سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: درشن ڌارو ڌار

صفحو :5

غزل

پرينءَ جي پار کان پيغام، آيو،

ته دل کي چين ۽ آرام، آيو.

 

بظاهر پيار جو پيغام هو پر،

حقيقت ۾ مگر الهام، آيو.

 

نهايت خوبصورت بند لفافو،

سفيديءَ جو ڍڪي احرام، آيو.

 

سموري راز ظاهر ٿي پوي ها،

چڱو جو تنهنجو خط بي نام، آيو.

 

آئيني ۾ جڏهن صورت ڏٺائين،

ته هن کي ياد منهنجو نام، آيو.

 

سراپا سونهن جي سنڌو نديءَ مان،

الائي ڇو ”سوز“ تشنه ڪام، آيو.

***

غزل

جڏهين اڪيلو ٿيندو، آهيان،

توکي مان ساريندو، آهيان.

 

تنهنجي هر هڪ ساروڻيءَ کي،

ساهن ۾ سانڍيندو، آهيان.

 

ڪڏهين ڪڏهين چرين وانگي،

کلندي روئي ڏيندو، آهيان.

 

تنهنجي تصويرن کي اڪثر،

سيني سان لائيندو، آهيان.

 

ڏينهن ڏٺي جو خواب ڏسي مان،

تعبيرون ڳوليندو، آهيان.

 

تنهنجي هٿڙن ساڻ لکيل،

خطڙن کي کوليندو، آهيان.

 

تنهنجي تصور ۾ او سائين،

گيت نوان جوڙيندو، آهيان.

 

ڪاش! اهو معلوم هوءِ توکي،

ڪيڏو مان چاهيندو، آهيان.

***

غزل

اکين التجائون، اڃا ياد آهن،

چپن کي صدائون، اڃا ياد آهن.

 

بهارن ته اڪثر ڪيون بي وفائيون،

اسان کي خزائون، اڃا ياد آهن.

 

اسان کان گهڻيئي ٿيون اربع خطائون،

اوهان جون عطائون، اڃا ياد آهن.

 

چڙهيو چنڊ چوڏهينءَ جو ٿي روشنائي،

ڏکڻ جون هوائون، اڃا ياد آهن.

 

تنهنجو نانءُ نرمل اچي هانءُ هريو،

چريون چاهنائون، اڃا ياد آهن.

 

سڀيئي ”سوز“ جا خواب وکري ويا،

مگر ساڀيائون، اڃا ياد آهن.

***

غزل

نوان ڪي نينهن ڪجن، جو نوان خطاب، ملن،

نوان قصور ڪجن ۽ نوان عتاب اچن.

 

سڀيئي پيار جا دستور ٿي فرسوده ويا،

نوان نظام کپن ۽ ڪي انقلاب، اچن.

 

نوان سلام ڪجن ۽ نوان ڪلام ڪجن،

نوان نقاب کلن ۽ نوان حجاب، ٿين.

 

ڪشادي صحن ۾ محبت جا ماهتاب، کڙن،

کليل هوا ۾ به ٽڙندا سدا گلاب رهن.

 

نوان الهام ٿين ۽ ڪوي ڪتاب لکن،

محبتن جا ڪي روشن سونهري باب لکن.

 

سدائين سونهن جي سربخت سندو خير هجي،

اسان جا نيڻ عجيب ۽ حسين خواب، ڏسن.

***

غزل

ڇا لئه دور رهڻ ٿا چاهيو،

دل کان ليڪن دور ته ناهيو.

 

ساهن مان سرهاڻ اچي ٿي،

اکڙين کان به اوڏا آهيو.

 

نيڻن ۾ سنسار سمورو،

ٺاهڻ واري آهي ٺاهيو.

 

دردمندن ۽ دلوارن سان،

سهڻا ڇو ٿا سينو ساهيو؟

 

هيڏي ساري نينهن نگر ۾،

ڪنهن ڪنهن آهي توڙ نباهيو.

 

سونهن وڏو سرمايو آهي،

سونهن جي هڪڙي مرڪ ورهايو.

