سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: درشن ڌارو ڌار

صفحو :14

گيت

سپنن جي گلدان اندر، ڪيئن سجايم گل،

ڪاش! اچي تون پاڻ ڏسين ها،

ڪاش! اچي تون پاڻ پسين ها.

 

نرمل نرمل، اجرا اجرا، جذبن جا جرڦل

ڪاش! اچي تون پاڻ ڏسين ها،

ڪاش! اچي تون پاڻ پسين ها.

 

ڪيئن ڪو ماڻا، خوشبوءِ هاڻا، سرها سرها ڦل،

ڪاش! اچي تون پاڻ ڏسين ها،

ڪاش! اچي تون پاڻ پسين ها.

 

هيڏي ساري سونهن ننگر ۾، هيڏا سارا هل،

ڪاش! اچي تون پاڻ ڏسين ها،

ڪاش! اچي تون پاڻ پسين ها.

 

اوسيئڙن ۾ جيڪي گذريا، پل اهي اڻمل،

ڪاش! اچي تون پاڻ ڏسين ها،

ڪاش! اچي تون پاڻ پسين ها.

ڪاش! اچي تون پاڻ پسين ها.

***

گيت

لال گلاب جي ڀر ۾ ويهي ساجن کي ساريو سين،

ڏاڍو ياد ڪيو سين.

 

روح جا روشندان کلي پيا، ڪوئي خواب لڌو سين،

ائين محسوس ٿيوسين.

 

آليءَ ڌرتيءَ تي آڱر سان، تنهنجو نانءُ لکيو سين،

ڪيڏو لطف مليوسين.

 

پيار جي پوپٽ کي پرچائي، تنهنجو ڏس پڇيو سين،

ماڻهو ڪو نه مليوسين.

 

موتئي جا ٽاريءَ تي ٽڙندو، تنها گل ڏٺو سين،

من بي چين ٿيوسين.

 

سرهي سرهي سانجهي ويلي، مڌر گيت لکيو سين،

هلڪو هانءُ ڪيو سين.

***

گيت

گلابي گيت مرڪي پيا چپن تي،

سريلا ساز سرچي پيا سرن تي.

 

بسنتي رت بهارن کي چميو آ،

حَسين فطرت نظارن کي چميو آ،

عجب جو رنگ چڙهيو آ چمن تي.

”گلابي گيت مرڪي پيا چپن تي.“

 

پرهه جي ماڪ ڄڻ موتين جا داڻا،

کليون ڪليون، ويا مکڙين جا ماڻا،

مهڪ ۽ تازگي آئي گلن تي.

”گلابي گيت مرڪي پيا چپن تي.“

 

صبح جي هير ۾ هٻڪار آهي،

۽ موتئي جي منجهس مهڪار آهي،

سُڳنڌ سرهاڻ پکڙي پئي پٽن تي،

”گلابي گيت مرڪي پيا چپن تي.“

 

خوشيءَ جا گيت ائين ڀؤنرا ٻڌائين،

ڇڙي جيئن ساز ڪو نغمو وڄائن،

پوي پڙلاءُ تون تون جو ڪنن تي.

”گلابي گيت مرڪي پيا چپن تي.“

سريلا ساز سرچي پيا سر تي،

”گلابي گيت مرڪي پيا چپن تي.“

***

گيت

آئي مند بهار، آئي مند بهار،

هيج ڀري هٻڪار هوا ۾،

آئي مند بهار.

 

موسم مک تي سهرا سجيا،

پره پريمي نغما ڳايا،

ڇيرين جي ڇمڪار،

گيتن جي گونجار هوا ۾،

آئي مند بهار.

 

شبنم گهوريون موتين جهوليون،

مکڙين مرڪي اکڙيون کوليون،

ڌرتيءَ پاتا هار،

خوشبوءِ جي وسڪار هوا ۾،

آئي مند بهار.

 

گلشن ۾ ايئَن گل ڦل ٽڙيا،

جيئن آڪاش ۾ تارا کڙيا،

سونهن ڪيا سينگار،

موتئي جي مهڪار هوا ۾،

آئي مند بهار.

 

رنگ ترنگ جي موسم آئي

چؤڏس خوشيون ۽ سرهائي،

سرهو ٿيو سنسار،

ساجن تنهنجي سار هوا ۾،

آئي مند بهار.

هيج ڀري هٻڪار هوا ۾،

آئي مند بهار.

آئي مند بهار.

***

گيت

ڀري نيڻ ڪجل، آئي رت بهار جي،

آئي رت بهار جي.

