سوز وٽ جديد غزل جي جهلڪ سان گڏو گڏ هالا واري
روايتي غزل جون جهلڪيون به آهن. ۽ اهي سڀاويڪ به
آهن. ستر کان اڳ هن جي اٿ ويهه هئي به ته، اتي جي
مقامي شاعرن ۽ مشاعرن ۾، جتي اتي جا شاعر، اهي ئي
روايتي رنگ جا غزل پڙهندا ۽ خوش ٿيندا هوندا. ممڪن
آهي (۽ ضرور هوندو به) ته سوز اهڙن مشاعرن ۾ نه
فقطه به نفس نفيس شريڪ ٿيندو هوندو. پر سندن رنگ ۾
رنگيل غزل به پڙهندو هوندو. اجهو، هو جڏهن ان سرڪل
مان پاڻ ڇڏائي ٻاهر نڪتو آهي ته، سندس ئي هي مصرو،
ڄڻ پنهنجي شاعر جي گواهي پيو ڏئي.
اڳ پٿر جئن هئاسين
اڄ هيرا ٿي پيا آهيون
۽ اها آهي به حقيقت ته، سوز جي غزل جو رنگ همعصرن
جي غزلن کان نرالو ۽ جدا آهي. خيال، ٻولي ۽ اظهار
۾ منظر ڪشي، لفظن جي چونڊ ان جو واهپو نجو هن جو
پنهنجو آهي. هونئن هن ملاوٽي يگ ۾ ڇا آهي. جو مڪس
اپ ناهي! موجوده دؤر جا ڪئي شاعر ته جهڙا هڪ ٻئي
جي فوٽو اسٽيٽ ڪاپي. مٿان هاڃو اهو به ته، هن وقت
بيزار ڪندڙ حد تائين، شاعريءَ جو پنڊال، شاعرن سان
سٿيو پيو آهي. چون ٿا ڪو دؤر هو جو، گومتي دريا جي
ڪناري سان آباد لکنو شهر ۾ هر ٻيو ماڻهو شاعر
هوندو هو. اڄ سنڌ جي هر ٻئي ماڻهو کي شاعري ڪرڻ جو
شوق آهي. لکنؤ جي زوال جو ڪارڻ شاعرن جي گهڻائي
ٻڌائي وڃي ٿي. سنڌ ۾ اُڀ اسان جي اکين اڳيان آهي.
سنڌ ۾ اسان ڪنهن به ٻي فيلڊ ۾ ايترو مئن پاور
(وومن پاور) پيدا نه ڪري سگهيا آهيون. جيترو
شاعريءَ ۾. شاعرن جي ان يلغار ۾ ڪي نوجوان ۽ ڪي
جوان حقيقت ۾
Original
شاعر آهن به، پر جي انهن جي ڳڻپ آڱرين تي ڪبي ته،
هڪ اڌ آڱر خالي ئي ڇڏڻي پوندي، سوز، سنڌي شاعريءَ
۾ تازو پيدا ٿيل لاتعداد شاعرن واري کيپ کان، ٻه
ڊيڪيڊس سنيئر آهي. سچي ڳالهه ته هي به آهي ته،
ڪالهه به، ۽ هاڻي هن وقت به، جڏهن هو نئين نسل سان
ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هلي رهيو آهي. اڃان به فريش ۽
انرجيٽڪ آهي هن جي شاعري جو سڀاءُ ڪالهه بها نوکو
ڪولڊ ڊرنڪس جي رنگن جهڙو اٽريڪٽو هو ۽ اڄ به هن جي
شاعري ڪنهن خوبصورت ٻوليون ٻوليندڙ پکي سمان آهي.
