سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: درشن ڌارو ڌار

صفحو :3

مان تن ڏينهين ٻالڪ هوس ۽ پوءِ به ڪلاڪن جا ڪلاڪ ننڍڙي دماغ سان وڏا وڏا راڳ ٻڌي سگهندو هوس ۽ نهايت ئي لطف اندوز ٿيندو هوس، تن ڏينهن ۾ هالا پراڻا سنگيت جو به گهوارو هو. ۽ ڪيترائي فن جا قدردان ۽ فنڪار نواز موجود هئا. جيڪي فن ۽ فنڪارن جي سر پرستي ڪندا هئا. مان مٿيان اهي سڀ راڳي پنهنجي ڳوٺ ۽ ان جي آس پاس ٻڌي سگهيو هوس.

مان ان وقت به سنڌي سنگيت ۾ جدت ۽ طرز نگاري جو قائل هوس ۽ اهو شدت سان محسوس ڪري رهيو هوس ته سنڌي سنگيت هڪ خاص گروهه جي هڪ هٽي جو شڪار آهي ۽ ايئن لڳي رهيو هو ڄڻ سنڌي سنگت جو سرمايو چند طرزن ۽ راڳن کان وڌيڪ ڪجهه به نه آهي. مان اهو ڏسي حيران ٿيندو هوس ته ڪيترائي اهڙا غير سنڌي ڪلاسيڪل فنڪار جن کي سنڌ نوازيو هو، اهي چند بندشن کان سواءِ سنڌي موسيقيءَ کي وڌيڪ ڪجهه ڏيئي نه سگهيا آهن. مون ان وقت به اهو سمجهي ورتو هو ته يا ته اهي فنڪار سنڌي سنگيت جي مزاج کي سمجهي نه سگهيا آهن يا وري هو ان لاءِ مخلص نه آهن، ورنه سنڌي شاعري جي صرف هڪ صنف وائي ۾ ئي ايتري موسيقيت آهي، جنهن جو مثال سموري سنگيت وديا ۾ ملڻ محال آهي.

وائي، سنڌي شاعري جي اها سريلي صنف آهي. جنهن کي موسيقيءَ جو ڪو به انداز ڏيئي سگهجي ٿو ۽ ڪيترائي ڪامياب تجربا به ڪري سگهجن ٿا. وائي هجي يا ڪافي، گيت هجي يا لوڪ گيت، ٺمري هجي يا خيال، مطلب ته هر انداز ۾ وائي کي آسانيءَ ۽ روانيءَ سا شامل ڪري سگهجي ٿو. شرط رڳو اهو آهي. ته راڳيءَ کي سرن جي سڃاڻپ ۽ ساڃهه هجي. بهر حال! مان اڄ به ان راءِ تي قائم آهيان ته ڪلاسيڪل فنڪار سنڌي سنگيت کان خاطر خواه لاڀ حاصل ڪري نه سگهيا آهن.

ريڊيو جي قيام کان پوءِ سنڌي سنگيت جو هڪ نئون دؤر شروع ٿيو ۽ ان ۾ ڪو به وڌاءُ ڪونهي ته ريڊيو سنڌي موسيقي کي مقبول عام ڪرڻ ۽ ترقي وٺائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ ريڊيو سنڌي موسيقيءَ کي نهايت ئي وڏا فنڪار به عطا ڪيا آهن انهن فنڪارن ۾ استاد محمد جمن  جو نالو خاص طور ساراهڻ جي لائق آهي. محمد جمن سنڌي سنگيت ۽ خاص طرح شاهه لطيف جي سرن جي تحقيق جي حوالي سان نهايت ئي وڏيون خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. هو هڪ اهڙو البيلو راڳي هو جنهن سنڌي سنگيت ۾ طرز نگاري ۽ جدت نگاري جو بنياد وڌو ۽ سنڌي موسيقي جي جمود ۽ هڪ هٽيءَ کي ٽوڙي سوين لازوال طرزون ۽ مقبول ڌنون عطا ڪيون. نه صرف ايترو پر پهريون دفعو سنڌي شاعريءَ کي ڪيترن ئي ڪلاسيڪل راڳن سان روشناس به ڪرايو. جن ڏانهن ڪنهن به راڳي ڌيان نه ڏنو هو.

