سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: درشن ڌارو ڌار

صفحو :1

ڌرشن ڌارو ڌار

سوز هالائي

وائي

پيار محبت ساڻ، سونهين ٿو سنسار.

درشن ڌارو ڌار.

ڪهڙا ڪهڙا خواب سجايا، اکڙين جي اسرار

درشن ڌارو ڌار.

پنهنجي پنهنجي رنگ رتل آ، هر ڪو ئي فنڪار،

درشن ڌارو ڌار.

سونهن ورونهن جي سنگ سڃاپڻ، شاعر موسيقار،

درشن ڌارو ڌار.

هر تخليق جو آهي بلاشڪ، هڪڙو خلقڻهار،

درشن ڌارو ڌار. 

مک روش کان روشن آهي، من روشن سؤوار،

درشن ڌارو ڌار.

”سوز“ محبت پيار منجهان ٿا سرجن سرجڻهار،

درشن ڌارو ڌار.

پيار محبت ساڻ، سونهين ٿو سنسار،

درشن ڌارو ڌار

درشن ڌارو ڌار.

ارپنا

ننڍي کنڊ جي تمام وڏي سنڌي راڳيءَ

استاد محمد جمن

جي نالي، جنهن جي رسيلي راڳ

منهنجي شاعريءَ کي اتساهه بخشيو.

ڪوڙئين ڪايائون تنهن جون لکن لک هزار،

جيءُ سڀ ڪنهن جيءَ سين، ”درشن ڌارو ڌار“،

پرين تنهنجا پار، ڪهڙا چئي ڪهڙا چوان.

”لاکيڻو لطيف“

فهرست

 مهاڳ

نصير مرزا

پنهنجي پاران

سوز هالائي

 غزل

93-14

وايون

152-95

گيت

193-154

بيت

198-195

ساروڻيون

220-200

گوندر ڳاڙها گل ڪڍيا

مهاڳ

پراڻن هالن جي وارياسين پٽن ۽، روايتي شاعريءَ جي سوڙهين گهٽين مان، نئين رنگ ڍنگ واري شاعريءَ جو ڪو اجرو ۽ انوکو، جلترنگ سمانُ آواز، سوز هالائيءَ جي روپ ۾ ڪڏهن اچانڪ اڀري اسان جي ڪنن تائين پهچندو، ڏهه پندرهن سال اڳ، مون سچ ته، اهو تصور به ڪونه ڪيو هو. پراڻا هالا ۽ نوان هالا وارن شاعرن بي شڪ ته، روايتي ۽ عروضي شاعريءَ جي تاريخ ۾ گهڻائي مور جا کنڀ سينگاري رکيا آهن. ۽ روايتي غزل جو، سنڌي شاعري ۾ چڱو چالا مان ڪرايو آهي. ۽ جيئن اسڪولي ٻار پنهنجي هڪ جهڙي ڊريس مان سڃاپبا آهن، ڪو زمانو هو جو هالا نوان ۽ پراڻا جا شاعر روايتي غزل جي ساڳي ڪرمچي رنگ ۾ رنڱيل، سڀ هڪ جهڙا ۽ هڪ ٻئي جي ڄڻ ڪاربان ڪاپي پيا نظر ايندا هئا. خير......سوزهالائيءَ جي شاعري پڙهندي پراڻن هالن جي حوالي سان سنڌي ادب جي تاريخ ويٺي رات اٿلايم پٿلايم ته، پراڻن هالن جي شاعرن مان، هڪ شاعر لاءِ مون کي پنهنجو اهو طعنو واپس وٺڻو پيو. حقيقت هي آهي ته، خليفي گل محمد هالائيءَ کان وٺي سوزهالائيءَ تائين، پراڻو هالا آهي. ئي روايت شڪن، جنهن سنڌي شاعري کي شروع کان ئي صبح جي ڌوتل پوتل ۽ هڳاءُ ڀري هير جهڙي تازگي پئي ارپي آهي. ڪيڏي پرڪشش هڪ جهڙائي آهي ته، جديد غزل جو بنياد وجهندڙ شاعر، خليفو گل محمد هالائي به ان ئي ساڳي مٽيءَ جو مادو آهي. جنهن سوز کي جنميو آهي. سوز جي وجود جي سانوري بانوري مٽي، هن جا ذهن گهرڙا، اکين جون ماڻڪيون، ماڻڪين جي روشني، هٿ ڪرايون ۽ آڱريون سڀ ڪجهه ئي ته، پراڻن هالن جي مٽي جي دين آهن. (۽ ڪنهن ڪيڏو نه صحيح لکيو آهي ته، مٽي جو رشتو مئي ماڻهو کان جيئري ماڻهو سان هميشه وڌيڪ گهرو ۽ اٽوٽ هوندو آهي.) ۽ ان ئي مٽي مان گلاب جي ڏندڻ مثل نسري، مٽي بنجڻ کان اڳ، مٽي سان محبت جو حق نڀائيندي، پنهنجي وجود ۽ شاعريءَ جا سڀ رنگ، سوز پنهنجي سدا امر ٻوليءَ جي اکرن ۾ اوتي اسان کي هر صنف ۾ ڄڻ درشن ڌارو ڌار ڪرايو آهي. خاص ڪري غزل ۽ گيت سوز جون اهي فيورٽ صنفون آهن، جن ۾ هن هڪ نج شاعر بنجڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي آهي. هن جو وڏو ڪنٽري بيوشن اهو به آهي ته، هن غزل کي هالا جي روايتي شاعرن جهڙي ڏاڏا آدم واري مُدي خارج ٻوليءَ مان ڇڪي ٻاهر آندو آهي ۽ ان ڏس ۾ هن هند سنڌ جي جديد عظيم غزل گو شاعر، نارائڻ شيام جي نقش قدم تي هلندي، قدرت جي ماٺيڻن آوازن ۽ مڌم رنگن ۾ وڌيڪ سڪون پاتو آهي. چهرن ماڻهن ڏانهن ڏسندي، قلم ذريعي ڪاڳرن تي هو بي حد Attractive حس تخليق ڪندو ويو آهي.