اهڙي باغ سمان، جنهن جي وڻ وڻ تي ڪويلون لات لنئين
رهيون آهن. ڪٿي ان جو تاثر خوبصورت چپن مان نڪرندڙ
آلاپن جهڙو آهي، ته ڪٿي ان ۾ ڪنهن عاشق جي بنسريءَ
جو ورلاپ سمايو پيو آهي. ڪٿي اها پيار ڪندڙن وچ ۾
سُريلي سرگوشي آهي. ته ڪٿي اها ان هيري ڪڻي مثل
آهي، جنهن کي جديد دنيا جي ميرانجهڙن دونهن کان
بچائڻ لاءِ هن پنهنجي خوابن ۾ کڻي ان کي لڪائي
رکيو آهي. ۽ ائين ڪري هن صحيح به ڪيو آهي. شايد
اهو ئي سبب آهي جو، سوز جي شاعري پڙهو ته لڳي ٿو،
ڪا نج شئي پيا ڏسون يا کليل فضا ۾ اچي ويا آهيون.
۽ خوشبو سان واسجي ويا آهيون.
هن جي گهر کان ايندي ويندي،
ايندي آ درشن جي خوشبوءِ،
ساهن منجهه سمايل آهي.
دلبر جي دردن جي خوشبوءِ.
سوز غزلن لاءِ گهڻو تڻو هلڪا ڦلڪا وزن واپرايا آهن
۽ طرح مصرع تي به طبع آزمائي ڪئي آهي. نيون زمينون
۽ ڏکيا قافيا هن گهٽ واپرايا آهن، پر سوز جهڙو
مئچوئر شاعر، انهن ۾ به هٿ وجهي ها ته، يقينن
سوڀارو ٿئي ها. خير........سوز جي شاعريءَ جي باري
۾ منهنجو مشاهدو آهي ته، هن جي اڪثر صنفن تي گيت
جي ئي فضا ڇانيل آهي. ۽ بقول سندس ته، ننڍ پڻ کان
هن تي سنگيت جي ڇانو گهڻي رهي آهي. ان ڪري هن جي
شاعري ليريڪل وڌيڪ آهي. ڏٺو وڃي ته، هن زماني ۾
سنڌي گيت کي نهايت گهٽ شاعرن سنجيده صنف طور ٽريٽ
ڪيو آهي. ها ٻي ڳالهه آهي ته، جن وڏن شاعرن گيت
سرجيا آهن انهن گيت جي معصوم مُک کي پنهنجي انداز
جو موهيندڙ ميڪ اپ ڪيو ضرور آهي. ڪشن چند بيوس،
شيخ اياز، نياز همايوني، تنوير عباسي، بردو سنڌي،
امداد حسيني، مير محمد پير زادو، گيت جا چانديءَ
جي ورقن جهڙا نازڪ ۽ نفيس شاعر آهن. سوز به ان
ساڳي سٿ جو هڪ انتهائي بهترين گيت ڪار شاعر آهي.
هن جا گيت پڙهو، ته محسوس ٿيندو ڄڻ ڪائي خوبصورت
نينگر ڪنن ۾ چانديءَ جا نوان پنڙا پائي، ڪنڌ لوڏي
لوڏي، چنڊ ڏانهن ڏسي پنهنجي پرديسي پرينءَ کي
سنيها پئي اُماڻي.
چنڊ پرينءَ جي پار وڃين ٿو، ياد جا گل گلاب کڻي وڃ
پرينءَ کي پهچائي ڏج
خط هوائن ڪو نه پڄايا، هاڻي هٿ جواب کڻي وڃ.
سپرينءَ کي سرچائي ڏج.
جيڪڏهن اوهان سنگيت وديا کان آگاهه آهيو ته، سوز
جي گيتن جي مطالعي مان ڄاڻي وٺندو ته، اهي پنهنجي
اسٽر ڪچر ۾ ڪي عام رواجي گيت ڪونه آهن. انهن ۾ هن
سر لئي ۽ تال جا اهڙا تجربا ڪيا آهن، جن کي اڳ ڪن
ٿورن شاعرن ئي ڇهيو هوندو. مان ڄاڻان ٿو ته، سوز
جي گيتن کي جن موسيقارن به ڪمپوز ڪيو آهي. هن جي
گيتن خود انهن موسيقارن کي گيت جي موسيقيءَ ۾
’نوان ٺيڪا‘ رکڻ لاءِ پئي اتساهيو آهي. ساڳي وقت
سوز مصراعن جي هيئت جا تجربا ڪري، گيتن لاءِ نئون
فريم جوڙي، پنهنجي موسيقي شناسيءَ مان پورو پورو
فائدو ورتو آهي. رڌم ۽ لئي جا جيڪي تجربا ڪنهن
تخليقي موسيقار کي گيت جو سنگيت جوڙڻ ۾ پاڻ هرتو
رکڻ گهر جن، سوز انهن جي رهنمائي لاءِ پاڻ ئي ڪري
ڇڏيا آهن.
