غزل
جڏهين موسم جي مک تي حسن ۽ رنگين شباب آيو،
ته دل کي ياد هڪڙي واقعي جو ڪوئي باب آيو.
بهارون بيوفا آهن اسان جي بس بهارن کان،
خزائن تي اسان کي پيار بي حد بي حساب، آيو.
”صنم سازي جرم ڪونهي“ چوي ٿو شهر جو قاضي،
الائي ڪيئن سوچن ۾ اچانڪ انقلاب آيو.
اسان نفرت ڪوه ۾ محبتن جا مئڪوه کوليا،
ته آهي محتسب کي ياد ڪوئي احتساب، آيو.
اهو سوچي ته ڪهڙي گل سان ڏيان تشبيهه مان ان جي،
ڪُڻا پاتم ته نڪري موتئي جو انتخاب، آيو.
آئيني جي اکين ۾ هن جڏهن اکيون وڌيون اڪثر،
ته آئيني جي اکين کي حجابن تي حجاب، آيو.
ستارن جي نجوميءَ کي سمورو علم ويو وسري،
اڇي اجري اڱڻ تي هو جڏهين ٿي ماهتاب، آيو.
***
غزل
پيار پڄاڻا، ٿيندا ناهن،
درد وڪاڻا، ٿيندا ناهن.
ڳالهه پراڻي ٿيندي آهي،
پَلوَ پراڻا، ٿيندا ناهن.
نيڻ نماڻا ٿيندا آهن،
نيئر نماڻا، ٿيندا ناهن.
ساگر جرجي لهر لهر ۾،
وير وراڻا ٿيندا ناهن.
هر ڪنهن ماڻهوءَ لاءِ او سائين،
وار وڇاڻا، ٿيندا ناهن.
ڪارونجهر جي ڪک مان ڪنهن کان،
مور اڏاڻا، ٿيندا ناهن.
سڀ ڪي راڳي ”جمن“ جهڙا،
راڳن راڻا، ٿيندا ناهن.
نينهن نماڻا، عشق اياڻا،
”سوز“ سياڻا، ٿيندا ناهن.
***
غزل
سورج ڌوپ ۾ ڌوتي، آهي،
پاڻياريءَ جي پوتي آهي.
نڪ ۾ ڦلڙي ائين چمڪي،
ڄڻ ڪو ماڻڪ موتي، آهي.
موتي، جوتي آهي ليڪن،
جوڀن ان کان جوتي آهي.
سونهن سڄي سنسار سندي،
اکڙين ۾ تنهن اوتي، آهي.
”آسا“ جو آلاپ لڳي ٿي،
ڄڻ ڪائي سرسوتي، آهي.
منهنجي ديس جي هيءَ پاڻياريءَ،
ڪيڏي نه ڳڻ ڳوتي، آهي.
***
غزل
تنهنجي يادن جو شڪريو، آهي،
غزل لکڻ لاءِ دل چيو آهي.
سونهن تنهنجيءَ تي لکڻ لاءِ پرين!
مون کي مجبور تو ڪيو آهي.
ياد ڏاڍي عجيب شيءِ آهي،
تو ڪڏهن ان تي سوچيو، آهي.
ڪيترو دلڙي توکي چاهي ٿي،
پاڻ کان تو ڪڏهن پڇئو، آهي؟
هجر، فراق ۽ وصال مٺا!
اي محبت جو فلسفو آهي.
سنڌ جو سنهن کڻي چوان ٿو، مان،
تو جهڙو نه ڪو ٻئو، آهي.
جيترو تون بدلجي ويو آهين!
وقت ايڏو نه بدليو، آهي.
***
غزل
پيار پرين، تائين، رکجو سائين،
سار سڀن، تائين، رکجو سائين.
جيئن لهر ڪاري تائين تيئن،
لڙڪ اکين، تائين، رکجو سائين.
دل ۾ درد هزار هجن پر،
مرڪ چپن، تائين، رکجو سائين.
پنهن جي نظر عقابن وانگي،
نيل گگن تائين رکجو سائين.
لوچ به لامحدود هجي پر،
سوچ صدين، تائين، رکجو سائين.
رخ هوائن ڦيريو آهي،
ديد درن، تائين، رکجو سائين.
دل جي اوهان سان ڳالهه ڪئيسين،
ڳالهه ذهن، تائين، رکجو سائين.