نيري پاڻيءَ ۾ ڪنول ڏاڍو وڻيو

سونهن جو رد عمل ڏاڍو وڻيو.

رات روشن، واءُ ڏکڻ، کليل اڱڻ

ڪوئي منهن کولي ستل، ڏاڍو وڻيو.

شاعرن جي جنهن شهر جو سوز بذات خود پاڻ رهاڪو آهي. ان جو تعارف به ڪيڏو نه پر اثر لفظن ۾ هن آساني سان ڪرائي اهو اطلاع ڏنو آهي ته، هو ڪيڏي نه معطر ۽ خوبصورت شهر جو رهاڪو شاعر آهي.

چاهتن جا هتي گلاب ٽڙن

شهر ڄڻ ڪو گلاب گهر آهي.

اڄ به هن شهر جي هوا ٿڌڙي

خوشبو اوتڻ لئه، منتظر آهي.

’رنگ رتا پيچرا‘ کان ’درشن ڌارو ڌار‘ تائين ڏهن سالن کان پوءِ اسان جي ملاقات هڪ دفعو ٻيهر هڪ نهايت مئچوئر ۽ خوبصورت شاعر سان ٿئي ٿي. جنهن جي شاعريءَ جو رياض مڪمل ۽ لاڀ ڀريو ٿي ويو آهي. جنهن کي لفظن ۽ احساسن جي دنيا جوڙڻ تي پوري ڪمانڊ حاصل ٿي وئي آهي. جنهن کي خبر آهي. ته، شاعريءَ جي اظهار ۾ ڪيستائين وڃڻو آهي. ڪهڙن لفظن ۾ ڪهڙو خيال ۽ ڪهڙو منظر فوڪس ٿي سگهي ٿو.

هر ستارو ڄڻ ڏياريءَ جو ڏيئو

هر ڏسا ۾ جوت جر ڦل جرڪيل

سوز جي شاعريءَ ۾، هن جي من پسند غزل جا بهترين شعر، رات جي ئي حوالي سان، اسان جي سامهون اچن ٿا. غزل جي سرجنا لاءِ اسان جي شاعر، رات جي وقت کي وڌيڪ موزون ڄاتو آهي. ۽ رات جو ئي، زندگيءَ جي ڪار بيڪار مان آجو ٿي. کليل اڱڻ ۾ پنهنجي هنڌ تي سڌو ليٽي، آسمان جي وشالتا ۾، ٽمڪندڙ چنڊ ستارن سان پنهنجي ڏات Share ڪئي آهي. رات، جيڪا هر شئي جي سرجڻهار آهي، سا سوز لاءِ به ڄڻ اتساهه جو وڏو سبب بڻيل آهي. هونئن ته سوز جي سموري ليريڪل شاعري جي روماني فضا ۾ چنڊ ستارا ’پوربي هوائون، هڪ وڻندڙن ڏانءَ ۽ حوالن سان اسان کي موهين ٿا،‘ پر رات جا رنگ ۽ مختلف ايڪسپريشنس، هن وٽ ڪجهه عجيب انداز جا ۽ انوکا آهن. اجهو رات جا مختلف موڊ، هنن شعرن ۾ ڏسو (۽ نه ڄاڻ ڪيتريون راتيون ۽ ڪيترا پهر جاڳي، هن اهي شعر جوڙيا هوندا.)