آءٌ اڪيلو ڪيئن گذاريان
تو بن ڄڻ پرديس ۾ آهيان
چئه پرينءَ کي چئه
ڪانگل
بڻجي پئه بادل برسي پئه
سوز جي هڪ ٻئي گيت جو ڪلاتمڪ ڍنگ ڏسو:
موتئي جي ٽاريءَ تي ٽڙندو، تنها گل ڏٺو سين
من بي چين ٿيوسين.
پيار جي پوپٽ کي پرچائي، تنهنجو ڏس پڇوسين
ماڻهو ڪونه مليوسين.
ريڊيو پاڪستان حيدرآباد لاءِ سيد منظور نقويءَ،
زيب عاقليءَ بلاول پرديسيءَ ۽ امدا حسينيءَ کان
پوءِ سوز هالائي واحد شاعر آهي جنهن نهايت تخليقي
گيت لکيا آهن. سوز جو گيت فوزيه سومرو کان وحيد
علي تائين، سحرش ميمڻ کان پري وش ڀٽو تائين، سجاد
يوسف کان الهداد زرداريءَ تائين، ۽ مخيار علي کان
سينگار علي سليم تائين جنهن آرٽسٽ به ڳايو، مقبول
ضرور ٿيو.
هڪ اڌ گيت ۾ هن فوڪ فارمز به اختيار ڪيو آهي. سوز
جو اهو گيت به هڪ انوکو ۽ پيارو گيت آهي.
دوست مٺو دلدار، ڦليلي پار،
منهنجو يار رهي ٿو.
نانءُ ته منهنجي يار جو، هانو جو آهي ٺار
ڦليلي پار، منهنجو يار رهي ٿو.
عروض ۽ سنگيت وديا جي ڄاڻ مان فائدو وٺندي، سوز
پنهنجي وائيءَ کي به، غزل ۽ گيت جيترو، پنهنجي
اکين جي ويجهو رکيو آهي. شاعريءَ ۾ صنفن جي اهيمت
کان انڪار ڪونهي، جو هر صنف جي مواد جي ورڇ الڳ
الڳ آهي. وائي جو فارم بنيادي طرح اختصار وارو
فارم آهي. ۽ لطيف سائينءَ هن صنف کي، پنهنجي
لافاني داستانن جي آخر ۾، منجهس سر جي سمري سمائڻ
لاءِ ايجاد ڪيو هو. سوز وٽ وائي ڪٿي ان ئي مفهوم ۾
آهي ۽ ڪٿي هن، ان کي گيت جي ويجهو آڻي ڇڏيو آهي.
ان ڪري وائي هن جي شاعريءَ جي باغ ۾ ڪٿي سرينهن جي
پيلن گلن مثل آهي ته ڪٿي اها خوبصورت لفظن ۾ عڪس
جو روپ ڌاري گيت جي نموني ۾ نظر اچي ٿي. هي ڏسو
واين جي مصرائن ۾ به، لفظ، سوز وٽ اهڙي ’اک‘ وانگر
پيا نظر اچن، جن کي خوبصورت منظر ڏاڍا موهين ٿا.
وهنجي سهنجي اُڀ ڪيا، تازا تيل ڦليل پرتون اڃان
ننڊ ۾!
ٽڙي ٽارين تي پيا رنگ رتا رابيل پرتون اڃان ننڊ ۾!
هر وڏي شاعر وٽ شعر جا ٻه رخ هوندا آهن. ٻه سطحون
هونديون آهن. هڪ اها سطح، جنهن ذريعي هو پنهنجي
دؤر جي ترجماني ڪندو نظر ايندو آهي. ٻي سطح اها،
جيڪا هن کي پنهنجي دؤر کان اڳتي وٺي ويندڙ هوندو
آهي. واين ۾ خاص ڪري سوز ٻنهي سطحن تي پاڻ کي هڪ
باخبر شاعر ثابت ڪيو آهي.
