هن ديس ۾ پيڙهيءَ به پيڙهيءَ .“
پر اڄ ڪلهه اهڙي شاعري جا غير مارڪسي آهي، اُن جو رواج به
گهُٽيو وڃي ٿو.
اسان وٽ مينگهواڙ، ڪولهي ۽ ڀيل اَڇوت آهن. ساري ٿر رائچند ۽ ولي
رام ولڀ کان سواءِ ڪوئي نالي وارو غير مسلم اديب
پيدا نه ڪيو آهي. تازو مون کي ولي رام ولڀ جو
ايس. ايس. ساردا ۽ دليپ بوس جي ڪتاب جو ترجمو
”ڀڳوت گيتا، هڪ اڀياس“ جي نالي سان مليو آهي، جنهن
لاءِ اُتساهه، بقول مترجم، هن کي سوڀي گيانچنداڻي
۽ ابراهيم جوئي ڏنو آهي ۽ جنهن ۾ گيتا تي ڪڙي
تنقيد ٿيل آهي. هونءَ ٿر جي اڇوتن ۾ بغاوت جو ادب
ته ڪجا معمولي تعليم به ڪانه آهي.
مِٺيءَ کان ويڙهي جهپ ۽ ويڙهي جهپ کان ڏيپلي ڏانهن ويندي اسان
کي ڀيل ۽ مينگهواڙ گڏيا. هيٺيان هڪ کٿيءَ جو گوڏ ۽
مٿي تي ليڙون ليڙ پٽڪو. هنن جا پٺا اگهاڙا هيا ۽
سج ۾ ٽامي وانگر چمڪي رهيا هئا. شايد هو سياري جي
مند ۾ ڪُلهن تي کٿو کڻندا آهن. هو فطرت جو حصو ٿي
لڳا ۽ ائين ٿي لڳو ته کٻڙ ۽ ٻٻر رستي تي وڃي رهيا
ها، جن جي اکين ۾ ٻٻر جي چيچڪن جيتريون چپيون
هيون. مڙس هونءَ جانٺا ۽ جاکوڙي ٿي لڳا، سنها،
سنرا روهيڙي جي ڪاٺيءَ وانگر جهالائو. انهن سان گڏ
جي زالون هيون انهن کي رنگا رنگ پڙا، گج ۽ مٿي تي
ٿلهيون رڱيل اوڍڻيون هيون. اُهي روهيڙي جي گلن
وانگر ٿي لڳيون، جن ۾ بسنت رُت ۾ ڳاڙها، پيلا ۽
سونهري گلن وارا گل جهولندا آهن. سڀيئي ٻانهيون
پاتل هيون. سندن پيرن ۾ چانديءَ جون ڪڙيون ٽيج جي
چنڊ وانگر ٿي لڳيون. ڪن کي ڳچيءَ ۾ ڪَنڍيون ۽ هس
هيا، نڪ ۾ روچي ڦلي يا نٿ ۽ ڪنن ۾ پنڙا هيا.
ڀيلڻين ۽ مينگهواڙين پنهنجا وار جهوني مصري انداز
۾ ويڙهيا ها ۽ انهن کي اڳيان نرڙ تي روپو وينڊو
پيو هو. (مون اهڙا بت لنڊن جي مصر واري حصي ۾ ڏٺا
ها.) هو وسڪاري کان پوءِ اس ۾ ٽڙي پيون هيون.
اڃا ته ڇنڊون پيون هيون پر پوءِ به هنن جو رنگ
نکارجي پيو هو. ڏهريون ۽ ڀٽون ساوڪ ٿي ويون هيون.
هنن کي ويندو ڏسي ائين ٿي لڳو ڄڻ ڪي سُرهيون
ٻوٽيون پنڌ ۾ هيون. ڪنهن ٻڪرار ڀٽ تي چڙهي بنسري
ٿي وڃائي ۽ اُن کي ڄڻ ڪڪر آڪاس ۾ دم روڪي ٻُڌي
رهيا ها. پانڌيئڙا ۽ پانڌيئڙيون به وکون ائين
وڌائي رهيون هيون، ڄڻ بنسريءَ جو سُر انهن کي ڪنهن
رسيءَ وانگر ڇڪي رهيو هو. وَسڪاري وڻ ٽڻ ۽ ٻوٽا
ڦلاري ڇڏيا ها.
رستي تي هڪ ڄڃ نظر آئي. نه ڄاڻان ڪيڏانهن وڃي رهي هئي. چاليهارو
مرد، عورتون ۽ ٻار هيا. اُٺن کي روپا مهرا،
ڳچيءَ ۾ ٽورن سان پٽيون، پيرن ۾ گهنگهرو ۽ گوڏن ۾
گوڏيا هيا جي ڀرت سان ڀريل هيا. انهن جي پُٺيءَ تي
جُهلون سوٽي هيون ۽ پاکڙا پيتلي هيا، جن تي
چانديءَ جون ڦلڙيون نڪتل هيون، ٻه گهوڙا به ساٿ ۾
هيا. زالن کي جي پڙا ۽ پوتيون پيون هيون، انهن تي
ڄڻ سِڻ جا اڇا ۽ پيلا گلڙا هيا. سڻ جون وليون جي
چوڌاري پکڙيون پيون هيون، انهن سان هم ـــ قافيا ۽
هم ـــ رديف لڳي رهيون هيون. مون سوچيو ته مُئي
کان پوءِ جي خدا مون کي بهشت ۾ قيد ڪيو ته مان ان
جي دري ڀڃي ٿر واديءَ تي ٽپو ڏيندس.
ويڙهي جهپ وٽ پهتاسين ته شايد اُتي ڪو پاڻيءَ جو کوهه هو ۽
گهاٽا وڻ به هيا. چانگ ٻڌايو ته کوهه ۾ پيئڻ
بلائون رهنديون آهن، جي ننڊ ۾ ماڻهوءَ جي ساهه ۾
زهر ڦوڪي وينديون آهن ۽ ماڻهو اوچتو جاڳي پوندو ته
انڌو ٿي پوندو آهي. پيئڻ جو سچ پچ وجود آهي. مون
ان باري ۾ روزاني ”ڊان“ ۾ ڪجهه خط به پڙهيا آهن،
پر پيئڻ جي باري ۾ پوري معلومات نه آهي. اسان
ويڙهي جهپ وٽ نانگ جي ڌُوڪر ٻڌي، پر نانگ نظر نه
آيو. هونءَ ته ٿر ۾ واسينگ، کپر، لنڊيون ۽ ٻيا
ڪيئي نانگ آهن. مون نانگ سان مور جي ويڙهه ڏسڻ پئي
چاهي. مون کي مطلبي اسلام پسند اديب پئي ياد آيا
جي مون کي ۽ سنڌ ۾ صحتمند ادب جي حامين کي وچڙي
ويا هئا، پر مون اها ويڙهه به ڪٿي نه ڏٺي.
