۽ مون کي ڏاڍو ڀائيندي هئي.

ه ڀيري سنڌ جو انگريز گورنر (شايد لانسيلاٽ گرهام) هن سان ملڻ آيو هو. تڏهن چؤچاڪين (وڪٽوريا) گاڏين جو رواج هو. انگريزن جي رسم موجب گورنر جي زال عطا محمد شيخ سان چؤچاڪيءَ ۾ هڪ طرف ويٺي ۽ عطا محمد جي زال گورنر سان ٻيءَ سيٽ تي ويٺي. جڏهن گاڏي پاڙي مان هلي وئي ته منهنجي پيءُ چيو: ”عطا محمد ته وڏن جي پڳ ئي لاهي وڌي. ڏٺئه پنهنجي زال گورنر سان گڏ ويهاريائين.“

اوچتو منهنجو ڌيان الهوڌائي ڏانهن ويو، جنهن چيو پئي ته: ”هڻ کڻ مٿان ٽارو اڇلي، اُن کي مٿان ڌڪ هڻي ماريندا آهن. ڌڪ سان هوءَ ٽڪرا ٽڪرا ٿي مري ويندي آهي ۽ جي ٽڪرو به ماڻهوءَ کي لڳندو آهي ته هو زهر جي اثر کان مري ويندو آهي.“

”ممڪن آهي عطامحمد ڪوئي سانڊو ماري تيزاب ۾ وڌو هجي ۽ ماڻهن تي رعب رکندو هجي.“ مون سوچيو. هن جو پٽ خورشيد منهنجو دوست هو ۽ ڪمال صديقيءَ جو پارٽنر هو . هو نهايت خوبصورت جوان هوندو هو ۽ اسان سکر جم خانه ۾ گڏ پيئندا هئاسين. هڪ ڏينهن اوچتو ڪلب ۾ خبر پئي ته هو گهوٽڪيءَ کان ڪيس هلائي ڪار ۾ موٽيو ٿي ته حادثي ۾ گذاري ويو هو. موت جهڙي هَڻ کڻ ڪائي نه آهي.

مرحوم خورشيد احمد شيخ راز جو دوست هو، جو ان وقت سکر ميونسپالٽيءَ جو چيف آفيسر هو. هن مرحوم خورشيد ۽ عطا محمد جي ماني ڪئي هئي ۽ مون کي به گهرايو هيائين ۽ جيستائين هن کي اسلامي لَڙهو نه آيو ۽ هن سردار شاهه وارن سان منهنجي خلاف شامل ٿي روزاني ”مهراڻ“ ۾ اسي قسطون نه لکيو هيون، تيستائين منهنجو گهرو دوست هو. ماني کائيندي عطا محمد ٻڌايو:  ”جڏهن هو ڪراچيءَ ۾ ڊاڪٽري ڪندو هو ۽ هلڪي بارش پوندي هئي، تڏهن هن جا دوست ڳچيءَ ۾ بئنجو وجهي ۽ ڪلهي تي گٽار کڻي، ملير ۽ لانڍيءَ هليا ويندا هئا ۽ ڪنهن به در اڳيان بئنجو ۽ ڳٽار وڄائي چوندا هئا:

”اسان کي بک لڳي آهي، اڄ توهان جا مهمان آهيون.“ عطا محمد 75 ورهين جو ٿي چڪو هو. جڏهن اسان هن کي حيرت سان ڏٺو ته خورشيد اک ڀڃي مون کي چيو: ”بابو، اهڙيون ڳالهيون ڪندو آهي. تون ماني کاءُ!“

اُن وقت مونکي تيزاب ۾ هڻ کڻ اَلائجي ڇو ياد آئي هئي؟

”هڻ کڻ ڏرڙن ۾ رهندي آهي.“ الهوڌائي پنهنجا نانگن جي باري ۾ تجربا پورا ڪيا.