***

غزل

خوبرو خوش نصيب، ڇو آهن؟

هر ڪنهن دل جا حبيب، ڇو آهن؟

 

ڪاش! ڪوئي اهو ٻڌائي سگهي،

دور ايڏو قريب، ڇو آهن؟

 

نيڻ سهڻا ڏٺم ته ياد آيو،

خواب ايڏو عجيب، ڇو آهن؟

 

سوچيان پيو ته گل جي چهري کي،

خار ايڏو قريب، ڇو آهن؟

 

توکان تنها ٿيڻ جي صورت ۾،

ياد ايندا رقيب، ڇو آهن؟

 

پنهنجي نيڻن ۾ پيار وارن لاءِ،

تو سجايا صليب، ڇو آهن؟

 

”سوز“ محبت جي ملڪ جا ماڻهو،

ايترو بي نصيب، ڇو آهن؟

***

غزل

آهي نڪتو ڪري سنيگار، خدا خير ڪري،

پري پري ٿيو هوشيار، خدا خير ڪري.

 

نظر جا تير تکا ۽ ڀرون به ڀالن جيان،

هڻي ٿو حسنجا هٿيار، خدا خير ڪري.

 

جنهن جا لب لال ۽ سرخي بنائي ٿا سونهن،

گلابي گل جهڙا رخسار، خدا خير ڪري.

 

سنواري سينڌ سڄڻ آ ۽ رخ تي ڇوڙي ڇڏيا،

اهي واسينگ جهڙا وار، خدا خير ڪري.

 

عجب جون اکڙيون ڏسي ۽ غضب جا غمزه پسي،

ٿياسين بي گناهه شڪار، خدا خير ڪري.

 

دلين جي ڌڙڪن روڪيو سنڀالي ”سوز“ هلو،

اچي پيو سونهن جو سردار، خدا خير ڪري.

***

غزل

نٿي ڄاتم ته ايڏو بي مروت تون مٺا، ٿيندين،

ڪري وعدا وفائن جا وري پوءِ بي وفا، ٿيندين.

 

اوهان جي واٽ ۾ اکڙيون وڇائي يار ويٺاسين،

ڪڏهين ايندين دلاسو درد جو اي دلربا، ٿيندين.

 

زمانو جي مٽائي منهن، خفا ٿي ويو ته ڇا ٿي پيو،

اميدون خاڪ ٿي وينديون مگر جي تون خفا، ٿيندين.

 

ستائڻ مان سرئي ڇا ٿو، وسارڻ مان ورئي ڇا ٿو،

چوڻ وارا چئي ڏيندءِ جي ايڏو ڪج ادا، ٿيندين.

 

ستم مليا، زخم مليا، وهم مليا ۽ غم مليا،

ستمگر بيوفا، بي درد ٿئين چوءُ ڇا اڃا، ٿيندين؟،

 

سدائين ”سوز“ فرقت ۾ رهڻ ڏاڍو ڏکيو آهي،

پيا ان آس تي گهاريون ته آخر با وفا، ٿيندين.

***

غزل

هڪ دفعو بس هڪ دفعو الفت سندو اقرار ٿئي،

پوءِ ڀلي صدبار پيو انڪار تي انڪار، ٿئي.

 

واچ جا ڪانٽا به ڪنهن ڪنهن مهل ملندا ٿا رهن،

ان طرح سان ئي سهي، ڪو وصل جو وهنوار ٿئي.

 

خار جيان دامن ۾ اٽڪڻ پنهنجي عادت ڪا نه آ،

ظرف ڪنهن جي شرف تي ڇو برسر پيڪار ٿئي.

 

هيءُ به ڪو بغداد آ، هت ڪئين هلاڪو ٿا رهن،

پيار جو نالو کڻي جو سو هتي سنگسار، ٿئي.

 

رات جي تاريڪ چادر کان پڇيو ڪنهن هيءُ سوال،

تنهنجي جهولي ۾ ڪڏهين ٿو صبح نوبيدار، ٿئي.

 

زندگي جاڳائيو زنده دليءَ جي شهر ۾،

وقت جي آهي تقاضا، زندگي بيدار، ٿئي.

***

غزل

هجر جا لمحا گذري، ويندا،

دل کي درد به وسري، ويندا.

 

هيل جي رم جهم جي رت آئي،

زخم سمورا ڀرجي ويندا.

 

هيرون گهلنديون کيرون ملنديون،

دک جا دفتر ڌوپي ويندا.

 

نيڻ اسان جا ناز پرينءَ جا،

پاڻ ۾ پرچي سرچي ويندا.

 

من جي لام متان ڌونڌاڙيو،

پريم پکئيڙا اڏري، ويندا.

 

شهر وفا جي ديوارن تي،

نينهن جا نعرا لکجي ويندا.

 

ويندي ويندي درد اسان کان،

ٻارن وانگي روئي ويندا.

 

دل دروازا کوليو ورنه،

محبت وارا موٽي، ويندا.

 

”سوز“ فراق جا پل سمورا،

پنهنجي پاڻ کي ڀلجي، ويندا.