جڏهن ڏيپلي پهتاسين ته ننڍا ٻار پِپون کڻي آيا، جي اسان هنن کان
ڪجهه پئسا ڏئي ورتيون. ڏيپلي ۾ پاڻي ٽن پُرهن تي
آهي. پُرهَه ۾ اٽڪل 5 فوٽ ٿين. ٿري ماڻهوءَ جو قد
به ايترو ٿيندو آهي، مِٺيءَ ۽ انهيءَ ڏيپلي واري
ڀاڱي کي سامروٽي چئبو آهي، جو ٿر جو ڏاکڻو،
هيٺاهون ڀاڱو آهي. پاڻيءَ جي اونهائي ڪِٿي سَت
پُرهَه، ڪٿي ڏهَه پُرهَه آهي.جيئن اتر ڏانهن وڃبو
تيئن کوهه وڌيڪ اونها ٿيندا ويندا. هاڻي جڏهن مان
ماضيءَ ۾ ٿو ڏسان ته سارو ٿر اکين اڳيان آهي.
پارڪر ۾ ڏهن پندرهن پُرهن تي پاڻي هو. ويرا واهه ۾
کوهه اٽڪل 15،14پُرهَه اونها هئا. ڇاڇري، اسلام
ڪوٽ ۽ مِٺي ۾ ويهارو پُرهَه،گڊڙي ۾ سٺ پُرهَه
اونها هئا جن کي ساٺيڪا ٿي چيائون. اهي کوهه
ماڻهوءَ جي من وانگر هئا، ڪن جي اونهائي ٿوري هئي
ته ڪن جي گهڻي. مون اهڙا ماڻهو به ڏٺا آهن، جي
ساٺيڪن وانگر اونها هوندا آهن. انهن مان ڪجهه ڪڍڻ
لاءِ ڄڻ وڏو وَرت ۽ ڀاري ڪوس ڇڪڻو پوندو آهي. ڪي
ماڻهو ته واريءَ جي گرڻ وانگرٿيندا آهن، تُنهنجو
پير اُن م لٿو ته ڇُٽين، پر ماڻهوءَ جي من ۾ گرڻ
مون گهڻو ڪري شهرن ۾ ڏٺي آهي، ٿري ماڻهوَ جو من ته
گهڻو ڪري گڏانگڙي جهڙو آهي.
هي سفرنامو آهي، جغرافيءَ تي ڪتاب نه آهي ته مان ڏيپلي جي حدن،
ويڪر ۽ آدمشماريءَ تي لکان. هتي ”چيلهاريا ميمڻ“
گهڻاآهن جي لاڙ کان لڏي آيا آهن. لُهاڻا، لنگها،
بجير، مينگهواڙ، گرڙا ۽ ڪلر به رهندا آهن. هڪ بجير
ڇوڪرو حنيف، جو ڪارڊيو ويسڪيولر انسٽيٽيوٽ ۾ ملازم
آهي، هن منهنجي بيماريءَ ۾ ڏاڍي خدمت ڪئي هئي،
جڏهن ڪجهه سال اڳ مون کي چار ڀيرا هارٽ ائٽڪون
ٿيون هيون . هو مون کي ٿر جي باري ۾ احوال
ٻڌائيندو هو، جڏهن مان چاق ٿيندو هوس ته هو ويل
چيئر ۾ ويهاري، ويل چيئر منهنجي ڪمري مان ٻاهر
اسپتال جي وڌاوِڙي تائين آڻيندو هو. بيماريءَ جي
بستري مان نڪري، ٻاهرين دنيا ڪيڏي نه عجيب ٿي لڳي!
ڪيترو نه تن کي تر و تازه ٿي ڪري ڇڏي!
وَڌاوڙي جي هيٺان لان ۾ سائي ڇٻر آهي، جنهن تي سوين عورتون، ٻار
۽ مرد ويٺا هوندا آهن. چهل پهل لڳي پئي هوندي
آهي. ڪي ايندا آهن، ڪي ويندا آهن. اهي گهڻو ڪري
انهن اندرين مريضن
(Indoor Patients) سان ملڻ ايندا آهن، جي سندن مائٽ يا واقفڪار هوندا آهن. لان ۾
ناريل جا وڻ به آهن، جن تان ڪويليون ڪوڪنديون
آهن. اسپتال ۾ انهيءَ بجير جي صحبت مون لاءِ غنيمت
هوندي هئي، جو مون منهنجي ننڍڙي ڪمري ۾ وشال واري
۽ آڪاس کڻي ايندو هو ۽ ائين لڳندو هو ته منهنجي
اکين ۾ ڏهرن جا ڏيئا ٽمڪي اُٿيا آهن. مان هن کان
ٿر جي وڻن ۽ ولين جا نالا پڇندو هوس. هُو چوندو
هو:
”سائين! ائين ته کِپُ ، سِڻ، مُرٽ، لاڻا ۽ لاڻيون، گهامُون،
گگراڻ، ٻائوري، ٿوهر، ٻيرڙي، ڪِرڙ، ڪَنڊا، ڦوڳ،
اَڪ، ٻٻر، سرنگهو، روهيڙو، نِم، ڪونُڀٽ، بڙ،
سرنهن، گيدوڙي، آمڻ ٻير، سُوانجهڙو وغيره اهي ٿر
جا ننڍا ۽ وڏا وڻ آهن، جن مان ڪن وڻن ۾ رڳو
رنگارنگ گل ٿيندا آهن، پر اُنهن جي ڪاٺ مان به
ڪيئي ڪم وٺندا آهن. دراصل ٿر جي ماڻهوءَ جا پير
ڌرتيءَ ۾ کوڙي، هن جا وار جهنڊولا ڪري ڇڏيو ته هو
به ڪنهن وڻ وانگر لڳندو. ٿر ۾ ڪڏهن ماڻهو وڻ جو
وڏو ڀاءُ آهي ته ڪڏهن ننڍو ڀاءُ آهي. وَليون ڄڻ هن
جون ڀينر آهن. ٿر جا وڻ ٽڻ، پکي پکڻ، جيت جڻيا،
ماڻهو ڇيڙهون، سڀ هڪ خاندان جا فرد آهن. جڏهن
طوفان ۾ ريت اڏامندي آهي ته سڀني جي مُنهن کي
چُميون ڏيندي آهي، جڏهن ڦڙيون وسنديون آهن ته سڀني
جا چپ آسائتا هوندا آهن.“
هي منهنجي ٻولي آهي، ڀٽائيءَ جي وحدت الوجود جي ٻولي آهي، ابنِ
عربيءَ جي فلسفي جو سنڌي ترجمو آهي. حنيف بجير
پنهنجي سوليءَ ٻوليءَ ۾ ٿي چيو:
”سائين! هر شيءِ لاءِ نالو آهي. هيءَ تهذيب ايتري قديم آهي جو
چپي چپي، چيز چيز لاءِ نالو آهي. هر لَڪ لاءِ نالو
آهي، لَڪ جي هر حصي جو نالو آهي. هر کوهه لاءِ
نالو آهي، کوهه جي ذري پرزي لاءِ نالو آهي. ننڍا
ٻوٽا به اڪيچار ٿين ٿا. انهن جا به الڳ نالا ٿيندا
آهن. گِرامڻو، جهرڪِلي، کيت، ويسَ وني، کَرسڻ،
کيروَل، اُبت ڪنڊڙي، جوڳيڙو، ڪُنٽي، ساٽوڙو،
جوٺُي، ڍاماسو، هرڻ چَپڙي، سنهاڙي، سونَيل، ٻائيءَ
جا ٻاٽيا، هاڏو اکراڙ، لوڻي، رينگڻي، مُنڍيري.