پوءِ چيائين: ”اياز صاحب! هي شهر جي زندگي ڇاهي؟ رڳو پئسو، پئسو، پئسو. اڳي ته ٽامي ۽ چانديءَ جا سڪا هوندا ها، جن کي ڪجهه وزن هوندو هو. هاڻي ته ڪاغذ جا نوٽ آهن. شهري زندگي انهن جي ڪاغذ وانگر ناپائدار، بي وزن ۽ بي معنيٰ آهي، اسان ته جهنگ ۾ خوش هوندا آهيو، پر هيءَ حڪومت اسان کان جهنگ به ٿي کَسي!“

هن وڌيڪ چيو:

”اسان جا دوست ته اهي جهنگ جا جانور هوندا آهن. ڳوهه جون چار ڄنگهون هونديون آهن ۽ اُها به ڏرڙ ۾ رهندي آهي. هڪ نور مَري ويندو آهي ته سمورا نور ڪٺا ٿيندا آهن، پٽيندا آهن ۽ مٿي کي مٽي هڻندا آهن ۽ پوءِ مُئل نور کي کڏ کوٽي پوريندا آهن، ان ڪري چوندا آهن ته نور ماڻهوءَ جو کريل آهي. نور ماکي لاهيندو آهي، هو ڪاريهر ۽ تتر ٻنهي کي کائيندو آهي. پکين جا ٻچا به کائيندو آهي، هن جو پڇ اُڀو ٿيندو آهي ته مکيون ڀڄي وينديون آهن.“

”ڪامريڊ نورُ“ مون چپن ۾ چيو: ”هو بلڪل بالشيوڪ ٿو لڳي.“

پوءِ هن ڄاهي جي باري ۾ به ٻڌايو، جو چاندني راتين ۾ ٿالهي وڄائڻ تي نچندو آهي. ڄاهي بعد نوريئڙي جي باري ۾ به ٻڌايائين جنهن کي جمعيت العلماءِ جي جهنڊي جهڙو پٽاپٽي رنگ هوندو آهي. مون هن کان آخري سوال پڇيو: ”ڪجهه منهنجي ذات جي باري ۾به ٻڌاءِ!“

”يعني؟“ هن پڇيو.

مون جواب ڏنو: ”پاڻيءَ جي پکين جي باري ۾ ڪجهه ٻڌاءِ، پرديسي پکين جي باري ۾.“

هن جواب ڏنو: ”سائين! جنهن جي ڳچي وڏي ٿيندي آهي، اَڙيون، ٽٻڻيون.....“

جيستائين هو جواب ڏئي، تيستائين ڊَنب اصيلن جا اچي ويا، جن جا ڪيس ٻئي ڏينهن تي رکيل ها. الهوڌائي سان گفتگو اڌ ۾ رهجي وئي.

هي الهوڌايو ته هڪ مثال هو. اهڙا سوين ڪردار وڪالت ۾ منهنجي زندگيءَ ۾ آيا جن سان مان ڊگهيون ڪچهريون ڪيون. اهي جي لکڻ تي اچان ته ٽالسٽاءِ، چيخوف ۽ هيمنگوي کان وڌيڪ ڪهاڻيون لکي وڃان، جي عمر وٿي ڏني ته ضرور لکندس. في الحال مان ايترو ٿو چوان ته شهري زندگي تُڇ آهي، ٻهراڙيءَ جي زندگي سڀ ڪُڇ آهي. شهري من جا گدلا ميرا آهن، ٻهراڙيءَ جا ماڻهو من جا اڇا اُجلا آهن، پوءِ خوني، رهزن ۽ ڌاڙيل ئي ڇو نه هجن. جئين ڪنول تي سج جا ترورا پوندا آهن، تيئن هنن جي من ۾ اُجلائپ آهي. هو ڌرتي کيڙن ٿا، اُن جو حصو آهن ۽ ڄاڻن ٿا ته موت ۾ اُها ماءُ وانگر کين گود ۾ ڇڪي وٺندي. هو رضا تي راضي آهن ۽ تقدير هنن جي هر تدبير ۾ شامل آهي. ان ڪري ئي صديون هنن کي لتاڙي ته سگهيون آهن، نهوڙي نه سگهيون آهن. هنن کي تقدير جي درخشندگي آهي، جنهن کي ڪابه تدبير جهڪو نه ڪري سگهندي، ٻُجهائي نه سگهندي.

