سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: درشن ڌارو ڌار

صفحو :11

وائي

وچينءَ جي ويلا، لڳي واءِ ويلا،

ٻيلو شهر ٻڏي ويو.

 

ڪهڙا ڪهڙا ٿي ويا، ماڻهو اڪيلا،

ٻيلو شهر ٻڏي ويو.

 

ڪنڌيءَ اڀا ڪيترا، عاشق البيلا،

ٻيلو شهر ٻڏي ويو.

 

لهرن منجهه لڙهي ويا، ڪمند ۽ ڪيلا،

ٻيلو شهر ٻڏي ويو.

 

سنڌوءَ جي سيلاب جا، رستن تي ريلا،

ٻيلو شهر ٻڏي ويو.

 

سجاول جي پُلِ تي، روح ڏنا ريلا،

ٻيلو شهر ٻڏي ويو.

 

الائي ٿيندا ڪڏهن، محبت جا ميلا،

ٻيلو شهر ٻڏي ويو.

ٻيلو شهر ٻڏي ويو.

***

وائي

سارا سر سڪي ويا، کوهه ٿيا خالي،

هر ڪا اک آلي.

 

سال ٿيا سانوڻ کي، ڪانه لڳي لالي،

هر ڪا اک آلي.

 

نه ڪنهن ٻانهين ٻانهه ۾، نه ڪنهن ڪن والي،

هر ڪا اک آلي.

 

هر ڪا نارِ ”ننگر“ جي، اڳڙين اٻالي،

هر ڪا اک آلي.

 

لڙڪ نه لاهي سگهيا، بر جي بدحالي،

هر ڪا اک آلي.

 

ٿئي ٿر واسين لاءِ، ڌرتي شل آلي،

هر ڪا اک آلي.

 

”سوز“ سڄي ساڻيهه ۾، اچي خوشحالي،

هر ڪا اک آلي،

هر ڪا اک آلي.

***

وائي

ڏاڍا ڏينهن ٿيا، مور نه مينهن وٺا،

الا! منهنجي ٿر تي.

 

لڪن ۾ لوساٽجي، ٻرن ٻاٻيها،

الا! منهنجي ٿر تي.

 

سارا سر سڪي ويا، آهن مور اڃا،

الا! منهنجي ٿر تي.

 

ڳائن پيٽ بکئي سان، راڻا راسوڙا،

الا! منهنجي ٿر تي.

 

نه ڪنهن چلهه ۾ باهڙي، نه گنديءَ اَنَ ڪڻا،

الا! منهنجي ٿر تي.

 

پوءِ به آهن جيئرا، سانگي ساهه بنا،

الا! منهنجي ٿر تي.

 

هر ڪا آهي جهوپڙي، ڄڻ ڪا ”اٿوپيا“

الا! منهنجي ٿر تي،

الا! منهنجي ٿر تي.

***

وائي

وس وس مينهڙا وس؛ اڃان وس؛

جيسين ٿر ٿاڌل ٿئي.

 

ڌرتيءَ ڌرتتيءَ جي، اجهي ناهي اٻس،

اڃان وس؛ جيسين ٿر ٿاڌل ٿئي.

 

ڪارونجهر جي ڪور جي، مير لٿي آمس،

اڃان وس؛ جيسين ٿر ٿاڌل ٿئي.

 

وسج ويڙهيچن تي، اوتي امرت رس،

اڃان وس؛ جيسين ٿر ٿاڌل ٿئي.

 

راس نه اچن روح کي، راسوڙن جا رس،

اڃان وس؛ جيسين ٿر ٿاڌل ٿئي.

 

ڀٽون ”ڀالوا“ جون، پون ٿي پارس،

اڃان وس؛ جيسين ٿر ٿاڌل ٿئي.

 

جاني اچن جوءِ ۾، سي تون پاڻ به پس،

اڃان وس؛ جيسين ٿر ٿاڌل ٿئي.

 

”سوز“ سهاڳ نه ماڻي ڌرتي، تيسين ڪج نه بس،

اڃان وس؛ جيسين ٿر ٿاڌل ٿئي.

اڃان وس؛ جيسين ٿر ٿاڌل ٿئي.

***

وائي

دل درخت جو ٽڙڪو ڏئي، ڪوئي ڏار ڀڳو،

ڪهڙو واءُ لڳو؟

 

ويري پنهنجي ڀاءُ جو، ٿيو ڀاءُ سڳو،

ڪهڙو واءُ لڳو؟

 

نفرت ۽ ڪروڌ جو، آهي بيل وڳو،

ڪهڙو واءُ لڳو؟

 

ڇيهون، ڇيهون ٿي ويو، سندو سڪ سڳو،

ڪهڙو واءُ لڳو؟

 

وري وير وجود جي، آهي ڪڍ لڳو؟

ڪهڙو واءُ لڳو؟

ڪهڙو واءُ لڳو؟

ڪهڙو واءُ لڳو؟

***

وائي

ڪيڏو ڪوس ٿيو، ناحق خون وهيو،

منهنجي حيدرآباد ۾.