سائين چانڊوڪيءَ جا ڪرڻا جڏهن پونم رات جو مُنڍيري
تي پوندا آهن، تڏهن من موهي ويندا آهن.“
اِن تي مون کي اسرائيل جي تهذيب ياد آهي، جنهن جو ذڪر عبراني
انجيل ۾ آهي ۽ حيرت به آئي ته هن ڌرتيءَ تي پراڻي
عهدنامي جهڙي صحيفي جو نزول ڇو نه ٿيو هو! اهو به
سمجهه ۾ آيو ته هر صيهونيءَ جي اُن جي ڀٽ ڀٽ سان
ايتري محبت ڇو آهي ۽ جيئن انهن صحرا کي سرسبز
ڌرتيءَ ۾ تبديل ڪيو آهي، ايئن اسان به ٿر کي گل
وگلزار بڻائي سگهون ٿا. آخر ڪجهه پنڌ تي ئي ته
راجسٿان ۾ ڏهه هزار اوڏ روز واهه جي کوٽائيءَ تي
مصروف آهن، جو هو مانسرور سان يا ٻي پاڻيءَ جي
ذخيري سان ملائي رهيا آهن. مون اهڙو مضمون آمريڪا
جي”ٽائيم“ رسالي جي پهرين صفحي تي پڙهيو هو.
هاڻي مان جڏهن هي مضمون لکي رهيو هيس تڏهن ٿر ۾ ڪيئي ارب ٽن
ڪوئلا لڌا ويا آهن. وچ ۾ اڳئين وزير جاويد جبار
مونکي فون ڪري ٻڌايو هو ته، هو ٿر کي وسائڻ لاءِ
ڪيتريون ڪوششون ڪري رهيو آهي ۽ ان متعلق مون کي
خبرنامو ۽ اشتهار به موڪليا هيائين.
مان پنهنجي سوچ ۾ گم هيس ته حنيف پنهنجي گفتگو جاري رکندي چيو؛
”منڍيري ڏاڍي فائدي واري ٿيندي آهي.“
پوءِ هون مونکي ويجهو اچي چيو ته:
”سائين! اوهان کي اهڙي سڪل منڍيري ڏاڍو فائدو ڏيندي.“
”ڇا کي فائدو ڏيندي؟“ مون هن کان پڇيو.
”سائين، سمجهي وڃ نه.“ هن چيو.
”مون ته چيو ٿي ته مون ايلورا ۽ کاجو راهوءَ جون گڦائون ڏٺيون
آهن ۽ ڪام شلپا ۽ ڪام ڪلپا ڪتاب پڙهيا آهن.“ مون
ڳالهه لنوائيندي چيو.
”ڀلا ٻيون ڪهڙيون وليون ٿينديون آهن؟ اڃا ٻيا ڪي نالا ياد اچني
ٿا؟“
”ها مَلير ميندي ٿيندي آهي، جا اڇا گل ڪندي آهي ۽ گرميءَ ۾
گهوٽي پيئبي آهي ته مثاني کي فائدو ڏيندي آهي.“ هو
ٿورو کليو ۽ چيائين:
”سائين اِهي شيون به ته زندگيءَ جو حصو آهن. پر ڇا ڪجي،
جيستائين ماڻهوءَ کي دل جي بيماري آهي ته انهن شين
جي ويجهو وڃڻ چڱو نه آهي.“ مون کي بجير چيو.
”ڪڻڪ جي داڻي هونءَ به آدم کي بهشت مان ڪڍايو هو. مون کي ته سڌو
دوزخ ۾ موڪليندو.“ مون سوچيو.
مان بستري تي ليٽيو پيو هوس. حنيف مٿي کي زور به ڏئي رهيو ۽ چئي
رهيو هو:
”سائين! هتي ته ناشتي ۾ ٽوسٽ ۽ چاءِ، منجهند ۽ رات جو دال، ننڍي
ڪونهين جو گوشت کائي بيزار ٿي پيو آهيان. چڱو جو
تون ماني گهران گهرائيندو آهين. هتان جو چِڪن سوپ
(چوزي جو شوروو) به واهيات آهي. ٿر جا لُلر،
مريڙا، کنڀيون، پپون، ميها، هنداڻا، گدريون، چڀڙ،
متيرا، ڪَدو، ڪريلا، پيا ياد ايندا آهن. ڪهڙا نالا
وٺي ڪهڙا نالا وٺان. ڇاپرو ٻير، سڱر، پيرون،
گهانگهيٽا، گولون، ڇا ڇا نه آهي ٿر ۾! وات ۾ پاڻي
ڀرجي ٿو اچي.
موڪل ملندي آهي ته گهر ڀڄندو آهيان. هتي ڪرستان نرسين جو بدن
ننڍي ڪونهين جي گوشت وانگر آهي، جنهن جو ذائقو بدن
۾ ڌرڙي وجهي ڇڏيندو آهي. سائين ڪولهڻ جهڙي رن توکي
روءِ زمين تي نه ملندي. ريڀڙ هوندا اٿس ريڀڙ!
بجير مون کان عمر ۾ گهڻو ننڍو هو ۽ مون هن سان وڌيڪ گستاخ ٿيڻ
نه پئي چاهيو. دل چيو:
”اهي شيون ڏسڻ جا ٽوهه آهن. وقت گذري ٿو وڃي، هر شيءِ کي فنا
آهي. ذائقي کي عمر آهر بدلائڻ گهرجي. هر وقت ست
رَڇيءَ ته هيءَ دل جي بيماري ڏني آهي. مون پڪو پهه
ڪيو ته هر پرهيز ڪري مان بيماريءَ تي قابو
پائيندس، مونکي اڃا گهڻو ڪجهه لکڻو آهي ۽ ان لاءِ
زنده رهڻو آهي.“
حنيف بجير جون ڳالهيون مون کي گهٽائن ۾ اڏائي ويون ۽ مان وڃي
ڏيپلي ۾ پهتس. جڏهن ڪارا ڪڪر ڏسي ڪي ميمڻياڻيون
گهرن ڏانهن تيزيءَ سان وڃي رهيون هيون. مون جيڪي
دٻيلي ۾ ميمئيائون وينديون ڏٺيون، اُهي وچينءَ
وهيءَ جون هيون. هنن جا پيٽ ۽ پٺيون ماسيريون ۽
بيڊوليون هيون.
اوچتو مونکي اها خوبصورت بوري ڇوڪري ٿي ياد اچي، جا منهنجي دوست
جي زال هئي ۽ مان اسلام آباد ۾ آقاءِ جعفر محجوب،
ڪلچرل ڪائونسلر ايران ۽ هن جي زال خانم اقبال، جا
منوچهر اقبال، ايران جي آئل چيف
(Oil Chief)
جي قريبي رشتيدار هئي، جي گهر ويٺو هوس ۽ هنن ۽ ربانيءَ سان گڏ
گوناگون شراب پي ۽ کاڌا کائي رهيو هوس. خانم اقبال
کي ايراني شاعري ڏاڍي ياد هئي، جا هوءَ مونکي
لڳاتار ٻڌائي رهي هئي. هڪ شعر ته اڃا ياد آهي، جو
هن مونکي ڪافي پيتل ڏسي چيو هو. اهو شعر حسين
دوُدي اصفهانيءَ جو هو:
زمن مَپرُس کھ مست وخراب از چھ شدي
از آن بِپُرس کھ داد اين پيالھ بردستم.