اهي مظموم هاري ڪنهن وقت شَڪري وانگر ڪيئن انسان جو شڪار ڪن ٿا، انهن جون به سوين ڳالهيون منهنجي ڌيان تي آيون آهن. روسي هاريءَ جي باري ۾ مون جيڪي ٽالسٽاءِ ۽ گوگول ۾ پڙهيو آهي، اهو سنڌي هاريءَ ۾ ڏسي چڪيو آهيان. مون کي هاڻي ته انهيءَ فلسفي ۾ اعتبار رهيو ناهي ته رڳو عوام ڪي چڱا مڙس آهن، چڱا مڙس خواص به ٿي سگهن ٿا. مون ڪيئي دولت مند ماڻهو نرم سڀاءَ ۽ ڪهڪاءُ وارا ڏٺا آهن. اهي دان پڃ ڪري آتما جو سک پائيندا آهن. مون غريبن ۾ بگهڙ ۽ چيتا به ڏٺا آهن. جي ٻين کي چيرڻ ڦاڙڻ چاهن ٿا. عوام جي درد ۾ ڳرندڙ ۽ جُهرندڙ اڳواڻ پنهنجي آرام سان گذاريندا رهيا آهن، انهن جو وار به وِنگو نه ٿيو آهي، رڳو ٻيا، اُنهن لاءِ ڪَٽبا مرندا آهن ۽ رهبر انهن جي پونئرن کي رسمي فاتحه ڏيڻ لاءِ ويندا آهن. ڪوڙي همدردي ڏيکاريندي فوتين جي خاندان سان پنهنجو فوٽو ڇپائيندا آهن ۽ انهن جي گهران موٽي سڌو پنهنجي عيش آرام جي آغوش ۾ ويندا آهن. انهن جا نعرا ته فلاح وبهبود لاءِ هوندا آهن پر هنن عوام لا ڇا ڪيو آهي ۽ پنهنجي فلاح وبهبود لاءِ هنن ڇا نه ٺاهيو آهي؟

مهاتما گانڌيءَ مرڻ وقت پنهنجو قيمتيءَ ۾ قيمتي سرمايو هڪ نهايت سستي واچ، ٻڪري، لٺ، لنگوٽي، لوٽو ۽ چاکڙي ڇڏي. سوڀي مون کي ٻڌايو ته هو ته ڪامريڊ ڊاڪٽر اشرف، مهاتما گانڌيءَ سان سوشلزم تي گفتگو ڪري رهيو هو ته اوچتو مهاتما گانڌيءَ هن کان پڇيو:

”توکي گهڻا ايڪڙ زمين آهي؟“

”پنج سئو ايڪڙ“ هن جواب ڏنو.

”تو اُهي پنهنجن هارين ۾ ورهايا آهن.“ مهاتما گانڌيءَ پڇيو.

ڊاڪٽر جواب ڏنو: ”منهنجن پنجن سَوَن ايڪڙن سان جي اقتصادي مسئلو حل ٿي سگهي ها ته اُهي مان هاڻي ئي ورهايان ها.“

ان تي گانڌي چيو ته: ”مان توکان بهتر ڪميونسٽ آهيان، ڇو جو مون وٽ ته ڪجهه به نه آهي.“