***

غزل

گل جي دامن منجهه ڏسندي خار، کي،

حوصلو آهي ملي ويو پيار، کي.

 

هيءُ به ڪو انداز آهي پيار جو،

ڪاش! ڪو سمجهي انهيءَ اسرار کي.

 

وقت جي رنگين مزا جي آ عجب،

ڪير ٿو روڪي سگهي ان ڌار، کي.

 

ڪنهن کان وسري ٿو وڃي هڪ پل اپل،

ڪو سنڀالي ٿو صدين جي سار، کي.

 

چنڊ تارن کي چيم ترسي پئو،

دل جي ڌرتيءَ تي ٽڪايم يار، کي.

 

اڄ هوا رابيل جا گجرا کڻي،

پيئي آڇي صبح نوبيدار، کي.

 

ڏات مون سان ”سوز“ ائين آهي ملي،

ڄڻ ته ڪا سهڻي ملي ميهار، کي.

***

غزل

گهاءُ گهرو هر گهڙيءَ گهائڻ لڳو،

کن اڏوهيءَ وانگيان کائڻ لڳو.

 

لمحو لمحو ٿو ڏنگي ڏينڀن جيان،

پل، اپل سنڌوءَ جيان پائڻ لڳو.

 

مان اڪيلو ۽ سناٽو رات جو،

درد منهنجي دل کي پر ڀائڻ لڳو.

 

دور ڪو پڙلاءُ آ، آلاپ جو،

ڪوئي شايد دل جليو ڳائڻ لڳو.

 

هو به جاڳي پيو اڃا مون وانگيان،

پاڻ جاڳي لوڪ جاڳائڻ لڳو.

 

ڪنهن ڪنواريءَ نينگريءَ جي شرم جيان،

گهاءُ پنهنجي ساءِ شرمائڻ لڳو.

 

من وڏي ويساهه گهاتيءَ بعد ڀي،

ساڳيو ويساهه ورجائڻ لڳو.

***

غزل

رات سناٽو  ۽ مان اڪيلو،

ڏاڍومن بي چين ٿئو.

 

مان تنها ماحول ڀيانڪ،

بي چينيءَ جو هر هڪ لمحو.

 

دل بهلائڻ ڪارڻ مان،

شاهراه تي آهيان بيٺو.

 

رات گهڻيئي روپ ڪري ٿي،

هر هڪ روپ انوکو جنهن جو.

 

بانسريءَ جي سر ۾ ڪوئي،

”رانجهو“ هير وڄائي ويٺو.

 

هڪڙي ڪچي گهر ۾ پوڙهو،

ٻارن کي سرچائي ويٺو.

 

فوٽ پاٿن تي ڪوئي ڪونهي،

شايد سارو شهر سمهي پيو.

***

غزل

ڪنهن سڃاتل گهر جو ڪوئي،

پاڇو در کڙڪائي پئو.

 

هڪ مرڪيو ري بلب اچانڪ!

جهٽڪو ڏئي اجهامي ويو.

 

ڪهڙا ڪهڙا در کڙڪايان،

منهنجو ڪوئي گهر ڪونهي ڪو.

 

رات ڳهر ۾ ڳهرجي ويئي،

پر جاڳي پيو اوسيئڙو.

***

غزل

رات جو ڏيڍ ٿي ويو آهي،

شهر سنسان ٿي ويو آهي.

 

توسان ڳالهيون ڪيان ته ڪيئن ڪيان،

فون ڀي ”ڊيڊ، ٿي ويو آهي.

 

تنهن جي گهر جو پتو اٿم ليڪن،

وقت بيگاهه ٿي ويو آهي.

 

رات ايڏي ته ٿڌي آهي ڄڻ،

”هيٽر“ به ڄمي ويو آهي.

 

هاڻي بجلي به هلي وئي آ،

شهر اونده ۾ ٻڏي ويو آهي.

 

تنهنجي يادن سواءِ او! سائين،

”سوز“ هر ڳالهه ڀلجي ويو آهي.

***

غزل

جنين جي ياد ستايو انهن، جو خير هجي،

خدا ڪري شل محبن، مٺن، جو خير هجي.

 

وريو آ واءُ خزان جو بسنت جي رت ۾،

چمن جو خير هجي ۽ گلن، جو خير هجي.

 

ڏکن جي ڳالهه ٻڌڻ سان ئي سکن ساٿ ڇڏيو،

ڏکن نڀايو ڏکن ۾ ڏکن، جو خير هجي.

