سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: درشن ڌارو ڌار

صفحو :4

غزل

روز جنهن جاءِ تان گذر، آهي،

تنهنجي گهر جو اُتان ئي در، آهي.

 

تو ڏسي در کي بند ڪري ڇڏيو،

تنهنجي دل آهي يا پٿر، آهي.

 

مان اڪيلو هجوم ماڻهن ۾،

ڪيترو اوپرو شهر، آهي.

 

مان اڃان ڀي گهڻو روئي سگهندس،

منهنجي نيڻن ۾ جام جر، آهي.

 

جنهن ۾ آيو نه ڪوئي کن پل لاءِ،

من اُهو انتِظار گهر، آهي.

 

دل جو شيشو ڀڳو جڙي نه سگهيو،

شهر ۾ توڙي شيسه گر، آهي.

***

غزل

رات جي نيڻن ۾ هيڪاندو ڪجل،

ڦهليل ماحول ۾ خوشبوءِ ڀنل.

 

پيار جي هٿڙن تي ميندي وئي لڳي،

هاڻ ٽڙندا ڪاڪ تي نيرا ڪنول.

 

سونهن جو سنڌو وري اٿلي پيو،

جنهن جي هر ڪا لهر آهي رنگ رتل.

 

رت بسنتيءَ جي اماسي رات ۾،

ڪيترو آڪاش آ، نکري پيل.

 

ساهه جي سهڪي ۾ لءِ ڀرجي ويئي،

آ هوائن جي هٿن ۾ سر منڊل.

 

هر ستارو ڄڻ ڏياريءَ جو ڏيئو،

هرڏسا ۾ جوت جرڦل جرڪيل.

 

چنڊ کي شايد وئي ڪا اک لڳي،

هو گهڻين راتين جو آ، اوجاڳيل.

 

اڄ وري تڙ تي تماچي ٿو اچي،

ڄاڻ ٿي ڪينجهر هندوري جي مهل.

 

روز جي وايون وصالن جون ٿين،

روز لکبا ”سوز“ سهڻن جا غزل.

***

غزل

رات ڪيڏي نه رم جهمي، آهي،

۽ هوا پور بي گهلي، آهي.

 

سونهن جو سمنڊ ڄڻ پيو اٿلي،

لهر هر ڪائي رنگ رتي، آهي.

 

رات ”رانجهوءَ“ جو ويس آ پاتو،

”هير“ جي مک تي بانسري، آهي.

 

ڦول اجرا به اڄ پيا نکري،

سانجهه ايڏي جو سرمئي، آهي.

 

دل جي ڌرتي رڳو ڀني ڪانهي،

شهر جي هر گلي ڀني، آهي.

***

غزل

نيري پاڻيءَ ۾ ڪنول، ڏاڍو وڻيو،

سونهن جو رد عمل، ڏاڍو وڻيو.

 

منهنجي نيڻن کي نظارن کان وڌيڪ،

ڪنهن جي نيڻن جو ڪجل، ڏاڍو وڻيو.

 

زندگي ڏاڍي ٻسي آهي مگر،

پيار جو هر پل اپل، ڏاڍو وڻيو.

 

رات کي پڻ آهي پنهنجي ڪائنات،

پرهه جو چهرو ڀنل، ڏاڍو وڻيو.

 

اوچتو کڙڪي کلي ڇرڪي پيس،

سوچ ۾ بي جا دخل، ڏاڍو وڻيو.

 

رات روشن، واءَ ڏکڻ کليل اڱڻ،

ڪوئي منهن کولي ستل، ڏاڍو وڻيو.

 

لفظ ڳولي گڏ ڪري جو جوڙيم،

شاعريءَ جو سو محل، ڏاڍو وڻيو.

 

هن جڏهين جهونگاريو منهنجو غزل

مون کي پنهنجو ئي غزل، ڏاڍو وڻيو.

***

غزل

تنهنجي اکڙين جي اڻي، ڏاڍي وڻي،

قرب جي هڪڙي ڪڻي، ڏاڍي وڻي.

 

پار تنهن جي کان پرين آئي هوا،

پيار جي خوشبوءِ کڻي، ڏاڍي وڻي.

 

زلف جي ڪنهن دام ۾ اٽڪي پئي،

تنهنجي هٿڙن جي ڦڻي، ڏاڍي وڻي.