ڪميونزم جي ناڪاميءَ جو سبب اهو هو، ته هو گفتار جا غازي هيا، ڪردار جا غازي نه هيا. خُروشيف لاءِ هڪ چرچو مشهور آهي ته جڏهن هو پريزيڊنٽ ٿيو ته ٻهراڙيءَ ۾ رهندڙ هن جي پوڙهي ماءُ ڳوٺ مان اچي ماسڪو ۾ پريزيڊنٽ هائوس ڏٺو. (جيڪو مون به ڏٺو هو.) هوءَ حيرانيءَ سان وڏا شاندليئر، سوفا، الماريون، تصويرون، بُت وغيره ڏسندي رهي ۽ هن جو ن اکيون جهانورجي ويون. پُٽ ڪيڏو به رهزن هجي پر ماءُ ۾ پيار جي ڪمي نه ٿيندي آهي. هن جي سادڙيءَ ماءُ خرسچوف کي ڪن ۾ چيو:

”پُٽ خيال سان رهجانءِ. متان اهو سڀ ڪجهه ڪيمونسٽ توکان کسي نه وٺن!“

مونکي هندستان ۾ هڪ ڪامريڊ لاءِ دانهن ڏنائون ته هن ڪافي ٺيڪا ٺڙا کنيا آهن. پوءِ ته خبرون آيون ته ساري ماسڪو چورن، ٺڳن ۽ نشي دار شين جي گهورڙين سان ڀري پئي آهي. هونءَ ته جڏهن مان 1976ع ۾ لينن گراڊ هوٽل ۾ رهيل هوس ته هڪ اڻ ڄاتل روسيءَ مون کي پاسيرو ڪري چيو هو:

”توکي ڊالر آهن؟ جي اٿئي ته مان توکي هڪ ڊالر جي عيوض چار روبل ڏيڻ لاءِ تيار آهيان.“

ان وقت روبل جي پاڪستاني رپين ۾ سرڪاري قيمت 13 رپيا هئي ۽ ڊالر جي 10 رپيا هئي ۽ مون کي خيال آيو ته هُن کان ڊالر مٽايان پر مون ٻڌو هو ته روسي جاسوس پرديسين کي آترائي ڦاسائڻ لاءِ به ائين ڪندا آهن، سو مون هن کان ڊالر نه مٽايا.

انهن ماڻهن کان ته اڳيان اهلِ الله لک ڀيرا چڱا ها، جي فريد شڪر گنج وانگر چوندا ها:

”رکـــــا سُڪا کاءُ ڪي ٺنڊا پاڻي پي 

نه ڏيک پرائي چوپڙي، نه ترسا اپنا جي“

ڀٽائيءَ جڏهن ڏٺو ته ڪوئي مريد هن جي زال لاءِ پلو کڻي اچي رهيو آهي، ته زال کي پِٽيو هيائين ڇو ته هن سندس مُريدن کي رولي ماريو هو. بايزيد بسطامي ۽ رابعه بصري وغيره ڏينهن رات ۾ کِن مانيءَ تي گذاريندا هيا. ۽ پوءِ به ڀرپور زندگي گذاريندا ها. ماضيءَ ۾ اهڙا ڪيئي شخص ٿيا آهن، جن پوري زندگي ڪنهن ڌُنِ ۾ گذاري هئي، ڌَنُ هنن لاءِ ڪائي معنيٰ نه رکندو هو.

”تنور ۾ به گذري وئي. سمور ۾ به گذري وئي.“

اهو ڪنهن دور جو مشهور پهاڪو هو. ڪوئي شخص سمور جو پهراڻ پائي، پنهنجي سرخي گهوڙي جون واڳون وٺي اچي رهيو هو. واڳون به سونين تارن سان ڀريل هُيون. گهوڙي جو توٻرو به سونين تارن سان اُڻيل هو. اُن وقت لُري ٿي لڳي ۽ گهوڙي سوار جنهن کي سمور جو ڀريل رنگارنگ ڪُرتو پاتل هو تنهن ڀرسان لنگهندڙ پيادي شخص کي ڏسي لنوائي ڇڏيو هو. پيادي چوڌاري نهاريو ته ڏٺائين هڪ نانوائي اڱر ڪڍي پنهنجو تنور صاف ڪري رهيو هو. جڏهن نانوائي هليو ويو ته اهو پيادو درويش تنور ۾ گهڙي ويو ۽ خوبُ مزي سان ننڊ ڪيائين. صبح سان جڏهن ننڊ مان اٿيو ته ڪنهن هن کان پڇيو: ”رات ڪيئن گذري؟“