ترجمو: (مون کان نه پڇ ته ڇا کان مست ۽ خراب ٿيو آهين،
انهيءَ کان پڇ، جنهن هي پيالو منهنجي هٿ تي رکيو آهي.)
۽ پوءِ وسڪيءَ جو پورو گلاس ڀري، مون کي ڏنائين، جو مان ٻه
ساهيون ڪري پي ويس. هن جو ماتحت ثقافتي ڪانسل
فرجاد جو به اسان سان گڏ پي رهيو هو،. تنهن ايران
جي ڀڳل پستن جي پليٽ مون ڏانهن وڌائي، جا مون هن
کان وٺي پنهنجي دوست جي زال ڏانهن وڌائي. هن جي
صورت کُنڀيءَ ململ جهڙي هئي ۽ جواني هن جي انگ انگ
مان ڇُلڪي رهي هئي. هڪ لبريز جام جهڙي صورت ڏسي،
مُنهنجيون اکيون هن تي کُپي ويون. هن پليٽ مون کان
وٺي مڙس ڏانهن وڌائي، جنهن جي مُنهن تي رنجيدگيءَ
جا آثار ها ۽ جو خود به ڪافي پي ويو هو. بهرصورت
مون کي پيتي کان پوءِ سقراط وانگر ضابطو هوندو آهي
۽ مان پنهنجي وَهه ۾ وهي نه ويندو آهيان. تڏهن به
منهنجيءَ ڪيفيت جو اندازو ڪري خانم اقبال مون تي
هڪ شعر لپاٽ وانگر وهائي ڏنو:
شراب و مطرب و دلدار در مقابلھ بود
ميان ديده و دلدار شرم فاصلھ بود.
ترجمو: (شراب، مطرب ۽ دلدار سامهون پر اکين ۽
دلدار جي وچ ۾ شرم فاصلو پيدا ڪري ڇڏيو هُيو.)
پوءِ جڏهن هوءَ مڙس سان گڏجي مون وٽ ڄامشوري آئي هئي ۽ اسان
پيتو ٿي تڏهن مون هن کي اُن شعر جي دهرائڻ لاءِ
چيو هو. هِن مونکي نه رڳو اهو شعر لکايو هو، پر
چيو هو ته اهو شعر نوعي خبوشانيءَ جو هو. شعر ته
حاجي محمود خادم جي ڪنهن شعر وانگر معمولي هو پر
وقت تي گليل جو ڪم ڪيو هيائين.
ان ڳالهه کي ڪيئي سال ٿي ويا. (اها سن ڇاهتر جي ڳالهه آهي، جڏهن
مون ۾ مرزا غالب فقط ساغر ۽ مينا سامهون نه رکندو
هو ۽ نه رڳو اکين ۾ دم پر هٿ ۾ جنبش به هوندي
هئي.) مان هڪ ڀيري بوري بازر ڪراچيءَ ۾ ويس ته
هوءَ اوچتو مُنهن پئي. ”مارِ“ مون سوچيو: ”هيءَ ڇا
مان ڇا ٿي وئي آهي؟“ هن جي ٿولهه ضرورت کان زياده
هئي ۽ هن جي پُٺ طول ويهاڻي وانگر ٿي لڳي ۽ هن جي
چهري ۾ به اها رعنائي نه رهي هئي. مون ٿڌو ساه ڀري
سوچيو ته ڪنهن وقت هيءَ مير جي شعر وانگر هئي:
مير اِن نيم باز آنکهون مين
ساري مستي شراب کي سي هي.
جيتوڻيڪ هن جي اکين ۾ اڃا به ڪجهه ڪشش هئي، پر شراب واري مستي
نه رهي هئي. حافظ هونءَ ته صحيح چيو آهي:
لطيفھ ايست نهاني کھ عشق آزو خيزد،
کھ نامِ آن نھ لبِ لال و خظِ زنگاريست
جمال شخص نھ چشم است و زلف و عارض وخال
هزارء نکتھ دراين کاروبارِ دلدارِيست.
مون جڏهن هن سان ڳالهايو ته هن جو پيارو لهجو دل ۾ پيهي ويو، پر
هن تي عمر جا پيرا ڏسي، مون هن کان موڪلايو. ڪيئن
چئجي ته هوءَ منزل جي ڪيترو قريب پهچي چئي هئي!
شاعر جي حساس دل لاءِ اهڙي چوٽ ٻي ڪائي نه آهي جو
هو ڪنهن پراڻي محبوبه جي جواني کي جُهرندو ڏسي!
مونکي بمبئيءَ جي اها رات ياد ٿي اچي، جڏهن منهنجي هڪ پراڻي
شاعر دوست، پنهنجي گهر منهنجي دعوت ڪئي هئي. هن جي
ڌيءَ وهيءَ کان مُڙي چڪي هئي، گهاٽي سانوري رنگ جي
هئي ۽ هن جي ڳٽن ۾ کڏون پئجي رهيون هيون، پر جنهن
وقت هوءَ ساقي گري ڪري رهي هئي ته هن جا نقرئي
قهقها قُل قُل مينا جيان ٿي لڳا ۽ جڏهن هن مذاق ٿي
ڪيو ته ڪمري ۾ روشني وڌي ٿي وئي. اهڙي شهد آميز
شخصيت مون اڃا تائين نه ڏٺي آهي.
وقت هارائي ويو هو ۽ عمر هن کا لطافت کسي نه سگهي
هئي. دوست جي ڌيءُ هئي. ڪيتري به گهائل مائل ٿي
وئي هئي، پر حجاب مانع هو ۽ هوءُ اُڊيءَ اک کان
محفوظ هئي.
بهرصورت اها ڳالهه مون کي کائيندي رهي آهي ته سونهن ٽاڪُئين
آهي. هن بيماريءَ دوران مان سکر ويس ته ادبي سنگت
مون سان ڪچهري ڪئي ۽ ٻئي ڏينهن تي فتاح ملڪ ۽ ڪجهه
ٻين دوستن هڪ فائيو اسٽار هوٽل ۾ دعوت ڪئي، جتي
مون کي شعر پڙهڻا پيا. (مان ڪافي وقت کان پوءِ سکر
ويو هوس پر طبيعت جي خرابيءَ سبب فقط ٻه ڏينهن رهي
سگهيو هوس.) ان ڏينهن هوٽل جي خوبصورت هال ۾ ڪلهي
گس هئي. ٻه ٽي سئو ماڻهو ڪُرسين تي ويٺا ها، جي
بنا دعوت جي آيا ها يا دير سان آيا ها سي بيٺا ها.
