گيت
مون ڏي مارن موڪليا، انبن جا تحفا،
سهڻي سنڌڙيءَ جا،
مون ڏي مارن موڪليا.
سڳنڌ ۾ سرها گهڻو، مصريءَ کان به مٺا،
انبن جا تحفا،
مون ڏي مارن موڪليا.
اڇي رات اڱڻ تي، ويٺي چنڊ ڏٺا،
انبن جا تحفا،
مون ڏي مارن موڪليا.
اسان پرين پاڻ ۾، کلندي سي کاڌا،
انبن جا تحفا،
مون ڏي مارن موڪليا.
جهڙي سٺي منهنجي سنڌڙي، اهڙا انب سٺا،
انبن جا تحفا،
مون ڏي مارن موڪليا.
سنڌڙيءَ سندي سونهن جا سڀئي روپ سچا،
انبن جا تحفا،
مون ڏي مارن موڪليا.
***
گيت
ساجن جي سڪ سوري، آهيان،
ڄڻ ڪا ريشم ڏوري، آهيان.
نينهن نڪورو آهي منهنجو،
هانءُ هندورو آهي منهنجو،
نازڪ نيڻ ڪٽوري، آهيان.
روشن ٿي ويا ديپ اجهاڻل،
راڻل راڻل! او! منهنجا راڻل،
تنهنجي ڪاڪ ڪڪوري، آهيان.
جي تون محبت جو منڊ آهين،
جي تون چوڏهينءَ جو چنڊ آهين،
مان به ته چاهه چڪوريءَ، آهيان.
ڪنهنجي دل جي آهيان دوري،
ڪنهنجي محبت جي مجبوري،
پر هڪ نانءَ جي گهوري، آهيان.
سهڻيءَ وانگر سڪندي سڪندي،
لوڪ سڄي کان لڪندي لڪندي،
ايندي چوري چوري آهيان.
”سوز“ فراق ۾ روز سڪان ٿي،
دل جي بدلي درد وٺان ٿي،
ڀينر ڏاڍي ڀوري آهيان.
***
گيت
هڪڙي ڳالهه ته مڃ، دل کان دور نه وڃ،
دل کان دور نه وڃ،
جا نيئڙا او! جا نيئڙا.
دل دروازي تان او! سائين، موٽي مور نه وڃ،
دل کان دور نه وڃ،
جا نيئڙا او! جا نيئڙا.
منهنجي من جو ”طور“ تون آهين، نيڻن نور نه وڃ،
دل کان دور نه وڃ،
جا نيئڙا او! جا نيئڙا.
محب مٺيءَ کي قرب ڪٺيءَ کي، گهائي گهور نه وڃ،
دل کان دور نه وڃ،
جا نيئڙا او! جا نيئڙا.
جيئن وري ملي به نه سگهجي، ايڏو ڏور نه وڃ،
دل کان دور نه وڃ،
جا نيئڙا او! جا نيئڙا.
***
گيت
مند موٽي آئي راڻل، ملڻ کلڻ جي،
ملڻ کلڻ جي، کلڻ ملڻ جي
مند موٽي آئي.
هالن شهر مان پلنگ گهرايم،
تنهن تي جنڊيءَ جا چٽڙا چٽايم.
مند موٽي آئي.
گلن ڦلن سان سهرا سجايان،
سرتين ۾ سرهي خوشبوءِ ورهايان.
مند موٽي آئي.
ستارن جي چادر ڍڪي چنڊ آيو،
نرمل نظارن به جنسار لايو.
مند موٽي آئي.
لونگي لالڻ جي آهي لکن جي،
ڪجي ڳالهه ڪهڙي تنهنجي حسن جي.
مند موٽي آئي.
مند موٽي آئي.
ملڻ کلڻ جي.
ملڻ کلڻ جي.
***
گيت
سجلا، سجلا تنهنجا نيڻ، تجلا تجلا تنهنجا نيڻ،
سپنا، سپنا تنهنجا نيڻ، تنها، تنها، منهنجا نيڻ،
الو ميان! تنهنجا منهنجا نيڻ.
نرمل نرمل، اوجل اوجل، نرگس جهڙا، تنهنجا نيڻ،
پن ڇڻ رت جي پوياڙي جا، پاڇا پاڇا، منهنجا نيڻ،
الو ميان! تنهنجا منهنجا نيڻ.
رات ۾ جاڙا چنڊ، صبح جو، سورج ڪرڻا تنهنجا نيڻ،
تنهنجي راهه تڪي پيا ٿڪجي، هاءِ نماڻا منهنجا نيڻ،
الو ميان! تنهنجا منهنجا نيڻ.
ڪوهنور کان اتر لهڻن، هي جي هيرا تنهنجا نيڻ،
ڪنهن سنسان شهر ڏي ويندڙ، رستا رستا منهنجا نيڻ.
الوميان! تنهنجا منهنجا نيڻ.
منهنجا نيڻ به پسند هوندا، ٿي آئينا تنهنجا نيڻ،
سنڌوءَ وانگر وهندا آهن، پوءِ به پياسا منهنجا
نيڻ،
الوميان! تنهنجا منهنجا نيڻ.
گيتن غزلن دوهن جهڙا، تنهنجا تنهنجا تنهنجا نيڻ،
سنڌ جي ڦاٽل نقشي جا ڄڻ، ٽڪرا ٽڪرا منهنجا نيڻ،
الوميان! تنهنجا منهنجا نيڻ.
