وائي
ويندا لوهه لهي، ويندا ڊوهه ڊهي،
دير نه آهي دوستو!
وهندڙ پاڻيءَ وانگيان، ويندا دک وهي،
دير نه آهي دوستو!
منهنجي ماروئڙن جا، پيئندا مک مهي،
دير نه آهي دوستو!
صدمن جي سيلاب جا، ويندا لڙلهي،
دير نه آهي دوستو!
وري شهر ڀنڀور ڏي، ايندو ڪيچ ڪهي،
دير نه آهي دوستو!
آهي ڏينهن ٿيڻ تي، ڪانهي رات رهي،
دير نه آهي دوستو!
دير نه آهي دوستو!
دير نه آهي دوستو!
***
وائي
او مورک! ماڻهو ٿي، آهيان کاهوڙي،
منهنجو نانءُ نه کڻ تون.
لاٿيم ڪٽ ڪماچ تان، ٿي جاجڪ جاکوڙي،
منهنجو نانءُ نه کڻ تون.
جي تون ”کير“ آهئين، مان به ته ”گاروڙي“،
منهنجو نانءُ نه کڻ تون.
مون ئي ڏاڍ ڏياچ جي، رڳن تان روڙي،
منهنجو نانءُ نه کڻ تون.
مون ئي سوچ ۽ لَوچ جي، ڌارا آ موڙي،
منهنجو نانءُ نه کڻ تون.
ساري عمر ”سوز“ چئي، وندر مون ووڙي،
منهنجو نانءُ نه کڻ تون.
منهنجو نانءُ نه کڻ تون...!
***
وائي
ڄاڻ نه کٽي رات، ڄاڻ ته ڦٽي باک،
هاڻي ٿيندو سوجهرو.
آسون انڌيرن جون، سڙي ٿينديون راک،
هاڻي ٿيندو سوجهرو.
ڏسو پورب پار کي، لڳي آهي لاک،
هاڻي ٿيندو سوجهرو.
ويو چيٽ اُماسجي، ورئو آ ويساک،
هاڻي ٿيندو سوجهرو.
متان وچن وساريو، متان ٿيو بي ساک،
هاڻي ٿيندو سوجهرو.
سچائيءَ جي ”سوز“ چئي، سورج ڏني ساک،
هاڻي ٿيندو سوجهرو،
هاڻي ٿيندو سوجهرو،
هاڻي ٿيندو سوجهرو.
***
وائي
ڪڏهن ويندا ڏک، ڪڏهن سرندا سک،
سرهي ٿيندي سنڌڙي.
جيڪو ڏينهن اچي پيو، سو ٿو آڻي اهک،
ڪڏهن سرندا سک،
سرهي ٿيندي سنڌڙي.
ڪيڏو ڪومائجي ويا، ماروئڙن جا مک،
ڪڏهن سرندا سک،
سرهي ٿيندي سنڌڙي.
اڳي کان اڳرا ٿئا، هن ڌرتي جا دک،
ڪڏهن سرندا سک،
سرهي ٿيندي سنڌڙي،
هيڏي ساري قحط ۾، ڀونءِ مري ٿي بک،
ڪڏهن سرندا سک،
سرهي ٿيندي سنڌڙي،
ڪڏهن وسندا مينهڙا، ڪڏهن لهندي لک،
ڪڏهن سرندا سک،
سرهي ٿيندي سنڌڙي،
سرهي ٿيندي سنڌڙي.
***
وائي
سوڍن سر ڏنا، لهوءَ لڪ ڀنا،
ٽوڙهيءَ جي ڦاٽڪ تي،
پيا آهن پٽ ۾، ڪَئِين ڪونڌر ڪنڌ بنا،
ٽوڙهيءَ جي ڦاٽڪ تي،
آڏو عزرائيل جي، اصل ڪين ڊنا،
ٽوڙهيءَ جي ڦاٽڪ تي،
وري ريٽي رت جا، ڌرتيءَ دان ڏنا،
ٽوڙهيءَ جي ڦاٽڪ تي،
وري ڀٽ ڌڻيءَ جا آهن نيڻ ڀنا،
ٽوڙهيءَ جي ڦاٽڪ تي،
رڻ گجئو راڙو ٿئو، پٿر پڻ رنا،
ٽوڙهيءَ جي ڦاٽڪ تي،
سنڌڙيءَ سندي سِينڌ مان، وري وار ڇنا،
ٽوڙهيءَ جي ڦاٽڪ تي،
ٽوڙهيءَ جي ڦاٽڪ تي،
ٽوڙهيءَ جي ڦاٽڪ تي،
***
وائي
ڌرتتيءَ جي وير، ڪُٽهڙي ۾ ڪير،
ڏسان ڏسي نه سگهان.
