سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: درشن ڌارو ڌار

صفحو :17

”مصري فقير جي ياد ۾“

هُو اَملُهه مَهان فنڪار، هئو،

۽ جڏبن سان سر شار، هئو.

 

سنگيت سان جنهن کي پيار هئو،

۽ فن جو عجب شهڪار، هئو.

 

هو سر جو اهڙو ساگر هئو،

جنهن جو ڪو آر نه پار هئو.

 

سُر جي دنيا جو سونهون، ۽،

شاعر، موسيقار، هئو.

 

ياد خزاني ۾ لاثاني،

شعرن جو ڀنڊار، هئو

 

محفل جو نبض شناس هئو،

هو راڳي عجب اسرار، هئو.

 

خوش خلق بلند ڪردار هئو،

خوش لحن ۽ خوش گفتار، هئو،

 

هو مصري کان ڀي مٺڙو هئو،

هو ماڻهو مينگهه ملهار، هئو.

 

منهنجي پسند جو پهريون راڳي،

ڪيڏو نه بلند معيار هئو.

***

”اقبال جوڳيءَ جي ياد ۾“

تنهنجي مرلي آ من موهيو،

جوڳيئڙا او! ساميئڙا.

 

اروڙ ننگر جو جوڳي آهين،

سر سر سان ٿو باهه لڳائين،

ڄڻ ٿو جهونا ڳڙهه جلائين،

جوڳيئڙا او! ساميئڙا،

تنهنجي مرلي آ من موهيو،

 

مرلي تنهنجي مک تي آئي،

جڏهن به توڪا وائي ڳائي،

ساهن ۾ سرهاڻ سمائي،

جوڳيئڙا او! ساميئڙا،

تنهنجي مرلي آ من موهيو،

 

مرلي، تنهنجي سنگ سڃاپي،

تنهنجو انوکو انگ سڃاپي،

جڳ ۾ تنهنجو رنگ سڃاپي،

جوڳيئڙا او! ساميئڙا،

تنهنجي مرلي آ من موهيو،

 

ماڻهن کي ٿي مست بنائي،

نانگن کي ڀي ناچ نچائي،

مرلي تنهنجي عجب جي آهي،

جوڳيئڙا او! ساميئڙا،

تنهنجي مرلي آ من موهيو،

 

جؤَ ۾ آهن ڪيئي جوڳي،

پر تو جهڙو ”اقبال“ نه ڪوئي،

تنهنجو جوڙ ۽ جيس نه ڪوئي،

جوڳيئڙا او! ساميئڙا،

تنهنجي مرلي آ من موهيو،

***

”رشيد ڀٽي جي ياد ۾“

بسنت رت جي باک ڦٽي،

تو نه ڏٺي ها! تو نه ڏٺي.

 

صبح جي سورج سر تي اوڍي،

اجرڪ آهي نير رتي.

 

شاهه لطيف جي تنبوري جي،

ڄڻ ڪا پيئي تند ٽٽي.

 

سوڳ ۾ تنهنجي ساري سنڌڙي،

اوڇنگارون ڏئي آهي رني.

 

تو نه ڏٺي هيءَ اجگر جيڏي،

ڪاري رات هئي ڪِيئن ڪٽي.

 

تنهنجي هر تخليق روئي ۽،

هر هر تنهنجو نانُ وٺي ٿي.

 

صدين تائين جڳن تائين،

سنڌڙي تو تي ناز ڪندي.

***

استاد جمن جي ياد ۾

جيسين آ سنگيت سلامت، جيسين سر سلامت رهندا،

جيسين سرندا سرندا رهندا، جيسين نغما ڇڙندا رهندا،

راڳي ڪيئي ايندا رهندا، سر جون ساکون ڏيندا رهندا،

سر ۽ لءِ جي حوالي سان، تنهنجو نالو وٺندا رهندا،

تو وٽ سر امانت آهي، تو وٽ راڳ عبادت آهي،

موت کان مور نه مرڻو آهين،

جمن! جيئرو رهڻو آهين.