مان هميشھ وانگر فقط هڪ شاعر جو مشاعرو هوس ۽ مون
ڪلاڪ ڏيڍ شعر پڙهيا. منهنجي سامهو ويهه پنجويهه
عورتون ويٺيون هيو. رشيد ڀٽيءَ جي گهر سنڌياڻي
تحريڪ جي گڏجاڻيءَ کان پوءِ اها سکر ۾ پهرين
گڏجاڻي هئي، جنهن ۾ ايتريون عورتون برقعي بنان
آيون هيون. مون هميشھ سوچيو آهي ته جيستائين
عورتون مودوديءَ جي ”پردي“ تي ڪتاب کي مسترد ڪري،
استنبول جي مسلم عورت واري آزادي حاصل نه ڪنديون،
تيستائين مسلم عورتن تي صديون پراڻا غلاميءَ جا
زنجير رهندا. حوا آدم جي غلام ته نه هُئي. مغربي
مصوريءَ ۾ انجير جي پن کانسواءِ هن جو ڪوئي مصور
هن کي ٻيو لباس نه ٿو ڍڪي. عورت نه رڳو مرد جي
برابر آهي، پر برابر کان به ڪجهه وڌيڪ آهي. هن کي
رڳو ماڊل گرل نه سمجهيو وڃي، هن ۾ مرد جو سڀ
صلاحيتون آهن. مون فتاح ملڪ وارن جي دعوت ۾ هڪ
عورت ڏٺي جا نه رڳو ڪاراٽجي چُڪي هئي، پر ٿوٿرجي
به پئي هئي. مونکي شڪ پيو ته هيءَ فلاڻي آهي، جنهن
تي ڪافي سال اڳ مان گهور ويندو هوس ۽ جنهن کي
رابيل جهڙا انگ هوندا ها ۽ جنهن جو ڇاتيون کاجو
راهوءَ جي مورتين جي ياد ڏيارينديون هيون.
منهنجو شاعريءَ تان ارواح ئي پلجي ويو.
هاڻي سکر مان موٽي ڪراچيءَ جي اسپتال ۾ ٿو اچان جتي حنيف بجير
منهنجي ڪمري ۾ آهستي ڳائي رهيو آهي:
بوند برهه جي بهار لڳي
درد ونديءَ جو ديس وَسي پيو.
منهنجي تصور جو شيش محل ٽڙڪي پيو. درد وندي جو ديس به منهنجي
شاعريءَ جو حصو آهي. اهو خدا جو بهترين مظهر آهي.
منهنجي شاعري اُن جي ڪڻ ڪڻ کي ستارن وانگر چمڪائڻ
ٿي چاهي. مون بجير کي چيو: ”تو ٿر ۾ ڪهڙا گل ڏٺا
آهن؟“ پوءِ دل ۾ سوچيو ته هت مغل باغات وارا گل ته
نه هيا، جن جي باري ۾ اردو ۽ فارسي شاعرن غزل لکيا
ها ۽ انهن کي تشبيهن لاءِ استعمال ڪيو هو. اهي ته
هيا گلِ لالا، گل نرگس، گلِ شبو، بيدِ مجنون، گلِ
بنفشه، گلِ انار، گلِ سوسن، گل نسرين،گل سمن
وغيره. ٿر ۾ ته وڻ، ٻوٽا، وليون ۽ گاهه هوندا آهن،
جن ۾ قدرتي گل مونا ليزا جي مرڪ وانگرڦٽي پوندا
آهن.
بجير چيو:
”ڪنڊا بهار ۾ ٻوربا آهن. ڪنڊيءَ جا پن جڏهن ڪچا هوندا آهن،
انهن جو رنگ پيلو ٿيندو آهي.“
مون دل ۾ سوچيو :
”ڪاش! اهي وان گوگ ڏسي ها!“
بجير ڳالهه جاري رکي، ”ڪنڊي کي بهار جي موسم ۾ ٻور لڳندو آهي.
اسان ان کي مڃر
چوندا آهيون. نِم ۾ به اڇو ٻور ٿيندو آهي، جنهن ۾ ننڍا اڇا گُل
هوندا آهن جي واءُ تي ڇڻي پوندا آهن.“
مون کي ياد آيو ته شڪارپور ۾ منهنجي گهر سان لڳ نِم جو
وڻ هوندو هو، اسان جي ٻه ماڙ ڪوٺي کان ٽيهارو فوٽ
مٿي ويندو هو. مان ان جي ڏارن تي چڙهي وينديو هوس
۽ ڪڏهن ڪڏهن مرزا قليچ بيگ وانگر انهن تي ويهي
ڪتاب پڙهندو هوس. ان مان نِموريون ڪري ڪڏهن اسان
جي آڳر ۾ ڦٽي پونديون هيون. اسان جي پاڙي ۾ ٽي وڻ
هئا ۽ ٽئي نم جا هئا. اُهي جڏهن ٻور سان جهنجهجي
پوندا هئا ته انهن جي خوشبوءِ چوڌاري ڦهلجي ويندي
هئي. مون 1986ع ۾ نيشنل جاگرافڪ جي پرچي ۾
”گهاٽيءَ واس – رس“
(The Intimate sense of smell) تي 35 صفحا هڪ مضمون پڙهيو هو، جو رڊيار ڪپلنگ[1]
(Ridyard Kipling) جي هيٺئين شعر سان شروع ڪيو ويو هو:
Smellare Surer
Than Sounds or Sights
To make Your
Heart Strings Crack
(واسَ، ڌُننِ ۽ وَنن کان وڌيـــــڪ
اَڻ گُـــــس آهــــن،
تنهنجي من – وينا جي تارن کي
ٽڙڪائي ٽوڙڻ
لاءِ)
ماضيءَ ۽ مستقبل کي آنءُ ٽارچ وسائي، وري وران ٿو ٿر ڏانهن.
ٿر ۾ ڄار۽ کبڙ ۾ مڪ ٿيندي آهي، جا اُٺ کائيندا آهن ۽ ڳاڙها،
پيلا پيرون به ٿيندا آهن. ٻٻر جا پيلا گل ته ڄڻ
وَڻ شفق مان ڇني وٺندا آهن. اهي وڻ هڪ ڏينهن پوءِ
اسان نگرپارڪر ۾ جام ڏٺا هئا. ڄڻ فطرت هڪ ڪُنوار
وانگر نڪ ۾ ڦلڙيون پاتيون هيون. اهي اُتر ۾ به
ٿيندا آهن. مان جڏهن سکر کان گهوٽڪيءَ يا ميرپور
ماٿيلي ڪيس هلائڻ ويندو هوس ته رستي ۾ اُنهن جا
پن، پلڙا، چيچڪا مونکي ڏاڍا وڻندا ها. انهيءَ ئي
احساس مون کان هيٺين سِٽ لکائي هئي:
ڪنڊيءَ نه سڱري، ٻٻر نه پلڙو
ڇانگُون نه
ڇيلڙا،
مــارو
اڪــيـلـــڙا
مــــارو
اڪـيـلـڙا.
منهنجي شاعري اُتر، وچولي، لاڙ ۽ ٿر، سنڌي جي سڀني حصن جي عڪاس
آهي، مان گهمي نه سگهان ها جيڪڏهن چاليهارو سالن
کان مون کي هر وقت پنهنجون هڪ يا ٻه ذاتي ڪارون نه
هجن ها. اوچتو مان سوچيان ٿو ته مون، جنهن پنج يا
ڇهه لک ميل ڪار ۾ سفر ڪيو آهي ۽ ڪيئي ڪارون ڍنگر
وانگر ڦٽي ڪري ڇڏيون آهن. اڃ هڪ پراڻي گٺل ڪار
وانگر گئريج جهڙي ڪمري ۾ پيو آهيان! افسوس، صد
افسوس!