چيائين ته: ”بس سمور ۾ به گذري وئي، تنور ۾ به گذري وئي.“

هي عارفين جو دور نه آهي، صارفين جو دور آهي. هرڪو مرد ۽ عورت شام جو پلاسٽڪ جون ڀريل ڳوٿريون ڪار مان لاهي لفٽ ۾ چڙهي ٿو ۽ هن جي منهن تي اها سرهائي نظر اچي ٿي، ڄڻ ته تهجد جي نماز پڙهي اٿائين. دراصل مادي حاصلات ئي ماڻهوءَ جي منزل مقصود ٿي چڪي آهي. منهنجو پيءُ پئسي کي ”هٿن جي مَرُ“ ڪوٺيندو هو، پر هاڻي ته ماڻهوءَ لاءِ انهن جهڙي کٿوري خوشبوءِ ڪائي نه آهي. هن جو دل ۽ دماغ ڀلي پالها هجن، کيسو ڀريل هجي ته اُهو هن کي گدگد ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي. مون هڪ دوست کان پڇيو ته: ”ڪافي وقت کان ڪجهه نه لکيو اٿي؟“

هن جواب ڏنو: ”ڏوڪڙ پئي ٺاهيم؟“

مون کيس چيو ته: ”ڏوڪڙ اُهو واهڙ آهي، جنهن کي ڪڙ نه آهي. اُهو توکي لوڙهي ويندو ۽ ڪڏهن ٻوڙي ماريندءِ.“

مون کي گرونانڪ جي زندگيءَ مان هڪ واقعو ياد آيو. هو پنهنجي هڪ شش سان سفر تي وڃي رهيو هو. جڏهن ٻه واٽون آيو ته گرونانڪ انهيءَ واٽ تان هليو، جا ڇوٽي هئي، پر هن جي شش هن کي ٻيءَ واٽ جي صلاح ڏني جا ڊگهي هئي. گرونانڪ اُن تي هن کان پڇيو ته: ”تون ڇوٽي راهه تان ڇو نٿو هلين؟ اِها ته منزل تي جلد پهچائيندي؟“

شش جواب ڏنو: ”انهيءَ راهه تي ڊَاڪو آهن.“

گرونانڪ شش کي چتائي ڏٺو ته هُن کي شش جي مٿي تي هڙ نظر آئي. کيس چيائين ته: ”اِها هڙ کول!“

جڏهن شش هڙ کولي ته سندس پراڻن ڪپڙن ۾ هڪ ننڍڙي ڳنڍ پئي هئي، جڏهن اُها هن کولي ته ان ۾ سون جي هڪ ننڍڙي ريڻي هئي. گرونانڪ اُها ريڻي کڻي پري ڌوڙ ۾ ڦٽي ڪئي ۽ شش کي چيائين:

”هاڻي ڊاڪو اسان کان پراڻا ڪپڙا ته نه کسيندا، اچ ته ڇوٽي رستي تان هلون، اُهو آسان آهي.“

سنڌ ۾ دولت لاءِ هڪ صوفيءَ واري نفرت هئي پر هاڻي ته ريڙهه ريڙهان ۽ ميڙ ميڙان لڳي پئي آهي ۽ هر ڪوئي لارڊ بائرن وانگر چئي رهيو آهي ته:

”دولت عَلاءُ دين جو چراغ آهي.“

هرڪوئي سمرسيٽ ماهم (Somerset Magham 1874-1966) وانگرچئي رهيو آهي ته: ”جي تو وٽ دولت آهي ته ٻئي ڪنهن کي به چئي ٿو سگهين ته ”وڃي کَڏ ۾ پَؤ.“ پئسو انسان جو ڇهون حس آهي، جنهن سان باقي پنج حس رڄجي پون ٿا.“