سهائي رات ۾ جوڙيون غزل ٿا

انڌيري رات ۾ تارا ڳڻياسين

 

رات ڪيڏي نه رم جهمي آهي،

۽ هوا پوربي گهلي آهي.

رات رانجهوءَ جو ويس آ پاتو

هير جي مک تي بانسري آهي

 

ڪئي رات جي چيڙهه ڀريل چڳن ۾

پرهه پيار جي آڱرين سان ڦڻي

وهائو جي ويلي پپيهي پڪاريو

لڳي ٿو ته ڄڻ بات آهي بڻي.

 رات جا نرمل نظارا تصور ۾ آڻيندي، اسان جو شاعر خيالن جي ماٿريءَ ۾ ڪيترو نه دور ٿو نڪري وڃي ۽ رات جي ڪائنات ۾ هن جون اکيون، نه ڄاڻ ڪيترو پنڌ ڪنديون ٿيون وڃن. پر رات جي شعرن واري منظر نامي ۾ سياحت ڪندي، اسان جي شاعر وٽ رات فقط گذرندڙ لمحن جو ئي استعارو آهي. دل جي گهراين سان، هو واکاڻي وري به پرهه جي ئي سهاڻن پلن کي ٿو:

رات کي ڀي آهي پنهنجي ڪائنات

پرهه جو چهرو ڀنل، ڏاڍو وڻيو.

 جيئن مون شروع ۾ چيو: ”سوز آهي ئي غزل ۽ گيت جو شاعر، خاص ڪري غزل کي ته هن پنهنجي ڪنهن محبوب وانگر، ڪڏهن به پنهنجي اکين کان پري ڪونه رکيو آهي. ۽ رکي به ڇو؟ غزل جي روايتي دؤر واري جنم اسٿان، هالا پراڻا ۾ هن عين اُن هنڌ اکيون کولي پنهنجي مٺيءُ ماءُ کي مک ڏنو، جنهن جي چپن مان لطيف سائين جي بيتن جي امرت ڌارا ڦٽي رهي هئي، جنهن جي ٿڃ ۾ غزل جي ’نج نبار‘ شاعر خليفي گل محمد جي مٽيءَ جي سڳنڌ سمائي پئي هئي. لطيف جي بيتن سان شناس ۽ خليفي گل محمد جي غزل جو واس، ڄڻ سوز کي سرشت ۾ مليو آهي. پر سوز پنهنجي وک، غزل جي شيش محل ۾ رکندي، اڃان به خبرداري کان ڪم ورتو آهي. جو هن غزل جي روايتي دلڪشيءَ تي موهت ٿيڻ بدران، روايت ۾ نوان رنگ ملائي پنهنجي انداز سان ان کي ڊيل ڪيو آهي. جيتوڻيڪ هن جي غزل جي فريم ۽ روايتي تغزل ۽ هالا جي روايت جا هئڙا شعر به آهن.

دل جو شيشو ڀڳو جُڙي نه سگهيو

شهر ۾ توڙي شيشه گر آهي.

 

تو ڏسي در کي بند ڪري ڇڏيو

تنهنجي دل آهي يا پٿر آهي.

 

گل جي دامن منجهه ڏسندي خار کي

حوصلو آهي ملي ويو پيار کي.

سوز بنيادي طرح روماني شاعر آهي. ۽ روماني شاعريءَ ۾ احساس ڪي نوان ڪونه هوندا آهن. شاعر جو اسلوب، سوچ جو اسٽائيل ۽ ان جو اظهار ئي ان کي منفرد بنائيندو آهي. روماني شاعريءَ ۾ اهو بلڪل ضروري ڪونهي ته، شاعر کي صرف نئين مواد لاءِ جاکوڙڻ گهرجي، ڇو ته پراڻي مواد ۾ به، نوان شاعراڻا احساس اظهاري سگهجن ٿا. ان ڏس ۾ به بلاشبه سوز پاڻ کي ائين مختلف Prove ڪيو آهي. جيئن گلاب جي ٻن گلن وچ ۾ موتئي جو گل پنهنجي ويا کتا ڪرائيندو آهي.

اهو سوچي ته ڪهڙي گل سان ڏيان تشبيهه مان ان جي،

ڪڻا پاتم ته نڪري موتئي جو انتخاب آيو.

۽ اڳتي هلي، غزل جي روايتي تغزل سان پنهنجي سڀاءُ جي جدت کي پيوند ڪري، سوز غزل لاءِ هڪ نئون ڊڪشن ٺاهي ان کي نئين ٽيسٽ ڏيڻ ۾ سوڀ ماڻيندو ويو آهي.

منهنجي اکين اڇل کي سانوڻ جي ڇاٽ ڄاڻي

تو چاڙهيا درين جا شيشا لڪي ڇپي.