بجير مونکي پنهنجي پُور مان ڪڍندي چوي ٿو:
”گل ته روهيڙي جا. سائين، جن سان سارا ڏهر ڀرجي ويندا آهن.
اُنهن کي ڏسي اوهان کي يقين ٿي ويندو ته خدا عظيم
ترين مصور آهي.“ مون مٺيءَ ڏيپلي ۾ به روهيڙا ڏٺا
هئا ۽ مهراڻي ۽ ڇاڇري ۾ به ڏٺا هئا. ڇانه ڳاڙها،
پيلا ۽ سونهري گل هئا انهن وڻن ۾ ! جي اسلام مصوري
تي بندش نه وجهي ها ته هتي ڪيترا رينمبرانٽ، ڪيترا
رونوا
(Renior)،ڪيترا
پال گوگين
(Pall Gaugin)،ڪيترا
بوتي چلي(Botti cilli)وغيره
پيدا ٿين ها! (ٽهٽي ٻيٽ تي جي ٿُلهن چپن واريون
عورتون پال گوگين ۽ وان گوگ پنهنجي مصوريءَ ۾
اَنديون هيون، انهن کان ته ٿريچاڻيون هزار ڀيرا
وڌيڪ خوبصورت هيون!)
ولنديزي فنڪار وير ميئر(Veer
mear)جي
هڪ ڳنوارڻ جي ڏول ۾ مون اهڙو قدرتي پڻو ڏٺو جهڙو
جهنگلي وڻ ۾ هوندو آهي. اي ڪاش ويرميئر ٿر ۾ پيدا
ٿئي ها ۽ اسان جون پونهاريون ۽ پاڻياريون مصور ڪري
سگهي ها! لاتور زورج
(Latour Georges)گهاٽا
رنگ دل کولي استعمال ڪيا آهن. ائين ٿو لڳي جيئن
ڏيپلي ۾ ٻارن کي گاري ۽ کيل سان لطف ٿي آيو!
ساري دنيا جا سارا آرٽسٽ ساريون زندگيون پوريون ڪري ڇڏيندا، ته
هو ٿر ۾ جيترا وڻ آهن، انهن ۾ جيتريون ٽاريون، پن
۽ ڏار آهن يا جيترا ٻوٽا آهن، وليون آهن، گل آهن ۽
گلن جهڙيون ناريون آهن، انهن سڀني جون تصويرون نه
ڪڍي سگهندا. ٿر ازلي نقاش جو حقيقي نقش آهي، ازلي
مصور جي مصوري آهي، ازلي صنم تراش جا ٺاهيل سڊول
جسم آهي، جي هزارين ليو نارڊو ڍاونچي گڏجي پيدا
ڪري نه سگهندا آهن. ٿر ازئڊورا ڊنڪن ۽ نيورو فيف
جو رقص آهي ۽ اهي لوڪ گيت آهي، جن تي خود يوناني
ديوتا ڊايوني سس
(Dionysus)به رقص ڪري ها ۽ جي شِوُ ڏسي ها ته هو جنگ بدران امن جو رقص ڪري
ها.
بجير منهنجي خيالات جي رَوَ کي ڪٽي چئي رهيو هو:
”سائين اوهان نگر پارڪر جي اُتر ۾ ڪنٺو ڏٺو؟ ڇاڇرو ڏٺو هو؟
مُهراڻو ڏٺو هو؟ ۽ جي اهي ڏٺا ها ته اوهان ڪونڀٽ
جا وڻ ڏٺا جي پري کان ڇٽيءَ وانگر لڳندا آهن.
وسڪاري کان پوءِ انهن ۾ اڇيرو پِيلو ٻور ٿيندو آهي
۽ اهي ٻور سان ٻوڪجي ويندا آهن.“
اوچتو مون کي مصور پيٽربليوم
(Peter Blume) ياد اچي ٿو. هن پنهنجي تصوير ”لاله زار“ ۾ پنهنجن ٻوٽن ۽ گاهه
جي نوڪيلين پتين کي وڏي احتياط سان مطالعو ڪرڻ کان
پوءِ بڻايو آهي. جيئن ماڻهن جا چهرا مختلف هوندا
آهن، اهڙيون پن ۽ پتيون به جدا جدا قسمن جون
هونديون آهن. ان تصوير وانگر ڀِٽَ جو مٿاڇرو ڪهڙو
نه وَر وڪڙ ۽ جهونو نظر ٿو اچي! ان جي سامهون نازڪ
۽ هوا ۾ جهومندڙ گل آهن، جي گهڙيءَ لاءِ پنهنجو
بهار ڏيکارين ٿا.
پيٽربليوم جي تصوير ياد ڪري مون کي ڍاڪا، بنگلاديش جو هڪ باغ
ياد اچي ٿو، جو هڪ بنگاليءَ ارب پتيءَ (هن جو نالو
منهنجي ڪنهن نوٽ بُڪ ۾ لکيل آهي، پر هاڻي ياد نه
ٿو اچي) ٺهرايو هو ۽ جتي ساري دنيا مان وڻ ڪٺا ڪري
هڻايا هيائين، جن ۾ هڪڙو وڻ اهڙو به هيو، جنهن جا
پن هڪجهڙا نه هيا.
وڏا، وشال ميدان، سمندر، آڪاش مون کي ڏاڍو وڻندا آهن. شهر ۾ ته
منهنجو هانءُ گهُٽجي رهيو آهي. ايئر ڪنڊيشنر ڏسي
مون کي هانوَ- ٻوساٽ ٿي ٿئي. مان شهري ماڻهو نه
آهيان. ٻهراڙي منهنجي نس نس ۾ آهي. مصور پال گوگين
پيدا ته پيرس ۾ ٿيو هو، پر اتان جي اونداهي آسمان
۽ پراڻي شهر جي سوڙهين گهٽين مان اهڙو ته ڪڪ ٿي
پيو هو جو بحر اوقيانوس (ڀونوچ سمنڊ) جي ڏاکڻن
ٻيٽن ۾ رهڻ لاءِ هليو ويو هو. ماريڪيز ٻيٽ ۾ هن
نوا جي عنوان سان تصوير بڻائي. مصور ٻيٽ جي ڊگهن
وڻن، اتان جي ڀانت ڀانت گلن ۽ اُتان جي رهواسين تي
موهت ٿي پيو هو، جيئن آءٌ ٿر تي موهت ٿي پيو هوس.
هُن پنهنجي ڪم مان هڪ دنيا ٺاهي هئي ۽ ان کي اهڙا
رنگ بخشيا هئا، جي ماڻهن اڳي ڪڏهن به نه ڏٺا هئا.