سنڌ ۾ ماڻهو سمجهن ٿا ته پئسو ماڻهوءَ لاءِ ڪجهه به ڪري سگهي ٿو. نتيجو اِهو آهي ته ماڻهو پئسي لاءِ ڪجهه به ڪري ٿو سگهي. گنجن کي نئين سر وار ڄمن ٿا جي هو نوٽن جي هڙ مٿي تي رکي گهمن ٿا. انقلابي جڏهن شرابي ڪبابي ٿين ٿا ته هنن ۾ خلوص نه ٿو رهي، فقط فلوس ٿو رهي. مُلان پلاٽن جي ڪڍ دربدر آهن ۽ اهو وساري ڇڏن ٿا ته هو رڳو 4 فٽ 6 فٽ قبر تي جنازي نماز پڙهائن ٿا. فارسيءَ ۾ ڪنهن جو شعر آهي:

دست برداشتنِ ما وقتِ دعا ايمائيست

کھ شفاعت گرِما پيش خدا دست تهي است

ترجمو: اسان جا دعا مهل هٿ کڻڻ ان ڳالهه جو اشارو آهي.

ته خدا جي اڳيان جيڪو هٿ اسان جي شفاعت ڪندو سو خالي آهي.

حضرت عيسيٰ عليه السلام وانگر سئي جي پاکڙي مان اُٺ جي نڪري وڃڻ واري ڳالهه نٿو ورجايان ڇو ته اُها بار بار ورجائي وئي آهي. مون کي هڪ انقلابي دوست جي هَوسناڪي ڏسي هڪ عربيءَ جو پهاڪو ياد ايندو آهي ته:

”جي بدنصيباََ توکي ڏيڻو آهي ته وڏي دروازي تي دستڪ ڏي.“

مان جڏهن نئون شعر لکندو آهيان تڏهن مونکي ائين لڳندو آهي ته مونکي ڪائنات جو خزانو مليو آهي. ڄڻ انهيءَ ڪيفيت جي خوشبو ايندي آهي:

”مان هڪ خزانو هوس ۽ چيم ته پاڻ کي ڪائنات تي ظاهر ڪيان.“

مان ساريون راتيون لکندو رهندو آهيان ۽ نه مون کي ٿڪ جو ۽ نه ننڊ جو احساس ٿيندو آهي. صبح جو جڏهن مان مُنهن ڌوئيندو  آهيان تڏهن مون کي ائين لڳندو آهي ته اڃا مان ويهن ورهين جو نوجوان آهيان جو سخت سيءَ ۾ شڪارپور شهر ۾ واڌل لوهر جي اَکاڙي ۾ ململ جو چولو پائي ويندو هو ۽ پٿر جون ڳريون پڃريون کڻندو هو. مون کي ائين محسوس ٿيندو آهي ته مون ۾ اڃا ايتري طاقت آهي،جو ڪيلاش پربت تريءَ تي کڻي اچان يا نعره حق هڻي، ڪنهن دره خيبر کي ڊاهي وجهان. سچ ته وڏي سگهه آهي ۽ سونهن آرٽسٽ لاءِ سڀ کان وڏو سچ آهي. اِها سگهه جيتري مون هينئر محسوس ڪئي آهي، اڳي ڪڏهن به محسوس نه ڪئي هئي.