 

”عمر“ جي ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ کان ڏڪيا ڏيهي،

ڪکن جو خير هجي شل پکن، جو خير هجي.

 

هڄي ٿو هانءُ، ڏکي ڏيل، روح ٿو رڙڪي،

ڏڪي اک ڏائي پئي، شل پرين، جو خير هجي.

 

گمان ٿو ٿئي ڪنهن حادثي جي آمد جو،

ونين، ورن جو ۽ کيرن پٽن، جو خير هجي.

 

ٿين ٿا گهوڙن گهوٽن جا ڏينهڙا ٿورا،

جهڪڻ نه جيڪي سکيا ”سوز“ تن جو خير هجي.

****

غزل

سوچ جي ساڃاهه مان ئي فڪر ٿو حاصل ٿئي،

لوچ سان انسان ٿو معيار جي قابل ٿئي.

 

رات کي ٿو چنڊ گهرجي، ڏينهن کي سورج کپي،

روشنيءَ جو ساٿ شل هر ويل ۾ شامل ٿئي.

 

ساک وئي بي ساک ٿي ۽ لاک ويئي باک جي،

ڪاش! هاڻي پرهه پنهنجي ماڳ ڏي مائل ٿئي.

 

ماڳ جيڪو سچ وانگر ڏور ٿيندو ٿو وڃي،

جو انهيءَ کي ٿو سڃاڻي مرد ٿو ڪامل ٿئي.

 

وقت جا گامون نه هرگز سچ ٻولڻ کان مُڙئا،

ڀل انهن جي راهه ۾ ڪا مصلحت حائل ٿئي.

 

ڪالهه جي ڏاهي کي ڏاهپ ڇا ڏنو هو موٽ ۾،

اڄ جي جاهل کي ڇڏي ڏيو ڀل اڃان جاهل ٿئي.

 

سور سڀ پنهنجا وساري گيت جوڙيندا وتون،

سچ  پڇو يارو! اسان لئه هر گهڙي گهائل ٿئي.

 

رنگ رتولن پيچرن مان رنگ رتو مارڳ ملي،

سر ڦرين لاءِ ”سوز“ چئي محتاج ٿي منزل ٿئي.

***

غزل

ڪير چئي ٿو سوجهرو ساڻيهه ۾ آ ٿي ويو،

ڪير چئي ٿو روشنيءَ سان ربط پيدا ٿي ويو.

 

ڪنهن هلايو رات جو فخر ۽ غرور آهي ٽُٽو،

ڪنهن چيو آزاد سورج آهُويدا، ٿي ويو.

 

آزمائش جي گهڙي ڪيڏي نه آهي بي رحم،

حسن تنها ٿي ويو ۽ عشق تنها، ٿي ويو.

 

شور ٿيو ڳيرا اڏاڻا، آشيانو ويو جلي،

اوچتو ماحول ۾ ڪهرام برپا، ٿي ويو.

 

هن زماني جي ستمگاري ڏسو اي دوستو!

کوهه جو ڏيڏر به آهي ڪوهه پيما، ٿي ويو.

 

هاڻ مالهيءَ ڀي ڪئي آ گل فروشي اختيار،

”سوز“ هي ڪهڙو زمانو اف! خدايا، ٿي ويو.

**

غزل

جڏهن کان حوصلو آهي اچي ويو انتظارن، ۾،

تڏهن کان رشڪ پيدا ٿي ويو آهي ستارن ۾.

 

بسنتي رت وري آئي خبر ناهي ته ڇا جي لاءِ،

نه ڪا سرهاڻ مينديءَ ۾ نڪا لالي ليارن ۾.

 

ٿئا پرزا پيالا ۽ نه رهيو مڌ ماٽي ۾،

الاجي ڪهڙو ڦيٽاڙو پيو موکي متارن، ۾.

 

صنم سازيءَ جي بندش تي روئي پيو سنگتراش آهي،

وڏو ڦيرو اچي ويو آهي اڄ جي شاهڪارن ۾.

 

نه جي شيشئه گريءَ جو فن سڃاڻن ٿا نه ڄاڻن ٿا،

انهن کان ڪيئن ڳنڍبا دل ٽٽل جا پارا پارن، ۾.

 

خيالن واري رڻ پٽ ۾ ڀلي ڀٽڪي، ٿڪي، ٽٽجي،

نه باقي دم رهيو ڪوئي هجر جي راهگذارن، ۾.

 

جڏهن تو مست نيڻن کي کنيو ڪنهن مست موسم ۾،

اچي ويو حسن هيڪاندو تڏهن نرمل نظارن، ۾.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org