 

نهايت خوبصورت بند لفافو،

سفيديءَ جو ڍڪي احرام آيو.

سوز جي انهن غزلن ۾ هڪ طرف روايتي غزل جي خوبصورتي آهي. ته ٻئي طرف نئين غزل جي جهلڪ به نمايان آهي. اهڙن ئي غزلن جي سيريز مان مثال طور هي شعر ڏسو:

واچ جا ڪانٽا به ڪنهن ڪنهن مهل ملندا ٿا رهن

ان طرح سان ئي سهي ڪو وصل جو وهنوار ٿئي.

غزلن ۾ سوز پنهنجي جدت طرازي سبب، ٻين صنفن جا ’چشما‘ به هنيا آهن. غزلن ۾ ڪافي آميزش رکڻ جي روايت سچل سائين کان مصري شاهه تائين، ريکا دور ڌنڌلڪي ۾ نظر اچي ٿي، سوز به ان ڏس ۾ غزل جي فارم ۾ ’ڪافي‘ جو مواد پيوند ڪري، ان کي ’ٽوٽي فروٽي‘ جو ذائقو ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. سوز جو اهو لهجو دل کي ڇهندڙ آهي. اهو ڀڙڪندڙ حسن ۽ ٻرندڙ عشق جو بيان ڪونهي:

آهي نڪتو ڪري سينگار خدا خير ڪري

پري پري ٿيو هوشيار، خدا خير ڪري.

نظر جا تير تکا ۽ ڀرون به ڀالن جان

هڻي ٿو حسن جا هٿيار، خدا خير ڪري.

غزل ۾ موسيقيت جو رچاءُ پنهنجي جاءِ تي. پر سوز وٽ غزل ۾ خاص ڪري مسلسل غزل جا موضاعاتي تجربا، غزل کي ڄڻ نظم جي روپ ۾ به، اسان آڏو ڏيکارين ٿا. مثال طور هن غزل ۾ لڳ ڀڳ درجن کن سنڌي سازن جي رام ڪهاڻي آهي.

سرگم سرگم ترنم ترنم

لئه ۽ سر جي ڳالهه ڇڙي

بوڻينڊي جي لهرن تي ڪنهن

هينئڙي هر جي ڳالهه ڇڙي.

الغوزي جي آلاپن جي

چنگن چر جي ڳالهه ڇڙي.

يا هن مسلسل غزل جو ٿيم آهي: هوا.

بند ڪمري ۾ ڌوڪي آيون

پاڳل ۽ ڇڙواڳ هوائون

شيلف تان ڪجهه ڪتاب ڪري پيا

منهنجو من ٿيو گائون مائون

سوز جي مٿين غزلن ۾ جيڪا نواڻ نروار آهي. سنڌي ادب ۾ ان ٽائپ جي غزلن جي ڄمار ڪا گهڻي ڪانهي. لاشڪ ته، سنڌيءَ ۾ غزل کي پنهنجو هڪ ماضي آهي. پر خليفي گل ۽ سانگيءَ کي ڇڏي، هي اهو ئي ماضي آهي. جنهن لاءِ هن وقت ساحر جو هي شعر مون کي بلڪل فٽ ٿو لڳي.

ميري ماضي کو انڌيرون مين دبا رهني دو

ميرا ماضي ميري ذلت کي سوا کچهه ڀي نيهن

ويجهي ماضي ۾ ٻيو ته ٺهيو، خود جديد شاعريءَ جي مهان شاعر شيخ اياز جي پهرين شعري مجموعي ’ڀونر ڀري آڪاس‘ ۾ شيخ صاحب جا ڪجهه فارسي زده غزل پڙهيو، کل ڇڏائجو وڃي. ان ڪري اهو ته طئي آهي. ته سنڌي ۾ جديد غزل جو نئون ماضي ڪو گهڻو اڳانهون ڪونهي، اهي ئي ڪي وڌ ۾ وڌ ٽيهه سال ان جي ڄمار ٿيندي، ڪشن چند بيوس، بي شڪ ته جديد ۽ نج سنڌي شاعريءَ جو باني ڪار هو. پر هن يا لکيو نظم يا ڀڳتي گيت. سنڌيءَ ۾ جديد غزل جي سرواڻي به پاڻ ڪئي شيخ اياز يا ان سان گڏ نارائڻ شيام يا سڳن آهوجا... ان کان پوءِ بي شڪ شمشيرالحيدري، تنوير عباسي، تاج بلوچ، ذولفقار راشدي، وفا ناٿن شاهي، وفا پلي، ارجن حاسد، ايم ڪمل ويندي واجد ۽ اياز گل جا نالا به ان فهرست ۾ ڳڻائي سگهجن ٿا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org