***
غزل
سونهاري سنڌ ڌرتيءَ جي، کڻي سرهاڻ، اينداسين،
ڪري هوش ۽ دردن جي، وڏي واکاڻ، اينداسين.
منهنجي ماروئڙن تي جو وهيو ۽ واپريو آهي،
انهيءَ احوال کي کولي، ٻڌائڻ ڪاڻ، اينداسين.
ورايا وقت جيڪي وار ويڙهيچن مٿان آهن،
انهن جي گهاو گهرن جي کڻي ڳاڙهاڻ، اينداسين.
جڏهن ڪارا ڪڪر ايندا، وراڪا وڄ جا ٿيندا،
مقالون مينهن جو تڏهين ڪرڻ پوءِ پاڻ، اينداسين.
جڏهين ڀي يار ملنداسين ته پختا پيچ ٿي پوندا،
وڏي سڪ سان سنگهارن جي سلامن ساڻ، اينداسين.
وطن سان پيار ۽ محبت ڪرڻ جي ڏوهه ”سوز“ آهي،
ته پوءِ ان ڏوهه جا ڏوهي ٿيڻ لاءِ پاڻ، اينداسين.
***
غزل
امن آهي روشني جو همسفر،
امن آهي زندگيءَ جو همعصر.
امن ريءَ جيون جو تصور آ فضول،
امن ريءَ انسان بلڪل بي ثمر.
نفرتن جو آ مخالف ۽ حريف،
امن آهي پيار جو پيغامبر.
امن آهي شهر اهڙو دوستو!
سچ جي راهن مان جنهن جو آ گذر.
امن ڄڻ آهي ڀٽائي جو تنبور،
جنهن جي سُر سُر جي صدا آهي امر.
امن جون جوتون جلايو دوستو!
امن سان روشن رکو هر گهر ۽ در.
امن جون نظمون لکو او! شاعرو،
بدامنيءَ جو ٿئي ضايع اثر.
***
غزل
واريءَ ورکا هر گهر گهر تي،
ڳوٺ ڳوٺ ۽ شهر شهر تي.
مورن جوءِ مٽائي آهي،
ريت اڏامي ڪارونجهر تي.
هيل الاجي ڪهڙي ڪارڻ،
هنج نه موٽيا ساڳئي سر تي.
شاهه ڏنو هو روئي جنهن پل،
”ڪلري“ نانءَ پيو ڪينجهر تي.
واڳونءَ وير ورايا پوءِ ڀي،
ويٺا آهيون درياءَ ڀر، تي.
رڃ، سڃ ۽ اُڃ ۾ ڦٿڪي،
هرڻ ڪري پيا ڌرتيءَ ڌر، تي.
ڪنهنجون سارون پٿر ليڪون،
ڪنهن جا وعدا ليڪا جر، تي.
***
غزل
جيسين چپ نه چرندا، رهندا،
تيسين ويڌن وڌندا، رهندا.
سونهن ورنين ”سيتائن“ کي،
رواڻ، ڏاوڻ، وجهندا، رهندا.
مارئي کوهه تان کڄندي رهندي،
مارو صدما سهندا، رهندا.
ارڏاين جي الزامن ۾،
ڪونڌر ڪيئي ڪسندا، رهندا.
جيسين هلبو رهبو تيسين،
چنڊ ستارا هلندا، رهندا.
پير پساري جيڪي ويٺا،
رستا تن لئه، اگهندا، رهندا.
وسندا وسندا نيٺ ته وسندا،
ڪيسين بادل گجندا، رهندا.
***
غزل
وري سر ڇيڙ او! راڳي،
ته ڪي جذبا پون جاڳي.
رڳو مٽيا مزاج آهن،
مگر سنگيت آ ساڳي.
پري گر نار ڪانهي ڪا،
اٿئي جهونا ڳڙهه جهاڳي.
ڪلا کي ڪا جلا ڏيئي،
ورائج ويل ويراڳي.
وري آلاپ آسا کي،
ته ڪا سورٺ پوي جاڳي.
ڏياچن جي ڪمي ڪانهي،
رڳو چپ چورتون راڳي.
ٿڌا پاري جيان ماڻهو،
تپي ٿيندا اُلا آڳي.
سرن تي سرملي پوندءِ،
ڇڏين جي ”سوز“ ڇڙواڳي.
**
غزل
وري مقتل سجيا آهن،
وري مانجهي مڙيا آهن.
وري ڪربل متي آهي،
وري خيما کتا آهن.
وري ڌرتي ڌٻي آهي،
وري ماڻهو رنا آهن.