الوميان! تنهنجا منهنجا نيڻ.
***
گيت
اڏري آءُ پکي، لنوءُ ڪالات مٺي،
ڪڏهن ايندم سپرين.
تو لاءِ من جي لام مون، آجي آهي رکي،
لنوءُ ڪالات مٺي،
ڪڏهن ايندم سپرين.
تنهنجي مٺي لات جي، ڏسان چاش چکي،
لنوءُ ڪالات مٺي،
ڪڏهن ايندم سپرين.
چَوءُ چَوءُ ايندا ڪڏهن، منهنجا لال لکي،
لنوءُ ڪالات مٺي،
ڪڏهن ايندم سپرين.
مون پڻ ان جي آسري، ميندي آهي مکي،
لنوءُ ڪالات مٺي،
ڪڏهن ايندم سپرين.
نڪا جيڏي جوءِ ۾، نه ڪا ساڻ سکي،
لنوءُ ڪالات مٺي،
ڪڏهن ايندم سپرين.
انهن جي اچڻ تي، اٿم آس رکي،
لنوءُ ڪالات مٺي،
ڪڏهن ايندم سپرين.
***
گيت
هيل نه آئين هاءِ! لالڻ تنهنجي لاءِ،
ويٺي مان واجهايان.
ڳالهيون من اندر جون، ڪريان پنهنجي ساءِ،
لالڻ تنهنجي لاءِ.
ويٺي لڙڪ لڪايان.
جتي پاڻ ڇڏي وئين، آئون اڃان ان جاءِ،
لالڻ تنهنجي لاءِ.
ويٺي نينهن نڀايان
جوڀن ڪهڙي ڪم جو، ساجن تو سواءِ،
لالڻ تنهنجي لاءِ.
ويٺي پار پڇايان.
پوي لکا لوڪ کي، ائين پاڻ پساءِ،
لالڻ تنهنجي لاءِ.
ويٺي سيج سجايان.
متان ويل وري وڃي، ايڏي دير نه لاءِ،
لالڻ تنهنجي لاءِ.
ويٺي نيڻ وڇايان.
ويٺي نيڻ وڇايان.
***
گيت
اکڙيون عيد ڪنديون، جڏهين ايندين تون،
وسندا محبت مينهڙا، ڀڄي پوندي ڀون،
جڏهين ايندين تون،
ڪڏهين ايندين تون؟
پاڻ به گل گلاب جيئن، ٽڙي پونداسون،
جڏهين ايندين تون،
ڪڏهين ايندين تون؟
ڏينديس ڀٽ ننگر تي، باسيم جي باسُون،
جڏهين ايندين تون،
ڪڏهين ايندين تون؟
ورهايان سرتين ۾، ڀري کيرَ وٽيون،
جڏهين ايندين تون،
ڪڏهين ايندين تون؟
کارايان کنياتن کي، مکڻ جون چوريون،
جڏهين ايندين تون،
ڪڏهين ايندين تون؟
چانڊوڪيءَ ۾ شاهه جون، وايون ٻڌانداسون،
جڏهين ايندين تون،
ڪڏهين ايندين تون؟
منهنجي ڀاڳ سڀاڳ سان، راڻيون ريس ڪنديون،
جڏهين ايندين تون،
ڪڏهين ايندين تون؟
***
گيت
او پرين! اوپرين! دور ڇو ٿو وڃين،
پَؤرهي راتڙي،
او پرين! اوپرين!
او پرين! اوپرين!
توسان ڪرڻي اٿم، ڪاڳجهي ڳالهڙي،
ڪاش! ويجهو اچين
ڳالهه ڪن ڏئي ٻڌين
او پرين! اوپرين!
تنهنجي تعريف تي، چنڊ پيو آ چڙي،
چنڊ کان تون حسين
سج جئينءَ ٿو لڳين
او پرين! اوپرين!
ڪيئن نه رابيل جا، گل پئڙا ٽڙي،
تون به رابيل جيئن،
شال ٽڙندو رهين،
او پرين! اوپرين!
سهج ساوڻ ڪئا، مينهن آيا مڙي،
ڏيهن آيا وري
نينهن جا اوپرين!
اوپرين! اوپرين!
دور ڇو ٿو وڃين
اوپرين! اوپرين!
اوپرين! اوپرين!!!!
***
گيت
منهنجو جاني آ جتي، مون کي وڃڻو آ اتي،
تون ڀلي مون سان نه هل،
مان اڪيلو ٿو وڃان.
ڪِيئَن نه چانڊوڪي وسي پئي، منهنجي من جي شهر تي،
تون ڀلي مون سان نه هل،
مان اڪيلو ٿو وڃان.
پيچرو هر ڪو هتان ٿو، مون پرينءَ جي گهر وڃي،
تون ڀلي مون سان نه هل،
مان اڪيلو ٿو وڃان.
رات جو ماحول سارو، سونهن جي ٿو ساک ڏي،
تون ڀلي مون سان نه هل،
مان اڪيلو ٿو وڃان.
نينهن پنهنجو شينهن جهڙو، ڪِيئَن ڀلا ڪنهن کان
ڊڄي،
تون ڀلي مون سان نه هل،
مان اڪيلو ٿو وڃان.
او! چنڊ تنهنجي روشنيءَ جي، ناهه پرواهه ”سوز“ کي،
تون ڀلي مون سان نه هل،
مان اڪيلو ٿو وڃان.
مان اڪيلو ٿو وڃان. |