تازو، سنڌو نديءَ جي پاڻي واري ورڇ جي هاڃي تي،
سوز جي ردعمل، سنڌي قوم جي امنگن جي عڪاسي ڪري ٿو.
ان اشوءَ تي ته، هن سڄي ساري سيريز واين جي قوم کي
سجاڳ ڪرڻ لاءِ ارپي آهي.
سنڌؤ جو پاڻي، پوتر هي پاڻي
ڪين ڏيندا سين ڪڏهين
توڙي ٿين ڪيترا، پاڻيءَ تي پاڻي
ڪين ڏينداسين ڪڏهين،
يا
ڪنڌيون سنڌوءَ سنديون
پاڻي پاڻي ڪن
ڏسي ڌوڙ دريا ۾
’رنگ رتا پيچرا‘ کان ڏهه سال پوءِ، سنڌي ادب ۾ سوز
جي هيءَ ٻي اينٽري آهي. ۽ بقول سوز جي، انهن ڏهن
سالن ۾ سنڌ اندر سنڌين سان جيڪو وهيو واپريو آهي.
ان جو مثال سڄي سنڌ جي تاريخ ۾ ملڻ مشڪل آهي. قتل،
اغوا، ڦرلٽ، تشدد، تباهه ڪاري، مفاد پرستي،
وفادارين جي تبديلي، استحصال، خانه جنگي، ڌارين جي
آباد ڪاري پنهنجن جي شهر بدري وغيره اهڙا دلسوز
واقعا آهن، جن کان سڌي اڻ سڌي طرح هر فرد متاثر
پئي رهيو آهي..
سنڌ جي اهڙين حالتن جي پس منظر ۾، اسان جي شهرن جي
حالت ڇا وڃي رهي آهي. ان جا فوٽو گرافس هنڌ هنڌ تي
سوز پنهنجي شاعريءَ ذريعي تاريخ ۾ محفوظ ڪري ڇڏيا
آهن.
ايترو انڌير ٻيو ناهي ڪٿي
جيترو انڌير تنهنجي شهر ۾
وحشتون ۽ وير تنهنجي شهر ۾
دهشتون چو ڦير تنهنجي شهر ۾.
ساروڻين واري ڀاڱي ۾ سوز اکين کان اوجهل ٿي ويندڙ
پنهنجي محبوب ۽ محبوب ترين مهانڊن کي، پنهنجي ڏات
۾ حصيدار بنائي، سندن اوصاف اسان جي آڏو آندا آهن،
اهي نِظم دراصل ’اوسارا‘ آهن ۽ شاعر جي اندر جا
ڪيڏارا آهن. انهن شخصيتن مان، مون کي ذاتي طرح خبر
آهي ته، مهان راڳي ’محمد جمن‘ ۽ اسان جو خوبصورت
نوجوان ساٿي ’عرفان مهدي‘ سوز جي ڄڻ اکين جي روشني
هئا. پنهنجي پاران لکيل ’ٻي ورکا‘ ۾ سوز اعتراف
ڪيو آهي ته: عرفان جو مون سان ساٿ جيتوڻيڪ مختصر
رهيو، تڏهن به اهو سمورو وقت، هو منهنجي شاعريءَ
جو محرڪ رهيو. ۽ ايئن لڳي ٿو ته، منهنجي گهڻي تڻي
شاعري صرف عرفان لاءِ آهي. پنهنجن ساروڻين ۾ سوز
عرفان جي ڌرتيءَ ۾ هيٺ لهڻ واري ۽ سدائين لاءِ
اکين کان اوجهل ٿي وڃڻ واري منظر کي ڪيڏيءَ نه
دکيءَ دل ۽ اشڪبار اکين سان.
ڪنهن پرديسي پنڇي وانگر
نم جي سائي لام مٿان
ڀڙڪو ڏيئي اُڏامي وئين
۽.......سا لام ڀڄي پئي آهي
شال نه ڪنهن به درخت مان
ايڏي ڪائي لام ڇڄي......
