درشن ڌارو ڌار
بيت
نيرو هي آڪاس، سهڻو منهنجي سنڌ جو،
جنهن جي رات اماس، به چوڏهينءَ چٽي ڀانئيان.
چوڏهينءَ چٽي ڀانئيان سنڌڙي تنهنجي سونهن،
او! ڀٽ ڌڻيءَ جي ڀونءِ، شل ڪوسو واءُ نه سنڀرين.
چوڏهينءَ چٽي ڀانئيان، سهڻي ساري سنڌ،
گهوريان پنهنجي جند، سنڌڙي سنديءَ سونهن تان.
سنڌڙيءَ سنديءَ سينڌ تان، صدقي ساهه ۽ سر،
منهنجا چارئي پٽڙا، گهوريان ڏيئي ور ور،
”جاويد“ ۽ ”تنوير، ٻئي، ان جي لاءِ حاضر،
”امتياز“ ۽ ”ڪوٽر“ سنڌڙيءَ تان صدقي ڪيان.
ڄائس تان ٻڌو م، بيت لعل لطيف جو،
امڙ سو آلاپ ۾، اولاڻو ڏنو م،
تهان پوءِ پيتو م، کير پنهنجي ماءُ جو.
مائون منهنجون ٻه ٿيون، هڪ آيل ٻي جيجل،
امڙ ٿي آيل، جيجل منهنجي سنڌڙي.
سکي ”نهائين“ صبر منهنجي سنڌ کان،
ڏاڍ ڏمر ۽ ڏکڙا، ڏاڍا ڏٺائين،
پنهنجن پروان جون، سختيون سٺائين،
مرڪي مهمانن کي، چشمن چاتائين،
ڪڏهين ڀلجي ڪين ڪي، ڏوراپا ڏنائين،
صبر ۽ شڪر کي نه، هٿان ڇڏيائين،
تڏهن ”نهائين“، صبر سکي سنڌ کان.
ڪاتين هيٺان ڪنڌ، اسان جا اڳي هئا،
پر هاڻي آهن پنهنجا، ڪاتين مٿان ڪنڌ،
ڪنڌارن جا ڪنڌ، ڪُهن قهري ڪاتيون.
*
ڪنڌ نه ڪسجي سگهندا، ڪسجي پوندا ڪات،
سامهون سرويچن جي، ڪات به ٿيندا مات،
متان ائين ڀانئيو، ته آهي چپ چپات،
ڏاتر سندي ڏات، پاڻهي ٿيندي پڌري.
ڪلها، ڪرنگها، ڪنڌ، ٽيئي ساٿي ساهه جا،
اصل تن جاپاڻ ۾، گهرا ”سوز“ سٻنڌ،
جي ساڻا ٿين سنڌ، ته به ڪنڌ نه ڪڻڪن ڪيڏهن.
ڪنڌ نه ڪڻڪن ڪيڏهن، جي وهي ڪات وڃن،
چرن ڦرن ڪين ڪي، جي ڳچيون ڳچ ٿين،
ويريءَ وڍيندڙ جون رايون سڀ رکن،
ونگو وار نه تن جو، ڪئو اڏين ۽ ڪاتن،
ڪنڌن ۽ ڪوپن، واهه! جو نينهن نڀايو.
ڪنڌن منجهان ور، ڪڏهن نڪتا ڪين ڪي،
سڌا ٿين نه ”سوز“ چوي، ورن سندا ور،
ويهون آهن ور، هر گز ناهي هڪڙو.
دودا منهنجي ديس جا، ڏاڍا ڏهيسر،
صدقي ٿين سنڌ تان، ڪوپا ۽ ڪونڌر،
دودا چنيسر، ڪڏهين ٿيندا ڪين ڪي،
دودا منهنجي ديس جا، ارڏا اصل کان،
ڪڏهن جهڪن ڪين ڪي، ”علاؤالدين“ اڳيان،
چنيسر جو نانءُ ميٽي ڇڏيائون ملڪ مان.
دودا منهنجي ديس جا، ارڏا ۽ اڙٻنگ،
مور نه مٽين ڪڏهين ناموسون ۽ ننگ،
سجاڳيءَ جا سنڌ ۾، چوري ڇڏيئون چنگ،
دودن ڪيا دنگ، سڀئين پرئين ”سوز“ چئي.
دودا منهنجي ديس جا، سڌي سر اچن،
مرڪي پنهنجي ماءُ تان، سسيون صدقي ڪن،
ٻنيون، ونيون پنهنجون، ڪڏهن ڪين ڇڏن،
سر جو سانگ نه ڪن، سرن ڦريا ”سوز“ چئي.
دودا منهنجي ديس جا، جوڌا جنگ جوان،
منجهن محبت مهر جي، ڪمي آهي ڪا نه،
سڀئين پرئين ”سوز“ چوي ملهائن ميدان،
دولهه درياءَ خان، سورهيه منهنجي سنڌ جا.
دودا منهنجي ديس جا، لوهي رکن لڱ،
هن ڌرتيءَ جا ڌڱ، ڏونگر کان ڏاڍا گهڻو.
دودا منهنجي ديس جا، ڪسڻ جا ڪوڏيا،
نه ڪنهن لالچ لوڏئا، نه دڙڪي ڪنهن ڌوڏيا،
هوشو اڄ هوڏيا، ڀٽ ڌڻيءَ جي ڀونءَ تي.
دودا منهنجي ديس جا، ڪونڌر پٽ ڪنواٽ،
ڳاڙها ڳاڙها ڳڀرو، اچن اوچي ڳاٽ،
ٻاري ڇڏيائون ٻاٽ ۾ لال لهوءَ جي لاٽ،
واچوڙن مان واٽ، سوجهي ڪڍيئون ”سوز“ چئي.