سندس ڳائڻ جو هڪ ڳڻ اهو به آهي جو ڪلاسيڪل راڳن کي خاص غير سنڌي شاعراڻي بندش مان ٻاهر ڪڍي منجهس الو ميان، ڙي، هئه هئه جهڙن لفظن ۽ وائيءَ جي لفظي ورجاءَ ۾ آلاپ سان اضافو آڻي ان جي فارم کي اهڙو ته سليس ۽ عام فهم بنايو جو ان کي يڪتاري ۽ چپڙن تي به نهايت ئي آسانيءَ سان ڳائي وڄائي سگهجي ٿو. راڳ حجاز، مينگهه رجني، درباري، نٽ ڪونس، نانگ سراولي، ڪوشڪ ڌني گلنڪلي، للت، بروو پوريا ڪلياڻ ۽ ٻين راڳن ۾ سنڌي ترتيب ڏنل ڌنون اڄ به سندس سريلتا ۽ مهانتا جون ساکون ڏيئي رهيون آهن. نه رڳو ايترو  پر لهءِ ۽ تال جي حوالي سان به هن نهايت وڏا ڪامياب تجربا ڪيا آهن جيڪي بي پناهه مقبوليت ماڻي چڪا آهن.

مون لهءِ ۽ ردم جي ۽ ڪجهه سرن جي کائنس سکيا ورتي هو منهنجو آئيڊيل ۽ نهايت ئي پيارو دوست هو. سندس عظمت جي اعتراف طور مان هي ڪتاب موسيقيءَ جي ان عظِيم فنڪار کي ارپي رهيو آهيان. ۽ نهايت ئي خوشي محسوس ڪري رهيو آهيان.

اڄ ڪلهه سنڌي موسيقيءَ جو ڪهڙو معيار آهي؟ ڪيسٽن ۾ ڇا پيو ڳائجي، ڇا پيو لکجي ۽ ڇا پيو ٻڌجي، اهو ڏسي ڪيترن ئي سوالن سان گڏوگڏ هي سوال به ٿو اڀري ته ڇا هاڻي اسان وٽ محمد جمن، محمد ابراهيم، منظور علي خان، محمد يوسف ۽ عابده پروين جهڙا فنڪار پئدا نه ٿيندا؟ ۽ يقيناً موجوده حالت ۾ ان سوالن جو جواب نفي ۾ آهي.

راڳ ۽ راڳڻين جو ذڪر ان ڪري ڪيو اٿم جو منهنجو ان سان گهرو تعلق رهيو آهي. جيڪڏهن منهنجو سُرَ ساٿ ڏين ها ته شايد راڳي به هجان ها. بهر حال سر کي سمجهڻ جي صلاحيت اڃا به ذهن ۾ موجود آهي.

منهنجو جنم ڀومي هالا عروضي غزل جي سرزمين آهي. ان سرسبز سر زمين سنڌي غزل کي نهايت ئي وڏيون قدآور شخصيتون عطا ڪيون آهن. سائين مخدو طالب الموليٰ صاحب، اختر هالائي، سائين غلام هالائي، انور هالائي، ساقي هالائي، انيس هالائي، ۽ ٻيا هالا جي شاعرن جا اهي روشن ستارا آهن، جن جي روشني ڪڏهن به جهڪي ٿيڻي ناهي، غزل هالا جي شاعرن جي پسنديده صنف آهي. ۽ هالا جي غزل جي شاعرن، غزل گوئي ۾ نهايت وڏو نالو ڪمايو آهي. ڏٺو وڃي ته مير عبدلحسين سانگي کان پوءِ عروضي غزل ۾ جيڪو گيپ آيل هو سو نه فقط پر ٿيل ٿو لڳي بلڪ غزل پنهنجي خوبصورتي ۽ نفاست سان مسلسل اڳتي وڌي رهيو آهي. مخدوم جميل الزمان ۽ شهيد ناز ان جا چٽا پٽا اهڃاڻ آهن. عام تاثر اهو به آهي ته هالا فقط غزل جي سرزمين آهي، مگر ائين ڪونهي. هالا جي شاعرن، غزل کان سواءِ ٻين صنفن ۾ به وڏو نالو ڪمايو آهي. سائين مخدوم طالب الموليٰ صاحب، غزل کان سواءِ سنڌي شاعري ۽ سنڌي موسيقيءَ لاءِ نهايت ئي سريليون ڪافيون ۽ شاهڪار بيت لکي سڄي سنڌ کان پاڻ مڃرايو آهي. ۽ خوب مڃرايو آهي. ان کي آڏو رکي مون به غزل کان سواءِ ٻين صنفن، جهڙوڪ وائي، بيت، گيت، نظم، وغيره تي به طبع آزمائي ڪئي آهي.