اسان جو هي شاعر ۽ محبوب دوست سوز هالائي، پنهنجي
وجود ۾ ڄڻ ستن سرن واري هار مونيم مثل آهي. خوش
مزاج، شاه خرچ، درياه دل، انسان دوست، دوست نواز،
۽ روا دار، نه ڪلف جو تهه هن جي شاعريءَ تي چڙهيل
آهي، نه شخصيت تي.
نه هو پاڻ مصنوعي ماڻهو، نه سندس شاعري، جي سڪي جي
هڪ پاسي تي سوز جي تصوير، ته ٻئي پاسي سندس
شاعريءَ جي ڇاپ. يعني پنهنجي شاعريءَ جي فليش بيڪ
۾ هو هر وقت ’هڪيو تڪيو‘ موجود نظر ايندو. هر رخ ۽
هر پاسي کان سوز هالائي سنڌي ٻوليءَ جو بلاشبه هڪ
وڏو ۽ بهترين شاعر ته آهي ئي، پر ذاتي زندگيءَ ۾
به هو هڪ اهڙي پُر بهار شخصيت جو مالڪ آهي. جنهن
جي دل جا دروازا ۽ شاعريءَ جا رستا هميشه هٻڪاريل
نظر ايندا آهن. پن ڇڻ، نه هن جي وارن تي حمله آوار
ٿي آهي. نه شاعريءَ تي. گيٽ ٽو گيدرس ۾ هن جي
شخصيت دوستن ۾ ايترو ته جلدي ’گهلي ملي‘ ويندي
آهي. جيترو تيزيءَ سان خوشبو ماحول کي پاڻ ۾ مدغم
ڪري وٺندي آهي. سوز اسان پاران لاءِ کيرول جو
ڊائمنڊس سان ٽنڊريل وڻ ته آهي ئي، پر پنهنجي ٻارن
مان صنوبر، تنوير ۽ جاويد سان به اهڙو ته فري جو
اوهي وري، اُنهيءَ وڻ جي لامن ۾ پينگها ٽنگي هر
وقت ويٺا لڏندا آهن. خير........سوز پنهنجن ٻارن،
يارن ۽ محبوب مهانڊن جي وچ ۾ ته، خوش هوندو ئي آهي
پر هن جي وڏي خوشي شاعريءَ سان ئي وابسته آهي. مون
اڪثر ڏٺو آهي. ته، سٺي شعر لکڻ ۽ ٻڌائڻ کان پوءِ
هو ايڏو ته خوش نظر ايندو آهي، ڄڻ سندس ٻئي کيسا
ڪنهن سونين اشرفين سان ڀري ڇڏيا هجن. اهو ئي سبب
آهي جو، باوجود پنهنجي شاعريءَ جي باري ۾ روبرو
ڪسرنفسي ڏيکارڻ جي، هو در پرده خود پنهنجي شاعري
جي حسن ۽ ان جي ردم تي مفتون پيو نظر ايندو آهي:
هن جڏهن جهونگاريو منهنجو غزل،
مون کي منهنجو ئي غزل ڏاڍو وڻيو.
بحر حال، سوز جو هي ٻيو خوبصورت شعري مجموعو، درشن
ڌارو ڌار، محض هڪ سٽنگ ۾ پڙهي پورو ڪرڻ وارو ڪتاب
نه آهي. هن شاعري جي افاديت، ان حوالي سان به گهڻي
آهي جو. ان ۾ شاعر فني گهرجن جي پورائيءَ کي پورو
ڪندي، پنهنجي شاعريءَ جي سورج مکيءَ جو رُخ ادبي ۽
آفاقي سچاين ڏانهن رکيو آهي ۽ ڪنهن به ازم يا
نظريي کان متاثر ٿيڻ کان سواءِ، حسن، حق ۽ خير جي
انڪشافن کي پنهنجي شاعري ۾ منڪشف ڪيو آهي. لطيف
سائينءَ جو هي بيت، سوز هالائيءَ جي، خوبصورت
شاعريءَ ۽ دلنواز، اڇي اجري ۽ بيداغ شخصيت ڏانهن
منسوب ڪندي، هتي سچ پچ ڪيڏو نه ٺهڪندڙ پيو لڳي.