***
درشن ڌارو ڌار
ساروڻيون
”خميسي خان جي ياد ۾“
جڏهن به ڪوئل ڪوڪ ڪري ٿي،
سر سر ۾ سنگيت ڀري ٿي،
الغوزي جي ڳالهه ڇڙي ٿي،
دل جي ڪائي ڊيل ٽلي ٿي،
من جو ڪوئي مور نڇي ٿو،
نم جي لام تي ويهي ويهي،
ڪانگل ڪوئي، لات لنوي ٿو،
تڏهن ”خميسو“ ياد پوي ٿو.
الغوزي جا مڌر لهرا،
موسيقيءَ جا مکڙا مکڙا،
جڏهن هوائن ۾ وکرن ٿا،
جڏهن فضائن ۾ گونجن ٿا،
تڏهن عجب جو رنگ رچي ٿو،
سرهي سرهي سار ٿئي ٿو،
ڀر جي ڀر جي هانءُ اچي ٿو،
تڏهن ”خميسو“ ياد پوي ٿو.
هو سنڌ جو مايئه ناز هئو،
هو ملڪن ۾ ممتاز هئو،
خود الغوزي آواز هئو،
فنڪار ”سنگيت“ نواز هئو،
جڳ ۾ ناماچار آ جنهن جو،
الغوزي جي حوالي سان،
جڏهن به ڪوئي ذڪر ٿئي ٿو،
تڏهن ”خميسو“ ياد پوي ٿو،
تڏهن ”خميسو“ ياد پوي ٿو.
***
”سائين غلام هالائي جي ياد ۾“
هو مرڪ ورهائڻ آيو هو، هو لڙڪ لڪائڻ آيو هو،
هو جهر مر جهرمر جوت کڻي، جڳ جرڪائڻ آيو هو،
هو سچ سڻائڻ آيو هو،
۽ سڳنڌ ڦهلائڻ آيو هو.
هو علم جو کليل ڪتاب هئو، هو ادب جو اڻ مٽ باب
هئو،
هڪ اعليٰ عجب استاد هئو، ۽ بيشڪ عزت مآب هئو،
هالا جي ڌرتيءَ ڄائو هئو،
هو سنڌڙيءَ جو سرمايو هو.
هو سر سنگيت جو سنگم هو، ۽ راڳ ويراڳ جو سرگم هو،
هو لءِ هو، تال هو ردم هو، ۽ رنگ ترنگ جو ترنم هو،
هن انڊلٺ جهڙا غزل لکيا،
هُن جر ڦل جهڙا گيت لکيا.
هن ڪيئي ذهن آزاد ڪئا، هن ڪيئي گهر آباد ڪئا،
۽ جدوجهد جو درس ڏئي، ناشاد گهڻيئي شاد ڪئا،
هو سونهن ورونهن جو شاعر هو،
۽ نينهن سنينهن جو ماهر هو.
هڪ آدرشي انسان هئو، ۽ شخصيت ۾ به مهان هئو،
هو عظمت جو نيشان هئو، ۽ روشن سج سمان هئو،
هن جي عظمت کي آهي سلام،
هن جي محبت کي آهي سلام.
***
”مائي ڀاڳي جي ياد
۾“
ٿر تي بادل برسن ها،
ڪي تل ترايون ڀرجن ها،
جهانگين جهوپا جرڪن ها،
۽ مارن مکڙا مرڪن ها،
نم جي وڻ جي ڇانءَ ۾ ويهي،
گيت رسيلو ڳائين ها،
پوءِ ڀلي پر لوڪ وڃين ها.
ڪارونجهر تي مور نچن ها،
ساوا ساوا کيت کلن ها،
انگ نچن ۽ رنگ رچن ها،
پانڌ پسن ها، ڪانگ لنون ها،
پرين جيڪي پر ڏيهه ويا ها،
موٽي پنهنجي ماڳ اچن ها،
تيستائين ترسين ها،
پوءِ ڀلي پر لوڪ وڃين ها.
ٿر جي حالت اڄ به ساڳي،
ساڳي ڌرتي اُلا آڳي،
راسوڙا نه ڪوئي راڳي،
اڃان نه تن جي قسمت جاڳي،
او! ٿر جي ڪوئل مائي ڀاڳي،
ڪاش! اهو ڏينهن پاڻ پسين ها،
گيتن جي تعبير ڏسين ها.
پوءِ ڀلي پر لوڪ وڃين ها.
پوءِ ڀلي پر لوڪ وڃين ها.
***
”فقير عبدالغفور جي ياد ۾“
سنڌ تان ڪنڌ ڪپائڻ، وارا،
جذبن کي جاڳائڻ، وارا.
شيخ اياز جي وائيءَ کي،
گهر گهر ۾ پهچائڻ، وارا.
اوچا سر آلاپڻ وارا،
محفل کي گرمائڻ، وارا.
سچل جي گهڙوليءَ تي،
ماڻهو مست بنائڻ، وارا.
دل ۾ دک ۽ درد سمائي،
مرڪڻ ۽ مرڪائڻ، وارا.
يڪتاري ۽ کڙتالن سان،
ناتو نينهن نڀائڻ، وارا.
هام حلاجي جا او! سونهان،
رمز رنديءَ کي ڄاڻڻ، وارا.
سونهن ورونهن ۽ نينهن نشي کي،
اکڙين ۽ اٽڪائڻ، وارا.
ائين رسي تون ڪِينَ وڃين ها،
پرين کي پرچائڻ، وارا.
تنهنجو ڳالهيون ڪهڙيون ڳايان،
ڪيئي تنهنجا ڳائڻ، وارا. |