لهوءَ سان لال ٿي ڌرتي،
ڪيئي ڪونڌر ڪٺا آهن.
منهنجي من ديس جا ماڻهو،
ڪفن پائي هليا آهن.
نون آزاد نعرن جا،
پڙا ڏا گونجيا آهن.
قلم تان ڪٽ لٿي آهي،
علم اوچا ٿيا آهن.
***
زنده ماڻهو زندانن ۾،
ڀلا ڪيسين رهيا آهن؟
مٿاهان مان ٿيا تن جا،
وطن لئه جي وڙهيا آهن.
لڳي ٿو ڏيل ڏاڍن جا،
ڏڪيا آهن، ڏڪيا آهن.
***
غزل
من ڪيلاش پربت جا،
چارا سارا برف ڍڪئا.
پٿرپٿر ڌرتيءَ تي ڄڻ،
چانديءَ جهڙا تهه ڄمئا.
دل جي واديءَ جا سڀ ماڻهو،
فالج ۾ ٿي کيرا ويا.
چرندڙ ڦرندڙ جسم سمورا،
ڄڻ ڪي زنده لاش بڻيا.
”هيٽر“ جهڙا تتل جذبا،
پاري جهڙا سرد ٿئا.
موت جهڙي خاموشي آهي،
ڏاڍي ڀيانڪ آهي فضا.
تيلين ۾ ڪو گندرف ڪونهي،
گِهمجي ويا ماچيسن کوکا.
***
هن برفاني رات ۾ هاڻي،
جيوت جو امڪان نه آ.
اهڙي حال ۾ اوڙي راڳي!
ڳاءِ ڪي بيت ڀٽائي جا.
جوتن تپن ۽ من مچن تون،
ڇيڙج اهڙي وائي ڪا.
جيستائين ڏينهن ٿئي،
۽ سورج ورکائي ڪرڻا.
***
غزل
وس پڄي ها ڌرتتيءَ ڌرتيءَ مٿان،
اوپري آڪاش کي لاهي ڇڏيان.
وس پڄي ها ڪوئي پنڇي پر ڪٽيل،
رات جي اوندهه ۾ اڏرائي ڇڏيان.
وس پڄي ها، عرش جا تارا سڀيئي،
پٿرن جيئن فرشتي تي پائي ڇڏيان.
وس پڄي ڪن معتبر ماڻهن سندا،
منهن تان ”ماسڪ“ جهپ هڻي لاهي وٺان.
وس پڄي ها درد دک ڌرتيءَ سندا،
پنهنجي جهوليءَ ۾ سڀئي ميڙي وجهان.
***
غزل
ويهي ڪر دنيا، جون ڳالهيون،
پوءِ ڪجانءِ عقبيٰ، جون ڳالهيون.
سوچڻ ڪارڻ کوڙا اٿيئي،
دنيا ۾ دنيا، جون ڳالهيون.
روڪڻ سان نه رڪجي سگهنديون،
زور ظلم، پيڙا، جون ڳالهيون.
ناحق بند ۽ ناحق روڪون،
آهن مرم حيا، جون ڳالهيون.
ڏاڍيون پياريون پياريون آهن.
رم جهم رت برکا، جون ڳالهيون.
گهر ۾ دير سان داخل ٿيندي،
ياد پيون ”انشا“، جون ڳالهيون.
جنت ۾ ڀي مونسان هونديون،
منهنجي من ”هالا“، جون ڳالهيون.
***
غزل
زهر ڪٽورو پي وينداسين، ڏيئي هڪڙي ڳيت،
امرت اوتون اوتينداسين، ڳائي ڳائي گيت.
ور ور ڏيئي پيئنداسين، سقراط جيان هڪ ساهيءَ ۾،
ان ۾ آه امرتا پنهنجي ان ۾ جيون جيت.
ڏياچ وانگي، خوش خوشيءَ مان سُرتان سرکي
گهورينداسين،
”سُر سنگيت“ تي نالو پئجي ويندو ”سِرَ سنگيت.
رک رکاڻي ڪين ڪنداسين، پڙ تي پرزا ٿي پونداسين،
پاڻ بچائڻ، ڪُر لڄائڻ ايءَ نه پنهنجي ريت.
نينهن نڀائي وينداسين ۽، پيار پڄائي وينداسين.
ڪين ڪنداسين ”سوز“ ڪڏهن ڪا پنهنجي ريت ڪريت. |