ننڊ مان جو به وقت بچندو آهي، مان لکندو رهندو آهيان. ڪڏهن ڪڏهن ڀٽائيءَ سان ڪچهريون ڪندو آهيان. هڪ ڀيري مون هن کي چيو ته:

”ڀٽائي! تو ته چيو هو، ”پلڪ سُوئا، چُوڪا“ (اها ڳالهه ڀٽائيءَ هڪ گهورڙئي جو هوڪو ٻڌي چئي هئي) پر مان ادب سان تنهنجيءَ ان ڳالهه ۾ ترميم ٿو ڪيان ۽ چوان ٿو ”سوئا، پلڪ، چونڪا“ يعني پلڪ سمهي ڇرڪُ ڀري اُٿ!“ پوءِ ڪجهه هُن کان وري پڇيم:

”ڀٽائي! انسان جيڪي به هن جندڙيءَ ۾ پاتو آهي، اهو هتان کڻي وڃي ٿو؟“

علامه اقبال ته چيو هو:

اهلِ دوزخ يهان جو آتي هين

اپني انگار ساتهه لاتي هين

پر بهشت ته گل ئي گل آهي. ڇا ماڻهو هتان ڌرتيءَ جي خوشبو کڻي وڃي ٿو، اها هن جي روح ۾ محفوظ رهي ٿي ۽ ڇا اهڙي خوشبو بهشت جي ڪنهن به گل ۾ نه آهي؟ مون اهڙي خوشبو نه رڳو سُنگهي آهي پر ڪيئي ڀيرا ڏٺي به آهي. ان کي هر وقت جدا جدا جسم هوندو آهي، پر منهنجو ڇهون حس هن کي هر لباس ۾ سڃاڻي وٺندو آهي.

ڀٽائيءَ جي ڳالهه مان پوءِ لکندس. هتي مان رڳو ايترو لکان ٿو ته جنهن وقت مان چاهيندو آهيان، مان هن کي سڏي وٺندو آهيان. مون سکر جي وڪيلن جي ڳالهه ئي اڃا نه کٽائي آهي، ڪجهه وڪالت جي تجربن تي لکڻو اٿم. داستان وڃي ٿو ڊگهو ٿيندو. ائين نه ٿئي ته اوچتو عمر کُٽي وڃي ۽ داستان ئي اڌ ۾ رهجي.

صديق کرل منهنجو جونيئر رهيو هو. پوءِ بينظير واري اڳئين زماني ۾ هاءِ ڪورٽ جو ائڊيشنل ائڊوڪيٽ جنرل ٿيو هو. هو جمال رند ۾ عمر ميمڻ جو دوست هو ۽ ڪيئي سال اڳ هو مون وٽ اُنهن جو حوالو ڏئي، سکر منهنجي آفيس ۾ آيو. هو جڏهن لنڊن ۾ هيو تڏهن هن جا ڀٽي صاحب سان چڱا مراسم هوندا ها. هڪ بئريسٽر (نالو وسري ٿو وڃي) جنهن جي غالباََ ساڳي وقت ڀٽي صاحب سان رسم و راهه هئي ۽ انهيءَ کي پوءِ ڀٽي صاحب اسلام آباد ۾ او. ايس. ڊي مقرر ڪيو هو  ۽ هن جي انگريز زال، ٻئي منهنجا هم پيالا هيا. ڪاش مان ساري حافظي کي موٽائي سگهان، ڪنهن وقت مون سان لڪ ڇپ ٿو کيڏي، ڪنهن وقت ڪنهن ڪنوار وانگر گهونگٽ هٽائي ٿو ۽ ڪنهن وقت منهن ڍڪي مٿي نه ٿو ڏسي!

اهو بئريسٽر پي ڪري مونکي فٽزجيرالڊ جون رباعياتِ عمر خيام ٻڌائيندو هو. باقي کرل جي دلچسپي فقط سياست ۾ هئي. جڏهن مان وائيس چانسلر هوس ۽ ڀٽي صاحب کي جنرل ضياءُ الحق گرفتار ڪري ۽ ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ڇڏي ڏنو هو، تڏهن ڀٽي صاحب هڪ بيان ڏنو هو ته:

”منهنجا مخالف ڪراچيءَ ۾ يونيورسٽيءَ ۾ شاگردن کي مخاطب ٿا ٿين، جي مان سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ وڃان ته پوءِ؟“