 

تو شاهه لطيف جي وائين کي ڪَئِين، انڊلٺ جهڙا رنگ ڏنا،

تو سچل بيدل، مصريءَ جي، ڪافين کي سهڻا ڍنگ ڏنا،

تو سنڌيءَ جي سنگيت کي سرها، ردم ڏنا آهنگ ڏنا،

تو ترنم ۽ آلاپ کي ڪيئي، عجب انوکا انگ ڏنا،

موسيقيءَ سندي متوالن کان، سنگيت سريلن ماڻهن کان،

تون وسري مور نه وڃڻو آهين،

جمن! جيئرو رهڻو آهين.

 

پڪ اٿم تو ويل وڃڻ جي، پر ڀاتيءَ کي ڳايو هوندو،

ملڪ الموت سان موسيقيءَ جي، لهجي ۾ ڳالهايو هوندو،

جنت واسين کي تو جاني، شاهه جو راڳ ٻڌايو هوندو،

مِينڍُن مرڪن آلاپن سان، محفل کي گرمايو هوندو،

تاريخ جي سونن ورقن ۾، سنگيت جي سهڻن لفظن ۾،

محفوظ سدائين رهڻو آهين،

جمن! جيئرو رهڻو آهين.

جمن! جيئرو رهڻو آهين.

***

سائين عبدالقادر ابڙو (منور هالائيءَ)

جي ياد ۾

شخص هڪڙو ذات پنهنجيءَ ۾ نهايت باوقار،

نانءُ هڪ ليڪن، انهيءَ جا نانءَ آهن بيشمار.

 

پيار جو، آدرش جو، سو خوبصورت شاهڪار،

جنهن کي فرصت ۾ ويهي تخليق ڪيو تخليق ڪار.

 

پنهنجي اندر اهڙو اجلو جهڙو آئينو شفاف،

پاڻ پنهنجي شخصيت جو هوبهو آئينه دار.

 

ذهن هن جو ڪنهن کليل، روشن صحن وانگر وشال،

من سندس مهراڻ جهڙو محبتن سان همڪنار.

 

محبتن ۽ قربتن جا، جنهن ڪيا قائم مثال،

ان حوالي ساڻ رهندو نانءُ اُن جو يادگار.

 

ڪالهه جنهن محفل ۾ ها، اشعار آندا، لاجواب،

اڄ انهيءَ محفل ۾ ان لاءِ، هر ڪا اک آشڪبار.

 

لڙڪ جي باقي بچايم، شعر جيڪي ڀي لکيام،

سي سڀئي ”منور“ مٺا! تنهنجي محبت تان نثار.

 

روز جيئن گلشن کي آهي، گل جو رهندو انتظار،

”سوز“ تيئن بزم سخن کي تنهنجو رندو انتظار.

***

قاضي محمد عالم (معصوم هالائيءَ)

جي ياد ۾

تو جا چڻنگ دکائي هئي،

تو جا جوت جلائي هئي.

هاڻ ان ۾ لاٽ لٿي آ،

روشن روشن واٽ ملي آ،

ڪاري ڪاري ٻاٽ کٽي آ،

اجري اجري باک ڦٽي آ،

او جاکوڙي! او کاهوڙي!

مٽيءَ سان تو محبت ڪئي آ،

پنهنجي ادب ۽ ٻولي لاءِ،

تو جيڪا جاکوڙ ڪئي آ،

سا ضايع مورنه ٿيڻي آ،

اڃان به سگهاري ٿيڻي آ.

 

ڄاڻان ٿو مان جيئري توکي،

محنت جو نه آ ڦل مليو،

هن سماج پيارا تنهنجو،

ڪوبه نه آهي قدر ڪيو،

پوءِ به پنهنجي مقصد سان تو،

رشتو ناتو ناهي ڇنو،

تنهنجي جذبن کي جس هجي،

او ”معصوم“! توکي شابس هجي.

*

 

جيسين سوچ سلامت آهي،

جيسين لوچ به زندهه آهي،

تنهنجو نالو روشن رهندو،

دائم رهندو قائم رهندو،

وسري مور نه سگهندين سائين.

صدين تائين جڳن تائين.

***

الوداع

(عرفان مهديءَ جي ياد ۾)

ڏاڍو ڏور هليو وئين پيارا!