 

من جي بن تي برسيا، شبنم جا بادل،

آئي رت ملهار جي.

 

سونهن سڄي سنسار جي، اکڙين ۾ اوتيل

آئي رت سينگار جي.

 

سارا گيت، سنگيت جي مالها ۾ پوتل،

آئي رت گونجار جي.

 

جهڙا سرها سپرين، تهڙا سرها پل،

آئي رت مهڪار جي.

 

ڀري نيڻ ڪجل، آئي رت بهار جي،

آئي رت بهار جي.

***

گيت

مرڪن موتئي ڦل، خوشبوءِ گهل،

وطن آهي واسئو.

 

مارو منهنجي ملڪ جا، آهن سڀ امل،

خوشبوءِ گهل، وطن آهي واسئو.

 

لڳڙي هير ڏکڻ جي، واٽن ڇانيا ڦل،

خوشبوءِ گهل، وطن آهي واسئو.

 

جرڪن ساري جڳ ۾، جوت ڀريا جرڦل،

خوشبوءِ گهل، وطن آهي واسئو.

 

سپنن لونگيون ڍڪيون، ساڀيان گهورئا گل،

خوشبوءِ گهل، وطن آهي واسئو.

 

منهنجي دلبر ديس جا، هنڌين ماڳين هل،

خوشبوءِ گهل، وطن آهي واسئو.

 

مرڪن موتئي ڦل، خوشبوءِ گهل، وطن آهي واسئو.

وطن آهي واسئو،

وطن آهي واسئو.

***

گيت

سونهن جا رنگ جيترا آهن،

سي سڀئي منهنجي ديس جا آهن.

 

هرڪا صورت حسين آ جنهنجي،

هر ڪا موسم رنگين آ جنهنجي،

جنهن جا احساس رنگ رتا آهن،

سونهن مان جيڪي سرجيا آهن،

سي سڀئي منهنجي ديس جا آهن.

 

شهر تنهنجا عجيب ۽ روشن،

ڳوٺ واهڻ حَسين ڇو نه لڳن،

تنهنجي هستيءَ جا جي حصا آهن،

سونهن مان جيڪي سرجيا آهن،

سي سڀئي منهنجي ديس جا آهن.

 

سچ منهنجي وطن جو سرمايو،

پيار منهنجي ئي ديس ۾ ڄائو،

هت محبت جا گل ٽڙيا آهن،

سونهن مان جيڪي سرجيا آهن،

سي سڀئي منهنجي ديس جا آهن.

 

پنهنجي لفظن کي روپ ڪهڙو ڏيان،

نانءُ تنهنجو وٺان ته ڪهڙو وٺان،

نانءَ تنهنجا هزارها  آهن،

سونهن مان جيڪي سرجيا آهن،

سي سڀئي منهنجي ديس جا آهن.

 

سونهن جا رنگ جيترا آهن،

سي سڀئي منهنجي ديس جا آهن.

***

 


 

گيت

روز نوان رنگ رچن، منهنجي وطن ۾،

چاهتن جا چنگ وڄن، منهنجي وطن ۾.

 

محبتون پروان چڙهن، منهنجي وطن ۾،

دوستيون هموار ٿين، منهنجي وطن ۾.

 

مينهن کڻي نينهن ڀلاڇو نه اچن،

ميت ملن خوابن کلن، منهنجي وطن ۾.

 

گل ٽڙن ڀؤنر ڀرن واس وٺن،

سونهن ڏسيو نيڻ ٺرن، منهجي وطن ۾.

 

کيت کڙن، ٽهڪ ٽڙن، گيت ڇڙن،

هنج چُڻن، مور ٽلن، منهجي وطن ۾.

 

اچرج جي عينڪ لاهي ڏسو پنهنجي اکين تان،

محبتي ماڻهو ٿا رهن، منهنجي وطن ۾.

***

گيت

اڀريو روشن سج، جڳ جرڪي ويو جوت سان،

اڀريو روشن سج.

 

اڱڻ ٿيڙا اجرا، مرڪن ڇٽيو ٻج،

اڀريو روشن سج.

 

اڏريا گيت هوا ۾، نغما بنجي نج،

اڀريو روشن سج.

 

سجلا، سجلا سپرين، ڪجلا نيڻ ته ڪج،

اڀريو روشن سج.

 

روشن روشن چهرا، جيون جو ڪارج،

اڀريو روشن سج.

 

سفيديءَ جو ”سوز“ چئي، ڌرتيءَ پاتو گج،

اڀريو روشن سج.

اڀريو روشن سج.

اڀريو روشن سج.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org