هالا جي ان ماحول ۾ جتي غزل جون اوچيون اوچيون عمارتون تعمير ٿيل آهن ۽ جن ۾ مهان ماڻهو رهن ٿا، منهنجي لاءِ نهايت ئي مشڪل هو جو اتي پنهنجي غزل لاءِ جاءِ جوڙي سگهان، لهٰذا مون مشڪل پسنديءَ جي جاءِ تي آسان پسنديءَ کي وڌيڪ پسند ڪيو ۽ پنهنجي غزل کي عام فهم، رد ميڪل ۽ موسيقي سان هم آهنگ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ ديسي لفظن جي وسيلي غزل کي ديسي ويس پهرائڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم. ان لاءِ مون مواد بهر حال پنهنجي ماحول مان ئي حاصل ڪيو آهي.

هالا جي تغزل جي شاهراهه هڪ ئي آهي. البته گهٽيون ۽ گهر مختلف ضرور آهن مون پنهنجي غزليه گهرجي دروازي جو رخ ٻن طرفن ڏانهن موڙيو آهي. جيتوڻيڪ منهنجي گهر جي در تي نالي جي ڪا به تختي لڳل ڪانهي، پوءِ به منهنجو گهر سڃاپجي رهيو آهي.

مان عروض ۽ ڇند کي گڏ وٺي هلڻ ٿو گهران ۽ ٻنهي جي سنگم سان شعر رچڻ ٿو چاهيان، مان جيئن ته تجرباتي دور مان گذري رهيو آهيان. ان جي تصديق بهرحال! قارئين کي ڪرڻي آهي ته مون ڪيتري قدر سچ چيو آهي.

هن مجموعي ۾ جن به ڳالهين جو ذڪر ڪيو اٿم، انهن جي سمجهڻ ۾ ڪو به ابهام ڪونهي ۽ فوٽ نوٽ (حاشيءِ) ۾ انهن جي وضاحت ڪرڻ جي ڪا به ضرورت ڪانهي.

هن مجموعي ۾ شامل ڪيترائي  اهڙا شعر آهن، جيڪي فقط منهنجي ذات سا تعلق رکن ٿا. ڪجهه طرحي غزل به هن مجموعي ۾ شامل آهن.

سنڌي فنڪارن سان ملاقاتون ڪرڻ ۽ محبتون ونڊڻ منهنجو محبوب مشغلو رهيو آهي. انهن جي فني اعتراف طور ساروڻين جي عنوان هيٺ مرحوم فنڪارن کي ياد ڪيو اٿم دعا آهي. ته باقي فنڪارن جو خير هجي.

هيءُ ڪتاب منهنجي جذبن ۽ محنتن جو ثمر آهي. جيڪي به پلئه پاتو اٿم سو حال حبيبان پيش پريان ڪري رهيو آهيان. ظاهر آهي ته ان ۾ ڪيتريون ئي ڪميون بيشيون موجود آهن. انهن کي درگذر ڪرڻ جي بدران اصلاحي تنقيدن سان نوازيندا رهجو، مون کي ان لاءِ اوهان جي راءِ جو انتظار رهندو.