هٿين هٿ ڪڙول ۽ لهوءَ رتا پير،
لڇان لڇي نه سگهان.
آيا اوچي ڳاٽ سان، جهڙا مرد مٿير،
ڪڇان ڪڇي نه سگهان.
الائي ڪهڙي وير جا، ويرين ورتا وير،
پڇان پڇي نه سگهان.
ڪو نه ٻڌو سين ڪڏهن، جهڙو اڄ انڌير،
چوان چئي نه سگهان.
قلم سوچ ۾ پئو ڏسي، ڌرتيءَ جا دلير،
لکان لکي نه سگهان.
ڌرتتيءَ جي وير، ڪٽهڙي ۾ ڪير،
ڏسان ڏسي نه سگهان.
***
وائي
توڙي پون سرديون، توڙي لڳي لڪ،
لڱ اسان جا لوهه جا.
اٽل ارادا پنهنجا، جذبا جهڙا رڪ،
لڱ اسان جا لوهه جا.
ويري جي وجود جا، تن لاءِ وهه جا ڍڪ،
لڱ اسان جا لوهه جا.
ڪنڌ اسان جا ڪپجن، پر نه ڄاڻن جهڪ،
لڱ اسان جا لوهه جا.
ڏسو! ريٽي رت مان، ٻوڙي پنهنجا ٻڪ،
لڱ اسان جا لوهه جا.
جهڙپ جهٽي وئي جن کي، ”سوز“ ٿيا سي سڪ،
لڱ اسان جا لوهه جا.
لڱ اسان جا لوهه جا.
لڱ اسان جا لوهه جا.
***
وائي
کلڻ وسري ويو، روئڻ وسري ويو،
دقيانوسي دور ۾.
محبتي ماڻهن سان، ملڻ وسري ويو،
دقيانوسي دور ۾.
الا! اوچي ڳاٽ سان، هلڻ وسري ويو،
دقيانوسي دور ۾.
سچ سموري لوڪ کي، چوڻ وسري ويو،
دقيانوسي دور ۾.
سوچن مٿي پهرا، سوچڻ وسري ويو،
دقيانوسي دور ۾.
”سوز“ سموري سنڌ کي، جيئڻ وسري ويو،
دقيانوسي دور ۾.
دقيانوسي دور ۾.
***
وائي
تون ڇا ڄاڻين ڄٽ! ماڻهوءَ جي ملهه ڪٿ،
ڇا تون ڪري سگهندين؟
هي جي اوچا اڀ جيان، هيٺ اهيئي هٿ،
ڇا تون ڪري سگهندين؟
منهنجي ماروئڙن جا، سڃا سارا سٿ،
ڇا تون ڪري سگهندين؟
سرويچن سان ”سوز“ چئي، ليکا سڀ لٿ پٿ،
ڇا تون ڪري سگهندين؟
ڇا تون ڪري سگهندين؟
ڇا تون ڪري سگهندين.