 

جنهن ادا سان نيڻ ٿي زخمي ويا،

سا ادا دل کي وڻي، ڏاڍي وڻي.

 

محبتن ۽ قربتن جي او! مٺا،

ميخ وئين من ۾ هڻي، ڏاڍي وڻي.

 

دل کڻي جادو هڻي تون وئين مگر،

ڳالهه جيڪا توڳڻي، ڏاڍي وڻي.

***

غزل

درد دل جو ڌيان ۾ رکجان،

تير پوءِ تون ڪمان ۾ رکجان.

 

شخص هڪڙو نگاهه ۾ رکجان،

سود ڪوئي زيان ۾ رکجان.

 

دل جي ڌڙڪن ڪوئي ٻڌي نه ٻڌي،

تون مگر ان کي ڌيان ۾ رکجان.

 

گفتگوءَ سان وري نه دک پهچي،

اهڙو لهجو زبان ۾ رکجان.

 

رات جي سانت ۽ ايڪانت ۾،

در کليل کي گمان ۾ رکجان.

 

ٿي سگهي ٿو ته مان وري به اچان،

روشني تون مڪان ۾ رکجان.

 

پيار وارن جي آجيان خاطر،

ڪجهه ته گل تون به لان ۾ رکجان.

 

صرف شيشي جو خريدار نه مان،

ڪي پٿر دل دڪان ۾ رکجان.

 

هن کان وڇڙڻ جي ويل ”سوز“ چيم،

رَبَ هن کي امان ۾ رکجان.

***

غزل

نيڻن ۾ سپنن  جي خوشبوءِ،

سپنن ۾ ساجن جي خوشبوءِ.

 

ساهن منجهه سمايل آهي،

دلبر جي دردن جي خوشبوءِ.

 

هن جي گهر کان ايندي ويندي،

ايندي آ، درشن جي خوشبوءِ.

 

چندن واس کان اتر لهڻي،

مينديءَ رتن هٿڙن جي خوشبوءِ.

 

هر خوشبوءِ کان سرهي آهي،

نرمل جي نيڻن جي خوشبوءِ.

 

ڪنهن ڪنهن نانءَ جي خوشبوءِ آڏو،

بي واس لڳي گلشن جي خوشبوءِ.

 

نيٺ وڃي پرين کي پهتي،

”سوز“ سندي شعرن جي خوشبوءِ.

***

غزل

ائين نيڻن ۾ خواب، ٿا سرجن،

لان ۾ ڄڻ گلاب، ٿا سرجن.

 

بند مکڙيءَ کي ڏسي ائين ٿو لڳي،

حسن مان ئي حجاب، ٿا سرجن.

 

رات مان صبح ٿو ٿئي روشن،

صبح سان ئي نقاب، ٿا سرجن.

 

توکان هڪ سوال ٿو پڇان ليڪن،

ذهن ۾ ڪئين جواب، ٿا سرجن.

 

دور توکان رهڻ جي حالت ۾،

وَسِوِسا بي حساب، ٿا سرجن.

 

بند ڪمري ۾ روشني آهي،

شعر شايد اڃان به ٿا سرجن.

 

نانءُ تنهنجو جڏهن ٿو ”سوز“ وٺان،

سچ پڇو ڪئين ثواب ٿا سرجن.

***

غزل

موسمون جيئن مٽبيون، آهن،

محبتون ايئنءَ نه مٽبيون آهن.

 

ڪجهه شيون ڏيئي ڇڏڻ لءِ آهن،

ڪين واپس سي وٺبيون آهن.

 

بادلن جيئنءَ وڃن ٿيون جي وکري،

دوستيون سي نه چئبيون آهن.

 

ڪهڙي ڪم جون اُهي اکيون چئبيون،

جن اکين جون نه ڪي ”سکيون“ آهن.

 

جيڪي دليون نه ڪنهن ٻئي سان مليون،

سي دليون ڄڻ ته بي دليون، آهن.

 

صبح ويلي اوهان جون ساروڻيون،

ڄڻ ته مکڙيون ٽڙي پيون، آهن.

 

ڪنهن کي ڇا ته ”سوز“ پارن جون،

راتيون ڪيئن ڪٽبيون، آهن.

***

غزل

گذريون راتيون، صبح ۽ شامون،

ڪيئي لهندڙ سج جون لامون.