هن ڪتاب جو مسودو 2 سال کن اڳ عرفان مهدي ترتيب ڏيڻ لاءِ کڻي ويو هو ۽ واپس نه ڪيائين شايد سياسي مصروفيتن سبب ۽ پوءِ هو هڪ ڏينهن اوچتوئي پنهنجي جيون کان رسي، هن دنيا کان دور گهڻو دور هليو ويو.

عرفان ٻالڪپڻ کان وٺي ڦوهه جوانيءَ تائين منهن جو نهايت ئي قريبي دوست ۽ ادبي ساٿيءَ جي حيثيت ۾ رهيو. ادبي حلقن ۾ اسين نه فقط هڪ ٻئي جي سڃاڻپ بڻياسين پر هڪ ٻئي جو اتساهه ۽ ويساهه پڻ بڻياسين.

عرفان جيئن ته انيڪ صلاحيتن جو مالڪ هو. ان ڪري هن ادب کان سواءِ سياست جي پليٽ فارم کي به آزمايو ۽ اتي به خوب نالو ڪمايو.

سياست جي ديوار اسان کي بظاهر هڪ ٻئي کان دور ته ضرور رکيو پوءِ به اسان جا رشتا ۽ ناتا ڪنهن به طرح متاثر ٿي نه سگهيا ۽ اسان جي دلين جا دروازا هڪ ٻئي لاءِ سدائين کليل رهيا. عرفان جو مون سان ساٿ جيتوڻيڪ مختصر رهيو. تڏهن به اهو سمورو وقت هو منهنجي شاعريءَ جو محرڪ بڻيو رهيو ۽ ائين لڳي ٿو ته منهنجي گهڻي تڻي شاعري صرف عرفان لاءِ آهي.

مان پنهنجي نهايت ئي پياري ”عرفيءَ“ کي ڀنل نيڻن ۽ دکندڙ دل سان الوداع چئي، سندس ڪجهه ساروڻين کي هن ڪتاب جي صفحن ۾ هميشه لاءِ محفوظ ڪري ٿو ڇڏيان ۽ هي ڪلمات لکندي بيحد ڪرب مان گذري رهيو آهيان.

ٿورن تي ٿورا هن ڪتاب لاءِ سائين نصير مرزا جو خاص ٿورائتو آهيان. جنهن وقت به وقت نه فقط مفيد مشورا ڏنا بلڪ ڪتاب ڇپائيءَ جو سمورو بار به پنهنجي ڪمزور ڪلهن تي کنيائين.

محترم انور هالائيءَ صاحب جن جا به لک ٿورا، جن سموري ڪلام جو مطالعو ڪري ڇپرائڻ لاءِ اتساهه ڏياريو. محترم حبيب سنائيءَ جو به شڪر گذار آهيان. جنهن هن ڪتاب جي تياريءَ ۾ هر ممڪن مدد ڪئي.

محترم لطيف سنائي، امتياز ابڙي، منير هالائي ۽ شري منوج ڪمار جو به ٿورائتو آهيان، جيڪي هن ڪتاب جي پڌري ٿيڻ بابت زور ڀريندا رهيا.

منهنجي پٽن ڪوثر ۽ جاويد جن کي به داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نه ٿو سگهان، جن نه فقط عرفان جي بدران هن ڪتاب جي دوباره نقل ڪرڻ جي ذميواري پوري ڪئي، پر سمورن مرحلن ۾ منهنجي مدد ڪئي.

مان ان شخصيت جو خاص طور شڪر گذار آهيان، جنهن هن ڪتاب ڇپجڻ ۾ مالي مدد ڪئي آهي ۽ خود گمنام رهي مون کي سر عام ڪرڻ لاءِ خواهشمند آهي.

وري به عرض ٿو ڪريان ته پنهنجي راءِ کان ضرور آگاهه ڪجو.