کرل مون کان پڇيو: ”جي ڀٽو صاحب يونيورسٽيءَ ۾ آيو ته تنهنجو ردِعمل ڇا ٿيندو؟“

مون هن کي غور سان چتائي ڏٺو ۽ پوءِ چيم: ”هيءُ نوڪري ڀٽي صاحب ڏني هئي، جي انهيءَ جي ڪري وئي ته ڪوئي ارمان نه ٿيندو.“

منهنجا نه ڀٽي سان سياسي تعلقات هيا نه جتوئيءَ سان. منهنجا اُنهن سان فقط ذاتي تعلقات هيا ۽ ذاتي تعلقات کي مان سياسي تعلقات تي ترجيح ڏيندو آهيان. جتوئي جڏهن چيف منسٽر نه رهيو هو، تڏهن هن ڪنهن ماڻهوءَ کي مون لاءِ چٺي ڏئي هئي. مون نه رڳو ان ماڻهوءَ جو مسئلو حل ڪيو پر هن جي معرفت جتوئي صاحب کي چوائي موڪليو هو ته:

”اوهان کي جيڪڏهن مون ۾ ڪوئي ڪم هجي ته بنا حجاب جي چئي موڪليندا ڪيو.“

پر اُن کانپوءِ هن مونکي ڪوئي ڪم نه چيو ۽ نه مُنهنجي هُن سان ڪڏهن ڪائي ملاقات ٿي.

وڪيلن مان ٻيو ماڻهو مون کي آغا عبدالنبي ٿو ياد اچي، جو حيدرآباد جو نهايت چڱو وڪيل هو، جنهن سان منهنجي پهرين ملاقات حيدرآباد ۾ ٿي هئي. هو اصل ڪوٽ سلطان جو هو، مرحوم امان الله خان جو ۽ آغا غلام نبي پٺاڻ جو رشتيدار هو ۽ منهنجي جونيئر غلام مصطفيٰ شاهه جا امان الله خان ۽ آغا عبدالنبي ٻئي دوست ۽ ڳوٺائي هيا. جڏهن مان يونيورسٽي ۾ مدو پورو ڪيو  ۽ سکر ويس ته ٻن اڍائي سالن کان پوءِ آغا عبدالنبي هاءِ ڪورٽ جو جج ٿي آيو. هن کي ڪافي محنت سبب هاءِ بلڊپريشر رهندو هو پر مون هن ۾ غصو ڪڏهن به نه ڏٺو. هو مون سان ڏاڍيءَ عزت سان ملندو هو.

جيستائين ڪورٽ ۾ منهنجو ڪيس کڄندو هو، تيستائين مان پني تي بيت لکندو هوس. اڪثر بيت مون ڪورٽ ۾ لکيا ها. ٻيا وڪيل ائين سمجهندا ها ته مان پنهنجو ڪيس تيار ڪري رهيو آهيان ۽ نوٽ وٺي رهيو آهيان. هنن کي اِها خبر نه هوندي هئي ته مان پنهنجي تخليق جي ڪم ۾ مصروف آهيان. اِن تي مونکي هڪ لطيفو ياد ايندو هو جو مرحوم اي. ڪي بروهيءَ ٽي چار ڀيرا ٻُڌايو هو. پهريون ڀيرو هن تڏهن ٻُڌايو هو، جڏهن مونکي انگريزيءَ ۾ پنهنجي مضمونن جو مجموعو ”پنهنجي اظهار جي سرگذشت“ (Adventures in Self-expression) ڏنو هو. اهو هيئن هيو:

جڏهن حضرت نوح پنهنجي ڪشتيءَ ۾ جاندارن جي هر جنس کنئي ۽ جڏهن هن جي ڪشتي ڪوهِ ارارط تي پهتي، تڏهن هن ڏٺو ته ڪشتيءَ ۾ ٻلي ۽  ٻليءَ سان گڏ هنن جا پونگڙا به هيا. حضرت نوح حيرت ۾ ٻلي ۽ ٻليءَ کان پڇيو:

”هي ته مون ڪونه کنيا ها. هي ڪٿان آيا؟“

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org