 

هرپل تنهنجي ياد ۾ گذري،

هر پل نيڻ ڀڄايا مون.

 

گوندر ڳاڙها گل ڪڍيا هن،

مرڪي مرڪي جهول جهليا مون.

 

سچ ته ڏاڍو سادو آهيان،

جا به چئي جنهن، وسهي سا، مون.

 

واءُ خزان جو ورئو ڏسي تون،

ڇا ٿي ويڙو آهي ڇا مون.

 

ڪڏهن ته ڪر هل ڪاهي اچ تون،

راڻل! ڪوهه ڪرين روسا  مون.

 

ساروڻين جي وسڪارن ۾،

”سوز“ پڇون، پچرون ۽ کامون.

***

غزل

رات جي اسان جي محفل ۾ هئي،

سنگيت ۽ سُر جي ڳالهه ڇڙي.

 

سرگم سرگم، ترنم، ترنم،

لهءِ ۽ گر جي ڳالهه ڇڙي.

 

الغوزه جي آلاپن جي،

چنگن چر، جي ڳالهه ڇڙي.

 

ڏياچ، ڪماچ ۽ ٻيجل چارڻ،

سِرَ ۽ سُرَ، جي ڳالهه ڇڙي.

 

ڀوڻينڊي جي لهرن تي ڪنهن،

هينئڙي هر، جي ڳالهه ڇڙي.

 

کهنبي کهنبي رنگ تي نيري،

اجرڪ ڇُرَ، جي ڳالهه ڇڙي.

***

غزل

سانوڻ رت جي سڀ سندرتا، تنهنجي نانءِ،

مست هوا جا سرها جهونڪا، تنهنجي نانءِ.

 

تنهنجي مکڙي جا موهيڙا ڄڻ تارا،

چانڊوڪيءَ جا ڪرڻا ڪرڻا، تنهنجي نانءِ.

 

تنهائين جا ڀرم ڀڃي سڀ کولي ڇڏيم،

دل جا در دريون دروازا، تنهنجي نانءِ.

 

لهر لهر جيان لڇندڙ لڇندڙ بي سانتيڪا،

سنڌوءَ جهڙا جيون جذبا، تنهنجي نانءِ.

 

احساسن جي روپ سروپ مان جي سرجياسي،

منهنجا گيت غزل ۽ دوها، تنهنجي نانءِ.

***

غزل

تو ڏي لکيا هئم جي خطڙا، لڪي ڇپي،

سي تو ضرور پڙهيا هوندا، لڪي ڇپي.

 

ڪهڙي سبب نه جيڪي سگهيا لڪي ڇپي،

شايد! هوا هلائي ڇڏيا، لڪي ڇپي.

 

رخ تان جڏهين هٽايا تو وار جنهن سمي،

حيرت مان چنڊ پاتا لياڪا، لڪي ڇپي.

 

منهنجي اکين اڇل کي سانوڻ جي ڇاٽ ڄاڻي،

تو چاڙهيا درين جا شيشا، لڪي ڇپي.

 

تنهائين ۾ اڪثر دل کي بهلائڻ خاطر،

جهونگاريم اياز جا دوها، لڪي ڇپي.

 

ڪيسين گهٽيل فضا جي آلودگيءَ ۾ رهبو،

ڪيسين ڪبا او! سائين پردا، لڪي ڇپي.

 

ساڀيان ۾ نه سهي پر سپنن ۾ ئي سهي،

تنهنجا چمي وتاسين چپڙا، لڪي ڇپي.

 

جي ڪالهه پيچرا ها تو وٽ اچڻ وڃڻ جا،

سي اڄ وشال ٿي پيا رستا لڪي ڇپي.

***

غزل

موسم گلاب مرڪي، ڪوئي ياد اچي ويو،

سورج جي ريک نڪتي، ڪوئي ياد اچي ويو.

 

اڄ شهر ۾ گلن جي نمائش ۾ اوچتو،

رابيل تي نظر پئي، ڪوئي ياد اچي ويو.

 

هڪ شام، نم جي لام تي ڪوئل جو ڪوڪ ڪئي،

دل بانسريءَ جئين گونجي، ڪوئي ياد اچي ويو.

 

تارا جڏهين سمهي پئا، وئي رات ڳهرجي،

نيڻن ۾ ننڊ جاڳي، ڪوئي ياد اچي ويو.