ديس ڇڏي پرديس وسايئه،

ساگر سوجهڻ جو ڪيئن سوچيئه؟

شاهه لطيف جي وڻجاري جيان،

اهڙي ڪهڙي ڳالهه هئي؟

*

 

اهڙي ڪهڙي ڳالهه هئي،

جو،

سنڌڙيءَ جندڙي کان به رسي وئين،

جنهن ۾ تنهنجو ساهه هيو،

جنهن ۾ تو ويساهه ڪيو.

جنهن جا تو ها خواب ڏٺا،

سونهن جا ۽ خوشحاليءَ جا،

سا به ته ساڳئي حال ۾ آهي،

پوءِ به تون اڳواٽ هليو وئين،

خوابن جي تعمير بنا،

ايئن نه رسبو آهي راڻا!

جيئن تون آهين رسي ويو،

پنهنجي جيون کان،

اهڙي ڪهڙي ڳالهه هئي؟

 

ڏاڍو ڏور هليو وئين پيارا

ڪنهن پرديسيءَ پنڇيءَ وانگر،

نم جي سائيءَ لام مٿان،

ڀڙڪو ڏيئي اڏامي وئين،

۽.....سالام ڀڄي پئي آهي،

پرزا پرزا ٿي وئي آهي،

شال نه ڪنهن به درخت مان،

ايڏي ڪائي لام ڀڄي،

۽......تون وڄ وراڪي وانگر،

اک ڇنڀ ۾ ئي الوپ ٿي وئين،

ان پراهين پار هليو وئين،

جتان نه ڪوئي موٽيو آهي،

جتان نه واپس وريو آهي.

 

ڏاڍو ڏور هليو وئين پيارا!

پيار جا سڀئي رشتا ناتا،

پاڻ ئي جوڙي پاڻ ئي ٽوڙي،

محبت جا سڀ در دريچا،

پنهنجي هٿن سان بند ڪري،

تنها تنها مسافر وانگر،

الائي ڪهڙي پار هليو وئين،

سارو شهر اجاڙي وئين،

سر سامونڊيءَ جي وائي جيان،

راڻل، راڄ رئاڙي وئين،

سنڌ سڄيءَ کي ساڙي وئين،

آخر ڪهڙي ڳالهه هئي؟

جا ڪنهن سان تو ڪين سلي

اوپرديسي!

او وڻجارا!

او عرفان مٺا!

دکندڙ دل ۽ ڀنل نيڻن سان،

باقي بچيل لڙڪن سان،

نظم تنهنجي نذر ڪري،

”سوز“ خدا حافظ ٿو چئي،

تون جت به هجين، شل خوش هجين

خدا حافظ........خدا حافظ

الوداع.......الوداع

***

”قاضي غلام محمد قريشي جي ياد ۾“

سچائيءَ جي سوچ کڻي،

بي سانتيڪي لوچ کڻي،

آ درشن جي واٽ کڻي،

جاڳرتا جي جوت کڻي،

جنگ جهالت سان اٽڪائي،

اونداهيءَ کي آڳ لڳائي،

رات کي روشن ڏينهن بنائي،

سورج وانگر پاڻ جلائي،

جڳ کي روشن رکندا آهن،

سي امر سدائين رهندا آهن.

 

امن، محبت پيار ڀريا،

خوشحاليءَ ۽ سونهن سندا،

ساهس ۽ اتساه ڏيڻ لاءِ،

روشن حال ۽ مستقبل جا،

نيڻن ۾ ڪيئين خواب سمائي،

خوابن ۾ سنسار سمائي،

صحن ۾ ڪيئي گلاب لڳائي،

۽ تن سان گلدان سجائي،

خوشبوءِ کي ڦهلائڻ خاطر،

سرت سجاڳي آڻڻ خاطر،

نئن نسل کي آڇڻ خاطر،

ذهنن کي بدلائڻ خاطر،

جذبا جاري رکندا آهن،

سي امر سدائين رهندا آهن.

 

اهڙي تاريخ ساز انسان،

اهڙا ماڻهو مرد مهان،

 

جدوجهد سندا عنوان،

اهڙا عظمت جا نيشان،

”سوز“ سدائين رهڻا آهن.

مٽجي مورنه سگهڻا آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org