جهڙا مهن مهاڙ، تهڙا پٺيرا سپرين
نِظر ڪري نهار
ته، سڀ ڪنهن ڏانهن سامهون.
حيدرآباد
20.4.92 |
نصير مرزا
|
پنهنجي پاران
منهنجي پهرين ورکا ”رنگ رتا پيچرا“ شعري مجموعي جي
صورت ۾ آڪٽوبر 1981ع ۾ اوهان جي هٿن تائين پهتي
هئي، جنهن مون کي سڄي سنڌ ۾ سڃاڻپ ۽ مقبوليت ڏني.
مجموعي جو مواد جيئن ته روايت ۽ جديد ڌارائن جو
سنگم هو، ان ڪري نئين ٽهيءَ ۽ پيشرو ٽهيءَ طرفان
جيڪا آجيان ڪئي وئي، ان جي توقع مون کي هرگز ڪونه
هئي. بهرحال! مون کي ان لاءِ بيحد خوشي آهي ۽ سچ
پچ ته ان قدر شناسائيءَ ئي مون کي ’ٻي ورکا‘ رچڻ
لاءِ اتساهه ڏنو، جيڪا هن وقت اوهان جي بصارت جي
نظر آهي.
پهرين ورکا کان ٻي ورکا تائين اٽڪل 10 سالن جو
وقفو آهي، جيڪو هڪ شعري مجموعي لاءِ نهايت ئي وڏو
عرصو آهي. ان لاءِ ڪجهه منهنجي سستي جو ۽ ڪجهه
حالتن جو به عمل دخل رهيو آهي. انهن ڏهن سالن ۾
سنڌ اندر سنڌين سان جيڪو وهيو واپريو ان جو مثال
سڄي سنڌ جي تاريخ ۾ ملڻ مشڪل آهي. قتل، اغوا،
ڦرلٽ، تشدد، تباهه ڪاري، مفاد پرستي، وفادارين جي
تبديلي، استحصال، خانه جنگي ۽ شهر بدري وغيره اهي
اهڙا ته دلسوز واقعات آهن، جن کان سڌي يا اڻ سڌي
طرح، هر فرد متاثر پئي رهيو آهي، مان به هڪ شاعر
آهيان ۽ ظاهر آهي ته اهڙن ڇرڪائيندڙ واقعن کان
ضرور متاثر ٿيو آهيان. ان عرصي دوران جيڪي ڏٺو
وائٺو اٿم انهن جا عڪس ۽ اولڙا هن مجموعي ۾ موجود
آهن ۽ دراصل اهڙا واقعا ئي منهنجي شاعريءَ جا محرڪ
رهيا آهن.
هر حساس ۽ ريگيولر شاعر وانگر مان به پنهنجي جذبن
۽ احساسن جو اظهار مسلسل ڪندو رهيو آهيان. جيڪڏهن
ڪي پل، ڪي گهڙيون، ڪي ڏينهن خاموش به رهيو آهيان
ته اچانڪ ڪن الهامي ڪيفيتن پنهنجي گونجارن سان
منهنجي خاموشيءَ کي ٽوڙي پئي ڇڏيو آهي. يا وري
نصير مرزا ريڊيو لاءِ گيت لکرائي روان دوان پئي
رکيو آهي. بهر صورت! سوچ جو سنڌو وهندو رهيو آهي.
ڪڏهن تيز ڪڏهن ماٺو ۽ منهنجي حصي ۾ جيڪي ڪجهه آيو
آهي اهو کڻي حاضر ٿيو آهيان.