 

سوز هالائي

هالا پراڻا سنڌ

21.9.91

درشن ڌارو ڌار

غزل

غزل

جڏهين پهرين دفعي مليا هئاسين،

ٻڌاءِ اي دوست! توکي ڪيئن لڳاسين.

 

اسين توڙي جو اجنبي هئاسين،

لڳو ڄڻ اڳ ڪٿي مليا هئاسين.

 

سُهائيءَ رات ۾ جوڙيون غزل ٿا،

انڌيري رات ۾ تارا ڳڻياسين.

 

ذهن جي صحن ۾ رابيل سجائي،

اکين جي آب سان تازا ڪيا سين.

 

ڪنهن جي ڳولا ۾ نڪري پيا هئاسين،

مگر هن شهر ۾ گم ٿي وياسين.

 

ڪڏهن چرين جيان کلندا هئاسين،

ڪڏهن ٻارن جيان روئندا هئاسين.

 

اوهان جي سار ۾ سڪندا رهون ٿا،

اوهان جي آس تي جيئندا رهياسين.

غزل

بند ڪمري ۾ ڌوڪي آيون،

پاڳل ۽ ڇڙ واڳ هوائون.

 

”شيلف“ تان ڪجهه ڪتاب ڪري پيا،

منهنجو من ٿيو گائون مائون.

 

جهٽڪو ڏيئي بجلي ويئي،

ڊيڄارين ٿيون گگهه غفائون.

 

ڪمري ۾ ٻيو ڪوئي ڪونهي،

منهنجي خاموشي ۽ آئون.

 

آڳنڌ تي ڪا بوند نه آهي،

گگن سڄو گهنگهور گهٽائون.

 

من ڪاڳر تي سوچ قلم سان،

پوءِ به روح رچيون ڪوتائون.

غزل

هوا  آئي، هلي، ويئي،

منهنجي در تان وري، ويئي،

 

ڪتابن کان ۽ ڪمري کان،

مگر منهنجو پڇي، ويئي.

 

پرينءَ جي پار جي خوشبوءِ،

جو ڪوئي واس ڏيئي، ويئي.

 

گهڙي کن لاءِ نه سا ترسي،

حسينن جيئن هلي، ويئي.

 

انهيءَ ٻُڏتر ۾ آهيان مان،

ته آخر ڇا چئي، ويئي.

 

۽ مان هن کي ڪٿي ڳوليان،

الائي ڪيڏانهن چري، ويئي.

 

انهيءَ جو به گهر ڪونهي،

ڪرڻ آوارگي، ويئي.

 

۽ مان ان سوچ ۾ آهيان،

ته ڇا! هيءَ ويل ڀي، ويئي.

غزل

دل ٿي چاهي ته ان بندگليءَ مان لنگهجي،

هونئن ته هن شهر جا رستا گهڻئي وڏا آهن.

 

من ڪي منهن ۾ ملي وڃن ماڻهو،

جيڪي اڄڪلهه ٿيا جدا آهن.

 

ائين نه رسجان او! رسڻ وارا،

رسڻ جا کوڙ طريقا پيا آهن.

 

رسڻ مون کي به اچي ٿو ليڪن،

هي محبت جا مامرا آهن.

 

ڏات اڄ رات پاڻ ئي پرتي،

منهنجي گيتن جا گل ٽڙيا آهن.

غزل

شهر جانان مان ٿئو گذر، آهي،

دل جي حالت عجيب تر، آهي.

 

حسر تون پاڻ سان کڻي آيون،

ورنه صدين جو هي سفر، آهي.

 

چاهتن جا هتي گلاب ٽڙن،

شهر ڄڻ ڪو گلاب گهر، آهي.

 

اڄ به هن شهر جي هوا ٿڌڙي،

خوشبوءِ اوتڻ لئه منتظر، آهي.

 

ڪلهه هتي سنگ در دلبر هئاسين،

اڄ هتي ٻيو ڪو ئي سنگ در، آهي.

 

ڪاگهڙي ”سوز“ دل ڀري ڏسجي،

زندگي ڏاڍي مختصر، آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org