 

خوشبو ان جي نانءَ جي، آندي هوا ته، دل،

دروازا جهلي بيٺي، ڪوئي ياد اچي ويو.

***

غزل

مون توکي احساس جي ارتا،

سي سڀ سائين توکي پرتا.

 

ڪر مروڙي جاڳي پيئي،

تنهنجي چهري جي چندرتا.

 

بسنت رت جيان نکري پيئي،

آهي سپنن جي سندرتا.

 

سونهن ۽ سچ جي دم سان قائم،

چاهه چرئي جي آهي امرتا.

 

پُورَ پَلَوَ ۾ پائي ڦريس،

ڪنهن به نه پڇيا ڪنهن به نه ورتا.

 

مون کان گيت رٺا ها جيڪي،

”سوز“ اڃان سي ناهن سرتا.

***

غزل

سپنا ساڀيان ٿيندا، آهن،

وسري مور نه ويندا، آهن.

 

سپنن ۾ ئي سانول سپرين،

اکڙين آڏو ايندا، آهن.

 

صدين جا سوداءِ سمورا،

پل ۾ پورا ٿيندا، آهن.

 

نيڻ نماڻا، نينهن جا نجهرا،

اوسيئڙن ۾ اڏيندا، آهن.

 

دلوارا ڪنهن ٻئي بيدل کي،

دل جو حال نه ڏيندا، آهن.

 

روح جا رشتا، نينهن جا ناتا،

نيٺ نڀائي نيندا، آهن.

 

وڍيل، وڇڙيل، وسريل ماڻهو،

سپرين کي ساريندا آهن.

 

”سوز“ ۽ سڪ کي سانڍڻ وارا،

گوندر ۾ گهاريندا آهن.

***

غزل

ڪو چاهت ڀريو چاهه، ٿيس،

ڪا ڀٽڪيل ڀٽڪيل راهه، ٿيس.

 

ڪنهن درد منديءَ جي دانهن ٿيس،

ڪنهن عشق واري جي آهه، ٿيس.

 

پيار محبت جو پوڄاري،

اندر جو اتساهه، ٿيس.

 

ڪنهن ديويءَ جي سندرتا جي،

سونهن ڀري ساراهه، ٿيس.

 

ڇو ٿو منهنجا رستا روڪين!

سچ سندي ساڃاهه، ٿيس.

 

من پورالو آهي، شايد،

ديوانو درياهه، ٿيس.

 

افق سندو مان دوکو آهيان،

شفق سندو ويساهه، ٿيس.

 

جنهن کان هر ڪوئي ٿو ڇرڪي،

وقت اهو بيگاهه، ٿيس.

***

غزل

جانيءَ جو جنسار، اهو ئي ساڳيو آ،

سونهن ڀريل سنسار، اهو ئي ساڳيو آ.

 

هر شيءِ جو معيار ڪري پيو،

محبت جو معيار، اهو ئي ساڳيو آ.

 

تنهنجو مون سان، منهنجو توسان،

الفت جو اقرار، اهو ئي ساڳيو آ.

 

جنهن توکي تخليق ڪيو آ،

منهنجو خلقڻهار، اهو ئي ساڳيو آ.

 

او! سهڻا من مهڻا تنهنجي،

اکڙين ۾ اسرار، اهو ئي ساڳيو آ.

 

او! پرين او! سپرين تنهنجو،

سهڻن منجهه شمار، اهو ئي ساڳيو آ.

 

”سوز“ هالائيءَ جي شعرن ۾،

پريم سندو پرچار، اهو ئي ساڳيو آ.

***

غزل

سونهن سينگار، تنهنجي نيڻن ۾،

مينگهه ملهار، تنهنجي نيڻن ۾.

 

آئيني جيئن شفاف ۽ روشن،

جوت جنسار، تنهنجي نيڻن ۾.

 

هر ڪا تخليق ٿي هتي سر جي،

ڪوئي فنڪار، تنهنجي نيڻن ۾.

 

ايترو نه آهي ساري ڌرتيءَ تي،

جيڏو سهڪار، تنهنجي نيڻن ۾.

 

گهري ساگر جي ڇولين وانگر،

سونهن جي ڌار، تنهنجي نيڻن ۾.

 

پاڻ پنهنجو پسيم ته ائين لڳو،

پيار ئي پيار، تنهنجي نيڻن ۾.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org