مان اڳ به عرض ڪري چڪو آهيان ته مان ابن شاعر يا
اديب نه آهيان بلڪ پنهنجي خاندان جو پهريون پوسٽ
گريجوئيٽ شاعر آهيان، مون لاءِ نه ته شاعراڻو
ماحول موجود هو ۽ نه وري ادبي ماحول ميسر هو، البت
شاهه جو رسالو ۽ سنڌي سنگيت اسان جي خاندان جا
محبوب مشغلا رهيا آهن. ۽ انهن ٻنهي حوالن سان اسان
جو گهر هڪ فقيراڻو گهر آهي. مون کي خوشي آهي، بلڪ
فخر به آهي ته جنهن ماءُ مون کي جنم ڏنو ۽ پالي
وڏو ڪيو ان کي شاهه لطيف جو سمورو ڪلام بر زبان
ياد هو، ترتيب وار نه ئي سهي، مگر ڪوبه بيت ڪٿان
به کڻو، ڪٿان به پڇو، بلڪل صحيح ۽ اصلي پڙهڻين سان
ٻڌائي سگهبو. نه صرف ايترو، پر اهو به ٻڌائبو ته
اهو بيت فلاڻي سر فلاڻي داستان ۽ فلاڻي جاءِ تي
موجود آهي. بلڪل اهڙي طرح جئين ڪو حافظ قرآن، قرآن
شريف جي سوره آيت ۽ رڪوع وغيره بابت ٻڌائي سگهندو
آهي. منهنجي ماءُ پنهنجي عام زندگيءَ ۾ موقعي مهل
جي مناسبت سان شاهه جا بيت، چوڻين ۽ پهاڪن طور
اهڙي ته عجيب انداز سان استعمال ڪري سگهندي هئي جو
جيڪر ٻڌڻ وارو حيران رهجي وڃي. مون نج سنڌي ٻولي
جي ڄاڻ کانئس ئي حاصل ڪئي. جيڪا بعد ۾ شاعري جو
سبب بڻي ۽ شاعري لاءِ ڪم به آئي،
سنگيت جي حوالي سان عرض ڪريان ته منهنجو ڀاءُ
مرحوم محمد ابراهيم عرف بلاول (بلو) پنهنجي وقت جو
نهايت ئي ڀلوڙ راڳي هو. پاڻ مرحوم دين محمد شيخ
(ڪرم خان نظاماڻي جي ڳوٺ واري) جو پيارو شاگرد هو.
هن پاڻ لاءِ لوڪ ۽ نيم ڪلاسيڪل گائڪي جو انداز
چونڊيو ۽ ان سان واه! جو نيهن نڀايو. پرهه ڦٽي مهل
جڏهن رياض ڪرڻ لاءِ هارمونيم تي آڱرين جي ڇهاءَ
سان وقت جون راڳڻيون ڇيڙيندو هو ته سچ پچ ماحول ۾
سرن جي ورکا ٿيڻ لڳندي هئي. ۽ ايئن لڳندو هو ڄڻ
ڪائنات جاڳي پيئي آهي. منهنجي نيڻن کان به ننڊ
کسجي ويندي هئي. ۽ بستري تي ئي اکيون بند ڪري راڳ
جا سريلا ۽ سچا سر منهنجي ڪچڙي ذهن تي نازل ٿيندا
رهيا، ۽ ان سان گڏوگڏ ذهن نشين به ٿيندا رهيا.
اهڙي طرح مون کي ٻاروتڻ ۾ ئي سر جي ڄاڻ ۽ تال جي
سڃاڻپ نصيب ٿي ۽ بعد ۾ اهو شوق جنون جي حد تائين
پهچي ويو، جيڪو اڄ به جاري ۽ ساري آهي.
مان ننڍ پڻ کان ئي سر جي تلاش ۾ سرگردان رهيو
آهيان ۽ شايد مان خوش نصيب به آهيان جو ڪيترا اهڙا
ناميارا راڳي روبرو ڏسي ۽ ٻڌي سگهيو آهيان، جن جا
نالا اڄ به نهايت احترام سان ورتا ويندا آهن. اهڙن
فنڪارن ۾ ماستر چندر، جيوڻي ٻائي، خير محمد خان،
الهڏنو نوناري، محمد ابراهيم شيدي، مهراج مولچند،
صالح سنائي، دين محمد شيخ، بيبو خان، جمال خان،
اميد علي خان، بڙي غلام علي خان، مبارڪ علي خان ۽
ٻيا به ڪيترائي فنڪار شامل آهن. |