 

منهنجي من جي شهر تي، وحشين جو قبضو

ناحق خون وهيو،

منهنجي حيدرآباد ۾.

 

منهنجي مٺڙي شهر ۾، قتل عام ٿيو،

ناحق خون وهيو،

منهنجي حيدرآباد ۾.

 

گولين جي گهمسان ۾، سارو شهر ٻريو،

ناحق خون وهيو،

منهنجي حيدرآباد ۾.

 

ڪشادن رستن تي، رت وهيو ريٽو،

ناحق خون وهيو،

منهنجي حيدرآباد ۾.

 

منهنجي ماروئڙن لاءِ، وهڻ وهه ٿيو،

ناحق خون وهيو،

منهنجي حيدرآباد ۾.

 

گهوڙا! پنهن جي گهر کان، بي گهر ٿيو هر ڪو،

ناحق خون وهيو،

منهنجي حيدرآباد ۾.

 

الا! پنهنجي شهر کان، شهر بدرسڀڪو،

ناحق خون وهيو،

منهنجي حيدرآباد ۾.

 

هئه! هئه! پنهنجي ديس ۾، پرديسي هرڪو،

ناحق خون وهيو،

منهنجي حيدرآباد ۾.

 

ڪنهن جي پيرسن پيءُ جو، ڪونڌر پٽ ڪٺو،

ناحق خون وهيو،

منهنجي حيدرآباد ۾.

 

ڪنهن جي ٻڍڙي ماءُ جو، خالي جهول ٿيو،

ناحق خون وهيو،

منهنجي حيدرآباد ۾.

 

ڪنهن جي ونيءَ کان وري، کسجي ور ويو،

ناحق خون وهيو،

منهنجي حيدرآباد ۾.

 

وري ڪنهن جي ڀاءُ جو، آهي ڪنڌ ڪپيو،

ناحق خون وهيو،

منهنجي حيدرآباد ۾.

 

ناحق نياڻين جي، عصمت کي به لٽيو،

ناحق خون وهيو،

منهنجي حيدرآباد ۾.

 

ابهم معصومن کي نه، موذين معاف ڪيو،

ناحق خون وهيو،

منهنجي حيدرآباد ۾.

 

ٻڍڙن ۽ ٻارڙن کي نه، بدڪارن بخشيو،

ناحق خون وهيو،

منهنجي حيدرآباد ۾.

 

بنا لائون لهندي ڪو، گهائل گهوٽ ٿيو،

ناحق خون وهيو،

منهنجي حيدرآباد ۾.

 

امن جي هن شهر ۾، تحفظ ناهي ڪو،

ناحق خون وهيو،

منهنجي حيدرآباد ۾.

 

واپس وري نه آيو، شهر ويو جيڪو،

ناحق خون وهيو،

منهنجي حيدرآباد ۾.

 

شرم کان شيطان جو، جهڪي ڪنڌ ويو،

ناحق خون وهيو،

منهنجي حيدرآباد ۾.

 

ڪونه ٻڌوسين ڪڏهين، ههڙو هاڃو ڪو،

ناحق خون وهيو،

منهنجي حيدرآباد ۾.

 

مظلومن جي موت کي، ويٺي لوڪ ڏٺو،

ناحق خون وهيو،

منهنجي حيدرآباد ۾.

 

الا! ايڏي ڪيس تي، چپ نه ڪو چريو،

ناحق خون وهيو،

منهنجي حيدرآباد ۾.

 

الا! ايڏي ڏک تي، نيڻ نه ڪو ٽميو،

ناحق خون وهيو،

منهنجي حيدرآباد ۾.

 

”سوز“ سموري سنڌ ۾ ماتم آهي متو،

ناحق خون وهيو،

منهنجي حيدرآباد ۾.

***

وائي

”جمن“ شاهه لطيف جي، ”معذوري، ڳائي،

منهنجي ننڊ ڦٽي پئي.

 

ڪا جا صدا سر جي، ”ٻيجل“ ٻرائي،

منهنجي ننڊ ڦٽي پئي.

 

جيڪا سوچ ستل هئي، سا ”جاجڪ“ جا ڳائي،

منهنجي ننڊ ڦٽي پئي.

 

ساري سانت ايڪانت آ، تندن تپائي،

منهنجي ننڊ ڦٽي پئي.

 

وري ”وڳهه ڪوٽ“ ۾، لڳي لڙائي،

منهنجي ننڊ ڦٽي پئي.

 

شل! پرين جو خير ٿئي، ڏڪي اک ڏائي،

منهنجي ننڊ ڦٽي پئي.

 

الائي ڪڏهن ساڻيهه ۾، ايندي سرهائي،

منهنجي ننڊ ڦٽي پئي.

 

سجاڳيءَ جي ”سوز“ چئي، ڏسي گهٽتائي،

منهنجي ننڊ ڦٽي پئي.

منهنجي ننڊ ڦٽي پئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org