***
وائي
جنهن ڌرتيءَ کي اڀ چمي ۽ ناز ڪري انسان،
سا ڌرتي آهي مهان،
اونداهي ۽ گگهه غفا ۾، روشن سج سمان،
سا ڌرتي آهي مهان،
جنهن جي جيڏي سرتي جڳ ۾، آهي بلاشڪ ڪانه،
سا ڌرتي آهي مهان،
جنهن تي دائم قائم آهن، ارڏا ڪئين انسان،
سا ڌرتي آهي مهان،
جنهن ڌرتيءَ جي شاعر لکيو، سنڌيءَ ۾ قرآن،
سا ڌرتي آهي مهان،
سونهن ۽ سچ جي رنگ رتل آ، جنهن جو هر عنوان،
سا ڌرتي آهي مهان،
جنهن جي هستيءَ مستيءَ بخشيو، مٽيءَ کي آ مان،
سا ڌرتي آهي مهان،
سا ڌرتي آهي مهان،
سا ڌرتي آهي مهان،
***
وائي
منهنجي ٻچڙن جي چپڙن تان، ماني ڳڀ ڦرائي وئين،
پاپي تنهنجو پيٽ نه ڀريو،
او! لوڀي تنهنجو ڀڀ نه ڀريو،
ابهم ابهم معصومن جا، ويتر ڏيل ڏکائي وئين،
پاپي تنهنجو پيٽ نه ڀريو،
او! لوڀي تنهنجو ڀڀ نه ڀريو،
هي جي روٽيءَ لاءِ، رڙن ٿا، تن جو ست سڪائي وئين،
پاپي تنهنجو پيٽ نه ڀريو،
او! لوڀي تنهنجو ڀڀ نه ڀريو،
موذي مانگر مڇ جيان، ڳوٺ سڄو ڳڙڪائي وئين،
پاپي تنهنجو پيٽ نه ڀريو،
او! لوڀي تنهنجو ڀڀ نه ڀريو،
لالچ لوڀ ۾ اوڙي لوڀي، اڳين کي شرمائي وئين،
پاپي تنهنجو پيٽ نه ڀريو،
او! لوڀي تنهنجو ڀڀ نه ڀريو،
امن آشتيءَ جي ڌرتيءَ جو، سارو چين چورائي وئين،
پاپي تنهنجو پيٽ نه ڀريو،
او! لوڀي تنهنجو ڀڀ نه ڀريو،
هاڻي سڀ موٽائي ڏيندين، جيڪي حق ڦٻائي وئين،
هاڻي تنهنجو پيٽ نه ڀريو،
هاڻي تنهنجو ڀڀ نه ڀريو.
***
وائي
ماڻهوءَ ماڻهوءَ مک تي، دک جون ريکائون،
ڪيئنءَ ڪريان آئون،
هر ڪنهن ويل اماس ۾، چڙن چنتائون،
ڪيئنءَ ڪريان آئون؟
اوجهل اکڙين کان ٿيون، چارئي ڏسائون،
ڪيئنءَ ڪريان آئون؟
او! ڌرتي تنهنجي هنج ۾، پلجن پيڙائون،
ڪيئنءَ ڪريان آئون؟
ويون لٽجي واءُ ۾، سنڌوءَ ڌارائون،
ڪيئنءَ ڪريان آئون؟
هو جي گل گلاب جا پاڙئون پٽيائون،
ڪيئنءَ ڪريان آئون؟
تلسي ۽ رابيل جون، ڪونڊيون ڀڳائون،
ڪيئنءَ ڪريان آئون؟
ڪالهه اسان جي شهر مان، ناحق ٻڌائون،
ڪيئنءَ ڪريان آئون؟
ڪالهه اسان جي ڳوٺ کي، باهيون ڏنائون،
ڪيئنءَ ڪريان آئون؟
اڄ اسان جي گهر مان، ڪوٺي ڪٺائون،
ڪيئنءَ ڪريان آئون،
ڪيئنءَ ڪريان آئون،
ڪيئنءَ ڪريان آئون،
***
وائي
عينڪ پاءَ نه تون، ناهين نابينو،
اکيون کولي ڏس تون،
جنت آهي اسان لاءِ، ڌرتي جو سينو،
اکيون کولي ڏس تون،
کٿوريءَ کان سرهو، پورهيت پسينو،
اکيون کولي ڏس تون،
من اسان جو اجرو، جهڙو آئينو،
اکيون کولي ڏس تون،
ڪاش! ڪڍين تون دل مان، ڪٽر ۽ ڪينو،
اکيون کولي ڏس تون،
”سوز“ اسان لاءِ سنڌڙي آهي، مڪو مدينو،
اکيون کولي ڏس تون،
اکيون کولي ڏس تون،
اکيون کولي ڏس تون، |