هي ته مصور آهن، جن کي ڪشاديون فضائون وڻنديون آهن. جن لارنس
آف عربيا جو ڪتاب ”سياڻپ جا ست ٿنبا“ پڙهيو آهي،
انهن محسوس ڪيو هوندو ته دشت جي پهنائيءَ آسمان جي
بيحد و حساب ڦهلاءَ هن کي ڪيترو نه متاثر ڪيو هو ۽
انهيءَ نتيجي تي پهتو هو ته صحرائي دنيائي وحدت
پرست پيغمبر پيدا ڪري سگهي ٿي. اهو ضروري نه آهي
ته صحرا پسند شاعر جي طبيعت ۾ ويراني هجي. مصور
مائڪل اينجلو
(Michel Angelo)
تيز ڇيڻيءَ سان سنگ مرمر کي ڇلي ٻار جو مٿو ٺاهيو
هو، جو نهايت نرم ۽ نازڪ ٿو لڳي ۽ ڄڻ اهو ڪڪرن ۾
ٿو نظر اچي. اهو بي بي مريم ۽ يسوع جي مجسمي جو
ٿورو حصو آهي. (اها مصوريءَ سان آشنائي منهنجي
عزيز دوست پروفيسر مس مسرت مرزا جي عنايت آهي، جا
منهنجي ڳوٺ سکر جي آهي ۽ اڃا تائين سنڌ
يونيورسٽيءَ ۾ فائين آرٽس جي پروفيسرياڻي آهي ۽
جنهن سان ڏينهن جا ڏينهن مان فائن آرٽ جي باري ۾
ڳالهائيندو هوس.)
ٿر کي ياد ڪري مون کي فريڊريگو
(Fredrigo)جو
نقش ياد آيو، جو مصور فرنچيا
Fiancia)
(ٺاهيو
آهي، جنهن کي مخملي لباس پيل آهي ۽ جنهن جي مُٺ ۾
تلوار جو هٿيو آهي. پس منظر ۾ بهار جا نوان گؤنچ ۽
اطالوي پهاڙين جو پس منظر هُن سان زياده ٺهڪي اچي
ٿو. مصور اشارن ۾ ظاهر ڪيو آهي ته اُن ڇوڪري کي
آسودگي انسانن جي صحبت کان وڌيڪ رڍن چارڻ ۾ ملي
ٿي.
مون ان ڳالهه تي حيرانيءَ سان سوچيو آهي ته اسان وٽ گنڌارا ۽
ٽڪسلا وانگر صنم تراشي ڇونه آهي؟ سنڌ هاءِ ڪورٽ جو
جج جناب فيروز نانا جو پوءِ پئرس ۾ اوچتو گذاري
ويو، منهنجو گهرو دوست هو ۽ مون کان سواءِ ورلي
ڪنهن مهمان سان گفتگو ڪندو هو. جڏهن هو سکر ۾ سيشن
جج هو ته هن هڪ ڊچ اسڪالر جي پنهنجي گهر ۾ رات جي
ماني ڪئي هئي ۽ ان تي رڳو مون کي دعوت ڏني هئائين.
مان هونءَ هن سان هن جي چيمبر ۾ به ڪچهري ڪندو
هوس. (هُن کي سکر ۾ آئي رڳو ٻه مهينا ٿيا هئا) مان
جڏهن هن جي گهر اندر گهڙيس ته چوڌاري ڏسي وائڙو ٿي
ويس. ان ۾ ٻڌ ۽ شِوَ جا نهايت خوبصورت بُت هيا، جي
سليقي سان رکيل هئا، ديوارن تي تصويرون هيون.
سنڌي، فارسي، عربيءَ جا قلمي نسخا هئا ۽ اهڙيون
نادر ۽ خوبصورت شيون هيون جي سمنڊ ۾ ۽ پهاڙن تي
ملنديون آهن. مون مهمان جي سامهون فيروز نانا کان
اِهو پڇڻ مناسب نه ڃاتو ته هن اهي ڪٿان هٿ ڪيا ها،
پر هن کان وڌيڪ مهذب ۽ ثقافت دوست جج مون اڃا نه
ڏٺو آهي. مون ان وقت سوچيو ته سنڌ جا مجسما ڪٿي
آهن؟ ڇا هتي صنم تراشي نه ٿيندي هئي؟ يا اُها
ڪيئي سئو سال عربن جي حڪومت ۾ نيست ونابود ڪئي وئي
هئي ۽ ڇاڪاڻ جو سنڌ کي هند کان هاڪڙو ندي جدا ڪندي
هئي، ان ڪري هند کي تلف تاراجيءَ جو پتو نه هيو؟
مون جيڪي به مندرن ۾ بُت تراشيءَ جا نمونا ڏٺا ها، اُنهن ۾
ايتري بد ذوقي هئي، جو مون کي ڪنهن به مذهب سان
نفرت جي عدم موجودگيءَ جي باوجود انهن بتن کان
ڪراهت اچي وئي هئي. ساڌ ٻيلي ۾ جي سنگ مرمر جا بُت
ها، اهي ڏسي به فني حِس کي ضرب ٿي آئي. صنم تراشن
سنگ مرمر مان ڪهڙا نه شهپارا پيدا ڪيا ها! جڏهن
مان گلف آف فنلئنڊ جي ڪناري پيٽراعظم جو باغ ڏسڻ
ويو هوس، تڏهن خاص ڪري آدم ۽ حوا جا بُت پورو ڪلاڪ
ڏسندو رهيو هوس ۽ سوچي رهيو هوس ته هوءَ انجير جي
پن سان جو ڪجهه ڍڪي رهي آهي، ڇا انهيءَ پِتڪڙيءَ
شيءِ ساري انسان ذات جي تخليق ڪئي آهي. سنڌ ۾
مصوري به ڪانه آهي، جيتوڻيڪ پنجاب ۾ لاهور فورٽ ۽
لاهور ميوزيم ۾ مون ڪيئي راجسٿاني تصويرون ڏٺيون
هيون، جي مغليه دور جون تخليق ٿيل هيون. سنڌ
راجسٿان جي لڳ آهي ۽ راجسٿان کي الڳ اسڪول آف آرٽ
آهي، جنهنجون ڪيئي تصويرون مون بمبئيءَ جي ميوزيم
۾ ڏٺيون هيون. مون اُتان راجسٿاني آرٽ تي به ڪجهه
ڪتاب ورتا هيا پر جڏهن گيتا اهي مونکي پوسٽ ذريعي
موڪليا هيا، تڏهن مون تائين پهچي نه سگهيا هيا.
رڳو هڪ ڀيري مان رباني، غالباََ تنوير يا جويو ۽
رشيد ڀٽي نئن گاج تي وڃي رهيا هياسين ته رستي تي
اسان کي ڪنهن قبرستان ۾ اونچا گنبذ نظر آيا ها ۽
جڏهن اسان اندر ويا هياسين تڏهن انهن گنبذن ۾
ديوارن تي راجسٿاني آرٽ جون تصويرون ڏٺيون هيون
سين، جي وقت ڪجهه زبون ڪري ڇڏيون هيون. سنڌ ۾ ٻيا
فنِ لطيف ڪنهن نه ڪنهن ريت نهوڙيا ويا آهن. فقط
شاعريءَ ئي بچي وئي آهي، جو اُن جي بچاءَ ۾ لطيف ۽
مون بي جگريءَ سان مقابلو ڪيو ۽ ايترو طوفان کڙو
ڪيو جو مخالف ان جي دَز ۾ دٻجي ويا.
اسپتال ۾ حنيف بجير مُنهنجن پيرن کي زور ڏيئي رهيو هو. اوچتو
مون هن کي چيو:
”بجير! تون ڳالهه جاري رک. ٻيا تو ڪهڙا گل ڏٺا؟ جيڪي تو ٻُڌايا
اِهي ته منهنجا اڳ ئي ڏٺل ها.“
موتَ اسان جي قطع ڪلامي نه ڪئي ۽ مون ڏٺو ته ڪنهن ڏيوالي وانگر
پٺي ڏئي موٽي ويو، ڄڻ سمجهيائين ته هن آساميءَ مان
ڪجهه وصول ٿيڻ وارو نه آهي.
”بجير! مون ٿر ۾ ڏٺو ته وڻ آسمان کي چميون ڏئي رهيا ها ۽ هر
چُمي هڪ گل ۾ ٽڙي پئي هئي. مونکي ٻين گلن جا نالا
ٻڌاءِ بجير! ٿر ۾ هر شيءِ لاءِ نانءُ آهي، هر ڀٽ
لاءِ نانءُ آهي، هر واريءَ جي لڪ لاءِ نانءُ آهي،
هر کوهه لاءِ ۽ ان ۾ استعمال ٿيندڙ هر شيءِ لاءِ
نانءُ آهي. پکي پسون، نانگ بلائون، جيت جڻيا، هر
شيءِ کي نانءُ آهي. توکي شايد معلوم نه آهي ته
نانءُ ان شيءِ کي ڏبو آهي، جنهن جي وجود تسليم ڪيو
آهي. پر گُل منهنجي ڪمزوري آهن. اهي مون کي منهنجي
محبوبائن جي ڳلن ۽ چپن وانگر لڳنداآهن. دراصل
اُنهن جي انگ انگ کي ڪنهن گل سان تشبيهه ڏئي سگهبي
آهي. مان معلوم ڪرڻ چاهيان ٿو ته ڇا مون ڪنهن اهڙي
گل جي باري ۾ لکيو آهي ڇا جو مون نه ڏٺو آهي. آخر
مان غالب ۽ اقبال ته نه آهيان، جن جي الفاظ جو
ذخيرو رڳو مطالعي تائين محدود هو.“
بجير چيو:
”سائين! مون اوهان کي روهيڙي ۽ ڪونڀٽ جي باري ۾ ته اڳ ئي ٻڌايو
آهي، اوهان ولايتي ٻير ته ڏٺي هوندي؟ ان ۾ ٻارنهن
مهينا ئي ٻور لڳندو آهي، اِها سائي رنگ جون ڦريون
ڪندي آهي، جي پچنديون آهن ته پيليون ٿي وينديون
آهن.“
مون کي ياد آيو ته جڏهن اسان ون- يونٽ ڊاهي رهيا هئاسين ته حفيظ
قريشيءَ پنهنجي تقرير ۾ منهنجو شعر پڙهيو هو:
مون مرڪي پنهنجو پاند ڏٺو،
رُت آئي ڳاڙهن ٻيرن جي.
۽ هن چيو هو ته:
”شاعر جو مشاهدو ڪيترو نه تيز آهي. جڏهن بهار آيندو آهي ته
پهريون وڻ جو ڦٽندو آهي، اهو ٻير جو هوندو آهي.“
پر مٿيون شعر ته مون سنڌي ٻير جي باري ۾ لکيو هو. حفيظ
قريشي پنهنجين ارڏين ۽ اڙٻنگين ڳالهين جي باوجود
هڪ نهايت پيارو ۽ منفرد ذهانت وارو محبِ وطن آهي،
جنهن جي تقرير ۾ بي انتها رواني، تسلسل، منطق، دور
رس نگاهه ۽ سنڌ ڌرتيءَ سان بيحد محبت هوندي آهي.
هو اصل خاڪسار هو ۽ مان ڀانيان ٿو ته اڃا جمال
ابڙي جو دوست آهي. دراصل ون يونٽ واري دؤر ۾ حفيظ
قريشي ۽ رسول بخش پليجو سنڌ جا بهترين مقرر هوندا
هئا، جيتوڻيڪ پوءِ ٻنهي جا دڳ الڳ الڳ ٿي ويا.
قريشي ۽ پليجي جي مشترڪه نفرت جي اظهار جو مرڪز
هوندا هئا، ڪي ڪارڙا، ڊينڊڙا، ڪلوا، اشتراڪي، اهو
اظهار ميراجيءَ جي هڪ نظم ۾ ”کل موا، کالا کلوڻا،
کاجل“ کان مختلف مخلوق جي باري ۾ هيو، جنهن کي
پنجابي نفرت وچان تَليرَچوندا آهن ۽ جن جي اهميت
کي ابراهيم جويو هاڻي ٿو محسوس ڪري،ڪيتري نه دير
ٿي وئي آهي هُن کي!
”ها بجير، مون ولايتي ٻيريون پارڪر ۾ ڏٺيون هيون.“مون حنيف کي
جواب ڏنو.
”نه نه، اُهي مٺيءَ ۽ ڇاڇري ۽ ٻين ڪيترن هنڌن تي به هيون. بجير!
مون کي سرنگهوءَ جي وڻ ۾ ٽارين جي ڇيڙي تي سايون
مکڙيون به ڏاڍيون وڻيون هيون، انهن ۾ توتارن جهڙا
اڇا گل هُيا. اهي اڇا گل ڄڻ صدين جي امن جا توتارا
هيا.“
”ٿر ٿوهر، گهر جهوپڙا...“ بجير ڀٽائيءَ جي اڌ سٽ پڙهي. مون کيس
چيو ته:
” ڄامشوري جي وي. سي هائوس ۾ مون به ٿوهر جا وڻ پوکايا ها، رڳو
ٿر جي يادگيري محفوظ رکڻ لاءِ. ها ليسوري جو وڻ
اتي اڳيئي هو.“
مونکي ان وقت ٻائوريءَ جون پيليون ڦلڙيون ياد آيون، جي وڻن ڄڻ
لهندي سج کان کسي ورتيون هيون! پوءِ ته حنيف بجير
گهانگهيٽين، موراڻين، ٻوههَ، کِپ سِڻ جو ذڪر ڪيو،
جنهن ۾ اڇا گلڙا ٿيندا آهن. اڃا دل نه ڍاپي. مون
چيو سارو ٿر غاليچي وانگر ويڙهي اسپتال ۾ کڻي اچان
۽ اتي پٿاري ڇڏيان. ڀُرٽ، مُرٽ، پٽ ڪنوار ۽ ٻيا
سارا ٻوٽا اکيڙي اچان ۽ ڪمري ۾ پوکيان. قدرت جو
ايترو گهيراءُ ڏسي موت ڀڄي ويندو.
رڊيارڊ
ڪپلنگ: (1865ع کان 1936ع تائين) برٽش ناول
نويس، ڪهاڻي ڪار ۽ شاعر. هو هندستان ۾ ڄائون
هو ۽ هن جي تعليم انگلنڊ ۾ ٿي هئي. 1882ع کان
1889ع تائين هو هندستان ۾ صحافت ۾ مصروف رهيو.
هن جي مضمونن ۽ نظمن جا ڪافي مجموعا شايع ٿي
چڪا آهن، جن ۾ هندستانين ۽ برٽش راج جي رسم و
رواج جي عڪاسي آهي.
|